RSS

Category Archives: Poetry

اهو ڄامشورو


( اهو ڄامشورو! )


رفــاقتــن جــا ڏينهن گزرنــــدا وڃن ٿا،
جدائـي جـي سرحـد کي ملندا وڃن ٿا،


ڇڏي ســـــــاٿ ســــــاٿي اڏاڻـــــا وڃن ٿا،
هـي محبـت جا مينــار ۽ راڻــا وڃن ٿا،


پريــن پيــار جا پل هي ناهن مدامــي،
هنن مست تنهنجي نگاهن جا ساٿــي،


پکيـــن جــي پـرن تي ويـا پــل اڏامـي،
وري يـــار جانــــي ملـــڻ ڪون ٿينــدو،


۽ تــن جي پيشانـــي ڏسڻ ڪون ٿيندو،
وري زلــــف جــانـــا ڇهـــڻ ڪون ٿيندو،


سويـــري سويـــري هي مهتابي چهرو،
ڪڏهن هاڻ پنهنجو ڏسڻ ڪون ٿيندو،


ڪڏهن هاڻ پنهنجو رهڻ ڪــون ٿيندو،
مگر يــــار ماضــــــي جڏهـــن يــــاد ايندو،


تڏهـــن روح پنهنجــو تہ بيتـــاب ٿينــدو،
جڏهن يـــاد پنهنجي پيــــارن جي اينـــدي،


تڏهن يـــاد تــن جي روئــــاري تـہ ويندي،
وڃون ٿا حسينن جون شامون ڇڏي اڄ،


عقابـــــي شرابــــــي نگــــاهون ڇـــــڏي اڄ،
۽ مخمـــور ســـاريون هوائـــون ڇڏي اڄ،


ڇڏي ٿا هلــون اڄ حسـن جو هنـــدورو!
اهو ڄامشـــــــــورو، اهو ڄامشـــــــــورو.!

Advertisements
 
Leave a comment

Posted by on July 12, 2015 in Poetry, Sindhi Poetry

 

تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي

تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
(استاد بخاري)

Ustad Bukhari


تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
ڇو تہ هر تير لڳو ٺيڪ، گٿو ڪو ڪونهي.


عشق جي آڳ ڪچهري کي بنايو آوي
جو هتي آ سو پڪو آهي ڪچو ڪو ڪونهي


سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي
ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي.


ڪو ڳري پيو، ڪو ٻري پيو، ڪو ڪري پيو آهون
تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي.


عشق جو آند نڪو پاند ٻڌون ٿا استاد
سونهن جي ذات نہ ڪا پات پتو ڪو ڪونهي.

 
Leave a comment

Posted by on April 5, 2015 in Sindhi Poetry

 

دعا ـ لطيف سرڪار


دعا
(لطيف سرڪار)

مــــوٽــــــي مـــــانـــــــڊاڻ جـــــي ، واري ڪيائــــيـــــن وار،
وڄــــــــون وســــــــڻ آيــــــون ، چــــــوڏس ٿـــــي چـــــــوڌار،
ڪي اٿي ويئيون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار،
ڪـــي چــمـڪن چين تي، ڪي لهن سمر قندين سار،
ڪي رمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قـندار،
ڪـــــي دهــلـيءَ ، ڪـــي دکن ، ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪــــنــهــيــن جــنـبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀڄ ڀـــڄــائــيـو ، ڪــــنــهـيـن ڍٽ مـــٿـــي ڍار،
ڪـــنـــهــيــن اَچـــي اَمــرڪـــوٽ تـــان، وسايا ولهار،
سائينم ! ســـدائــيـــن ڪــريـــن مــٿــي ســنــڌ ســڪار،
دوست! مــٺــا دلــدار ! عــالــم ســڀ آبــاد ڪـــــريــــن.

 
Leave a comment

Posted by on March 31, 2012 in Poetry

 

اکيون به باندي رڳون به باندي – حـليـم بـاغـي


اکيون به باندي رڳون به باندي
(حـليـم بـاغـي)

اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ
چپن جي رڦڻي هتي جرم آ ــ اکين جي کينچل هتي ڏمر آ

اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ،
رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ.

اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجھي هنيان نه هاريو،
سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گھرڻ سان گھٽبي نه ڪا لهر آ.

لڦن جي لالي ڀري ترين ۾ ــ گسن جي مٽي ڌري اکين ۾
هلي هلي بس ٿڪجي پياسين ــ گھڻو ٻڌايو اڃان سفر آ

ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا، هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا،
والله! غضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ.

ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڇاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇا جا؟
گھڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ.

اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو،
اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ.

اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين ــ اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين
طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ ــ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ

تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
اڃان ته ڪوڙين ڪليون به ٽڙنديون ــ سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ

 
Leave a comment

Posted by on March 31, 2012 in Poetry

 

اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي ـ آڪاش انصاري


اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي
(آڪاش انصاري)

اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،

اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو،
جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي،
تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاتي،

اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون،
ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون،
انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي،

جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي،

جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنورهارن تي وسندو،
نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

 
Leave a comment

Posted by on March 31, 2012 in Poetry

 

ڪيئن رهان جلا وطن ـ آڪاش انصاري


ڪيئن رهان جلا وطن
(آڪاش انصاري)

ڀٽڪي پنهنجو دڳ وڃي، جئين ڪو پکيئڙو منجھ گگن،
نـــــه جــنـــهــن جـــو ڪـــوئــي آ هــيـرو ، نه آشيانو ۽ چمن،
مان بــه پــنـــهنـــجي ديــس ۾ ، آهــيــان اڪــيــلـــو اوپــرو ،
جــــــلاوطـــــن ، جــــــلاوطـــــن ، جــــلاوطــــن ، جـــلاوطــــن،
روز ٿــــــو زهــــــر پــيــــان ، مران جيان، جيان مران،
ڄڻ ڪلاچي ڪُـــن ۾ ، ٻڏان تـــران ، ٻڏان تران،
يا ديول جي ديپ جيئن، اُجھان ٻران ، اُجھـان ٻران،
ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد مان هجان بدن،
جـــــلاوطن ، جـــلاوطن ، جــــلاوطن ، جـــلاوطن.
نه منهنجو ڄڻ هي ماڳ آ، نه منهنجو ڄڻ مڪان آ،
نه منهنجي ڄڻ هي نگري آ ، نـه مـنــهـنـجـو آســتان آ،
نـــه مـنـهـنجي ڄڻ هي ڌرتي آ ، نه منهـنـجو آسمان آ،
ڄڻ هجان تاريخ جي ، مـان لاش جو مـيــرو ڪــفــن،
جـــــلاوطن ، جــــــلاوطن ، جـــــلاوطن ، جـــــــلاوطن
جا مُرڪ مونکان وئي کسي، تنهن مُرڪ جو آهي قسم،
مــــان رت رُنــــس ظـالـمــو! تـنـهن لُـڙڪ جـو آهي قسم،
جــيــجــل جــي مــٺــڙي ٿڃ جي هر سُرڪ جو آهي قسم،
پلئـه ڪندس ، پـلئه ڪندس، اي وقت! تو سان آ وچن،
جــــــلاوطـــــن ، جـــــــلاوطـــــن ، جـــلاوطـــن ، جـلاوطــن…

 
Leave a comment

Posted by on March 31, 2012 in Poetry

 

آوازن کي جاڳايو. ـ استاد بخاري


آوازن کي جاڳايو.
(استاد بخاري)

ڪيئن به ڪري پر آوازن کي جاڳايو،
ماڻهن سان نه ته ڳلين سان ئي ڳالهايو.

خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي،
نغما، ناهن نوحا ئي پر ڳارايو.

صبر متان ٿي سڪتو پئي ۽ سڪتو موت،
ڪنهن به طريقي ساٿي تن کي تڙپايو!

تحريڪون نه ته تدبيرون، نه ته تجويزون،
ڪجهه ته بکارين تاريخين کي کارايو!

شعلا شعلا وَتي ٿو ورڇيندو،
اونداهه آ ”استاد بخاري“ آڻايو

 
Leave a comment

Posted by on March 31, 2012 in Poetry