RSS

مهاجر صوبو ۽ زميني حقيقتون – بئريسٽر ضمير گهمرو

21 May
مهاجر صوبو ۽ زميني حقيقتون
بئريسٽر ضمير گهمرو

پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ نون صوبن جا مطالبا ٿيڻ سان ئي سنڌ ۾ ٻلي ٿيلهيءَ کان ٻاهر نڪري آئي آهي ۽ سنڌ جي ڀتين ۽ عمارتن تي مهاجر صوبي جي وال چاڪنگ ۽ نفرت ڀريا پوسٽر لڳايا ويا آهن. هونئن ته آئين ۽ قانون ۾ هن فيڊريشن ۾ نئين صوبي ٺاهڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي، پر اڄ آئيني ۽ قانوني ڳالهه کي پاسي تي رکي پاڻ مهاجر صوبي جي شوشي يا سازشي ٿيوري تي زميني حقيقتن، ڊيموگرافي ۽ تاريخي حقيقتن جي حوالي سان روشني وجهنداسين ته جيئن سنڌ جي عوام ۾ جيڪو هن سازش جي حوالي سان تذبذب ۽ اضطراب آهي، ان کي صحيح نموني سان ختم ڪجي.

جيئن ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي سنڌ جي تاريخي وطنيت کي سمجهڻ کان قاصر آهي، ان ڪري ئي سمجهي ٿي ته شايد سنڌ هن فيڊريشن ۾ هڪ اهڙو علائقو آهي، جنهن کي سازش ذريعي بندر بانٽ ڪري پنهنجا سياسي مقصد ماڻي سگهجن ٿا، جيڪا ڳالهه تاريخ ۽ سياست کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي، ڇو ته انگريزن سنڌ تي هڪ رياست طور قبضو ڪيو هو ۽ اها ڪجهه شرطن تي فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿي هئي. جيئن ته انهن شرطن جي مسلسل خلاف ورزي ڪندي سنڌ تي ٽي آئين مڙهيا ويا، ان ڪري سنڌ پنهنجي وجود، وحدت ۽ وطنيت کي بچائڻ خاطر سياسي مزاحمت جو رستو ورتو. مرڪز يا صوبي ۾ سنڌ جي اقتدار ۾ شموليت رسمي آهي، ڇو ته سنڌ هن وقت به مزاحمت ۾ آهي، ۽ جن شرطن تي اها هن فيڊريشن ۾ شامل ٿي، اهي کيس هرگز ميسر نه ٿيا ۽ ويتر سندس وسيلن، معيشت، اختيارن کي مرڪز پنهنجي هٿ رکي ڇڏيو ۽ سنڌ تي پنهنجي ڏيهي گماشتن کي مسلط ڪري عوام تي ڪيترائي ظلم برپا ڪيا. هينئر جڏهن رياست جو بحران چوٽ تي چڙهيل آهي ته هر قوم ۽ برادري پنهنجي لاءِ نئين راهه تلاش ڪري رهي آهي. جڏهن رياست جي بحران جي ڪري وفاقي پارٽيون عوام کي ڪجهه آڇي نه ٿيون سگهن ته انهن وري قوميت جي بنياد تي ماڻهن جي جذبن کي اُڀاري ايندڙ سياسي ميدان مارڻ چاهين ٿيون. صوبن وارو اشو بنيادي طور چونڊ اشو طور اڀريو، پر جيئن ته سنڌ جي عوام کي سنڌ جي وحدت جي باري ۾ ون يونٽ جو تلخ تجربو آهي، ان ڪري اهي ننڍي يا ذري پرزي ڳالهه کي به تمام اهم سمجهن ٿا ۽ مهاجر صوبي جي باري ۾ وال چاڪنگ، پوسٽرن ۽ مظاهرن سندن ۾ اچرج ۽ غير يقيني پيدا ڪئي آهي. توڙي جو سنڌ جي زبردست ردِ عمل حڪمران پ پ-متحده اتحاد کي دفاعي پوزيشن ۾ اماڻي ڇڏيو آهي.

صوبن جو اشو ۽ ايندڙ چونڊون:

هزاره صوبي جو جڏهن اشو اڀريو ته (ق) ليگ ۽ نواز ليگ ان تي سياست شروع ڪئي ۽ هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. ٻنهي موقف اختيار ڪيو ته هزاره صوبو ٺهڻ گهرجي، توڙي جو کين خبر آهي ته پاڪستان ۾ صوبا قومي وحدتون ۽ رياستون آهن، جن 1940ع جي قرارداد هيٺ فيڊريشن کي ڪجهه اختيار ڏئي گڏ رهڻ جو وچن ڪيو هو. افغانستان وانگر هتي صوبا انتظامي يونٽ نه آهن. انتظامي يونٽ ضلعا ۽ ڊويزنون آهن، پر هزاره ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ قائم رکڻ لاءِ، اي اين پي کي مرعوب ۽ مغلوب ڪرڻ لاءِ اهو ڪارڊ کيڏيو ويو. جڏهن هزاره جو اشو اٿيو ته پ پ سرڪار به جيئن ته گذريل ساڍن چئن سالن ۾ رڳو معيشت کي تباهه ڪيو آهي، خراب حڪمراني ڏني آهي، سا سمجهي رهي آهي ته ايندڙ چونڊون ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي وڙهڻ سندن لاءِ تمام ڏکيو هوندو. ان ڪري هنن به سرائيڪي صوبي وارو اشو اٿارڻ جو سوچيو. اڃا هن سوچيو ئي مس، ته متحده ٽپي پئي ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ هن ٺهراءُ پيش ڪيو ته صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار وارو اختيار صوبائي اسيمبليءَ کان کسي پارليامينٽ کي ڏنو وڃي، جنهن تي سنڌ ٻري اٿي ۽ 28 جنوري تي سڄي سنڌ ”سنڌ بچايو ڪميٽيءَ“ جي سڏ تي بند رهي. مسرور جتوئي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ته پارليامينٽ کي اڪيلي سر اهڙو اختيار نه ڏنو وڃي، جنهن تي پ پ سرڪار پويان پير ڪيا ۽ اڄ تائين سنڌ جي وحدت جي باري ۾ پ پ جي پاليسي کي سنڌي عوام شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيو آهي. سنڌ جي ردِ عمل کي ڏسندي پارليامينٽ ۾ پيل متحده جي بل کي پ پ ٺپي ڏئي سرائيڪي صوبي تي پارليامينٽ مان ترميم بجاءِ ٺهراءُ منظور ڪرايو، جنهن دٻاءُ ۾ وري پنجاب اسيمبليءَ بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب صوبا ٺاهڻ جا بل پيش ڪيا. ان کان مهاجر صوبا تحريڪ جي نالي ۾ هڪ نام نهاد ۽ اڻ ڄاتل تنظيم ويتر پنهنجون سرگرميون وڌائي ڇڏيون، جنهن تي پردي پويان متحده جي سياسي حمايت حاصل هجڻ جو شڪ ظاهر ٿي رهيو آهي، ڇو ته متحده جي خاموشي ۽ متحده جي ڳڙهه ۾ چاڪنگ ۽ پوسٽر لڳائڻ سنڌ جي عوام جي شڪ کي پڪو ڪري رهيو آهي. حالانڪه گذريل ساڍن چئن سالن دوران متحده جي اقتدار ۾ رهڻ ڪري اها به اردو آباديءَ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ کيس سخت چئلينج جو منهن ڏسڻو پوندو، ان ڪري پس پرده ئي سهي، مهاجر صوبي وارو بي بنياد اشو نه رڳو ووٽن لاءِ پر سياسي ارادن لاءِ پڻ استعمال ٿي رهيو آهي. بنيادي طور هي اشو ايندڙ چونڊن، جن تي اڃا سواليه نشان آهي، لاءِ استعمال ٿيڻ ڪري پيدا ٿيو، پر سنڌ ۾ ان جي اهميت ۽ سياسي هٿيار طور استعمال ٿيڻ جي خدشي سنڌ کي منظم ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هينئر سڄي سنڌ ان تي متفق آهي ته سنڌ جي ورهاڱي واري سازش ڪهڙي شڪل ۾ به ڇو نه هجي، ان جي پاڙ پٽڻ سنڌ لاءِ ايمان جو جز بڻجي ويو آهي. قومپرست جماعتون ته سهي، پر فنڪشنل ليگ جي سربراهه به وڏي واڪي چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف سازش ٿي ته هو ميدان ۾ نڪري ايندا. پير پاڳاري جي هن بيان سياسي توازن کي بنهه سنڌ جي وحدت جي حق ۾ گهڻو اڳتي ڪري ڇڏيو. جيئن ته پنجاب ۽ سرحد ۾ صوبن وارو اشو چونڊ اشو آهي، پر اچو ته ڏسون ته سنڌ ۾ مهاجر صوبي جو جيڪو نقشو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو ڪراچي، ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ڊويزنن تي مشتمل آهي، ان ۾ آباديءَ جي حقيقت ڇا آهي ۽ ان جي ڊيموگرافي ڪيئن بيهي ٿي؟

ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزنن جي آبادي:

