RSS

هڪ جينيئس جو جنم!

23 May
هڪ جينيئس جو جنم!
(جامي چانڊيو)

تاريخ ۾ ڪي ڏينهن سڀاڳا ٿين ٿا، جو انهن جي نسبت سان ٿيل واقعا، اتفاق يا حادثا تاريخ تي پنهنجا اڻ مٽ اثر ۽ نشان ڇڏين ٿا. تاريخ ۾ ڪي ڏينهن اهڙا آهن، جن قومن جا نشان مٽائي ڇڏيا ۽ تاريخ ۾ ڪي سَدورا ڏينهن اهڙا به اچن ٿا، جيڪي قومن ۽ ٻولين جي ابديت ۽ قومي وحدت جي ضمانت بڻجي وڃن ٿا. اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي تاريخ، بلڪه مان ته چوندس ته انساني تاريخ جو اهو سڀاڳو ڏينهن آهي، جڏهن 331 ورهيه اڳ ۽ فرينچ انقلاب کان پورا هڪ سئو سال اڳ 1689ع تي سنڌ ۾ اهو املهه ماڻهو پيدا ٿيو، جنهن کي اسين سنڌ جو لاکيڻو لطيف چئون ٿا. اهو راز تاريخ ۽ وقت جي گرڀ ۾ ئي سانڍيل هو ته شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ٽئين پُٽَ سيد جمال شاهه جو هي پَڙ پوٽو اڳتي هلي سنڌ ئي نه پر انساني تاريخ جو هڪ يگانو شاعر، مفڪر ۽ ڏاهو ڏاتار ثابت ٿيندو. اهو هڪ جينيئس جو جنم هو، جنهن جي شاعري، خيال، احساس، تفڪر، ٻولي ۽ فن جو هڪ غير معمولي تخليقي معجزو آهي، هن کي ته بس سندس ئي لفظ ارپي سگهجن ٿا:

ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لکَ هزار

جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار،

پريم، تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.


سنڌ جي اڪثريتي سادن، عقيدن جي ماريل اٻوجهه ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته ڀٽ شاهه جي ڌرتيءَ جي هنج ۾ ستل هي شخص ڪير آهي؟ هن جا خيال، ويچار، خواب، احساس ۽ تفڪر ڇا آهن؟ يا هن جي تصور جي ڪائنات ڪيتري وشال ۽ حيرت انگيز آهي؟ ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته، عقيدن جون خاردار تارون ڪيئن نه عوام ۽ لطيف جي فڪر جي روح وچ ۾ صدين کان اُهي وٿيون پيدا ڪري ويٺيون آهن، جن جي هوندي لطيف جي مزار تي چادرن جا پڙ ته چاڙهي سگهجن ٿا، پر هن جي عظيم فڪر کي سمجهي، پروڙي ۽ ڪارج ڀريو بڻائي نه ٿو سگهجي. لطيف سائين ان صورتحال کي سمجهندي ۾ پاڻ ئي چئي ڏنو هو ته:

پاڙي ويڄَ هئام، تان مون مُور نه پڇيا،

تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾.


لطيف سائينءَ کي خبر هئي ته جي پاڙي ۾ وِيڄَ ۽ طبيب هوندا ۽ ماڻهن جي سوچن جي اکين ۾ عقيدن جا موريسر پيل هوندا ته پوءِ طبيبن جي شناس ماڻهن کي ڪيئن ۽ ڇو ٿيندي! ۽ هي ته جسمن جا نه پر تصورن، خيالن، خوابن ۽ احساسن، دلين ۽ روحن جا ويڄ ۽ طبيب آهن. هنن جي منصب ۽ درجي کي سمجهڻ لاءِ اکيون گهرجن ۽ اکيون به جسماني نه پر روحاني اکيون، سمجهه ۽ شعور جون اکيون، ادراڪ ۽ تخليقي اتساهه جون اکيون!

جيڪڏهن ڪو مون کان پڇي ته سنڌ جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو سڀاڳو ڏينهن ڪهڙو آهي؟ ته جيڪر مان اهو چوان ته لطيف جو جنم ڏينهن. لطيف کي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هڪ شاعر طور سڃاتو ۽ پروڙيو، سائين جي ايم سيد کيس سنڌ جي قومي شاعر طور پيش ڪيو ۽ پليجي صاحب کيس هڪ انقلابي شاعر طور دريافت ڪيو. اهو سڀ صحيح آهي، پر مان سمجهان ٿو ته لطيف رڳو شاعر نه هو، هو هڪ غير معمولي مفڪر هو ۽ شاعري هن جو مقصد نه پر هن جي اظهار جو هڪ ذريعو هئي. هن جي اندر ۾ حسن ايترو هو ۽ هن جي ٻولي فن جي انهن بلندين تي پهتل هئي، جتي هو پنهنجا عظيم خيال اهڙي ئي حسناڪ انداز سان پيش ڪري سگهيو ٿي، ان کان گهٽ حسناڪي، فن جي بلندي ۽ اظهار جي جماليات هن جي وَسَ ۾ ئي نه هئي.

جانب تون جيڏو، آهين شان شعور سين،

مون تي ڪر، منهنجا پرين! توهُه تُسي تيڏو،

اي ڪامِلَ! ڪم ڪيڏو! جيئن نوازينم نگاهه سين.


لطيف سائينءَ به پنهنجي بيت مطابق ائين ئي ڪيو، هن فڪر ۽ ڏاهپ جي ڪامل رهبر اهو ڪو نه سوچيو ته ماڻهو پسماندا آهن، عقيدن جا ماريل آهن، عالمي انساني شعور ۽ تفڪر کان پري ۽ محروم آهن، ادراڪ جي اُتاهين منزلن تي رسيل نه آهن، پر هن پنهنجي شانَ شعور سان، ڏاهپ، فن ۽ فڪر جي نبار سرچشمن سان هن فڪري طور سُنڍ بڻيل سنڌ کي ايترو ته سيراب ڪيو، جو هڪ ڌڪ سان فڪري طور غريب الحال سنڌ هڪ لطيف جي ڪري تاريخ ۾ اهو درجو ماڻيو، جنهن لاءِ قومون، معاشرا ۽ دور سَڌون ڪندا آهن، سِڪندا آهن، پورَ پچائيندا آهن، پر الميو اهو به آهي ته صدين پڄاڻان به اسان کي اهو ادراڪ ناهي ته لطيف ڪير هو؟ هو اصل ۾ ڇا آهي؟ جي ائين نه هجي ها ته سنڌ فڪري طور دنيا جي سڀني کان سگهاري قوم هجي ها. تڏهن ته اهو ڄاڻندي پاڻ ئي چئي ويو هو ته،

هُئين ته ويڄن وَٽِ، تون ڪيئن جيءَ جڏو ٿئين!

سِرُ ڏيئي ۾ سٽ، ڪُهه نه ڪيئي ڊبڙا!


لطيف جهڙي ڪامل رهبر هوندي سنڌ هيڻي هجي، جڏي ۽ ويچاري هجي، اهو رڳو ان ڪري ٿيو آهي، جو اڃا تائين اسان جو سماج، عوام هن ويڄَ جي حقيقي شناس کان پري آهي. هو پاڻ ئي ته اها ميار ڏيندي چوي ٿو ته، اسان پنهنجن خود فريب اعتقادن جو سِرُ عيوض ۾ ڏيئي جي لطيف جي عظيم فڪر مان قومي دوا، سُتي ڪريون ها ته اڄ اسان جي فڪري سگهه جو درجو ڇا هجي ها؟

ها البته اِها ڳالهه ڪا ايتري سولي ناهي، جو لطيف جو پيغام رڳو ڪا حسين شاعري ناهي، جنهن کي پڙهي ماڻهو رڳو واهه واهه ڪري. هي ته سڀ ڪجهه تبديل ڪرڻ جي ڳالهه آهي، هڪ نئين انسان جي نئين فڪري ۽ سماجي جنم جي ڳالهه آهي. لطيف جو پيغام رڳ شاعرانه تصور جي فني اظهار جي ڳالهه به ناهي، جو ماڻهو مڙئي منفرد ۽ نئين ڳالهه تي واهه واهه ڪري. هيءَ ته انسان جي مڪمل طور نئين فڪري، احساساتي ۽ روحاني مٽي ڳوهڻ جي ڳالهه آهي. تڏهن ته چوي ٿو:

اَکِ اُلٽي ڌار، وَنءُ اُلٽو عام سين،

جت لهوارو لوڪ وهي، ته تون اوچو وَهه اوڀار،

منجهان سوچ نهار، وَنءُ پٺيرو پرينءَ ڏي.


لطيف کي خبر هئي ته هن زماني جا عام مروج خيال، تصور، قدر ۽ انساني رويا توڙي مفاد ته لوڻ جي کاڻ آهن، پنهنجي دور جي تصورن ۽ روين توڙي آئيڊيلز جو ڳيجهو زماني ۾ ڇا ڪندو؟ هو پنهنجي دور جي جهالتن، عقيدن، فرسوده تصورن، خسيس روين ۽ ٽڪي جي مفادن جو مڄو ۽ انهن آڏو سرنگون هوندو. ان ڪري ئي لطيف زماني جي مروج فرسوده دستور کان اُلٽي اک ڌارڻ ۽ لهواري لوڪ آڏو اوچو ۽ ابتو هلڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. پر اهو سڀ ائين ته ڪو نه ٿيندو؟ ٻه گدرا مُٺِ ۾ رکڻ سان ته اهو ممڪن ناهي. ان لاءِ تياڳ گهرجي، دنيا کان نه دنيا جي مروج فرسوده دستور کان ۽ اهو سڀ عشق کانسواءِ ممڪن ناهي. سڌڙيا اهو منصب نه ڪڏهن ماڻي سگهيا ۽ نه ماڻي سگهندا. لطيف اها مامَ پروڙي ان مقام کي رسڻ جو راز به ٻڌائي ٿو. هو چوي ٿو:

پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو،

ڏک پريان جو ڏيل ۾، واڄٽ جيئن وڄاءِ،

سيخن ماهه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نينهن جو.


دنيا جو ڪو به غير معمولي ڪم عشق کانسواءِ ممڪن ناهي، شعبو ڪهڙو به هجي، ادب، فن، سياست، سائنس، مصوري، موسيقي، ايجادون، قربانيون- هي سڀ عشق جو جهان آهي، تڏهن ئي ته فلسفين کي ڏاهپ جا عاشق چئبو آهي. هي ته ان کان به اڳئين منزل جو ماڻهو آهي، جو لطيف وٽ رڳو ڏاهپ سان محبت ناهي، پر زندگيءَ تي ڏاهپ جو اطلاق آهي. ان ڪري هن جو درجو عام فلسفين کان به ان مخصوص معنيٰ ۾ مٿي آهي، هيگل، مارڪس ۽ اينجلز جهڙا ماڻهو هن جا هم منصب آهن، جيڪي ڏاهپ کي منزل نه ٿا سمجهن، پر ڏاهپ کي ذريعو ۽ پنڌ سمجهن ٿا. لطيف وٽ خيال جي وحدت آهي. هن جا ڪردار رڳو بظاهر مختلف آهن، سندن ماحول، محرڪ ۽ حالتون مختلف آهن. هن جو ڪردار هڪ ئي آهي، اهو ڪردار سر ڪلياڻ ۾ محبت ۽ مقصد جي وحدت جي ڳالهه ڪندڙ هجي يا يمن ڪلياڻ جو محبوب ۽ سونهون. کنڀات ۾ حسن جي علامت هجي يا سريراڳ جو ناکئو. سامونڊيءَ جي پاتار ۾ پيل موتين جو طاماعو هجي يا سهڻي هجي، منزل کان ڳولا کي اهميت ڏيندڙ سسئي هجي يا وطن ۽ مارن سان عشق جي علامت مارئي هجي، ڪاموڏ جو سمو ڄام هجي يا گهاتوءَ جو مورڙو هجي، سورٺ جو عطائي هجي يا سُرَ تي سِرُ ڏيندڙ راءِ ڏياچ، ڪيڏاري جو سورهيه سورمو هجي يا آسا جو طالب هجي. رِپَ جو وڇوڙن جي وَڍن جو ماريل عاشق هجي يا کاهوڙي ۽ رام ڪليءَ جا جوڳي، ڪاپائتيءَ جو ڪاتار هجي يا پورب جو ڪانگل هجي، ڪارايل جو هنج هجي يا پرڀاتيءَ جو مڱتو- اهي سڀ ڪردار رڳو ظاهري ڏيک ۽ تمثيل ۾ مختلف آهن، پر سندن تصور، رويا، قدر، ماڻهپو، منزل، جستجو ۽ شان ساڳيو آهي. ان ڪري مان لطيف جي سمورن ڪردارن ۾ خيال، احساس، رويي ۽ منزل جي ساڳي وحدت ڏسان ٿو. جيڪو لطيف جي ڪردارن جي وحدت نه سمجهي سگهندو، اهو ڪڏهن به لطيف جي پيغام جي روح تائين رسي نه سگهندو.

خود شناسائيءَ جو مقام، جنهن کان انسان ذات جي قطعي گهڻائي محروم رهي آهي ۽ اڄ به آهي. لطيف انسان جي ان خود شناسيءَ جي ادراڪ کي جاڳائيندڙ پر ان کان به اڳتي اهو ادراڪ تخليق ڪندڙ مفڪر شاعر ۽ ڪامل رهبر آهي. هو ان خود شناسيءَ کي ساڳي اڃا مٿئين سطح تي هينئن ٿو بيان ڪري:

وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،

لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،

ٿي سَتِي ٻڌ سندورو، پرت پنهونءَ سين پار،

نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.


ڪائنات، فڪر ۽ سماج جي پرک ۽ پروڙ کان اڳ ۾ قوم شناسيءَ جو ڏاڪو اچي ٿو. خود شناسي معرفت آهي، هن ڪائنات، فطرت، سماج ۽ سموري جهان کي سمجهڻ ۽ بدلائڻ جي. ڇاڪاڻ ته خود شناس ماڻهو ئي روحاني فهم ۽ حقيقي طور آزاد (Liberated) ماڻهو هوندو آهي. هن جهان جي حقيقي سمجهه ۽ ادراڪ نصيب ئي انهن کي ٿيندو آهي، جيڪي اندر ۾ آزاد ٿي پاڻ سڃاڻندا آهن، پاڻ کي ڳولي لهندا آهن ۽ پاڻ کي تبديل ڪندا آهن. اهو ئي لطيف جي پيغام جو روح آهي. هن جو هر ڪردار اندر ۾ آزاد آهي، Liberated آهي. ان ڪري ئي ايترو ارڏو، هٺيلو، بهادر، مثالي، ڏاهو ۽ لطيف آهي. جنهن کي پنهنجي اندر جي شناس نه هوندي، ان کي خارجي جهان جي ڪهڙي شناس ٿيندي؟

لطيف سان ٺلهي، رسمي ۽ بي شعور عقيدتمندي لطيف شناسيءَ جي راهه ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هو ان کي هينئن بيان ٿو ڪري:

ڪنين ڪامڻ ڪياءِ، ڪيئن ڀنڀولئين؟ ڪَرها!

اکين مٿي اکيا، پِڙَ ۾ پير گٺاءِ،

وَڳَ ڪهِ وسرياءِ، ٻڌو جيئن گهاڻي وهين!


اهو ڪهڙو جادو آهي، جنهن جي لطيف ڳالهه ٿو ڪري؟ اهو جهالتن، اعتقادن، پسماندگين، علم، ادراڪ ۽ ڏاهپ جي محروميءَ جو منڊ آهي، جنهن ڪرهي کي ڀنڀوليو ۽ گمراهه ڪيو آهي. اسان جي گهڻائي جي اکين تي انهن ئي جهالتن ۽ اعتقادن جا اکيا چڙهيل آهن، جنهن سبب سنڌ ته ڇا پر انسان ذات جي گهڻائي خسيس تصورن، مفادن، روين ۽ دائرن جي پِڙ ۾ هلي هلي پيرَ پئي گسائي ۽ ڀلا اهو وڳ ڪهڙو آهي، جنهن جي لطيف ڳالهه ٿو ڪري. اهو تاريخ جي شعور جو وڳ آهي، ڪائنات ۽ فطرت کي سمجهڻ جي سفر جو وڳ آهي، اهو سماج کي نه رڳو سمجهڻ نه پر ان کي تبديل ڪرڻ جي جستجو ۽ جاکوڙي سفر جو وڳ آهي. اهو پاڻ کي روحاني، فڪري ۽ شعوري طور جهالتن کان لبريٽ ڪرڻ جو وڳ آهي – ۽ دنيا جا سمورا حقيقي ڏاها، سچا، فيلسوف، آرٽسٽ، مفڪر، موجد، سورما، سائنسدان، شاعر ۽ ادراڪ جا صاحب ان دڳ جا راهي آهن. سقراط، افلاطون ۽ ارسطو هجن يا هيگل، مارڪس ۽ اينگلز، شيڪسپيئر، گوئٽي، مائيڪل اينجلو هجن يا لينن، مائو ۽ هوچي منهه، آئن اسٽائين، گليلو ۽ ڪاپرنيڪس هجن يا سچل ۽ لطيف- اهي رڳو بظاهر مختلف آهن. اهو قبيلو ساڳيو آهي، اهو سفر ساڳيو آهي ۽ هي سڀ انسان ذات جي ان سفر جا سونهان آهن. اچو ته سنڌ ۽ انسان ذات جي هن اعليٰ جينيئس ۽ رهبر لطيف کي هڪ نئين، باشعور ۽ تخليقي شعور سان ڀيٽا ڏيون ۽ اها ڀيٽا لطيف شناسيءَ معرفت خود شناسي ئي ٿي سگهي ٿي.

Reference: Daily Kawish 23-05-2012
 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on مئي 23, 2012 in Articals

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: