RSS

Category Archives: Sindhi Poetry

اهو ڄامشورو


( اهو ڄامشورو! )


رفــاقتــن جــا ڏينهن گزرنــــدا وڃن ٿا،
جدائـي جـي سرحـد کي ملندا وڃن ٿا،


ڇڏي ســـــــاٿ ســــــاٿي اڏاڻـــــا وڃن ٿا،
هـي محبـت جا مينــار ۽ راڻــا وڃن ٿا،


پريــن پيــار جا پل هي ناهن مدامــي،
هنن مست تنهنجي نگاهن جا ساٿــي،


پکيـــن جــي پـرن تي ويـا پــل اڏامـي،
وري يـــار جانــــي ملـــڻ ڪون ٿينــدو،


۽ تــن جي پيشانـــي ڏسڻ ڪون ٿيندو،
وري زلــــف جــانـــا ڇهـــڻ ڪون ٿيندو،


سويـــري سويـــري هي مهتابي چهرو،
ڪڏهن هاڻ پنهنجو ڏسڻ ڪون ٿيندو،


ڪڏهن هاڻ پنهنجو رهڻ ڪــون ٿيندو،
مگر يــــار ماضــــــي جڏهـــن يــــاد ايندو،


تڏهـــن روح پنهنجــو تہ بيتـــاب ٿينــدو،
جڏهن يـــاد پنهنجي پيــــارن جي اينـــدي،


تڏهن يـــاد تــن جي روئــــاري تـہ ويندي،
وڃون ٿا حسينن جون شامون ڇڏي اڄ،


عقابـــــي شرابــــــي نگــــاهون ڇـــــڏي اڄ،
۽ مخمـــور ســـاريون هوائـــون ڇڏي اڄ،


ڇڏي ٿا هلــون اڄ حسـن جو هنـــدورو!
اهو ڄامشـــــــــورو، اهو ڄامشـــــــــورو.!

 
Leave a comment

Posted by on July 12, 2015 in Poetry, Sindhi Poetry

 

تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي

تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
(استاد بخاري)

Ustad Bukhari


تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
ڇو تہ هر تير لڳو ٺيڪ، گٿو ڪو ڪونهي.


عشق جي آڳ ڪچهري کي بنايو آوي
جو هتي آ سو پڪو آهي ڪچو ڪو ڪونهي


سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي
ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي.


ڪو ڳري پيو، ڪو ٻري پيو، ڪو ڪري پيو آهون
تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي.


عشق جو آند نڪو پاند ٻڌون ٿا استاد
سونهن جي ذات نہ ڪا پات پتو ڪو ڪونهي.

 
Leave a comment

Posted by on April 5, 2015 in Sindhi Poetry