مهاجر صوبي جي نقشي تي نظر وجهبي ته ڄامشوري سميت ان ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزنون اچي وڃن ٿيون، جن ڊويزنن جي 1998ع جي ڳڻپ موجب آدمشماري ترتيبوار 98 لک، 70 لک ۽ 40 لک آهي، معنيٰ ڪراچي جي 1998ع جي ڳڻپ موجب، آدمشماري 98 لک، حيدرآباد ڊويزن جي 70 لک ۽ ميرپور خاص جي 40 لک آهي، جڏهن ته ڄامشوري ضلعي جي لڳ ڀڳ اٺ لک آهي. حيدرآباد ۽ ميرپور خاص توڙي ڄامشوري جي آبادي گڏجي ته اها هڪ ڪروڙ ارڙهن لک ۽ ڪراچي جي 98 لک آهي. آبادي جي انگن اکرن ۾ ساليانو واڌ موجب هينئر ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 42 لک ۽ حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ ڄامشوري جي آدمشماري 1998ع جي واڌ وارن انگن اکرن موجب، هڪ ڪروڙ سٺ لک بيهي ٿي. حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ ڄامشوري ضلعي ۾ آبادي اسي سيڪڙي کان به مٿي سنڌي ڳالهائيندڙ آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ اردو آبادي هاڻي پنجاهه سيڪڙي کان به گهٽ آهي. انگن اکرن موجب به ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص توڙي ڄامشوري ضلعي جي ٽي ڪروڙ آباديءَ مان ٻه ڪروڙ ويهه لک سنڌي ۽ ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارا، جڏهن ته اردو آبادي صرف 80 لک آهي ۽ ان مان به بنگالي، ميمڻ، ڪڇي ۽ ٻيا ڪڍجن ته اهو تعداد گهٽجي ستر لک بيهندو. هاڻي ٽي ڪروڙ جي آباديءَ ۾ اردو آبادي ستر لک – ۽ اهي گهرن ٿا صوبو! اها ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي. صوبو گهرڻ وارا ته صوبي وارن علائقن ۾ ئي وڃي نه ٿا سگهن. رڳو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي سوڙهين گهٽين ۾ چاڪنگ ڪن ٿا، پوسٽر لڳائين ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو وٺي مظاهرو ڪن ٿا. هاڻي ٽن ڪروڙ ماڻهن تي مشتمل آباديءَ ۾ ستر لک ماڻهو، جيڪي به وڻ وڻ جي ڪاٺي آهن ۽ انهن جو تعلق هڪ زبان ۽ علائقي سان نه رهيو آهي، سي پنهنجي لاءِ صوبو گهري رهيا آهن. هي نه رڳو جمهوري اصولن پر تاريخي حقيقت توڙي زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي، ان ڪري اها سازش ۽ شوشو ته ٿي سگهي ٿو، پر حقيقت ڪڏهن به نه، ڇو ته اردو آباديءَ ۾ ٻه فيڪٽر انهن کي ڏينهون ڏينهن ٿورائي ۾ آڻين ٿا. هڪ ته اهو پڙهيل لکيل برادري هجڻ ڪري انهن ۾ ڄم جي شرح گهٽ آهي ۽ ٻيو وري هو ٻاهرين ملڪن ڏانهن جام ڀڄن ٿا، ڇو ته سندن پاڙون زمين ۾ نه آهن. ان ڪري ڪراچي ۾ ٻين ماڻهن جي آمد ڪري هو ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن ۽ حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ ڄامشوري ۾ ته آهن ئي قليل اقليت ۾.

اردو آباديءَ وٽ سيٽن جو تعداد:

