تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
(استاد بخاري)

تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
ڇو تہ هر تير لڳو ٺيڪ، گٿو ڪو ڪونهي.
عشق جي آڳ ڪچهري کي بنايو آوي
جو هتي آ سو پڪو آهي ڪچو ڪو ڪونهي
سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي
ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي.
ڪو ڳري پيو، ڪو ٻري پيو، ڪو ڪري پيو آهون
تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي.
عشق جو آند نڪو پاند ٻڌون ٿا استاد
سونهن جي ذات نہ ڪا پات پتو ڪو ڪونهي.
Advertisements