RSS

Category Archives: Mixed

The Great Dictator’s Speech


The Great Dictator
(Charlie Chaplin)

The-Great-Dictator

I’m sorry, but I don’t want to be an emperor. That’s not my business. I don’t want to rule or conquer anyone. I should like to help everyone – if possible – Jew, Gentile – black man – white. We all want to help one another. Human beings are like that. We want to live by each other’s happiness – not by each other’s misery. We don’t want to hate and despise one another. In this world there is room for everyone. And the good earth is rich and can provide for everyone. The way of life can be free and beautiful, but we have lost the way.

 

Greed has poisoned men’s souls, has barricaded the world with hate, has goose-stepped us into misery and bloodshed. We have developed speed, but we have shut ourselves in. Machinery that gives abundance has left us in want. Our knowledge has made us cynical. Our cleverness, hard and unkind. We think too much and feel too little. More than machinery we need humanity. More than cleverness we need kindness and gentleness. Without these qualities, life will be violent and all will be lost….

Read the rest of this entry »

Advertisements
 
2 Comments

Posted by on June 26, 2014 in Mixed

 

Lines From Amar Jaleel’s Books

1.  اسان جي يونيورسٽين ۾ توهان کي چپي چپي تي مجنون ۽ وک وک تي ليلا نظر ايندي. اسان يونيورسٽي ان لاءِ ايندا آهيون ته هڪ ڊگري حاصل ڪري وڃي نوڪري ڪريون ۽ پيٽ پاليون ۽ شادي ڪري ٻار پيدا ڪريون. عشق اسان جي تعليمي ادارن جي ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽوٽي آهي.

2.  اسان سنڌي جلد عاشق ٿي پوندا آهيون، ادِي کي جن نه ڪن ادي کي عشق انڌو ڪري ڇڏيندو آهي.

3.  مان جيڪڏهن مري پوان ۽ موهن جو دڙو ٿي پوان ته اڄ کان پنج هزار سال پوءِ ماڻهو منهنجي لاش مان تنهنجي يادن جا کنڊر کوٽي ڪڍندا.

4. هڪ انسان فقط وڙهي سگھي ٿو، جنگ جوٽي سگھي ٿو، سر تري تي رکي حالات جي رڻ ۾ ڪاهي سگھي ٿو پر نتيجو سندس وس ۾ نه آهي.

5. خوابن کي عارضي تعبير ڏيڻ وارا آوارگي جي الزامن کان آجا ٿي نه سگھندا آهن.

6. ازل جي چاهتن جو شجر وڇوڙن ۾ وڌندو آهي ۽ وفائن جو مسافرن لاءِ ڇانوءَ ٿيندو آهي.

7. جوڌن جي ذات بهادري ۽ مذهب ملڪ ٿيندو آهي.

8. مايوس فقط اهي ٿيندا آهن جيڪي ميدان ڇڏي ويندا آهن.

9. وڻن ۾ ٻور لڳڻ علامت آهي اميد جي.

10. اها قوم جيڪا ڪشتو کڻندي آهي سا بندوق کڻي نه سگھندي آهي

11. سمنڊ کي جيڪڏهن ٻيو ڪنارو هجي ها ته پوءِ جيڪر سمنڊ ڦٿڪڻ ڇڏي ڏئي ها، ڍنڍ ونگر ماٺ ۽ خاموش هجي ها.

12. سمنڊ علامت آهي انهن جي جن لاءِ ٻئو ڪنارو نه آهي.ڍ

13. ڪيڪٽس کي عام طرح تقليف جي علامت سمجھيو ويندو آهي پر مان ڪيڪٽس کي سرڪش هئڻ جي علامت سمجھندو آهيان. ڇو جو ڪيڪٽس ويرانين ۾ نکرندو ۽ اسرندو آهي.

14. منهنجو وجود تمنائن جو مقتل آهي.

15. هيڪلائي جو تعلق احساس سان آهي، مخصوص ذهني ڪيفيت جو نالو اڪيلائي آهي.

16. غم ڪڏهن ڪڏهن وڻ ويڙهي وانگر انسان جي اندر ۾ پنهنجو پاڻ ئي پيدا ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ سندس سموري وجود کي ويڙهجي ويندو آهي.

17. جهالت ۽ حقيقت کان منڪر هئڻ سبب انسان تي حيواني جذبا غالب پئجي ويندا آهن، اهڙن انسانن جي وجود سبب معاشرو کرندو آهي.سياست کي معاشرو جنم ڏيندو آهي، جنهن ملڪ جو معاشرو کريل هوندو ان ملڪ جي سياست به کريل ۽ بد ڪردار هوندي.

18. هڪ محبت اهڙي به هوندي آهي جنهن ۾ ڪابه لالچ، ڪابه طمع ۽ ڪوبه مطلب نه هوندو آهي.

19. جنهن به گنهگار ڇوڪري تي دوزخ حرام ڪيو ويندو سا مونسان شادي ڪندي ۽ پنهنجي ڪئي جي سزا ڀوڳيندي.

20. سچي محبت ۾ مرڻ جو عرصو مقرر هئڻ گھرجي جنهن کان پوءِ جيئڻ حرام سمجھجي.

21. جدوجهد زندگي جي علامت آهي، اها زندگي ئي ڪهڙي جنهن ۾ جدوجهد نه هجي.

22. تعليم کي پيٽ پالڻ جو ذريعو نه سمجھجي، ڇو جو پيٽ ته ڪتا به پاليندا آهن. علم روشني آهي ۽ هٿ جو پورهيو دنيا جو عظيم ڌنڌو.

23. ڪنهن چيو هو ته وقت هوا جي پرن تي اڏامندو ويندو آهي، ڪنهن چيو ته اک ڇمڀ ۾ صديون گزري وينديون آهن. سچ هونديون آهن اهي چوڻيون پر انتظار جي هڪ ساعت کان ٻي ساعت تائين، هڪ لمحي کان ٻئي لمحي تائين ورهن جي وٿي هوندي آهي.

24. مان دل جي دنيا لٽائڻ کان پوءِ به تنهنجي دل ۾ تر جيتري جاءِ حاصل نه ڪري سگھيو آهيان. تون منهنجي لاءِ چنڊ وانگر دور آهين، تمنا خواب ونگر مبهم آهين.

25. سنڌو نديءَ ۾ هماليه جي برف جو رجيل پاڻي آهي جيئن هماليه بلند آهي، آهڙي طرح سنڌين جا اخلاق به بلند آهن.

26. جڏهن حالتون هڪ ذهين شخص کي زندگي ۾ وڌڻ نه ڏينديون آهن، تڏهن ان شخص جي وجود مان ڪروڌ ۽ نفرت جون پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن.

27. رڃ جي اڃ منرل واٽر سان نه لهندي آهي.

28. انسان مڪمل يقين سان ان ڪري ٻين لاءِ عذاب جو سبب ٿي پوندو آهي جوهوپاڻ کي حق ۽ صداقت جو دائي، ٻين کي ڀٽڪيل ۽ ڀليل سمجھندو آهي. هو هميشه پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط سمجھندو آهي. هو جڏهن پنهنجي ليکي دنيا کي سڌارڻ ۽ ڏنگي کي سبق سيکارڻ جو ٺيڪو کڻندو آهي تڏهن دنيا ۾ وڏي گڙٻڙ پيدا ڪري وجھندو آهي.

29. مان فقط زندگي ۾ خواب ڏسندو آهيان، خوابن جي تعبير منهنجي نصيب ۾ نه آهي.

30. اسان انسان جي فڪري، ذهني ۽ اظهار جي آزادي لاءِ جنگ لڙي رهيا آهيون، اسان جي مذهب ۽ عقيدي کي ڪميونزم مان ڪوبه خطرو نه آهي.

31. تصور ڏاڍو ظالم ۽ هوشيار ٿيندو آهي انسانن کي وسوسن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.

32. ڪٿي ائين ته نه آهي جو عڪس سلامت آهي ۽ اميدن جو آئينو ٽٽي پيو آهي.

33. خالق طرفان اسان کي ڌڪ کائي دعا ڏيڻ واري وصف ملي آهي، اسين وار سهندا آهيون وار ڪندا نه آهيون، مري فريب کائيندا آهيون، فريب ڏيندا نه آهيون، جنهن کي هڪ دفعو چاهيندا آهيون تنهن کان جنم جنم جي جدائي ته برداشت ڪندا سگھنداسين پر سندس دل آزاري نه ڪنداسين.

34. اسين سنڌ جا ماڻهوهڪ جنهن جوهٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندا آهيون تنهن سان قيامت تائين توڙ نڀائيندا آهيون.

35. زندگي ۾ گھڻو ڪجھ ممڪن ٿي پوندو آهي.

36. اسين عشق جا پيغمبر آهيون، محبت ۾ مرڻ اسان جو عقيدو آهي روايت آهي.

37. عمارتون ڊهن ته صدين تائين بنياد انهن جي شاهدي ڏيندا هن، دل ڊهي ته هميشه لاءِ گم ٿيو وڃي.

38. ياد ڪرڻ ۽ ياد رهجي وڃڻ ۾ وڏو فرق آهي.

39. زندگي لمحن جي محتاج ناهي هوندي، ڪڏهن ته ورهه اک ڇنڀ ۾ وهامي ويندا آهن ۽ ڪڏهن گھڙيون مهينن ۾، مهينا سالن ۾ ۽ سال صدين ۾ بدلجي ويندا آهن. لمحا ڪنهن جي وس ۾ ناهن.

40. ڪي انسان زندگي ۾ سڀ ڪجھ هارائڻ کان پوءِ به اصل معنى ۾ هارائيندا نه آهن ساڳي طرح ڪي انسان هميشه کٽڻ جي باوجود ڪجھ به کٽي نه سگھندا آهن. مون زندگي ۾ هارائڻ يا کٽڻ کي اهم نه سمجھيو آهي بلڪه هارائڻ ۽ کٽڻ جي دوران طرز عمل کي اهم سمجھيو آهي.

41. جنهن سان ازل جي محبت جي پڪ ٿي ويندي آهي تنهن سان شادي نه ڪبي آهي، اهي چاهتون جن جا فيصلا آسمانن تي ٿيندا آهن سي شادي جون محتاج نه ٿينديون آهن. شادي اهڙين چاهتن جي توهين آهي.

42. هر انسان وڙهندو آهي، ڪڏهن پنهنجي جسم سان، ڪڏهن پنهنجي ذهن سان، ڪڏهن پنهنجي خاموشي سان. وڙهڻ کي انسان جي فطرت کان ڌار نٿو ڪري سگھجي.

43. سڀ کان طويل ۽ جٽادار جنگ خاموش رهي وڙهبي آهي. ان جنگ ۾ انسان جو مقابلو گھڻو ڪري ڪائنات سان ٿيندو آهي.

44. کوپڙي ۾ ميڄالو ۽ هٿ ۾ قلم اهي ٻئي هٿيار دنيا جا سڀ کان خطرناڪ هٿيار آهن.

45. ڏينهن ڀلي شينهن سڏجي پر رات ماءُ جي هنج وانگر پناهه ڏيندي آهي.

46. اوندهه جتي ماءُ جي پناهه وانگر اوکي وقت ڀاڪر ۾ ڀريندي آهي اتي مايوسين پريشانين ۽ ذلتن جي لوڌ به ڪڍ ڇڏي ڏيندي آهي.

47. وڏي محبت يڪ طرفي ٿيندي آهي، اهڙي محبت لاءِ موٽ ۾ ڪجھ به نه گھربو آهي، فقط ايترو سوچي دل کي ريجھائي وٺبو آهي ته ڪو ته آهي جنهن کي عشق ۾ امڪان جي حدن کان اڳتي نڪري اسان چاهيو آهي.

48. هر ڪا واٽ منزل ڏانهن وٺي نه ويندي آهي ڪجھ راهون رڻ جي رخ ۾ هونديون آهن ۽ رولي ڇڏينديون آهن.

49. ڪجھ ماڻهو زندگي ۾ سدائين سفر ۾ هوندا آهن، منزل هنن لاءِ بي معنى هوندي آهي.

50. پاڻ کان پڇيل سوال اڪثر جواب کان محروم رهجي ويندا آهن.

51. سوئر بگھڙ ۽ نانگ هر حال ۾ انسان کان بهتر آهن، بهتر ان ڪري آهن جو هو سازشون نه ڪري سگھندا آهن.

52. ماڻهن جو انفرادي جھنگ ۾ انسان پنهنجي شناخت، سڃاڻپ وڃائي ويهندو آهي، هجوم ۾ شامل هو اجتماعيت جو حصو ٿي پوندو آهي.

53. اسان جي سوچ اسان جو ڏوه آهي.

54. مان بيوقوف قسم جو ماڻهو آهيان، دغا ۽ فريب جي دنيا ۾ عشق جا عَلَمَ کڻي گھمندو آهيان ۽ عشق جي صليب تي دم ڏئي ڇڏيندو آهيان.

55. اسين سڀئي پنهنجي وجود ۾ ڏکن ۽ سکن، تڪليفن ۽ راحتن، اميدن ۽ نا اميدن، خوابن ۽ تعبيرن جوهڪ اسٽور روم، ڪٻاڙخانو کڻي جيئندا آهيون. يادن جا انبار گڏ ڪندا آهيون. هڪ ٻئي جي هيٺان دٻجي ويل ڪجھ يادگيريون زندهه رهنديون آهن، ياد اينديون رهنديون آهن ۽ ڪجھ يادگيريون لاشعور جي سمنڊ ۾ لڙهي وينديون آهن؛ پاتال ۾ گم ٿي وينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعور جي سمنڊ ۾ جبل جيڏي ويلهه مڇي لاشعور جي پاتال ۾ مانڌاڻ مچائيندي آهي، تڏهن انيڪ گم ٿي ويل ۽ لڙهي ويل يادگيريون شعور جي سطح تي تري اينديون آهين.

 

 
Leave a comment

Posted by on December 20, 2011 in Mixed

 

سقراط ــ ڏاهيون ڏک ڏسن


سقراط جو موت 399 ق ـ م ۾ وھه جو پيالو پيڻ بعد ٿيو. وھه جي پيالي پيڻ جي سزا اٿينس (يوناني) جي 501 ڄڻن جي جرگي طرفان اڪثريتي فيصلي سان ڏني وئي ھئي ، مٿس الزام ھيو ته ھو نوجوانن ۾ بغاوت ۽ رياست طرفان مڃيل دوتائن کان انڪار لاءِ اڪسائي رھيو ھو.

سقراط انھن ٻنھي تھمتن کان انڪار نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت انھن تھمتن کي تسليم به ڪيو. پر ھن پنھنجي بچاءُ ۾ وڏي عالمانه اندز ۾ جيڪي چيو تنھن جو سار ( حاصل مطلب ) اھو ئي ٿئي ٿو ته جيڪي ڪجھ ھن ڪيو سو ڪو ڏوھ نه آھي. سقراط جي پنھنجي ويچارن جي بچاءُ ۾ ڪيل ھي آخرين تقرير ادب ، فلاسافي ، منطق ، مصاحت ۽ بالاغت جو ھڪ شاھڪار آھي جنھن جي اھميت اڄ به قائم آھي ۽ رھندي. اڄ به ڏاھي کي پنھنجي دل جو خون ڏيڻو پوي ٿو. اڄ به ڏھي کي ڪم ظرف ۽ جاھل ماڻھن طرفان موت جي سزا ملي ٿي. اڄ به ڏاھي کي گھڙي گھڙي ، ڏينھن ڏينھن ، سال سال ، عذاب ۽ پيڙا ڀوڳڻي پوي ٿي، نه صرف پنھنجي لاءِ ، پنھنجن لاءِ ، پر پورين قومن ۽ انسانذات لاءِ.

سقراط جو ڪجھ ڪيو ۽ چيو ان سان اڄ جي عالم ۽ ڏاھي کي جزوي يا مڪمل اختلاف ٿي سگھي ٿو. پر ان کان انڪار ڪونھني ته سقراط پنھنجي ويچارن کي جنھن سنجيده ۽ سرل نموني ۾ پيش ڪيو ۽ ڏاھي جو اھو حق ھميشه ھميشه لاءِ ڇڪيو آھي ته ھو جنھن ڳالھ ۾ ايمانداري سان وشواس يا اعتماد رکي ٿو . اھو ڳالھ چوڻ جو ، ان کي کلي طرح ھر انسان آڏو پيش ڪرڻ جو ، ھن کي نه صرف حق آھي پر ھن جو فرض پڻ آھي.

تقريبن چوويھه سئو سال ٿي رھيا ۽ گذري چڪا آھن پر سقراط جي يونان جي چڱن مڙسن آڏو ھيءَ دانھن ، ھيءَ تقرير ، ھيءَ شڪايت ۽ پنھنجي ويچارن کي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ پيش ڪرڻ لاءِ وڪالت اڄ جي دور ۾ به ھڪ پڙاڏو آھي.

جنھن جو جواب ھن ڌرتيءَ تي اڄ به ڪيترن حڪومتن ۽ سلطنتن کي ڏيڻو پوندو. اڄ به انسان مجبور آھي ، بي زبان رھڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. پنھنجي ڏک ۽ پيڙآ کي ظاھر ڪرڻ جي سا مُلي جي فتويٰ ۽ مرتد جي سزا طور ھن جي ڪن تي ڪاتيءَ ۽ تلوار مثل لٽڪي رھي آھي. اڄ به سچ ڳالھائڻ جي سزا جيل ، ڪوڙا ڪي، موت ، ڦاسي يا ڪنھن انداھي گھٽ ۾ ڇرو يا گولي جي صورت ۾ ملي ٿي.

سقراط پنھنجي بچاءَ ۾ ڀڄي سگھيو پئي ، معافي وٺي سگھيو پئي يا جلاوطني قبول ڪري يونان جي ٻي ڪنھن رياست ۾ وڃي سگھيو پئي . پر ھن انھن سڀني بچاءَ جي صورتن کي رد ڪيو . سزا کان بچڻ کان انڪار ڪيو. سقراط ائين ڪندي پاڻ ۾ پنھنجي ويچارن کي امر ڪري ڇڏيو. پر 501 مفتن منجھان انھن جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ قائم ڪو نه رھيو جن سقراط کي وھه جو پيالو پيڻ جي سزا ڏني.

سچ سدائين جيئندو ۽ ڪوڙ نيٺ فنا ٿيندو ۽ ان کان وڏو سچ تڏھن ۽ اڄ اھو ئي آھي ته ھر انسان کي پنھنجي راءِ آزادي سان پيش ڪرڻ جو حق آھي. نه صرف حق آھي پر فرض آھي ته سچ جو پرچار ۽ تبليغ ڪري. اھي جيڪي سچ کان ڊڳا ٿي انھن جو نالو ۽ نشان به باقي ڪونھي ۽ جن سچ جي تبليغ ڪئي سي اڄ به دنيا جي چوٽيءَ جي ڏانھن ۾ شمار ٿين ٿا.

يورپ ۽ ايشيا جو ڪو مذھب ، ڪو فلسفو ، ڪو نظريو ڪونھي جنھن سقراط جي ويچارن مان فائدو نه ورتو ھجي. ڪنھن زماني ۾ مذطق ۽ فلسفو جن کي اسلام جي اوائلي عالمن غزالي ۽ ٻين يونان جي فلسفي کان مستعار ( اڌورو) ورتو ھو سي ھر ديني مدرسي ۾ لازمي مضمون طور پاڙھيا ويندا ھئا ۽ شايد اڄ به پاڙھيا ويندا آھن.

سقراط پنھنجي گھر ٻار، خاندان جي سک چين کان بي نياز رستي ويندي ھر نوجوان کي پڪڙي ساڻس علم ، فللسفي ، ادب ، تاريخ ، سياست ، سچ ۽ ڪوڙ جي نظرين تي بحث ڪندو ھو. ھن جي ارد گرد پڙھيل امير زادن جو گھيرو رھندو ھو. ڪي کيس پنھنجي بيٺڪ تي دعوت ڏئي سڏائيندا ھئا ۽ ڪي وچ بازار ۾ بيٺي ساڻس مناظرو ڪندا ھئا. بھرحال ھو سڄو ڏينھن ۽ سمورو وقت انھيءَ ظلل کي سڏ سڏيندو وتندو ھو، جنھن لاءِ دنيا ڀر جي ڏاھن سٺو آھي ۽ اڄ به سھن پيا. رات جو دير دير سان جڏھن ھو گھر موٽيندو ھو ته اڪثر سندس گھر واري ٿڪجي چور ٿي سمھي چڪي ھوندي ھئي ۽ وقت تي در لاھن کان انڪار ڪندي ھئي. سقراط پنھنجي زال جون جھڻڪون ۽ دٻون سھي، صبح جو وري پنھنجي ڪار سان نڪري ويندو ھو ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه . اھو ئي سقراط ، اھي فلسفي جا شاگرد ، اھي علم جي وٿ پرائڻ وارا اميرزادا ھن جي ارد گرد گڏ ٿي ويندا ھئا ۽ انھن شاگردن ۾ افلاطون ، ارٽوڊيمز ، ڪريٽو ۽ فيڊو شامل ھوندا ھئا.

اسان لاءِ سقراط اڄ به ھڪ زنده حقيقت آھي . شاھ عنايت ، شاھ لطيف ، سچل سرمست ۽ اڄوڪي دور ۾ اسان جا شاعر، اديب ۽ سوچيندڙ اھو ئي چئي رھيا آھن جنھن لاءِ سقراط زنده رھيو. ڪم ڪيائين ۽ مئو. اسان جا ڏاھا پنھنجو ڪيس ايتري خوبصورتيءَ ۽ لاغرضيءَ سان پيش ڪندا رھيا آھن جنھن سان سقراط ، منصور ۽ سرمد پنھنجو ڪيرس پيش ڪيو. سقراط ، منصور ۽ سرمد ، شاھ عنايت ، شاھ لطيف ، سچل ۽ سامي اسان جي وجود جو حصو آھن ۽ اسان جا ڏاھا انھن جي تسلسل کي برقرار رکندا اچن . ممڪن اھي ته اڄوڪي ھل ھلان جي دور ۾ ڪو انھن کي ٻڌي نه ٻڌي ، پر انھن نظريات جي اھميت ۽ حقيقت کان انڪار ٿي نه ٿو سگھي. سچي لاءِ اڄ به وھه جو پيالو آھي، سڏڪي سڏڪي جيئڻ آھي ۽ عذاب سھي مرڻ آھي. پر ان ۾ شڪ ڪونھي ته فتح نيٺ سچ جي ٿيندي . باطل کي ھر قدم ، ھر جڳھه تي شڪست ملي رھي آھي ۽ انسان ان ڏاھپ جي دور ۾ داخل ٿي چڪو آھي ، جتي دور افق تي ، انڌڪار مان روشنيءَ جا ڪرڻا ڦٽي رھيا آھن ۽ انسان پنھنجي بيبيڻ ۽ بانبڙا پائڻ واري دور مان نڪري پنھنجي ٻن پيرن تي بيھي اوچي ڳاٽ اھو اعلان ڪري رھيو آھي ته انڌڪار ۽ اونداھي قوتون ناس ٿي رھيون آھن. سچ اڀري رھيو آھي ۽ نيٺ فتح سقراط ۽ انسانيت جي ٿيندي.

سقراط جنھن بي فڪر نموني ۾ سزا کي قبول ڪيو، ان مان ھن جي جمھوريت لاءِ عزت جو واضح ثبوت پڻ ملي ٿو. جيتوڻيڪ ھن جي وضاحت مان صاف ظاھر آھي ته ھو پنھنجي سر پئنچن سان اختلاف ڪري ٿو ته به انھن جي راءِ جو احترام ڪندي ، انھن طرفان ڏنل سزا کي قبول ڪري ٿو. ظاھر آھي ته ان دور جي يونانين ۾ جمھورتي يعني راءِ جو حق صرف شرفاءُ کي ھيو ۽ غلامن کي راءِ جو حق نه ھيو ، پر ان مان پوري سسٽم جا اھڃاڻ ملن ٿا ، ته ان وقت جا ڏاھا پنھنجي برابر شھرين جي راءِ جي ڪيتري عزت ڪندا ھئا. اختلاف ڪندي به اڪثريت جي راءِ کي تسليم ڪيو ويندو ھو. اسان جا ڪيترائي معاشرا اڄ به ان بنياد حق کي تسليم نه ٿا ڪن ته اقليت يا ٿورائي وارن جي راءِ اھو ضرور آھي پر اڪثريت يا گھڻائي وارن کي مجبور نٿو ڪري سگھجي ته ھو راءِ کي ريٽي ، ٿورائي وارن جي فيصلي کي مڃين . ٿورائي وارن ته ٺھيو پر ھڪ عالم جي راءِ جو احترام ڪرڻ اسان کي يونانين سيکاريو.

جيڪو ڪم سقراط جتي ڇڏيو ، ان کي افلاطون ۽ ارسطو اڳتي وڌايو. پر اھا حقيقت نه وسارڻ گھرجي ته افلاطون ۽ ارسطو ٻئي حاڪمن آڏو مقبول ٿي چڪا ھئا ۽ ھنن جو درجو اسٽيٽ فلاسافرس وارو ھيو. سقراط ان لحاظ کان ھڪ يگانو شخص ھيو جنھن پنھنجي دور ۾ تاغوتي قوتن کي للڪاريو قبوليت ۽ ھاڪار نه ڪيائين ۽ وھه جو پيالو پي ھميشه ھميشه اَمر شھيدن جي قطار ۾ مٿانھين جاءِ ماڻي ويو.

سچ وڏو ڏوھاري آھي،

روز اول کان پڪڙيو ويو آ،

زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،

ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،

ڪڏھن زھر پيئاريو ويو آھ،

ڪڏھن ڦاھي چاڙھيو ويو آ.


ھي ترجمو ايڏو ته سٺو ، سھڻو ۽ خوبصورت سنڌي ۾ ھڪ نوجوان شاگر ڊاڪٽر طرفان ڪيو ويو آھي ، جنھن لاءِ سندس ساراھه ۾ ٻه اکر چوڻ کان رھي نه ٿو سگھجي. ھڪ مشڪل فلسفياڻو منطق ۽ سياست تي عالماڻو وعظ يا تڪرار جنھن سولي سلوڻي ۽ آسان سنڌيءَ ۾ گل ترجمو ڪيو آھي تنھن لاءِ ھن کيرون لھڻيون.

1 سيپٽمبر 1989ع

سوڀيو گيانچنداڻي

لاڙڪاڻو

ڪتاب : ڏاھيون ڏُک ڏسن

مصنف : ڊاڪٽر گُل

 
Leave a comment

Posted by on December 16, 2011 in Mixed

 

مولانا ابوالڪلام آزاد

تاريڪي ٻيھر ڦھلجي ويئي.

مولانا ابوالڪلام ” آزاد “


اڄ دنيا وري تاريڪ آھي. ھوءَ روشنيءَ لاءِ وري واجھائي ٿي، وري سمھي پيئي آھي انھيءَ ننڊ ۾، جنھن کان بار بار کيس جاڳايو ويو ھو. انھيءَ مقصد کي وري وساري ڇڏيو اٿس، جنھن جي تلاش ۾ بار بار نڪتي ھئي. ھن جو اھو پراڻو اھنج ، جنھن جي علاج لاءِ خدا جي رسولن آه زاري ڪئي ھئي، ۽ جنھن کي ڇھين عيسوي صديءَ ۾ الله جي ھٿان آخري مرھم نصيب ٿيو ھو، اڄ وري تازو ٿي ويو آھي.
جنھن تاريکيءَ ڇھين صدي عيسويءَ ۾ جنھن وقت اسلام جو ظھور ٿيو ھو، جھالت ڦھلائي ھئي، ساڳي تاريڪي اڄ تھذيب ۽ تمدن جي نالي سان ڦھلجي رھي آھي، ۽ اسلام وري پنھنجي غربت اوليٰ ۾ مبتلا آھي. جيڪڏھن انھيءَ زماني ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي تاريڪي بت پرستي ھئي، ته اڄ ساڳي جڳھه نفس پرستيءَ والاري آھي. پھريان انسان پٿر جي بتن کي پوڄيندو ھو ته ھاڻ پنھنجو پاڻ ٿو پوڄي. خدا جي پرستش ان وقت به نه ھئي، ۽ ان جي پوڄڻ وارا اڄ به نه آھن.
دنيا جي اھا ڪھڙي بيماري آھي، جنھن وري منھنج نه ڪڍيو آھي؟ جڏھن ھوءَ بيمار ھئي ته ڇا، سندس حالت اھڙي ئي نه ھئي، جھڙي اڄ اٿس؟ پھريائين (شايد) ھوءَ پٿر جي ڇپَ مٿان بيماريءَ سبب پاسا ورائيندي ھوندي ، ۽ ھينئر چانديءَ ۽ سون جي پلنگ تي پيئي ڪراھي، پر بيمار جي بستر بدلجڻ سان ڪا بيمار جي حالت نه ٿي بدلجي.
جنسي ۽ نسلي ڪروڌن ڪروڙن طاقتور انسانن کي پنھنجو ھٿيار بنائي رکيو آھي. ضعف ۽ ڪمزوريءَ کان وڌيڪ قومن ۽ ملڪن جي لاءِ ٻي ڪا خطا نه آھي. ھر اھا قوم جنھن وٽ طاقت آھي سا خدا جي ساريءَ دنيا کي ڇڙو پنھنجي لاءِ ٿي سمجھي، ۽ باقي دنيا جي ڪمزور بندن لاءِ عدالت جي ھڪ جج وانگر موت جي فتويٰ صادر ڪرڻ ۾ بلڪل بيخوف آھي “ حق” ۽ “ عدالت ” جا لفظ لفظي طرح جيتريقدر زياده دھرايا وڃن ٿا، معنوي لحاظ کان اوتري ئي قدر متروڪ ٿي ويا آھن. نوعِ انساني جي مساوات ۽ امنيت جي حقيقت قوت جي زور ۽ طاقت جي دعويٰ اڳيان پئمال ٿي چڪي آھي.
انسان حياتيءَ جي لھو ولعب ۽ دولمنديءَ جي نشه غرور ۾ شايد ئي ڪڏھن اھڙو بدمست ٿيو ھوندو جھڙو ھن وقت ٿي رھيو آھي. سندس گناھن الودي قديمي آھي، ۽ شيطان ان وقت کان وٺي موجود آھي، جڏھن کان انسان موجود آھي، تاھم ، گناھه جي حڪومت ايتري جابر ۽ قاھر اڳ ڪڏھن نه رھي ھئي ۽ شيطان جو تخت ھن عظمت ۽ دٻدٻي سان ڪڏھن به زمين جي سطح تي نه وڇايو ويو ھو، جھڙو اڄ قائم ۽ مسلط آھي. ھيءُ سڀ ڪجھه جھالت جي سايي ھيٺ نه ٿي رھيو آھي، بلڪ علم ۽ مذھبيت جي گھمنڊ ۾ ٿي رھيو آھي! بيماري اھا ئي آھي، جنھن خاڪ ۽ گرد جي مٿان دنيا کي ليٿڙايو ھو، البت ھينئر اھا سونھري مڇردانيءَ ۾ ليٽي پيئي آھي، ۽ موتين جي مڇردانيءَ جا پردا چئني طرفن ڏانھن ڪيرائي ڇڏيا ويا آھن.
ائين ٿيڻ ضروري آھي ، ڇاڪاڻ ته چشمو خشڪ ٿي ويو آھي ۽ اھي ناليون مٽيءَ سان ڀرجي ويون آھن، جن جي آبپاشيءَ سببان خداپرستيءَ جو چمن شاداب رھندو ھو. “ دنيا جي ھر شي لوڻ سان لوڻياٺي بڻائي ويندي آھي، پر جي لوڻ جو ذائقو ڦڪو ٿي وڃي ته ان کي ڪھڙيءَ شيءَ سان لوڻياڻو ڪيو ويندو؟”
(متي ـــ انجيل ، 13:5)
جا قوم ساريءَ دنيا جي اصلاح لاءِ آئي ھئي سا جي پاڻ ئي اصلاح جي متحاج ٿي وڃي ته پوءِ ڪير آھي جو دنيا جي اصلاح ڪندو؟ خدا ھميشه ان ڪم جي لاءِ پنھنجي جماعت دنيا ۾ موڪليندو آھي، ۽ خدا مسلمانن کي ئي “ حزب الله ” يعني پنھنجي جماعت قرار ڏنو ھو. پوءِ جيڪڏھن اھيئي ماڻھو “ حزب الشياطين” جو ساٿ ڏيڻ لڳن ، ته الله وٽ وڃڻ وارا ڪنھن کي ڳولين؟
اڄ وقت اچي ويو آھي ته اسلام ھڪ دفعو وري پنھنجي انھيءَ فرض کي دھرائي جيڪو ھڪ دفعو اڳ ھو انجام ڏيئي چڪو آھي ، ۽ مسلمان پنھنجي اصلاح خود پنھنجي لاءِ نه ، بلڪه ٻين جي لاءِ ڪن ، تا ته انھن جي سڌرڻ سان سڄو جھان سڌري پوي، ۽ چشمي جي روانيءَ سان ساري زمين سرسبز ٿي وڃي.
اسلام جي مِشن اڃا ختم نه ٿي آھي. دنيا جيتريقدر ان جي تعليم جي انھيءَ وقت محتاج ھئي، جڏھن ڇھين صدي عيسويءَ ۾ عرب جي اپٻيٽ ۾ ان پنھنجي صورت پسائي ھئي، ان کان ڪي قدر وڌيڪ اڄ به سندس ڪارنامن جي محتاج آھي. کيس پنھنجي امن ۽ نظام جي لاءِ ،پنھنجي عدالت ۽ صداقت جي قيام لاءِ ، پنھنجي سفاڪين ۽ بيرحمين جي خاتمي ڪرڻ لاءِ ، پنھنجي صلح ۽ امن عامه جي لاءِ ، اسلام ۽ صرف اسلام جي ئي ضرورت آھي. اسلام جا فرزند خود اسلام کان بي نياز ٿي ويا ھجن ته ھجن ، مگر دنيا اڃا بي نياز ٿي نٿي سگھي.
پر جيڪو آتشدان پاڻ باھه کان خالي ٿي ويو ھجي، اھو ڪمري کي ڪيئن ٿو گرم رکي سگھي؟ تنھنڪري ، ضرور آھي ته مسلمان سڀ کان اڳ ۾ خود پاڻ ۾ تبديلي پيدا ڪن ڇاڪاڻ ته انھن جي تبديليءَ تي سڄي دنيا جي تبديلي موقوف آھي.
ان لاءِ رسمي انجمنون قائم ڪرڻ بيڪار ٿيندو، ۽ پئسن جي فراھميءَ سان خاطر مجعي ممڪن نه آھي. ان لاءِ اھي سڀئي طريقا پڻ بيڪار ٿيندا ، جن جو اعليٰ نمونو اڄڪلھه جا ڪم پيش ڪري سگھن ٿا، چڱن مقصدن جي صرف اعلان سان چڱا نتيجا نه ٿا حاصل ٿين. جيڪڏھن صرف مفيد نصيحتن ۽ وعظن جو دھرائڻ ڪنھن قوم ۾ تبديلي پيدا ڪري سگھي ٿو ته ھي طريقهء ڪار اڳ ۾ ئي ايتري قدر موجود آھي جو ھاڻي ان جي لاءِ ڪنھن نئينءَ جماعت جي ضرورت ناھي.
اصول معلوم آھن ۽ تعليمات لڪل راز ڪين آھن. ضرورت صرف ھن ڳالھه جي آھي ته انھن ئي اصولن ۽ تعليم ھيٺ اعمال ۽ افعال تبديلي پيدا ٿئي.

ڪتاب: مھراڻ 1961مان ورتل
پوسٽ: سپهه سالار

 
Leave a comment

Posted by on December 13, 2011 in Mixed

 

Socrates – Prof. Mir Gh. Muhammad Talpur

ڊيلفا جي مقدس ڪاهنا هر سوال جو جواب ڏاڍو منجھيل ڏيندي هئي، پر هڪ دفعي جڏهين کانئس پڇيو ويو ته يونان جو سڀ کان ڏاهو ماڻهو ڪير آهي؟“ ته هن وڏي واڪ ٻڌايو ته ”ڪوبه شخص سُقراط کان وڌيڪ ڏاهو نه آهي.“ ايٿنز جي رهواسين لاءِ هي ڳالھ ڏاڍي حيران ڪن هئي جو اتي کيس چريو سمجھيو ويندو هو. پر هينئر مقدس ديوي کيس سڀ کان ڏاهو سڏيو. سقراط پنهنجي پاڻ کي ڏاهو هرگز نه سڏائيندو هو. هُن اها ڪوشش ڪئي ته ڪو وڏو ڏاهو ڳولي هٿ ڪريان ۽ ديوي جي انهي ڳالھ کي غلط قرار ڏيان. پر ڪوبه ماڻهو سندس ڪسوٽي تي پورو نه لٿو ۽ آخرڪار هن کي اِهو چوڻو پيو ته صرف ديوتا ئي عقل ۽ ڏاهپ وارا آهن.

سقراط جي خيال موجب ماڻهو نادان اِنهي ڪري آهن جو هو پنهنجي ناداني کان واقف ڪونه آهن ۽ سقراط ڏاهو صرف انهيءَ ڪري سمجھيو ويندو هو جو پنهنجي ناداني کان بخوبي واقف هو. يونان جو هي وڏي مرتبي وارو ڏاهو انسان يعني سقراط 470 قبل مسيح ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ سنگ تراش هو ۽ سندس ماءُ هڪ دائي هئي. هن جو فلسفو نصابي تعليم بدران هن جي ذاتي سوچ ويچار ۽ ايٿنز جي رائج تهذيب جي ڪري ئي هو. هو شڪل جي لحاظ سان ڏاڍو بدشڪلو تصور ڪيو وڃي ٿو. مٿو گنجو، منهن وڏو ۽ گول، اکيون اندر تي گھڙيل ۽ گھوريندڙ، ۽ پيشاني ويڪري هئس. سندس اِهو نقشو هڪ سنگتراش جي مجسمي مان سمجھيو وڃي ٿو. اِنهي مجسمي مان هو هڪ اعلى پائي جو فلاسفر گھٽ ۽ قلي وڌيڪ لڳندو هو. پر ان پٿر جي مجسمي ۾ انساني شفقت ۽ بي ديا سادگي جي جھلڪ نظر اچي ٿي.

استاد بنجڻ کان اڳ سقراط ايٿنز جي فوج ۾ ملازمت ڪندو هو ۽ ڪافي ڪارناما پڻ ڏيکاريا هئائين. هن وٽ هڪڙو گھر هو ۽ تمام ٿورڙا پئسا هئا جيڪي هن پنهنجي دوست ۽ شاگرد ڪرائيٽو جي ڌنڌي ۾ سيڙائي ڇڏيا هئائين. شهر جا نوجوان هر وقت هن سان گڏ رهندا هئا. هن جي بدصورتي جي باوجود اهي نوجوان هن جي بيحد گھڻي عزت ڪندا هئا. جن ان ڪي نامور فلسفي بنجي ويا. مثلن: اقليدس، ورسٽي پس ۽ افلاطون وغيره

هي ڳالھ ڏاڍي عجب خيز آهي ته سقراط پنهنجي هٿ سان ڪجھ به ڇا پر هڪ لفظ به نه لکيو. هو سڄي عمر ڳالهيون ئي ڪندو رهيو. افلاطون هن جي ڪجھ ڳالهين کي لکي اڻ مٽ بنائي ڇڏيو آهي.

سقراط نهايت سادي زندگي گذاريندو هو. هن جي وڏي شان واري شخصيت، جيڪا حڪومت، دولت ۽ حسن ٽنهي کان خالي هئي، دنيا جي اڳيان فلسفي کي پنهنجي حقيقي صورت ۾ پيش ڪري ٿي. سندس زندگي ڏکن ۽ محرومين جو شڪار ٿي گذري ۽ شين جي حقيقت جي تلاش هن کي فلسفي جي راھ ڏي آندو. ڪوبه ماڻهو ايٿنز جي ان شاندار ماڻهو کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھي جيڪو هڪ وڏو پهراڻ پائي، پيرين اگھاڙو شهر جي بازارن، گھٽي، باغن ۽ عبادت جي هنڌن تي سڄي دنيا جي نعمتن کان بي نياز بنجي، پنهنجي ڏن ۾ گم رهندو هو. قدرت کيس ٻين کي پرکڻ ۽ انهن کي سڌارڻ جو فرض سونپي ڇڏيو هو.

ارسطافاسز سقراط جو خاڪو ڦهلايو جنهن ۾ سقراط کي ديوتائن جو منڪر ۽ نوجوانن کي خراب ڪندڙ جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو. اهيءَ جو خاص سبب اهو هو جو سقراط عقل پرست هو ۽ ٻيا ماڻهو پراڻ پرست هئا. ٻيا ماڻهو اهو سوچيندا هئا ته جڏهن عقل مقبول بڻجي هڪ هلچل جي صورت ورتي ته کين نقصان رسندو. پر سقراط هنن جي انهي ڳالھ کان بي نياز هو. هن جا پسنديده ڪم انساني روح، روايتون ۽ عقيدا ۽ اهڙين ٻين ڳالهين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ هئي. سڙڪن، بازارن ۽ عبادت گاهن ڏي ويندڙ ماڻهن کي جھلي وٺندو هو ۽ سندن اندر ۾ جهاتي پائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو اڻ ڄاڻ بنجي انهن کان پڇندو هو ته هي وڏا ۽ سهڻا اصطلاح، جيڪي اوهان استعمال ڪريو ٿا، نيٺ انهن جو مطلب ڇا آهي؟، عدل ڇا آهي؟، خير ۽ شر ڇا آهي؟، مثالي رياست ڪيئن قائم ٿي سگھندي آهي؟. اهڙائي اخلاقياتي ۽ سماجي مسئلا هن جي دلچسپي جو مرڪز هئا. اِهو ضرور چيو ويو آهي ته سقراط فلسفي کي آسمان کان زمين تي آندو. هو انهن سڀني سماجي مسئلن کي بحث هيٺ آڻيندو هو جيڪي اڄ به اسان جي ڌيان جو مرڪز آهن.
سقراط جا شاگرد گھڻو ڪري ايٿنز جي مٿئين طبقي يعني اميرن سان واسطو رکندا هئا. ٻئي طرف ايٿنز جا جمهوريت پسند سقراط جي تعليم کي چڱو نه سمجھندا هئا. هڪ ڏينهن کيس اوچتو عدالت ۾ گھرايو ويو. کيس ٻڌايو ويو ته هو شهر ۾ نواجوانن کي گمراھ ڪري رهيو آهي. سقراط تي اهو الزام هنيو ويو ته هو انهن ديوتائن کي نه ٿو مڃي جن کي ٻيا مڃين ٿا. انهي ڪري هن جون سرگرميون شهر وارن لاءِ نقصانڪار آهن. بعد ۾ کيس فيصلي جي لاءِ 501 ججن جي اڳيان پيش ڪيو ويو. اُهي جج عقل جي بي بها نعمت کان خالي هئا. فطرت جو ڪيڏو نه هي عجيب اتفاق هو، جو هن وڏي دانشور جي قسمت جو فيصلو، جاهلن جي ان ٽولي جي هٿ ۾ ڏنو ويو. جن کي هن ڪڏهين به اهميت نه ڏني هئي.
فلسفي جي ڏاهپ جي پهرئين شهيد عدالت ۾ صفائي پيش ڪندي چيو: ”جيڪڏهين مان پنهنجي صفائي ۾ اهڙا لفظ پيش ڪريان جيڪي توهان بازار ۾ يا شاهوڪارن جي اوطاقن تي اڳ ۾ ٻڌا هجن ته حيران نه ٿجو، ۽ نه ئي مون کي ٽوڪجو ـــــ ڇو ته مان پهريون ڀيرو عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان ۽ هتان جي ٻوليءَ کان واقف نه آهيان. منهنجي تقرير ڪرڻ جي طريقي ته به ڌيان نه ڏجو. ٿي سگھي ٿو ته اِهو طريقو خراب هجي ۽ ٿي سگھي ٿو ته اِهو طريقو سٺو هجي.“
سقراط وڌيڪ چيو ته هن جا دشمن هن کي ڪوبه نقصان نه ٿا پهچائي سگھن ڇو جو خراب ماڻهو سٺي ماڻهو کي نقصان نه ٿو رسائي سگھي. آخرڪار ٽنهن ووٽن جي گھڻائي سان سقراط کي ڏوهاري سڏيو ۽ مدعي اُن لاءِ موت جي سزا تجويز ڪئي. هن جا ڪجھ دوست ۽ جيوريءَ جا ڪجھ ميمبر هن لاءِ جلاوطني جي سزا جي حق ۾ هئا، مگر هن پاڻ ان جلاوطني جي سزا کي رد ڪندي چيو ته ”مان زندگي جي محبت ۾ بنھ انڌو ليکبيس، جيڪڏهن اِها سزا قبوليم. ڇو جو مان جيڪڏهن پنهنجي شهر ۾ سچ نه ڳالهائي سگهيس ته ٻين هنڌن جا ماڻهو مون کي سچ ڳالهائڻ ڪيئن ڏيندا. ۽ مان ماٺ ڪري نه ٿو رهي سگھان ڇو جو اها ايمان سان غداري ٿيندي. اجايو جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“

پر جڏهين افلاطون ۽ ٻين دوستن گھڻو زور ڀريو ته هن هڪ معمولي رقم ڏنڊ طور تجويز ڪئي. جيڪا ايتري ته ٿوري هئي جو جيوري جي ميمبرن کي هيڪاري ڪاوڙ لڳي ويئي ۽ هنن کيس يڪدم موت جو حڪم ٻڌايو.

سقراط چيو ته ”مون کي انڪري سزا نه ملي آهي جو مان پنهنجو بچاءٌ نه ڪري سگھيس. پر مان اها دوش اختيار نه ڪئي جنهن جو توهان کي آسرو هو. جھڪڻ کان موت قبول ڪرڻ ٺيڪ آهي. دوستو! موت بچڻ ڏکيو نه آهي، پر بڇڙائي کان سلامت رهڻ حد کان زياده ڏکيو آهي.“

هن پوڙهي ڏوهاري کي سزا جي حڪم کان پوءِ هڪ مهيني تائين جيل ۾ رهڻُ هو. سقراط جي دوستن جو خيال هو ته ڪنهن طريقي سان جيلر کي راضي ڪري سقراط کي بچائجي. سقراط کي چيو ويو ته ”هينئر بڇڙائي جي قوتن اڳيان مٿو جھڪائڻ ٺيڪ ناهي ۽ ائين غلط ماڻهن کي سوڀ ملندي ۽ تنهنجا ٻار يتيم ٿي ويندا. پر سقراط قانون ٽوڙڻ نه پيو گھُري. هن چيو ”زنده رهڻ اهم نه آهي پر مناسب نموني زنده رهڻ اهم آهي.“

۽ پوءِ آخر اها شام اچي ويئي جڏهين سقراط کي زهر جو پيالو پئيڻو پيو. سقراط اُهو زهر جو پيالو وٺي نهايت خاموشي سان پي ويو ۽ پوءِ هو اٿي هلڻ لڳو. چند لمحن ۾ زهر کيس وڪوڙي ورتو ۽ اهڙي طرح هي دنيا جو داناء انسان بيوقوفن جي هٿان ڪسجي ويو.

قديم زماني يونانين ۾ هي شخص سڀني کان ڏاهو ليکبو آهي. پڻس مورتيون جوڙيندو هو ۽ سقراط به ننڍي هوندي اهوئي ڌنڌو ڪندو هو. سندس ٺاهيل مورتيون ڏسڻ وٽان هيون. هُو بت ۾ سگھو هوندو هو انهي ڪري گرمي، سردي ۽ ٿَڪ وغيره پرواه نه ڪندو هو. تھ سياري ۾ به اونهاري جي ڪاپڙا ڍڪيندو هو ۽ هميشه اگھاڙن پيرن گھمندو هو. پنهنجي ملڪ جي پاران جنگين ۾ وڙهندي به ڪافي همت ڏيکاري هئائين. هو ڏاڍو سادو ۽ سانگي صرفي سان هلندو هو. وڏي هوندي مورتين جوڙڻ ڌنڌو ڇڏي، ماڻهن کي نيڪي جي واٽ ڏيکارڻ ۾ لڳي ويو. هن جي تعليم جو مقصد اهو هو ته ماڻهو پاڻ کي سڃاڻن، معرف الاهي حاصل ڪن ۽ منجھن ڳالهائڻ ۽ بحث ڪرڻ جي طاقت وڌي. انهي تعليم ڏيندي هن ڪافي تڪليفون سَٺيون پر تنهن هوندي به هو پنهنجي انهي تعليم ڏيڻ واري ڪم کي هلائيندو آيو. هو ڏاڍو قناعت وارو هو ۽ چوندو هو ته ”سڀاڳو سو جنهن کي تمام ٿورين شين جي گھرج پوي.“ گھڻائي هوند وارا ماڻهو پيسا آڇيندا هئس پر هو ڪنهن ڏي نهاريندو به ڪين هو ۽ چوندو هو ته ”جنهن کي بک چڱي لڳي تنهن کي سٺي طعامن جو ڪهڙي گھرج. آءُ جڏهين ٿورين ۽ سادين شين تي چڱو وقت پيو گذاريان تڏهين گھڻي پٺيان ڇو ڊوڙيان.“ هن جو کاڌو پيتو اهڙي قاعدي ۽ پرهيز تي هو جو ايٿنس ۾ جڏهن بيماري اچي پيئي هئي تڏهن چون ٿا ته اهوئي هڪڙو ماڻهو هو جنهن کي بيماري ڪانه ٿي. هُن جي گفتگو ڏاڍي اثرائتي هوندي هئي جنهن جي ٻڌڻ سان ڪافي ماڻهو نيڪ ۽ ڏاها ٿي پيا. هو چوندو هو ته جھان ۾ ڌن يا نسل ڪجھ نه آهي. هو چوندو هو ته فضوليءَ کان پاڻ سنڀالڻ جو ڱُڻ سڀني کان وڏو آهي ۽ جوان ماڻهن کي کپي ته هميشه آرسي ۾ پنهنجو منهن ڏسندا رهن، هن لاءِ جي سهڻا هجن ته چال به اهڙي چلن جا سندس منهن تي سُونهي. ۽ جي ڪوجھا هجن ته لياقت ۽ اهليت پيدا ڪري پنهنجي ڪوجھائي کي ڍڪين.

هن جي ملڪ جا ماڻهو قانون ۽ رواج تي هريل هئا، انهي ڪري جن ڳالهاين بابت ڪو قانون ۽ رواج مروج ڪونه هو تن بابت پنهنجن ديوتائن کان پڇندا هئا. جنهن تي سقراط کين چوندو هو ته ”اکيون پوري ٻين تي ڀروسو ڪرڻ نيڪي ڪانهي.“ اهڙي طرح اتي جي ماڻهن هن تي تهمت رکي ته هي نوجوانن کي گمراھ ٿو ڪري ۽ اسانجن ديوتائن کي گھٽ وڌ ٿو ڳالهائي. ان لاءِ زهر ڏيئي مارڻ جو پروگرام رٿيو ويو. اِها سزا ملڪ جي رسم موجب ڪنهن وڏي ڏينهن جي ڪري هڪڙي مهيني تائين مهمل رکيائون. انهي عرصي ۾ سقراط پنهنجي شاگردن افلاطون ۽۽ زينافين سان ابدي حياتي بابت ڪافي ڳالهيون ٻڌايون تن مان اڄ تائين ڪافي ماڻهو فائدو پيا پرائين. کيس شاگردن قيد مان ڀڄي وڃڻ جي صالح ڏنس، تڏهين چيائين ته ”آءُ موت کان نه ٿو ڊڄان ته پوءِ ڀڄان ڇو؟“ مهيني پوري ٿيڻ بعد خوشي سان ڏنل زهر جو پيالو پيتو ۽ دم ڏنائين.
هو عيسوي سن 468ق ـــ م اڳ ايٿنس ۾ ڄائو ۽ سن 399ق ــــ م ۾ دم ڏنائين.

ليکڪ : پروفيسر مرحوم مير غلام محمد ٽالپر

 
Leave a comment

Posted by on November 20, 2011 in Mixed

 

Great Revolutionary Leaders – Arisar


عظيم انقلابي ليڊر ۽ انھن جي تاريخ:


سنڌ ۾ ڪن ليڊريءَ جي شوقينن جي عادت ٿي ويئي آھي ، جو ھو جڏھن به پنھن جي سياست جو دڪان سينگارڻ لاءِ جي ـ ايم ـ سيد تي نڪته چيني ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، ان وقت دنيا جي انھن ليڊرن جو حوالو ضرور ڏيندا ، جيڪي پنھنجي پنھنجي ملڪ ۾ ، ڪن تحريڪن جي قيادت ڪري ڪامياب ٿيا آھن. آءُ مناسب ٿو سمجھان ته ھتي ، انھن ليڊرن کي مليل حالتن جو ذڪر سان گڏ ان قوم ، جيڪي ڪجھ انھن رھنمائن ۽ مدبرن کي ڏنو، انجو مختصر ذڪر ڪريان ۽ جائزو وٺان ته انھن ليڊرن جي نمودار ٿين وقت اتي جون مقامي حالتون ڪھڙي دءور ۽ درجي تي پھتل ھيون؟ ڇا اھي ليڊر آزادي ۽ انقلاب جو نعرو ۽ جھنڊو کڻي رڃ ۽ سڃ ۾ اچي بيٺا ھئا ، يا اھڙي حالت ۽ ماحول ۾ نمودار ٿيا جڏھن انھن جا ملڪ ، آزادي ۽ انقلاب جي شعور جي باھ ۽ آتش فشان جبل جي حيثيت اختيار ڪري ويا ھئا. سندن وطن جي ڪارخاني ۽ کيت ، بندرگاھ ۽ ھوائي اڏي ۾فرزندان وطن جا پُرجوش نعرا زنگئَ جي ميدان کي حريت جي ھوائن سان جھومائي رھيا ھئا ؟ سندن ديس جي ڌرتئَ جي ھر گھٽي ۽ گھيڙ ، ھر ميدان ۽ ماٿري ۾ آزاديءَ جي متوالن جو لال لھو ھارجي چڪو ھو؟ سامراجين ۽ وطن دشمن جي قيد خانن جي اونداھين ڪوٺين کي وطن ۽ قوم جا حلالي فرزند پنھنجي آزادئَ جي امنگ سان روشن ڪري چڪا ھئا. ۽ سامراجي ٽولن لاءِمحڪوم ڌرتئَ جو ذرو ذرو بارود جو ٽڪرو بنجي چڪو ھو؟

پوءِ ڏسڻ گھرجي ته جي ـ ايم ـ سيد کي به اھڙيون حالتون مليون ۽ عمر جو اھڙو بھترين دور مليو ؟

اھڙي قومي سجاڳئَ ۽ اھڙا ساٿي مليا ۽ عمر جو اھڙو بھترين دور مليو ؟ يا ھو ھڪ اھڙي جانباز مزور وانگر اڪيلو ، ڪنھن رڻ کي گلزار بنائڻ لاءِ چنجور کڻي ميدان ۾ آيو ؟

سڀني ملڪ جي سياسي حالتن ۽ عوامي بيداريءَ جي پس منظر کي نگاھ ۾ رکندي ئي اسان ڪنھن ليڊر جي خوبين ۽ خصلتن ، ڪاميابين ۽ ناڪامين ، حوصلن ۽ ھمتن ، ولولن ۽ امنگن کي پرکي پروڙي ، جاچي ۽ سڃاڻي سگھنداسين ۽ صحيح طريقي سان ان ليڊر جي ڪردار، حڪمت عملي ، جدوجھد ، بھادري ، سچائي ۽ قومي عشق جي معيار سان انصاف ڪري سگھنداسين. اھو ان صورت ۾ ٿي سگھندو جڏھن ھڪ ليکڪ جي مدنظر نيڪ نيتي ۽ غير جانبداري ھجي. انھئَ ڪري معيار مطابق آءُ دينا جي چئن وڏن انقلابي ليڊرن جي ملڪي حالات ۽ ماحول جو مطالعو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ۽ اھا ڳالھ واضح ڪري ڇڏيان ته اھو مطالعو آءُ ياداشت جي آڌار تي ڪتابن جي مدد کانسواءِ ئي پيش ڪري رھيو آھيان ، جيڪڏھن اڳتي ھلي ڪنھن ان کان مختلف مطالعي جو رخ پيش ڪيو ته ان کي دليل جي بنياد تي قبول ڪرڻ ۾ مونکي ڪا به ھٻڪ نه ٿيندي.

1. مھاتما گانڌي :

انھئَ سلسلي جي شروعات آءُ برصغير جي لافاني شخصيت ۽ انساني تاريخ جي ناقابل فراموش ھستئَ مھاتما گانڌي کان ڪرڻ مناسب سمجھان ٿو.ھن ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ھن ننڍي کنڊ مان انگريزي سامراج کي تڙي ڪڍڻ ۾ سندس سوچ ۽ فڪر ، جدوجھد ۽ حڪمت عملي کي وڏو دخل آھي.ھن بک ھڙتال ، عدم تعاون جھڙن ڪتابي اصولن کي عملي سياست ۾ ڪارگر ھٿيار طور استعمال ڪري ، پنھن جي بي نظير تدبير ۽ ڏاھپ جو ثبوت پيش ڪيو. اھو ئي سادو صفت سياسي رھنما ھو جنھن جي غير جازب شخصيت ڪروڙھا انسانن کي آزادي جي اتساھ سان ٽمٽار ڪري ڇڏيو. پر ڇا ھو جڏھن سياست ۾ داخل ٿيو تڏھن ھندستان سياسي قبرستان بڻيل ھو ؟ ھرگز نه :
ھو اڃا آفريڪا ۾ گجراتي سيٺ جو منشي ئي ھو، ان وقت انڊيل نيشنل ڪانگريس انڊين عوام جي ڌڙڪن بنجي چڪي ھئي ـ ھو اڃان ھندستان موٽيو ئي ڪونه ھو ته تلڪ جي شعله نوائي ، گوڪلي جي تدبر، موتي لال نھرو جي ايثار ، ابوالڪلام آزاد جي قلم جي آتش فشاني ۽ علي برادران جي جدوجھد ، ھندستان جي عوام جي دلين کي سامراجي قوتن جي خلاف نفرت جو جوکورو بنائي ڇڏيو ھوـ ھو اڃان آفريڪا ۾ ئي ھو ته تحريڪ ھجرت شروع ٿي چڪي ھئي ، ھندستان جي مڪمل آزادي لاءِ ھڪ منظم تحريڪ ، سلڪ ليٽر ، انگريزي راڄ ۾ رولو وجھي چڪي ھئي. ھندستان کان ٻاھر ، آزاد ھندستان جي جلاوطن حڪومت مولانا عبيدالله سنڌي ، شري برڪت الله ۽ راجا مھندر پرتاب تي مشتمل قائم ٿي چڪي ھئي ، آزادئَ جا بيشمار پانڌي ، مالٽا ۽ اجزائر انڊمان ۾ قيد جو سختيون برداشت ڪري رھيا ھئا. پنجاب ۾ سک تشدد پسند ، بنگال ۾ بنگالي حريت پسند ، يوپي ۽ بھار ۾ احتجاجي ، مھارشٽر ۾ شيواجئَ جا پوءِ لڳ، راجستان ۾ پرتاب سنگھ جا پيروڪار ، يونين جيڪ جا پرزا اڏائڻ لاءِ سر ترئَ تي رکي ميدان ۾ نڪري آيا ھئا. ھندستان جي اڀرندڙ سرمائيدارن ، ڪانگريس لاءِ پنھن جي ٽجوڙين جا منھن کولي ڇڏيا ھئا.اھڙي ماحول ۾ مھاتما گانڌي ھندستان جي سياست ۾ قدم رکيو.سندس سھڪار لاءِ انھن ليڊرن ۽ ورڪرن جي پوري فوج موجود ھئي. جھن سن 1957ع کان وٺي غير ملڪي آقائن،بديسي ڌاڙيلن ۽ وطن جي ويرين جي تاج ۽ تخت کي پنھن جي ٺوڪرن جي زد ۾ آڻي ڇڏيو ھو.گانڌي جي ديس جي شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ اھڙا ماڻھو آباد ھئا، جن جو مذھب ، قوميت ، زبان ، ڪلچر ، وطن ، آقائن، سامراجين ۽ لٽيرن جي مذھب ، قوميت ، وطن ، زبان ۽ ڪلچر کان ڌار ، جداگانه ۽ علحده ھئا. ھڪ طرف ڏور ڏيھي گوري چمڙي وارا آقا ھئا ته ٻئي طرف پنجاھ ڪروڙ ديش جا واسي ھئا. انھن حالتن ۾ ھن ھندستان جي سياست جي واڳ پنھن جي ھٿ ۾ ڪئي ۽ پنجٽيھ سال لڳاتار ڪوشش کانپوءِ، ھن ھندستان جي آزادي ملڪ جي تقسيم جي صورت ۾ حاصل ڪئي ۽ ھو پنھن جي پوري سمجھ ، سڃاڻپ ، بھادري ، سچائي ۽ درويشئَ جي باوجود ھندستان ۾ متحده قوم جو شعور پيدا نه ڪري سگھيو . اھا حقيقت آھي پوءِ تلخ ئي سھي !

2. مائوزي تنگ :

ھن خطي ۾ چيني رھنما مائوزي تنگ جي شخصيت ۽ ڪردار انقلاب جي تاريخ ۾ اڻ مٽ آھي ۽ رھندو. ھن ستر ڪروڙ چيني عوام جي ڇوٽڪاري ۽ خوشحالئَ جي رستي تي نھايت دورانديشي ۽ بھادريءَ سان عمل ڪري تباھ ٿيل چين کي ، دنيا جي باوقار قومن جي صف ۾ نمايان حيثيت ڏياري. ھن جي سياست سان دنيا وارن اختلاف ڪيو آھي ۽ سندس مشھور لانگ مارچ کي احمقانه خودڪشي سان تعبير ڪرڻ کان به ڪي تقاد نه گٿا آھن. ڇو ته جنگي حڪمت عملي ۾ ھر عمل جو بنياد گھٽ نقصان ۽ وڌ فائدي تي ھوندو آھي. مائوزي تنگ جي لانگ مارچ ٿيڻ وقت ٽي لک ماڻھو ساڻس گڏ بچيا ھئا ۽ منزل مقصود تي پھچڻ وقت صرف ٽيھ ھزار ماڻھو وڃي بچيا ھئا، گويا ڪه دنيا جو ھي بھترين جنرل ، ٽيون حصو به فوج بچائي نه سگھيو . خير مونکي انھن نقادن سان دلچسپي ڪونھي. آءُ حقيقت جي واضح روشني ۾ ڏسان پيو ته سندس شخصيت پوري دنيا جي انقلابي نوجوانن لاءِ لوڪ گيت جي ٻولين وانگر دلڪش بنجي چڪي آھي.ھو وطن جي آزادي لاءِ ھڪ محب وطن جي حيثيت ۾ وڙھيو ۽ سماج جو اديت لاءِ دلير ۽ داناءُ انقلابي جي حيثيت ۾ جھاد ڪيائين . نيتجي ۾ ھو جديد چيني معاشري جي علامت بنجي چڪو آھي.ھتي آءُ انقلاب کانپوءِ سندس پرڏيھي پاليسي تي بحث ڪرڻ نٿو چاھيان ، نه وري گھرو پاليسي ۽ ثقافتي انقلاب جي کوجنا ۽ ان جي خامين ۽ خوبين جي اپٽار ئي منھنجو موضوع آھي. آءُ ھتي رڳو ان دور تي بحث ڪرڻ ٿو چاھيان جنھن دور ۾ مائوزي تنگ پنھن جي سياسي ۽ انقلابي جدوجھد جو آغاز ڪيو. اسان وٽ گھڻو ڪري مائوزي تنگ جي خوبين ۾ اھا ڳالھ سر فھرست ڳڻائي ويندي رھي آھي ته ھن آفيم جي گڙنگ موالي قوم کي انقلاب جي رستي تي تيزيءُ ۽ تيز رفتاري سان ھلايو۽ ان آفيمي قوم جي شعور ۽ انقلابي سرت سامراج ۽ ان جي ديسي دلالن کي شڪست ڏئي عظيم تر چين جو بنياد رکيو. آءُ انھن ماڻھن جي اھڙي قسم جي لغو ۽ واھيات ٻٽاڪ تي حيران ٿي ويندو آھيان ته آخرڪار ڪنھن انسان جي عظمت ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخ جي چھري تي دانگي ملڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪن.ھتي اسانکي ڏسڻو ھي آھي ته ڇا مائوزي تنگ جي سياست ۾ داخل ٿيڻ وقت چين واقعي سياسي رڃ ھو ۽ ستر ڪروڙ ماڻھو خير شاه جي موالين وانگر پنڪين ۾ ھئا ؟ ھر گز نه : !!حقيقت ھي آھي ته چين ۾ آفيم جي وڪري واھپي ۽ استعمال جي خلاف چيني عوام پھرين ڀرپور جنگ 1839ع ۾ ڪئي. جنھن ۾ ويھ ھزار چيني ماريا ويا ۽ وقتي طرح چين جي حريت پسندن کي شڪست اچي ويئي. انھئَ جنگ کي چين تاريخ ۾ ( آفيم واري پھرين لڙائي ) ڪري سڏيو وڃي ٿو ۽ آفيم جي خلاف چيني عوام جي اھا جدوجھد مائوزي تنگ جي ڄمڻ کان 52 سال اڳ ۾ شروع ٿي ھئي.1856ع ۾ چيني آفيم سان ڀريل ٻيڙيءُ تي حملو ڪري پوري آفيم کي تباھ ڪري ڇڏيو. چينين جي انھئَ وطن دوست قدم تي فرانس ۽ برطانيه ، چين خلاف اعلان جنگ ڪيو ۽ چين تي حملو ڪري بيشمار چينين کي قتل ڪيو چين جي تاريخ ۾ انھئَ جنگ کي ٻي آفيم واري لڙائي سڏيو وڃي ٿو.مائوزي تنگ جي ڄمڻ کان 45 سال اڳ 1855ع ۾ ڏاکڻي چين ۾ ھارين بغاوت ڪري وڏي علائقي تي قبضو ڪري ورتو ( حڪومت ـ رباني)قائم ڪئي وئي. انھئَ حڪومت جي گادي جو ھنڌ نافڪنگ ھو. انھئَ تحريڪ جي ڪارڪنن زميدارئَ جي لعنت کي مڪمل ختم ڪري ، شراب ، جوا، آفيم ۽ عصمت فروشئَ تي بندش وجھي ڇڏي. مائوزي تنگ جي پيدائش کان ٻارھن سال پوءِ چين جي ھڪڙي صوبي ۾ ڪوئلي جي کاڻين جي مزدورن ، مڪمل ھڙتال ڪئي. جنھن ۾ ٽيھ ھزار مزدورن حصو ورتو. ساڳئي وقت چين جي بديسي مال جي بائڪاٽ جي تحريڪ شروع ٿي چڪي ھئي. مائو جي ڄمڻ کان پنج سال پوءِ چين جي صوبي شان تونگ ۾ ھارين ، پادرين ، جاگيردارن ، ٻين مذھبي ٺيڪيدارن خلاف بغاوت ڪئي. انھئَ بغاوت کي ( ڊاڪسر ) بغاوت جي نالي سان سڏيووڃي ٿو. اھو اُھو وقت ھو، جڏھن مائو صرف ھڪڙي چولي ۾ ٻارڙن سان راند ڪندو ھو. مائوجي ولادت کان ٽي سال اڳ چين جي اصلاح پسند نوجوانن ملڪي معاملن ۾ آئيني ، عدالتي ۽ انتظامي سڌارا آڻڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو ھو. وڏي ڳالھ ته مائوزي تنگ کان ڊاڪٽر اڳسن يات سن چين جي قومي انقلابي جنگ کي باقاعدي ھڪ منظم تحريڪ جي شڪل ۾ ڏيئي چڪو ھو. سندس پارٽي ڪومن تانگ عوام جي دلين جي ڌڙڪ بنجي چڪي ھئي.چين ۾ ٽيھ لک مزورن ھڙتال جو سلسلو شروع ڪري ڏنو ھو. چوٿين مئي جي شاندار تحريڪ جي اڳواڻن جي بھادرانه ۽ دليرانه شھادت چين کي آتش فشان بنائي وڌو ھو. ڊاڪٽر سن يات سن جي ٽي نڪتا عوامي پروگرام ، قوم پرستي ، جمھوريت ۽ روزگار ، چيني عوام ۾ بائيبل جي صورت اختيار ڪري ورتي ھئي. چين جي ڪافي علائقن ۾ انقلابي جٿن آزاديءَ جون ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون ھيون. روس جي سرحد لڳ چين جي ٽن صوبن ۾ عملاَ سوشلزم رائج ٿي چڪو ھو، ۽ ان سان گڏ روس جھڙي عظيم طاقت پنھن جا سياسي ، اخلاقي شعوري وسيلا چين جي انقلاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيا ھئا. وڏي ڳالھ ته چو اين لائي ۽ جنرل چوتيھ ۽ لن پياوُ دورانديش ۽ سپھ سالار شخص ، مائو جي سھڪار لاءِ موجود ھئا، جيڪي ڪنھن به طرح مائوزي تنگ جي تعليم ۽ فڪر جي پيداوار نه ھئا. ان جي برخلاف اھي سڀ ماڻھو سن يات سن جي تعليم ، فڪر ۽ سياست جي ئي پيداوار ھئا. اھي ھيون حالتون ۽ ماحول جن ۾ چيني سياست اندر مائوزي تنگ نمودار ٿيو ۽ پنھن جي محبت ۽ صلاحيت سان چيني ڪميونسٽ پارٽئَ جو چيئرمين ۽ انقلاب جو باني بنيو. عوامي جنگ جو موءثر ھٿيار جي ايجاد مائوزي تنگ جي شخصيت کي دنيا ۾ وڏي اھميت ڏني آھي ۽ انھي جنگ ۾ سندس ڪو ثاني نه ٿو سمجھيو وڃي. پر چين جي جاگرافيائي حالتن ۽ ملڪ جي وسعت جي نقطئه نظر سان مائوزي تنگ لاءِ حالتون بي اِنتھا شاندار ھيون. ليڪن ميداني علائقي ۾ ڪارآمد لڙائي وڙھڻ ٿورو، نقصان سھي ، مختصر عرصي ۾ وڌيڪ فائدو حاصل ڪرڻ ۽ دشمن جي فوج کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙي ، فضا کان سواءِ ھر رابطو ڪٽي ڇڏڻ ۾ ، آءُ آفريڪي مفڪر ڪئبرال کي مائو کان وڌيڪ ذھين ۽ بالغ نظر سمجھان ٿو.

3. لينن :

سوشلسٽ سماج ، ملڪن جي آزادي ۽ سامراج جي شڪست جي رفتار کي تيز بنائڻ لاءِ روس جو ھڪ مختصر قد ، معمولي شڪل ، زبان جي ٻاتي يھودي ـ النسل وڪيل ، لينن جي ڀرپور ۽ مڪمل شخصيت کي دنيا ڪڏھن به وساري نه ٿي سگھي . لينن ئي پھريپن ماڻھو ھو، جنھڻ جي زير قيادت ، ھن پوڙھئَ ڌرتي جي مسڪين ماڻھن صدين جي شھنشاھيت کي ھٿوڙي جي ضربن سان ڊاھِي، پورھيتن جي عظيم رياست جو بنياد وڌو. اھو لينن ئي ھو جنھن مارڪسزم جي ھڪ وڏي خامئَ کي قومي آزادئَ جي تحريڪن جي حمايت ذريعي پورو ڪيو. انھئَ ڪري آءُ پورھيتن جي ھن نجات ڏياريندڙ کي سامراجي دور جو مارڪس چوڻ ۾ ڪو به حجاب محسوس نٿو ڪريان.دنيا ۾ جڏھن به غلام قومن جي ڳچين جا ڳٽ ٽٽندا ، جڏھن به مسڪين ماڻھن جي ھٿ سامراج شاھي جي نڙگھٽ تائين پھچندو،جڏھن به آزادئَ جي حريت جا ڪاروان اسٽين گنن سان جھنگل ۽ ٻيلن ۾ دشمنن تي وار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندا، جڏھن به گولين جي وسڪار ۾ پرجوش ھجومن جي واتن مان آزادي ۽ انقلاب جا نعرا بلند ٿيندا. انھئَ وقت اھڙن سڀني ماڻھن جي دلين ۽ دماغن ۾ روس جي ھن عظيم استاد جي ياد ، فڪر ۽ سوچ گرمي پيدا ڪندي رھندي. لينن جي قيادت ۾ روس اندر جيڪو انقلاب برپا ٿيو، ان جھڙو انقلاب تاريخ اڳي ڪڏھن به ڪونه ڏٺو ھو. آءُ اقرار ٿو ڪريان ته ڪميونسٽ مفڪرن مان لينن ئي آھي جنھن جي شخصيت ، سوچ ، دليل بازي ۽ وسيع نظري مون تي غير معمولي اثر ڇڏيو آھي . ھو ٽالسٽاءِ جي نظرين جو مخالف ھوندي به ان جي فنڪارانه عظمت کي روس جو لافاني سرمايو سڏي ، پوري يورپ ۽ آمريڪا کي چئلينج ٿو ڪري ته ڪو ٽالسٽاءِ ته پيدا ڪري ڏيکاري.ھن کي فرانس جي بندرگاھ تي گھمندي ، روسي ملاح ۽ بندرگاھون ياد ٿيون اچن . ھو دنيا جو عظيم انقلابي ۽ لافاني وطن پرست ھو. انھن ڳالھين جي باوجود اسان کي ڏسڻو ھي آھي ته جڏھن اسين پنھن جون انقلابي سرگرميون شروع ڪيون، تڏھن ، اھو ڏسون ته روس جون حالتون ڪھڙي نوعيت جون ھيون.حقيقت ھي آھي ته ڪامريڊ لينن جي اچڻ کان اڳ ۾ ( پلي خاذوف) ۽ جھڙا مدبر ۽ گورڪئَ پاراديب وسيع پيماني تي ڪميونزم جو پرچار ۽ پروپگنڊا ڪري رھيا ھئا. روس ڪنھن ڌارئي ملڪ جو غلام: زيردست ۽ محڪوم ڪونه ھو. روس ۾ صنعتي مزورن جو تعداد ھڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ھو ـ 1901ع ۾ انھن مزدورن پنھن جي حقن جي حاصلات لاءِ ھفتن جا ھفتا ھڙتالون ڪري ، بيشمار جاني قربانيون ڏنيون ھيون. 1905ع ۾ زار شاھِي جي غلط پاليسين ۽ جاگيردار روس جي سرمايه دار جاپان ھٿان، ذلت آميز شڪست جي رد عمل ۾ ٿيل تباھي کان مڇرجي مزورن ، شاگردن ، ھارين ۽ ڪاسين عظيم ۽ ناقابل فراموش قربانيون ڏئي، جمھوري انقلاب برپا ڪيو ھو. انھئَ انقلاب وقت لينن جي پارٽي جي عمر صرف 2 سال ھئي.1910ع تائين زار شاھي جي خلاف ھڙتالون ، بغاوتون ، مظاھرا ۽ چڪريون مسلسل ھلنديون رھيون. جن ۾ لکين عام ماڻھن ، مزورن ، ھارين ، شاگردن ۽ بيروزگارن حصو ورتو ۽ زار شاھي سان بھادرانه ٽڪر کاڌو. بيشمار قربانيون ڏنيون.انھن تحريڪن ۾ لينن جي پارٽئَ جو ڪونمايان يا قائدانه ڪردار ڪونه ھو. خود لينن انھن تحريڪن کي ( خودرو) تحريڪون سڏيو آھي. ۽ 1905ع واري انقلاب کي عظيم آڪٽوبر انقلاب جي ربھرسل ڪوٺيو اٿس . لينن جي پارٽي 1918ع وارين بغاوتن جي اڳواڻي جي اھل نه ٿي سگھي ھئي. پھرين مھاڀاري لڙائي 1914ع کان 1918ع روس کي تباھ ڪري ڇڏيو ھو. روس جو ڪافي علائقو جرمني جي قبضي ھيٺ ھليو ويو ھو. روسي فوجون بنان ھٿيارن ۽ راشن جي برباد ٿي ھر محاذ تان ڀڄي رھيون ھيون ۽ ھنن جي دلين ۾ زارشاھي جي خلاف مچ ٻرڻ شروع ٿيا ھئا. روسي عوام ۽ فوجون ڊگھي جنگ مان بيزار ٿي چڪا ھئا.ھنن کي امن ،آرام ۽ سڪون ، جي ضرورت ھئي. انھئَ ڪري ھنن جنگ جي مخالفت لينن جي حمايت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ھئي. جنھن جو اعتراف خود لينن به ڪيو آھي. 1917ع ۾ جمھوري انقلاب آيو، پر انھن انقلابين جنگ جاري رکڻ واري پاليسي جاري رکي ، انھئَ ڪري عوام انھن جمھوريت پسند انقلابين مان بيزار ٿي پيو 1917ع واري بورجوا جمھوري انقلاب وقت لينن ۽ سندس ساٿي سوئزر لينڊ ۾ خلاوطني جي زندگي گذاري رھيا ھئا. جتان ھو اسپيشل ٽرينن جي ذريعي روس پھتا ۽ ٿورن ئي مھينن ۾ بورجوا جمھوري انقلاب آڻيندڙن جو تختو اونڌو ڪري ، اقتدار وٺي، جنگ بندئَ جو اعلان ڪيو. لينن جي پارٽئَ روسي انقلاب لاءِ چوڏھن سال ڪم ڪيو ، جن ۾ نو سال ھو ڪنھن به تحريڪ جي قيادت ڪرڻ جي لائق بنجي نه سگھي ھئي. خوش قسمتئَ سان لينن کي بخارين ، ٽراٽسڪي ، اسٽالن ۽ ٻيا بھترين ساٿي ملي ويا، ان جي باوجود لينن جي پارٽي 1917ع تائين زار شاھئَ سان سنئون سڌو ٽڪر کائي ، اقتدار تي قبضو ڪرڻ واري پوزيشن اختيار ڪري نه سگھي ھئي.روس جي موجوده برسر اقتدار پارٽي 1903ع ۾ وجود منجھ آئي ، ان کان ڪافي عرصو اڳ زار شاھئَ کي ختم ڪرڻ لاءِ دھشت پسندن جون سرگرميون عروج تي پھتل ھيون. ايتري قدر جو لينن جي ڀاءُ زار کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،جنھن جي نتيجي ۾ کيس ڦاھي ڏني ويئي . حقيقت ۾ اھوئي واقعو ھو جنھن لينن کي سياست جي ميدان ۾ آندو.انھئَ ڪري آءُ اھو چوڻ تي مجبور آھيان ته لينن جي تحريڪ لاءِ روس جي سرزمين انتھائي زرخيز بنجي چڪي ھئي. پوءِ به ھو آخري عمر تائين پارٽي کي ڌڙي بندي ۽ گروھ سياست کان پاڪ ڪري نه سگھيو. اھوئي سبب ھو جو سندس اک بند ٿيڻ شرط گروھي سياست جي ڌڙي بندي پوري شدت سان اڀري آيون، جنھن جي نتيجي ۾ زار شاھِي خلاف ھلندڙ گوليون ، بھترين ڪميونسٽ ورڪرن ۽ ليڊرن جي ڇاتين ۾ سوراخ ڪرڻ لڳيون.

اسٽالن جو دور انھن ماڻھن لاءِ قيامت کان گھٽ ڪونه ھو، جن بندوق ۽ قلم ذريعي زار شاھِي ۽ ان جي دلالن سرمائيدارن ، جاگيردارن ۽ زميدارن کي ختم ڪرڻ لاءِ بي لوث ڪوششون ڪيون ھيون. اھڙن ماڻھن کي موت جي اونداھي غار ۾ اڇلايو ويو. جن کي ھزارھا سالن جي جستجو کانپوءِ زندگئَ پنھن جي ڀاڪر ۾ ورتو ھو.
بھرحال لينن جي ڪاميابي لاءِ روس جون حالتون نھايت ئي سازگار ھيون. خود لينن به ان حقيقت جو کليل دل ۽ دماغ سان اقرار ۽ اعتراف ڪيو آھي ته جيڪڏھن جنگ عظيم جون پيدا ڪيل حالتون نه ھجن ھا ۽ جنگ جي نتيجي ۾ فوج ۾ وسيع پيماني تي انشار ، گڙٻڙ ، پريشاني ، مايوسي ، ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري پيدا نه ٿئي ھا، ته روس ۾ اسان جي اميدن جي برخلاف ايترو تڪڙو انقلاب نه اچي ھا، ۽ اسانکي جرمنن وانگر انتظار ڪرڻو پوي ھا. نه معلوم اڳتي ھلي صورتحال ڪھڙو رُخ اختيار ڪري ھا.

مٿي ذڪر ڪيل ليڊرن جي ڪاميابين ۾ حالتن جي سازگاريءَ ۽ سياسي ماحول جي تيارءَ جي فڪر سان گڏ ، آءُ مناسب ٿو سمجھان ته ھن دور جي ھڪ وطن پرست ، انقلابي ۽ قومي حريت جي لافاني شھيد شيخ مجيب الرحمان جو ذڪر به سندس سياسي ماحول جي پس منظر ۾ ڪريان.

4. مجيب الرحمان:

جنھن رستي ۽ راھ تي پنھن جي قوم ۽ وطن کي غيرملڪي آقائن جي غلامئَ واري پنجوڙن مان آزادي ڏياري ، سو واقعي ھن صدئَ جو بي مثال ڪارنامو آھي. ۽ جيسيتائين بنگال جي سرزمين تي سون ورنا سنگ، ٿڌڙين چانڊوڪين ۾ ناڇ ڪندا رھندا . جيسيتائين پوڙھي گنگا جي سنيي تي ، ڪنھن مانجھي جو ونجھ آزادئَ سان ھم آغوش ٿيڻ لاءِ لھرون پيدا ڪندو رھندو. جيسيتائين سونار بنگله جي ڌرتي دنيا جي نقشي تي ، انقلاب جي خنجر وانگر نمايان بيٺي ھوندي. جيسيتائين ڌرتئَ جي ڪنھن ڌڃياڻئَ جي چپن تي پيا ملن جي آس ڌڙپندي رھندي ، ان وقت تائين بنگال جي ڌرتئَ جي فضائن ۾ مجيب جي آتش نوائي جا شھباز اڏامندا رھندا، وطن سان عشق جا ٻول ۽ نعرا آسمان جي وسعتن ۾ انڊلٺي ريکائون پيدا ڪندا رھندا، بھادرئَ ۽ دليرئَ جا جذبا وطن جي ويرئَ تي ڪنھن گوريلي جي گولي جي روپ ۾ ڪڙڪندا رھندا ۽ مجيب کي ھن ننڍي کنڊ جي تاريخ مان جنھن به ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ، سو خود تاريخي وھڪرن ۾ پنھن جو خسيس ، ڪين جھڙو ۽ ذليل وجود وڃائي رھندو.ان سڀ جي باوجود ڇا بنگال جي سرزمين مجيب کي سياسي قبرستان جي صورت ۾ ملي ھئي ؟ ڇا اتي جي عوام جي دلين تي اھڙيون مذھبي مھرون لڳل ھيون، جو انھن تي وطن دوستي،قومپرستي ، آزادي ۽ انقلاب جي ڪنھن به نعري اثرنه ٿي ڏيکاريو؟ ڇا بنگال جو انسال پنھن جي سرزمين ۽ ان ۾ پنھن جي تاريخي حيثيت کي وساري قناعت ڪري ويھي رھيو ھو؟ نه ھر گز نه !!!
حقيقت ھي آھي ته بنگال ۾ وطن پرست آزادئَ جي تحريڪ سراج الدوله جي شھادت کان ئي شروع ٿي چڪي ھئي، جيڪا سن 1957ع کان سن 1971ع تائين لڳاتار ھلندي پي آئي. مجيب الرحمان انھئَ تحريڪ جو آخري باب ھو. جتان بنگال جي تاريخ اھڙو رستو اختيار ڪيو آھي ، جيڪو عظيم الشان بين الاقواميت جي تخليق ۽ تعمير ڏانھن وڃي ٿو.سراج الدوله جي شھادت کان تيرھن سال پوءِ سن 1970ع ۾ بنگال ۾ آزادي جي قوم پرست تحريڪ شروع ٿي، انھئَ تحريڪ جا مرڪز رنگ پور،مدناپور،بير ڀوم ۽ بيشن پور ھئا. اھا تحريڪ جنھن جي اڳواڻي ھڪ الله لوڪ فقير مجون شاھ پئي ڪئي. سان 1790ع تائين پورا ويھ ورھ ھلي. انھئَ تحريڪ کي انگريزن بي پناھ جبر ۽ تشدد ڪري دٻائي ۽ پنھن جي خيال ۾ ختم ڪري ڇڏيو. ليڪن اھا انگريزن جي ڀل ھئي ، انھئَ تحريڪ جي وقتي طور دٻجي وڃڻ کان 62 سال پوءِ 1813ع ۾ بنگال اندر سيد ڪامران شاھ ۽ سندس پٽ ٽيپوءَ جي قيادت ۾ قومپرستي ۽ آزادئَ جي ھڪ شاندار تحريڪ شروع ٿي. انھئَ تحريڪ ۽ بغاوت جو ھيڊ ڪواٽر ميمڻ سنگھ ضلع ھو.اھا تحريڪ 1833ع تائين ويھ ورھ ھلي. ساڳئي وقت عظيم بنگالي قوم پرست نثار علي عرف ٽيپو مير جي قيادت ۾ انگريزن ۽ سندن ديسي دلالن جي خلاف ڇاپامار جنگ شروع ٿي، جنھن ۾ بيشمار سياسي ، اخلاقي ۽ سماجي ڪاميابيون حاصل ڪيون. ٽيپو مير انگريزن جي خلاف وڙھندي ، ڪلڪتي ويجھو شھيد ٿي ويو، پر بنگال ۾ گوريلا جنگ جو ٻج مڪمل طر ح ڇٽي ويو. جنھن نسخي تي 1831ع کان 1862ع تائين ٻن عظيم بنگالي وطن پرستن سريعت الله ۽ سندس پٽ دودا ميان عمل ڪيو. انھن جي تحريڪ بغاوت جي گيت وانگر جھر جھنگ ۾ پکڙجي بنگالي عوام کي آزادي جي راھ تي لائي ڇڏيو.مطلب ته بنگال جي سرزمين تي مجيب جي پيدائش کان اڳ ۾ جيڪي بغاوتن جا سلا اُڀرندا رھيا، آزادي ۽ انقلاب جا گونچ ڦٽندا رھيا. خود مختياري ۽ قومي غيرت جا جيڪي طوفان لڳندا رھيا، تن بنگال ديش جي سرزمين کي تنور وانگر ھميشه گرم پئي رکيو.بنگال جي ڌرتئَ جي ٻنئَ جي ٻاري ٻاري ۾ آزادي جا انگور نڪرندا رھيا ، بنگال جي سون ورني ڌرتي مان اناج بجاءِ غاصبن کا تباھ ڪرڻ لاءِ بارود پيدا ٿيندو رھيو. بنگال جي شاعر جي قلم مان نڪتل گيت ، ديس واسين جي دائمي زندگي ۽ غاصبين لاءِ موت جي ملائڪ جا ٻول ثابت ٿيندو رھيو. بنگال جي نارئَ ، پنجاپڻ عورت وانگر ھر دور ۾ ڪوئي عبدالرب ، ڪوئي طفيل ، ڪوئي منان ۽ ڪنھن موتيا چوڌري کي جنم ڪونه ڏيندي رھي آھي .ھي اھا ڌرتي آھي جتان وائسرائن،گورنرن ، وزيرن ۽ انھن جي دلالن تي بم اُڇلائيدا ھئا ۽ انھي ڌرتي جي ھڪ گلاب جي پنکڙي جھڙي نارئَ جو ھي جملو ، اڄ جي انقلابي تاريخ جو نعرو بنجي چڪو آھي ته :

” انقلابي گولي بندوقن سان نه پر دل سان ھلائي ويندي آھي.“

ھتي آءُ قاھره ريڊيو جا لفظ دھرائڻ مناسب سمجھان ٿو ته :
” بنگال تان گولي ۽ باھ جي جنگ ڪلائيو کان يحيٰ تائين ھڪ ڏينھن لاءِ به ختم ڪا نه ٿي آھي.“ انھئَ کان سواءِ بنگال جي سرزمين تعليم ۾ موجوده پاڪستان ۾ تمام گھڻو اڳتي وڌيل ھئي. بنگال زبان جي مسئلي تي قُربانيون ڏنيون، وطن دوستي ۽ قومپرستئَ جي واٽ تي ڪافي اڳتي وڌي چڪو ھو. بنگالي قومپرستئَ کي حسين شھيد سھروردي ۽ فضل الحق ڪافي اڳتي وڌايو ھو. انقلابي سياست ھلائڻ وارن سياستدانن، پروفيسر مظفر ، ڀاشاني ، ( پنھن جي موقع پرستي ۽ چين نوازي جي باوجود) عطاءُ الرحمان ۽ ٻين پنھن جي پنھن جي حد تائين بنگال جي قومي بيداري ۾ حصو ورتو ھو، شيخ مجيب الرحمان جي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ، مقبول بنائڻ ، عوام تائين پھچائڻ ۾ ھن سان ڪيترائي بھترين دماغ ، يونيورسٽين جا پروفيسر ، اقتصاديات جا ماھر ، رٽائر فوجي ، سول آفيسر ، اخبار جا ايڊيٽر شامل ھئا. وچولي ڪلاس جي مالي مدد،اخبارن جي حمايت . اھي سڀ اھڙيون شيون ھيون، جن مجيب الرحمان جي تحريڪ جي ڪاميابئَ ۾ اھم حصو ادا ڪيو آھي. انھن سڀني شين جي مدد، اخبارن جي مدد، تعاون ، حمايت ، پٺڀرائي ۽ سھڪار سان شيخ مجيب الرحمان ، بنگال جي سر زمين کي ڌارين جي تسلط ڪنٽرول ۽ قبضي کان آزاد ڪرايو ۽ بنگال جي بھادر عوام پنھن جي دلير ليڊر جي قيادت ۾ اعتماد ڪندي، انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي قرباني ڏئي، ايشيا جي خونخوار فوجي ٽولي کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو. دنيا ڇا به چوي ، پر بنگال جي آزادي ھن دور جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آھي ۽ ان ڪاميابي لاءِ شيخ مجيب الرحمان جي قيادت وڏو ۽ اھم ھٿيار ثابت ٿي آھي. ان سڀ جي باوجود بنگال جي سر زمين شيخ مجيب الرحمان کي سياسي قبرستان جي صورت ۾ ڪونه ملي ھئي.مجيب جي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ بنگال جا فرزندبا رھا ، پنھن جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ رت جو نذرانو ڏئي چڪا ھئا. بنگال جي گھٽي گھٽي مان قوم پرستئَ جي گيتن جي گونجار اچي رھي ھئي. آزادي جا ورلاپ اڀري رھيا ھئا . انقلاب جون آسون ڪر موڙي رھيون ھيون. ظلم جي جبر جي ديو خلاف . پدما جي مانجھين جي ونجھن مان احتجاجي آواز اڀري رھيا ھئا. بنگال جي مظلوم انسان ھٺ ، ۽ ظلم جو ڪنڌ مروٽي ڀڃڻ لاءِ اُڀو ٿي چڪو ھو. ظلم جي ايوانن جي ڪنگرن کي وڪوڙڻ لاءِ آزادئَ پسند انسانن جي دلين مان آزادئَ جون ڄڀيون نڪري رھيون ھيون. مجيب ، انھئَ گونج ، ورلاپ ، آس ، احتجاج ۽ آڳ کي تيز ۽ مضبوط بنايو. متحد ۽ منظم ڪيو.وسيع کان وسيع تر بنايو ۽ ان کي بنگال جي ٻار ٻچي،ٻڍي ، جوان ، مرد ، عورت ،فنڪار ۽ تخليق ڪار تائين ايمانداري ، جدوجھد، جفاڪشي ۽ محنت سان پھچايو ۽ پنھن جي وجود کي آزادي جي آڳ ۾ اڇلائي ڇڏيو.


جي ـ ايم ـ سيد :

ھاڻ اسان کي ڏسڻو آھي ته جي ـ ايم ـ سيد کي پنھن جي انقلابي نظريي جي تبليغ لاءِ جيڪو ميدان مليو ان ۾ ڇا ھو.
سنڌ سياسي قبرستان ھو . سنڌ جو وچولو طبقو جيڪو پورو ھندن تي مشتمل ھو سو سنڌ ڇڏي ويو. مذھبي مجنونن ، جاھل ، وحشي خونخوار ،بد تھذيب انبوھ ۽ ھجوم پئسي جي لالچ ۽ لوڀ ،ھٻڇ جا راڪاس بنجي ، آدم بو آدم بو ڪندا ، سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا ھئا. سالن جي پراڻن سري کاڌل ،مدي خارج نظرين جي بنياد تي ھر ترقي پسند نظريي ۽ عوام دوست سوچ ۽ آزاد پسند خيال کي مڏي ڪاتي سان ڪٺو پئي ويو.سنڌي قوم جيڪا صدين کان قبائلي طرز ـ زندگي جي ھيراڪ ھئي ، تنھن ۾ نه علم ھو نه وري سياسي شعور ، نه تنظيمي ولولو ھو ۽ نه وري تحريڪ شروع ڪرڻ جو ڪو اُتم جذبو. سنڌي عوام جيڪو صدين کان مختلف سامراجي قوتن سان وڙھندو پئي آيو، تنھن جيئن ئي ميرن جي شڪست کان پوءِ اجتماعي طرح ھٿيار ڦٽا ڪيا، سي وري واپس کڻڻ کان جھڙو قسم کڻي ڇڏيو ھو. نون حاڪمن جي نون زوپن ،نون روعبن ۽ نون دٻدٻن، سنڌي وڏيرن جي چاپلوسي ، حاڪمن جي دلالئَ ، سنڌ کي مڪمل غلام خطي جي صورت ڏيئي ڇڏي. سڀني پريسن،نشرياتي ادارن ، تعليم گاھن ۽ اخبارن تي وطن جي ويرين جو قبضو ٿي ويو. سنڌ جي شھرن تي پوري ريت ھندستان مان ڀڄي آيل ماڻھن جو ڪنٽرول ٿي چڪو ھو. آفيسن ۾ پٽيوالي کان چيف سيڪريٽري تائين غير سنڌين جو تسلط .واپارين ۾ گاڏي واري کان وٺي درآمد برآمد جي ڏيتي ليتي ڪندڙ تائين غلبو ـ سنڌي قوم پرست عوام جي اڪثريت ھندستان ھلي ويئي . سنڌ ۾ ڪا به ترقي پسند تحريڪ موجود ڪا نه ھئي. ھڪڙي ھاري ڪميٽي ھئي ، جيڪا ھارين کان درخواستون وصول ڪرڻ تائين محدود ھئي.شھيد الله بخش ۽ عبدالله سنڌي رحه جا ڳاڻ ڳڻيا پوءِ لڳ ھئا ، جيڪي يا ته ھمت ھاري ماٺ ڪري ويھي رھيا ھئا. يا جي ايم سيد سان پراڻي مخالفت جي بنياد تي کيس لوئڻ ۾ مصروف ھئا. سنڌ ۾ صنعتي مزورن جي تحريڪ ته ٺھيو پر ڪو سنڌي مزور ئي ڪونه ھو.ادب ، ثقافت ، نشرواشاعت جي ميدان منجھ خال پئجي ويو ھو. پوري سنڌ ۾ ھڪ روزانه اخبار ۽ ڪجھ چيٿرن جي صورت ۾ نڪرندڙ ھفتيوار اخبارون ھيون. جن ۾ پراڻا ٽوٽڪا ، ڪنھن وزيرن جو ڦوٽو ۽ ھڪ اڌ ٽينڊر نوٽس ھوندو ھو. تمام ترقي پسند نظرين ۽ تنظيمن تي پرڏيھي مڪارن ۽ فريب ڪارن قبضو ڪري ورتو ھو ، ۽ سنڌي ترقي پسند نوجوانن نون آيل ڪميونسٽن جي ” جي حضوري“ ۾ پورا ھئا.حر تحريڪ کي ختم ٿئي عرصو ٿي چڪو ھو . انھئَ تحريڪ جو ذاتي بنيادن ۽ سببن ڪري انگريزن سان ٽڪر ضرور ھو ، پر ان جي سياسي ۽ سماجي رخ ۾ اھڙي ڪا به ڳالھ ڪانه ھئي ، جنھن تي سنڌ ۾ جديد قومي تحريڪ ھلائي وڃي ھا.سنڌي مسلمان حيران پنھنجي مستقبل کان بيپرواھ ، زندگئَ جو گاڏو ريڙھيندو رھيو. ھن کي نئين حڪومت ۽ ان جي بندوبست سان ڪابه دلچسپي ڪانه ھئي ۽ نه وري اھو فڪر ھوس ته نئين ٺھيل ملڪ ۽ انجي سياست ، سندس مستقبل لاءِ ڪھڙا نتيجا پيدا ڪندي. حقيقت ۾ ان وقت جي سنڌ ، ھڪ سياسي رِڻ پٽ ۽ رُڃ ھئي. ڪٿي به ڪو آواز نه ھو. نون آيل حاڪمن جي حڪمت عملين ، چالاڪين ۽ مڪارين خلاف ڪابه للڪار ڪانه ھئي.
ملڪي سياست عوام جي ذھنن تي ، آفيم جو اثر ڪري چڪي ھئي ۽ ان سياست جي خلاف آواز اٿارڻ معنيٰ پنھنجو پاڻ کي مذھبي مجنونن جي سنگسارئَ لاءِ پيش ڪرڻ . ھر طرف زنده باد جي للڪار ھئي ، اسلام زنده باد جي گونج ھئي ۽ اسلام اسلام جو روشو ھو. سنڌي ماڻھو سوچڻ سمجھڻ بنان ان شور ۾ وائڙن وانگر شامل ٿي ويو ھو . شاگردن کي نوڪرين جو آسرو ھو، آفيسرن کي ترقين جي آس لڳل ھئي.واپارين کي واپار جي واڌاري جي اميد ھئي، شھرين کي ھندن جون جايون ملڻ جي تمنا ھئي . ھارين کي واڻين جي ڇڏيل زمينن وٺڻ جي خواھش ھئي. مولوين کي اسلامي نظام قائم ٿيڻ جو ڀروسو ھو، اخبار وارن کي نئين ملڪ ۾ پنھنجو ڪاروبار چمڪائڻ جي ڌن لڳل ھئي . صحافين کي فائدا ملڻ جي پڪ ، وڏيرن کي ڪرسين ملڻ جي پڪ ھئي ۽ پاڪستان جا حاڪم رنگ ۽ نور ۾ مدھوش.مطلب ته پورو ملڪ آسن ، اميدن ، خواھشن ، تمنائن ، ڀروسن ، يقينن ۽ جشنن جو گلستان بنيو پيو ھو. اھڙي وقت ۾ صرف ھڪڙو ماڻھو ھيو، جنھن جون اکيون سنڌ جي مستقبل تي روئي رھيون ھيون. ھڪڙو فرد ھو جنھن جي دل ۾ سنڌي عوام جي حالت تي پريشانئَ جا وڍ ھئا. ھڪڙو انسان ھو جنھن جي دماغ ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ ،واقعن ۽ حادثن جي خلاف مچ ٻري رھيا ھئا. پر ھو اڪيلو ھو ھن وٽ پارٽي نه ھئي، دولت جي فرواني نه ھئي . ھن سان صرف سوچيندڙ دماغ ، بھادر دل ۽ بيباڪ قلم ھو. ھن جي تحريڪ جي تياري ۽ انجي بنيادن کي مضبوط بنائڻ لاءِ ڪڙ سن بات سن نه ھو، ڪائي 4 مئي جي تحريڪ نه ھئي، ڪائي نوجوانن جي اصلاحي تحريڪ نه ھئي، ڪائي سن 1901ع جي بغاوت نه ھئي، ڪو به سن 1905ع وارو انقلاب نه ھو، ڪوئي گورڪي جھڙو اديب نه ھو، ڪابه باڪسر بغاوت ڪانه ھئي ، ڪائي ھارين جي مسلح جدوجھد ڪانه ھئي ، ھن جي تحريڪ جي شروعات ڪندڙ ڪوئي گوڪلي ، تلڪ ، سي ـ آر ـ راس ۽ آزاد نه ھو. ڪو ئي موتي لال نھرو نه ھو. جيڪو پارٽئَ جي لاءِ پنھنجو شاندار محلات وقف ڪري. ڪوئي ڏاڏا ۽ برلا مدد لاءِ ڪونه ھو. اخبارن ۽ نشرياتي ادارن جي حمايت ۽ مدد نه ھئي ، ڪو به ٽيگور ، نذرالسلام ،سھر وردي ۽ فضل الحق ڪو نه ھو. ھو اڪيلو ھو، تن تنھا ائين محسوس ٿي رھيو ھو ته جيئن ڪوئي اجنبي آبائي رستن تان گذري رھيو ھجي ۽ ڪو به ماڻھو ان کي ٻڌڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ تيار نه ھجي . چوڌاري رڃ ۽ رائو ، ڏکيا ڏونگر ، واٽن تي واري ، جبلن جون جاڙون، ڪيترا ڪيھر ٻيلائي ، رڇن جون رانڀاڙون ، بگھڙن ، گدڙن ۽ ڀولڙن جون اوناوئين، ڪيترا مِرُون ماس پٽڻ لاءِ آڌا. نه ملڪ ۾ ڪوئي ڀڻڪو ڀليرو نه وري ڪنھن ڳڀري جو ڳڙڪو . چوڌاري ڪاريھرن جا ڪر ، لنڊين جون لوڌون ۽ راڄ مٿان راڪاسن جا گھيرا ، اھڙي ماحول ۾ ، اھو اڪيلو انسان ھو جي ايم سيد …
انھئَ ماحول ۾ ھن عزم جي پڪي ۽ باحوصلي انسان ھمت نه ھاري ، الٽو ملڪي ۽ بين الااقوامي حالتن جو جائزو وٺي ، پنھنجي ڌرتي ۽ انجي معصوم ، پر اٻوجھ عوام جي شاندار مستقبل لاءِ جدوجھد شروع ڪئي . آءُ ان وقت جي ماحول ۾ سيد جي آزادي تي سوچيندو آھيان ته مون کي ائين محسوس ٿيندو آھي ته مھاراجا ڏاھر جي حب الوطني ، دودي سومري جي بي مثال دليري ، ڄام نظام الدين جي ديانت ۽ شرافت ، دولھ دريا خان جي سورھيائي ۽ دانائي ، مخدوم بلاول جي ھمت ۽ حوصلو ، شاھ حيدر جي شاندار قومي غيرت ، شاھ عنايت شھيد جي باھمت تصوف وارا جذبا ۽ سنڌ جي بيشمار بھادرن ، دليرن ۽ سنڌ کي سر ڏيندڙ جي قوم پرستئَ جا حوصلا جيڪي صدين کان سنڌ جي فضائن ۾ کڙيل تارن وانگر ڀٽڪي رھيا ، تن کي سيد جي روپ ۾ ھڪ پيڪر جسم ملي ويو ۽ ھنن سيد جي ذھن ، ضمير ، دل ۽ دماغ ۾ بسيرو ڪري ڇڏيو.جن کي لطيف جي شاعري زنده جاويد ، تازو ، توانو ۽ امنگن سان ڀرپور بنائي ڇڏيو.اڄ سنڌ جي گھٽئَ گھٽئَ ۾ ڪنھن انوکي گيت جي جيڪا گونجار آھي ، شھر شھر ۾ ڪوئي الستي آواز ڪر موڙي اٿي رھيو آھي . سنڌ جي فضائن ۾ وطن دوستئَ جي انڊ لٺ جون جيڪي ريکائون پکڙيل نظر اچن ٿيون . ڪراچي جي بندر کان وٺي بمبئي تائين قومپرستئَ جي موسيقئَ جون جيڪي لھرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون . اڄ جيڪي آزادئَ جا ڪوڏيا زنجير جي آواز تي قيد جي ديوارن کي زندگئَ زنده دلي بخشي رھيا آھن.۽ پاڪستا نجي وزيراعظم کان قومي اسيمبلئَ جي ايوان کان وٺي ڪئناڊا جي ھوائي اڏي تائين سنڌ جي متعلق جيڪا سوالن جي بوڇاڙ ٿي رھي آھي.اھو سڀ ڪجھ ھن ئي انسان جي ڪوشش ۽ ڪاوش جو نتيجو آھي ۽ سندس ئي سڏ جو پڙاڏو آھي ۽ اڄ پوري پاڪستان ۾ اھو ئي انسان آھي ، جنھن جي چپن جي جنبش سان چوڌاري للڪارون ٿي وڃن ٿيون ۽ ايوانن ۾ زلزلا پئجي وڃن ٿا. سيد کي مائو ۽ لينن جي مقابلي ۾ آڻڻ وارا پھرين انھئَ ماحول کي نظر ۾ رکن جيڪو سيد کي مليو .
ڪاش ! مائو ، لينن ، گانڌي ۽ مجيب کي به اھڙو ماحول ملي ھا ، جيڪو سيد کي مليو . سيد کي اھڙي فضا ملي ھئي ، جنھن ۾ ڳالھائڻ ائين ئي ھو جيئن قبرستان ۾ ٻانگ ڏيڻ ، پر سيد انھئَ سياسي قبرستان کي پرجھش ھجومن جي نعرن جي آماجگاھ بنائي ڇڏيو آھي. اھو سيد جو ڪمال آھي ۽ ٻيو ڪو ماڻھو شايد ئي ايترو ڪجھ ڪري سگھي….

ڪتاب: جي ايم سيد
ليکڪ: محترم عبدالواحد آريسر
پيج نمبر 163 کان 182
پوسٽ: سپهه سالار

 
Leave a comment

Posted by on August 7, 2011 in Mixed

 

Body Language


We start forming impressions of people we meet from the moment we set eyes on them. A large part of the initial impression that you create comes from your body language. Your posture, facial expression, eye contact, and gestures speak louder than the words you say. We all interpret body language all the time on a subconscious level.

1. Face

The face is the most expressive part of the body. If you are feeling anxious then your facial expression may lead you to appear aloof, disapproving, or disinterested. You can break this misrepresentation by making a conscious effort to smile. Your smile is one of the strongest tools you have in meeting new people. It will help you appear warm, open, friendly, and confident.

2. Eyes

Our eyes give clues to our emotions. A direct stare implies intensity. It may also mean romantic interest, aggression, or fear. Making very little eye contact can either convey shyness or submissiveness. The middle ground of a gaze says that you are interested, secure, and at ease.

3. Hands

Your hands are also very expressive. Open gestures tend to make you appear open and honest. By pointing your finger, or moving your hands closer together, you can draw emphasis to what you are saying. Used in moderation, hand gestures can make you seem enthusiastic and committed to your topic. Making too many gestures can make you appear nervous and uncontrolled. Wringing your hands or touching your sleeves, face, etc. can make you appear tense, nervous, and sometimes dishonest.

4. Posture

The way you hold yourself, your posture, makes a big contribution to your body language and conveys your level of self-confidence. By orienting your body towards someone, you show attentiveness. By falling away from them or leaning back, you show a lack of interest and some level of reserve. When we are feeling low in confidence and want to hide away, we hunch our shoulders and keep our heads down. When we are feeling aggressive or are trying to defend our space, we puff ourselves up. A relaxed body posture will help you to appear and feel more relaxed and confident.

Your posture gives signals about your interest in something, your openness, and attentiveness. It also gives clues as to your status within a group.

In summary, our face, eyes, hands (gestures), and posture express what is going on inside of us. They give clues to others and to us as to whether the words we say are consistent with what we are really feeling. Being aware of our body language can allow us to send a consistent message. Smiling, making eye contact, using open gestures, and using good posture can bring up our level of self confidence.

 
Leave a comment

Posted by on July 28, 2011 in Mixed