حيدرآباد، ميرپور خاص ڊويزنن ۽ ڄامشوري ضلعي جي 43 صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن مان اردو آبادي يا متحده وٽ صرف پنج سيٽون آهن، چار حيدرآباد مان ۽ هڪ ميرپور خاص مان، جڏهن ته ڪراچي جي 42 صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن مان انهن وٽ 34 سيٽون آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي سندن فائديمند تڪ بندين جي ڪري آهن. معنيٰ ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ڊويزنن ۽ ڄامشوري جي 83 سيٽن مان متحده وٽ صوبائي اسيمبليءَ جون 39 سيٽون آهن، جڏهن ته 42 سيٽون هينئر به سنڌين وٽ ۽ ٻه پٺاڻن وٽ آهن ۽ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب تڪ بنديون ٿين ته متحده يا اردو آباديءَ جي نمائندگي ڪندڙ ڪنهن به ڌر وٽ 23 سيٽن کان وڌيڪ جنرل سيٽون نه هونديون، معنيٰ 83 مان 23 سيٽون- ڇو ته آباديءَ جي حساب سان 80 لک آباديءَ وٽ 39 سيٽون ۽ ٻه ڪروڙ ويهه لک آباديءَ وٽ 44 سيٽون هجڻ وڏي سياسي ڌانڌلي آهي ۽ اها پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ سنڌين تي چيڪ رکڻ لاءِ ڪئي آهي. ان ڪري اهڙي ڌر پاران صوبو گهرڻ، جيڪا اقليت ۾ آهي ۽ ڪراچي، ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۽ ڄامشوري جي ڪل آباديءَ جو 30 (ٽيهه) سيڪڙو به نه آهي، نه رڳو حيرت انگيز پر شاطرانه چال آهي ۽ اها چال نه رڳو پنهنجي حق ۾ موجوده توازن کي جاري رکڻ جي ڪوشش آهي، پر مڪاني ادارن جي نظام ۽ تڪ بندين تي سمجهوتو ڪرڻ ۽ پنهنجي آباديءَ کي پنهنجي ووٽ بينڪ ۾ رکڻ جي ڪوشش آهي. سنڌي عوام جيئن ته سياسي بيهڪ ۽ انگن اکرن کان ناواقف آهي ۽ هن سان ماضيءَ ۾ ايڏيون ڌانڌليون ٿيون آهن، جو هن جو ويساهه سياسي نظام ۾ رهيو ئي نه آهي، ان ڪري هو سنڌ جي وحدت واري اشو تي تمام جذباتي آهي ۽ هجڻ به گهرجي، ڇو ته سنڌ سرڪار جي هوندي سنڌ جي وحدت خلاف سازش يا چاڪنگ سندن بيوسيءَ کي نروار ڪري رهي آهي.

جيئن ته اردو آبادي ماضيءَ ۾ پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ سان ساز باز ڪري سياسي سيٽ اپ ۾ پنهنجي قد بت کان وڌيڪ حصو کنيو آهي، ان ڪري اها هاڻي صوبي جو بي بنياد معاملو اٿاري ساڳيو حصو سنڌين کان برقرار رکڻ چاهي ٿي. سنڌي ان ڳالهه ۾ ارها هرگز نه آهن ته اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌ ۾ پنهنجو مان، مرتبو ۽ عزت توڙي سياسي، سماجي حق ميسر هجن، پر سنڌ جي وحدت جي نالي تي سياست ڪرڻ سنڌ ۾ ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته سنڌ سنڌين لاءِ ديو مالائي ڪردار رکي ٿي ۽ ان سان ڪنهن به صورت ۾ ڇيڙ ڇاڙ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌي آباديءَ کان نه رڳو پري ڪندي، پر ان جو فائدو ٻين ڌرين کي ٿيندو. پنجاب کي خبر آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ناممڪن آهي، ان ڪري نواز شريف سنڌ جي معاملي تي واضح موقف اختيار ڪري پهريون دفعو سنڌ ۾ جاءِ ٺاهي آهي، ڇو ته کيس خبر آهي ته ان نازڪ اشو تي سياست ڪيئن ڪجي. هيڏانهن آهي پ پ سرڪار، جيڪا عوام کي ڪجهه ڏئي ته نه ٿي، رهندو انهن کي ڏکائي رهي آهي. لياري جو آپريشن هجي، ناڻي يا پاڻي جو معاملو هجي، پ پ سرڪار کي سنڌي عوام پنهنجي ذاتي مفادن جو قيدي سمجهي ٿو.

سنڌ ۾ سياست اهم موڙ تي پهتي آهي، جتي هڪ طرف موجوده نظام کي برقرار رکڻ واريون قوتون آهن، ٻئي پاسي ان کي ٽوڙڻ واريون. نواز شريف جي اڳڀرائي سياست ۾ پهريون پٿر آهي، پر جيئن ته نواز شريف ناڻي، پاڻي، قدرتي وسيلن، ڌارين جي آبادڪاريءَ تي اڃان پنهنجو موقف واضح نه ڪيو آهي، ان ڪري سياسي ڌريون اڃا به ٻڏتر ۾ آهن. سنڌ جي وحدت جي باري ۾ ابهام اجايو آهي، ڇو ته مخالف ڌر نه رڳو ڪراچيءَ ۾ اقليت ۾ آهي، پر سموري باقي سنڌ ۾ ٽيهه (30) سيڪڙو به نه آهي، ان ڪري هن جي اهڙي گهر اٿڻ کان پهرين ئي رد ٿي چڪي آهي ۽ اها هن بحران مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ قومپرست پارٽين کي ٻانهن ٻيلي بڻائڻ گهري ٿي.

Reference: Daily Kawish
Date: 21st May 2012

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on مئي 21, 2012 in Articals

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: