RSS

سنڌ کي انارڪيءَ کان بچائڻ جي ضرورت! – جامي چانڊيو

02 May
سنڌ کي انارڪيءَ کان بچائڻ جي ضرورت!
(جامي چانڊيو) 

jami_Chandio2

عوام جو شعور جڏهن سياسي عمل يا ڌارا ۾ سموئجي، تبديليءَ جو ذريعو نه بڻجي سگهندو آهي يا عوام کي رياست ۽ سياست مان اتساهه ناهي ملندو يا گهربل نتيجن جي اميد ناهي هوندي ته پوءِ سماج انارڪيءَ يعني نراجيت جي ڌٻڻ ۾ ڪِرڻ لڳندا آهن. موجوده سنڌي سماج جي ڪيفيت به ڪجهه اهڙي نظر پئي اچي ۽ ان تي نه رڳو سنجيدگيءَ سان غور ڪري ان جي پرک ۽ پروڙ ڪرڻ جي گهرج آهي پر ان لاءِ گهڻ طرفي حڪمت عملي پڻ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ مان ٽن نقطن تي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهران ٿو ته جيئن سنڌي سماج کي انارڪيءَ جي وَبا کان بچائي سگهجي. اهي ٽي اهم اشو يا نقطا هيٺين ريت آهن:

(1) هنن چونڊن ۾ ماڻهن ۾ ڪو وڏو اتساهه نظر نه ٿو اچي، سياسي پارٽين به عوامي سطح تي ڪا وڏي مهم نه هلائي آهي ته ان جا پنهنجا سبب آهن پر اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌي عوام ۾ هن ڀيري ڪو وڏو جوش، اتساهه يا تحرڪ نظر نه ٿو اچي. ان جو سبب اهو آهي جو ڪجهه قومپرست، وطن دوست ۽ عوام دوست اميدوارن کي ڇڏي باقي مجموعي طور پارلياماني پارٽين طرفان اهو ئي طبقو چونڊن ۾ بيٺو آهي،

جيڪو عوام لاءِ سياسي ڄئورن جيان هميشه ۽ نسل در نسل رَتَ پياڪ رهيو آهي. ڪرسي پرست ڀوتار ۽ روايتي سياستدان ڪنهن به سياسي ڌر جو هجي، عوام لاءِ ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. واري واري سان سڀني عوام ۽ سنڌ جو سياسي، معاشي ۽ جذباتي رت پيتو آهي. پ پ پ گذريل پنج سال سنڌ تي بدترين حڪمرانيءَ ۽ عوام سان ويساهه گهاتيءَ ذريعي جيڪي عقوبتون ۽ جُٺيون ڪيون، اهي ماڻهو هنن چونڊن ۾ ڪيئن ٿا وساري سگهن؟ عوام جو اهو ردِ عمل شايد تاريخي صورت ۾ اُڀري سامهون اچي ها، جيڪڏهن عوام کي ڪو فضيلت ڀريو متبادل ملي ها پر ماڻهو ڪيڏانهن وڃن؟ هڪ پاسي ’پيٽ پرستي‘ آهي ته ٻئي پاسي 21 هين صديءَ ۾ به ’پير پرستي‘ آهي. قومپرست سياست جو ٿرڊ آپشن پ پ پ مخالف اتحاد ۾ گم ٿي ويو. ان سموري صورتحال جو هڪ منفي نتيجو اهو سامهون اچي سگهي ٿو ته ماڻهو يا ته ڪو وڌيڪ بهتر متبادل نه هئڻ ڪري مجموعي طور وري به پ پ پ کي ئي اڪثريتي مينڊيٽ ڏين، جيڪو سنڌ جي تباهيءَ جو حتمي پروانو هوندو، ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ پ پ پ قيادت وڏي واڪي چوندي ته عوام ته ساڻن گڏ آهي ۽ پ پ پ جي فيصلن ۽ پاليسين خلاف گوڙ رڳو چند دانشور يا گروهه ٿا ڪن. مان سمجهان ٿو ته گذريل پنج سال پ پ پ سنڌ کي ظالم زميندار جيئن نڌڻڪي هاريءَ طور هلايو ۽ سنڌ سان جيڪي بدترين ويساهه گهاتيون ڪيون، جي وري به هن ڀيري ان کي اڪثريتي مينڊيٽ مليو ته ان جون ايندڙ دور ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڏسڻ وٽان هونديون، ڇاڪاڻ ته پوءِ ته هو نئين مينڊيٽ کي هر ناجائز ۽ سنڌ دشمن فيصلي جي جواز طور پيش ڪندا. هن ڀيري ٻيو نه ته به گهٽ ۾ گهٽ ٻن قسمن جي اميدوارن کي مثالي سيکت ملڻ گهرجي. هڪ اُهي، جن وڏي واڪي سنڌ دشمن ٻِٽي مڪاني نظام جي کُليل حمايت ڪئي، مشرف دور ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪيون ۽ سنڌ جي عوام جي هيانءُ تي مُڱَ ڏريا ۽ ٻيا اُهي، جن بدترين ڪرپشن ڪئي ۽ کين مليل مينڊيٽ کي رڳو ناجائز ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو. انهن ماڻهن کي چونڊن ۾ مليل سيکت علامتي هوندي ۽ ايندڙ حڪومت تي ان جو وڏو اثر پوندو. متحده ته هينئر ئي چئي چڪي آهي ته ايندڙ وڏو وزير سندن پارٽيءَ جو هوندو. ظاهر آهي ته ان لاءِ هو ڪنهن به ڊمي سنڌي ڳالهائيندڙ وڏي وزير کي ويهاري ڇڏيندا، پر اهو فقط تڏهن ٿيندو، جڏهن ساڻن اتحاد ڪندڙ ڌر يا ڌريون ان ۾ سندن ساٿ ڏينديون. متحده جي ان بار بار ڪيل اعلان باوجود اڃا تائين نه ته پ پ پ ڪا وضاحت ڪئي آهي ۽ نه وري ڏهه جماعتي اتحاد پڌرو ڪيو آهي ته هو ان بنياد تي ڪڏهن به متحده سان اتحاد نه ڪندا. گهڻا امڪان ان ڳالهه جا آهن ته جيڪڏهن پ پ پ کي هڪ دفعو وري متحده سان حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته سندن اهو خواب اها ئي پورو ڪندي. ان ڏس ۾ مان بار بار اها ڳالهه لکي چڪو آهيان ته عوام کي جتي بهتر اميدوار ملي، هو ان کي هر صورت ۾ ووٽ ڏين، جتي سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪندڙ ۽ ثابت ٿيل سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن اميدوار هجن، انهن کي هارائڻ ۾ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو وڃي ۽ جتي اهي ٻئي حالتون نه هجن، اتي ماڻهو جنهن کي به ووٽ ڏين، اهو ذاتي، خانداني، جذباتي، عقيدي جي بنياد تي نه پر ڪردار، سوچ، سندن ماضيءَ، اڳتي لاءِ پروگرام ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته قومي بنيادن تي ۽ مشروط ووٽ ڏين، پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته عوام جي چونڊن جي عمل کان لاتعلقي سنڌ، عوام، جمهوريت بجاءِ اسٽيٽسڪو کي فائدو ڏيندي، جنهن ۾ ئي عوام جي ويري طبقن جي سياسي بقا آهي. سنڌي عوام ۾ انارڪيءَ جو لاڙو سنڌ کي ئي تباهي ۽ زوال ڏيندو. عوام کي پنهنجي سوچ، نفرت، نظام کان بيزاريءَ ۽ پنهنجن مفادن جي بچاءُ لاءِ چونڊن جي عمل کان بيزاري نه پر ووٽ ڏانهن رويي ۾ سوچ جي تبديليءَ جي گهرج آهي.

(2) سنڌ ۾ اُهي قومپرست پارٽيون، جيڪي سنڌ جي آجپي ۾ ويساهه رکن ٿيون ۽ جن جو پارلياماني سياست ۾ ڪوبه ويساهه نه آهي، اُنهن کي اهڙي سوچ ۽ فڪر ۽ عمل جو مڪمل حق آهي ۽ هئڻ گهرجي پر ڪيترن دوستن بار بار چونڊن جي عمل کان بيزاريءَ جا بيان ڏنا آهن، جيڪي منهنجيءَ نظر ۾ سياسي طور توڙي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان درست نه آهن. سياسي عمل ۽ جدوجهد جا مختلف ڏاڪا ۽ ميدان آهن، جن دوستن کي پارلياماني سياست ۾ ڪابه دلچسپي ناهي، اهو انهن جو حق آهي پر انهن کي سنڌي عوام ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته اهي پارٽيون ڀل ته پاڻ سڌيءَ ريت چونڊن ۾ نه بيهن پر هڪ طرف انهن اميدوارن جي ڀرپور مدد ۽ حمايت ڪن، جن جو اسيمبلين ۾ پهچڻ سنڌ جي قومي آواز کي سگهارو ڪندو ۽ ساڳئي وقت اُنهن کي انهن اميدوارن لاءِ به چِٽو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، جن بار بار سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن ۽ جن بار بار عوام کان مينڊيٽ وٺي ايوانن ۾ سنڌ جو سودو ڪيو آهي. عوام کي چونڊن جي سياسي عمل کان لاتعلقيءَ جو ڏس ڏيڻ جو سڌو مطلب هوندو سنڌي عوام کي انارڪيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪيرائڻ، جنهن جو پس و پيش فائدو ڦورو طبقن ۽ سنڌ دشمن قوتن کي ئي ٿيندو. سياست ۾ غير جانبداري ٿيندي ئي ناهي. اسان کي سنڌ دوست ۽ سنڌ دشمن اميدوارن ۾ سَنڌو ڪرڻو پوندو.

(3) سنڌ ۾ تازو ٻن قومپرست نوجوان ڪارڪنن کي رياستي ادارن بي رحميءَ سان قتل ڪري رياستي دهشتگرديءَ جو چٽو ثبوت ڏنو آهي. اهو عمل بلوچستان ۾ هڪ وڏي عرصي کان جاري آهي، جنهن تي خود سپريم ڪورٽ بار بار ڳالهائي چڪي آهي پر گذريل ڪجهه سالن کان اهو سلسلو سنڌ ۾ به شروع ٿيو آهي، جيڪو نهايت ڳڻتيءَ جوڳو معاملو آهي. رياستي ڏاڍ ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه رهيو آهي پر جيڪڏهن اهو رياستي ڏاڍ هاڻي رياستي دهشتگرديءَ جي شڪل ۾ سامهون اچي ته پوءِ اهو نهايت خطرناڪ آهي. اهو به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هن تازي ڏکوئيندڙ ۽ مذمت جوڳي واقعي کانپوءِ حيدرآباد ۽ سنڌ جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ هڪ مخصوص آباديءَ يعني پشتونن کي به قتل ڪرڻ جا واقعا ٿي رهيا آهن، جيڪي پڻ تمام افسوسناڪ ۽ سنڌ جي روايتن جي خلاف آهن. انديشو اهو آهي ته اهي واقعا به اهي ساڳيون ڌريون ڪرائينديون هونديون، جن وٽ سنڌ کي پُرامن جمهوري قومي سياست جي راهه تان هٽائي پُرتشدد انارڪيءَ ڏانهن ڌڪڻ جي حڪمت عملي آهي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي قومي آجپي يا مسئلن جي حل جي واٽ پُرتشدد انارڪي ٿي نه ٿي سگهي. خود سائين جي ايم سيد هميشه اهو واضح ڪيو ته هو اهنسا ۾ ويساهه رکي ٿو ۽ مقصد جي حاصلات پُرامن جمهوري طريقي سان ٿيندي. ٻيو ته اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن قومپرستيءَ مان انسان دوستيءَ جو عنصر نڪري وڃي ته پوءِ اها فاشزم ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. اسان جيئن ته رياست ۽ ٻين انيڪ سنڌ دشمن ڌرين آڏو وڌيڪ ڪمزور آهيون، ان ڪري موقف سان گڏ حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان به اسان کي وڌيڪ ڏاهپ جي گهرج آهي. اسان جي ويڙهه ماڻهن جي جسمن، نسل، رنگ، مذهب، قوميت يا سندن وجود سان نه پر سندن خيالن، ناجائز مفادن، روين ۽ پاليسين سان آهي ۽ اها ويڙهه انسان دوست قدرن سان سلهاڙجي ئي وڙهي سگهجي ٿي. سنڌي نوجوان هونئن ئي گهڻي ڀاڱي سياسي عمل کان پاسيرو، ويڳاڻو ۽ اتساهه کان محروم آهي، ان کي سنڌ دشمن ڌريون آسانيءَ سان مهم- جُو سوچ تحت انارڪيءَ ۽ اڃا به پُرتشدد انارڪيءَ جي آڙاهه ۾ اُڇلي سنڌي سماج جي سموري سگهه کي برباد ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي قومپرست ۽ وطن دوست ڌرين کي لطيف جي انسان دوست فڪر ۽ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجي جي ڏسيل سياسي اخلاقيات تي عمل ڪري، ان ۾ مثبت واڌارا ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي.

مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن سنڌي عوام جي گهڻائي پارلياماني سياست کان مايوس ٿي، سياسي عمل کان لاتعلق ٿي ويهي رهي ۽ سنڌي نوجوان کي ڪنهن به مهم جوئيءَ يا پُرتشدد انارڪيءَ جي واٽ ڏانهن ڌِڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ شايد سنڌ کي ڪنهن ٻاهرين دشمن جي گهڻي ضرورت نه پوي. اسان کي گڏجي سنڌي سماج کي انارڪيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪِرڻ کان بچائڻ لاءِ سڀ طرفو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

Reference: Daily Kawish (2nd May 2013)
 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on مئي 2, 2013 in Articals

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: