RSS

هن بحران جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو؟ – جامي چانڊيو

15 Jan
هن بحران جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو؟
(جامي چانڊيو)

پاڪستان جو مجموعي رياستي بحران ۽ سياسي حالتون هاڻي شايد وڌيڪ خوفناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيون آهن، گهڻ-طرفي سياسي بحران جو ڦَٽُ هاڻي ناسور بڻجي پنهنجي زهر کي سڄي ملڪ جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي رڳن ۾ داخل ڪري رهيو آهي. اڳ پاڪستان ۾ معاشري جا مخصوص حصا غير محفوظ هوندا هئا، پر هاڻي هن ملڪ ۾ ڪو به محفوظ ناهي رهيو، ويندي اُهي به نه، جن کي وردي پاتل آهي. اڳوڻو آمر پرويز مشرف ملڪ جي بحران کي ان سطح تي وٺي ويو هو، جو ماڳهين پاڪستان جو وجود هڪ سواليه نشان بڻجي ويو هو، ان ڪري پرويز مشرف جي دورِ حڪومت، ملڪ کي هڪ ٻه واٽي تي آڻي بيهاريو هو ۽ کانئس پوءِ آيل حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ وٽ اهو موقعو هو ته هو ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي واٽ وٺن يا ان کي وڌيڪ وڌائڻ جي! محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ ٿيل ’چارٽر آف ڊيموڪريسي‘ جو معاهدو ان ئي تناظر ۾ طئيِ ٿيو هو، جنهن ۾ نظر اهو ٿي آيو ته ملڪ جي ٻنهي ملڪي سطح جي اڳواڻن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته هي قصو ائين نه هلندو ۽ جي بنيادي سڌارا نه آيا ته ملڪ جو ڍينگو ڍيري ٿي ويندو. ان معاهدي ملڪ جي سياسي ميدان تي هڪ جزوي اميد پيدا ڪئي هئي ته شايد دور انديشي ۽ فضيلت جو عنصر ملڪي پارلياماني سياست ۾ داخل ٿي سگهي.


2007ع جي چونڊن کانپوءِ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڏاڍي خراب حالت ۾ هئي، پنهنجي آقا عالمي سامراج سان سندن لاڳاپا خراب ٿي چڪا هئا، جو اهو مٿن وڌيڪ اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. نئين چونڊيل حڪومت وٽ اهو موقعو هو ته اها چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ جي روح تحت هڪ فضيلت ڀرئي سياسي ڪلچر جو لاڙو متعارف ڪرائي ها. ان معاهدي مطابق ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کي ڪجهه وقت گڏجي هلڻو هو ۽ ان اتحاد جا بنياد چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ جا نقطا هئا. جيتوڻيڪ چارٽر آف ڊيموڪريسي ڪو وڏو انقلابي پروگرام نه هو پر گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان جي پارلياماني سياست ۾ معياري تبديليءَ لاءِ هڪ مثبت پروگرام هو، جنهن جو بنيادي مقصد پارلياماني سياست کي سگهارو ڪري، ملڪ اندر طاقت جي توازن کي ٺيڪ ڪرڻ هو، يعني اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي ’سائيز‘ ۾ رکڻو هو، پر افسوس جو محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پ پ پ جون واڳون اهڙي قيادت جي هٿ ۾ اچي ويون، جنهن وٽ سياست جا ڪي به اصول نه اڳ هئا ۽ نه وري هاڻي آهن. نتيجي ۾ ’مفاهمتي سياست‘ جو هڪ اهڙو گمراهه ڪندڙ ۽ عوام دشمن نظريو ۽ فارمولو پيش ڪيو ويو، جنهن جو عملي مطلب اهو هو ته، ”اچو ته ڪرپٽ نظام ۾ گڏجي کائون!“ جيتوڻيڪ ميان نواز شريف هڪ ساڄي ڌر جو پنجابي شائونسٽ ۽ غير جمهوري سياست جو ماضي رکندڙ سياستدان آهي، پر مشرف دور جي تلخ تجربي کانپوءِ سندس سوچ ۾ وڏي تبديلي نه به آئي هجي پر روين ۽ پاليسين ۾ ڪجهه مثبت تبديلي ضرور آئي، جن تحت هن موجوده حڪومت جي شروعاتي ڏينهن ۾ پ پ پ ۽ آصف زرداريءَ سان تعاون ڪيو پر آصف زرداري ساڻس سياسي راند کيڏيو ۽ نتيجي ۾ سندن اتحاد جٽاءُ نه ڪري سگهيو. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن پ پ پ چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ جي روح تحت مسلم ليگ (ن) سان فضيلت سان اتحاد ڪري هلي ها ته کيس ملڪي سطح تي متحده ۽ پي ايم ايل (ڪيو) جهڙين ڌرين سان گڏ ويهڻ جي مجبوري نه هجي ها. چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ تحت انهن ٻنهي ڌرين کي اسٽبيلشمينٽ کي سوڙهو ڪري خودمختيار پارليامينٽ ۽ جمهوريت لاءِ حالتن کي سازگار ڪرڻو هو پر ٿيو ان جي ابتڙ.

پاڪستان هڪ عجيب ملڪ آهي، جتي ملڪي قيام جي 23 سالن کانپوءِ آئين ساز اسيمبليءَ لاءِ 1970ع ۾ چونڊون ٿيون ۽ نتيجي ۾ ملڪ ئي ٽٽي ويو. دنيا ۾ جمهوريت ملڪن کي بچائيندي آهي ۽ ان جي بحران کي مرحليوار ٺيڪ ڪندي آهي پر هتي صورتحال ئي نرالي آهي، جتي 1970ع ۾ چونڊون ٿيون ته ملڪ ئي ٽٽي ويو ۽ 2007ع ۾ جمهوريت بحال ٿي ته ملڪ ۽ رياست جا ڦَٽَ هنڌان هنڌان ڦاٽي پيا آهن. دنيا ۾ جمهوريت ملڪن ۽ معاشرن جا بحران ڏاڪي به ڏاڪي حل ڪري ٿي، عوام ۽ قومن جا ويڇا گهٽائي ٿي ۽ رياست کي عوام آڏو خودمختيار ۽ جوابده بڻائي ٿي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته تضادن ۽ تڪرارن کي هٿيارن ۽ انتهاپسنديءَ بجاءِ ڊائلاگ ۽ جمهوري طريقي سان حل ڪري ٿي پر هي عجيب ملڪ آهي، جتي جمهوريت بحرانن کي وڌيڪ وڌائي ٿي. منهنجيءَ نظر ۾ انجو سبب اهو آهي ته جمهوريت هتي ناٽڪي ۽ ٺلهي ڏيکاءُ واري آهي، قانون جي حڪمرانيءَ کانسواءِ جمهوريت بي معنيٰ شئي آهي ۽ پاڪستان ۾ نام نهاد جمهوريتن ۾ به قانون جي لتاڙ ائين ٿئي ٿي، جيئن آمريتي دورن ۾ ٿيندي آهي. هاڻي جڏهن چونڊن ۾ ڪجهه مهينا وڃي بچيا آهن، تڏهن موجوده حڪومت جهمريون هڻڻ ۾ پوري آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ’جمهوري حڪومت‘ پنهنجو مدو پورو ڪندي، پر سوال اهو آهي ته ملڪ جون حالتون اڄ ڪٿي بيٺل آهن؟ ۽ جمهوريت مان عوام کي ڇا مليو آهي؟

خيبر پختونخوا ۾ ٻيو ته ٺهيو حڪومت به محفوظ ناهي، بلوچستان ۾ رياستي ۽ فرقيواراڻي دهشتگردي ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن کي مفاهمتي سياست تحت کليل لائسنس مليل آهن ته ڀل دهشتگرديءَ جي بازار گرم رکن، سڄي سنڌ تباهه حاليءَ، انتشار، بک، بدحالي، بيمارين ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهي، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مولانا طاهر القادريءَ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي، سڄي ملڪ ۾ موت، خوف، عدم سلامتيءَ ۽ لاقانونيت جو راڪاس بي لغاميءَ سان گهمندو وتي. حڪومت جيڪا ٽڪو پئسو مثبت قانونسازي ڪئي ۽ آئين ۾ تبديليون آنديون، انهن تي عمل ڪٿي آهي؟ هن وقت ملڪ ۾ جيڪي مختلف نوعيتن جا سنگين واقعا ٿي رهيا آهن، مثال طور: مولانا طاهر القادريءَ جو لانگ مارچ، بلوچستان ۾ هزاره آباديءَ تي ٿيل بدترين خوني حملي کانپوءِ ملڪ ۾ اڀرندڙ فرقيواراڻو تضاد، ڪراچيءَ ۾ مسلسل بي لغام دهشتگردي ۽ خيبر پختونخوا ۾ طالبان جون ڪارروايون- بظاهر اهي سڀ واقعا اهڙا آهن، جن جو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو نظر نه ٿو اچي پر حقيقت اها آهي ته انهن بظاهر غير واسطيدار واقعن پٺيان مفاد ۽ محرڪ ساڳيا نظر اچن ٿا ته سياسي عدم استحڪام زور وٺي ۽ اهو تاثر مڪمل طور اڀري بيهي ته در اصل جمهوري حڪومتون عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿيون آهن (جيڪا هڪ حقيقت به آهي) ان ڪري مارشلائن ۽ جمهوري حڪومتن وچ ۾ ڪو وچيون رستو ڪڍيو وڃي. انهن سمورن واقعن جي نوعيت ضرور مختلف آهي پر انهن جو نتيجو ساڳيو آهي. مثال طور: بلوچستان واقعو يقينن هڪ بدترين واقعو آهي، پر انجو نتيجو گورنر راڄ! اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جون حالتون وڌيڪ خراب ڪيون وڃن ۽ ساڳيو مطالبو هتي به سامهون اچي. جيڪا حڪومت ڌمڪين ۽ خسيس مفادن تحت سنڌ جي وحدت کي خطري ۾ وجهندڙ سنڌ دشمن لوڪل گورنمينٽ نظام جي شڪل ۾ ڪراچي قانوني طور لکي پڙهي ڏئي سگهي ٿي، ان کي سنڌ ۾ به گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ۾ ڪهڙو مسئلو ٿيندو؟ هونئن به عملي طور تي سنڌ ۾ گورنر راڄ ئي ته آهي. گورنر کي آئين ۾ ڪي به اختيار حاصل نه آهن ۽ صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو وڏو وزير آهي پر سنڌ ۾ سگهارو ڪير آهي، گورنر يا وڏو وزير؟ وڏو وزير ته گورنر کان ٺلهو يونيورسٽين جي چانسلر شپ به واپس وٺڻ جو اهل نه آهي، جيڪو سندس آئيني حق به آهي ته فرض به!

ٻئي طرف نظر اهو پيو اچي ته مولانا قادريءَ کي آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ گڏجي ميدان تي لاٿو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سفارتي حلقن ۾ اهو بحث مباحثو عام آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ هڪ ٻئي سان معاملا گهڻي حد تائين ٺيڪ ڪري ورتا آهن ۽ 2014ع ۾ جيئن ته افغانستان مان نيٽو فوجون نڪرڻ واريون آهن، ان ڪري آمريڪي اسٽيبلشمينٽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ سان هر صورت ۾ معاملا ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ نه ته سندن گذريل ڏهاڪي جي سڄي ’ڪئي ڪمائي‘ ڌوڙ ٿي ويندي. مولانا طاهر القادري شايد ان تناظر ۾ ٻنهي ڌرين طرفان ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، جيڪو ٻيو کڻي ڪجهه به نه ڪري سگهي پر ملڪ جي سياسي بحران کي وڌيڪ تکو ڪري سگهي ٿو، چونڊن جي عمل تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو، ماڻهن کي چونڊن جي عمل کان بدظن ڪري ووٽن جي ٽرن آئوٽ جو گراف هيٺ لاهي سگهي ٿو ۽ ظاهر آهي ته ان جي نتيجي ۾ چونڊ ۾ دير ٿي ته به اسٽيبلشمينٽ ان عبوري دور ۾ پنهنجي راند کيڏندي ۽ جي چونڊون ٿيون ۽ چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ جو گراف ڪريو ته به ايندڙ حڪومت سازيءَ جي عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ آسانيءَ سان ’ڏنڊي‘ هڻي سگهندي. هاڻي شايد پاڪستان ۾ فوج جو سڌو آمريتي راڄ ايترو سئولو نه هجي، ان ڪري ’ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي‘ ئي اسٽيبلشمينٽ جو مفاد ۽ فارمولو آهي، جيڪا پاڪستان ۾ هونئن به هميشه رهي آهي پر ان کي شايد رسمي تحفظ به گهرجي. انڪري ئي مولانا قادري نگران حڪومت لاءِ فوج جي مرضي به چاهي ٿو.

هن سڄي منظرنامي ۾ ٻين سمورين قومن جا بحران ۽ چئلينج عارضي آهن پر سڀ کان وڏو چئلينج سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي درپيش آهي. پ پ پ جي مفاهمتي حڪومت کي ان بيرحم حقيقت جو نه ادراڪ رهيو ۽ نه ارادو- نتيجي ۾ لوڙيندو وري به سنڌي عوام. نظر ائين پيو اچي ته پاڪستان جو رياستي بحران بدترين ۽ پرتشدد مرحلي ۾ داخل پيو ٿئي ۽ الميو اهو آهي ته اسان کي بچائڻ واريون قوتون تمام محدود آهن. ايندڙ مضمون ۾ مان ان سوال تي پنهنجا ويچار پيش ڪندس ته هن صورتحال ۾ اسانکي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

Reference: Daily Kawish 15-Jan-2013
Advertisements
 
Leave a comment

Posted by on January 15, 2013 in Articals

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

 
%d bloggers like this: