RSS

پيپلز پارٽي-نواز ليگ ڇڪتاڻ ۽ سنڌ – بئريسٽر ضمير گهمرو

21 اپر
پيپلز پارٽي-نواز ليگ ڇڪتاڻ ۽ سنڌ
بئريسٽر ضمير گهمرو

ايندڙ چونڊن کي نظر ۾ رکندي پ پ ۽ نواز ليگ پنهنجي پنهنجي تڪ کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ توڙي ٻين تڪن ۾ پنهنجي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيون آهن. پ پ جو زور سينٽرل پنجاب ۽ سرائيڪي علائقي تي آهي ته وري نواز ليگ پ پ جي روايتي ڳڙهه سنڌ ۾ پنهنجي سياست لاهي رهي آهي. اڄ اسين ٻنهي پارٽين جي سياست، ڇڪتاڻ، انهن جي پاليسين ۽ ان جو سنڌ تي پوندڙ اثر جي ڇنڊڇاڻ ڪنداسين.

1970ع جي چونڊن ۾ پ پ پنجاب جي پارٽي ٿي اڀري هئي، ڇو ته کيس پنجاب ۾ ئي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل هئي، جڏهن ته سنڌ ۾ کيس 60 صوبائي سيٽن مان صرف 28 سيٽون مليون هيون. ان ڪري هن 1973ع جو آئين ٺاهڻ وقت کلي طور پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪيو، پر 1979ع ۾ ڀٽي صاحب جي ڦاسي کانپوءِ پ پ سنڌ ڪارڊ کي مضبوطي سان جهليو ته آهستي آهستي سينٽرل پنجاب سندس هٿن مان نڪري ويو ۽ 1977ع کان پوءِ پنجاب ۾ نج ۽ خالص پ پ سرڪار وجود ۾ نه اچي سگهي. جنرل ضياءَ، مسلم ليگ توڙي مذهبي جماعتن اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل سهڪار سان پ پ کي پنجاب جي وچين پرڳڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اتي 1988ع کان قائم مسلم ليگ نواز قومپرستي جي بنياد تي پنجاب جي وچين حصي ۽ پوٺوهار علائقي کي پنهنجو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو. پ پ هاڻي رڳو سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي سرائيڪي علائقن تائين محدود آهي. خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ به کيس ڪجهه حمايت حاصل آهي. پنجاب جي پارٽي کان وٺي غير پنجابي پارٽي ٿيڻ تائين پ پ جو سفر تاريخ جو عجب نمونو آهي.

ساڳي طرح نواز ليگ پڻ پنجاب جي قومپرستي واري نعري ”جاڳ پنجابي جاڳ، تيري پگ نون لگ گيا داغ“ واري نعري سان سياست جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان مان نوابن ۽ سردارن کي اقتدار جي لالچ هيٺ پنهنجو بڻائي، مرڪز توڙي سنڌ ۽ سرحد ۾ حڪومتون ٺاهيون. بلوچستان ۾ به ڪڏهن مخلوط ته ڪڏهن پنهنجي سرڪار ٺاهڻ جا جتن ڪيا. اهڙي طرح نواز ليگ مختلف وقتن تي پنجاب جي قومي مفادن جو زبردست دفاع ڪيو. اهو پاڻي وارو مسئلو هجي، ناڻي وارو هجي، آئيني، انتظامي هجي، هن جو سياسي محور پنجاب رهيو. ايتري تائين جو سنڌ توڙي بلوچستان ۾ رهندڙ پنجاب جي آبادڪارن کي به ان ڪري پنهنجو ڪيو ته جيئن هو پنجاب جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سندس مدد ڪن. وچولي پنجاب توڙي پوٽوهار جي مخصوص سيٽن جي ڪري نواز ليگ کي اهو خطرو آهي ته اها ملڪ گير پارٽي نه بڻجي سگهي آهي، ان ڪري اها ان ڪوشش ۾ آهي ته ملڪ جي پارٽي جو ڏيک ڏيڻ لاءِ کيس ٻين صوبن ۾ به هن کي مدد گهرجي.

پ پ توڙي نواز ليگ توڻي جو ڄايون پنجاب ۾، ۽ ٻنهي کي پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ جو شروع ۾ آشيرواد به رهيو، پر انهن جي قيادت جو جتي ڳڙهه هيو، اهي آخر اتي ئي مرڪوز ٿي ويون. هينئر نواز ليگ پنجاب جي ۽ پ پ سنڌ جي پارٽي آهي، پر ٻنهي ۾ فرق تمام گهڻو آهي. پ پ سياسي عمل دوران غير پنجابي پارٽي ٿيڻ جي باوجود سنڌ جي مفادن تي واضح نه آهي، جڏهن ته نواز ليگ پنجاب جي مفادن تي مڪمل طور واضح آهي ۽ اها انهن جو تحفظ به ڪري ٿي. ٻئي پارٽيون 1973ع جي آئين (جيڪو قرارداد پاڪستان جي ڀڃڪڙي ڪري ٺاهيو ويو) کي موجوده فيڊريشن جو سماجي معاهدو سمجهن ٿيون. توڙي جو ٻنهي پارٽين چارٽر آف ڊيموڪريسي صحيح ڪري ان کي به پٺي ڏني ۽ 18 هين ترميم ۽ ستين اين ايف سي ذريعي نئين مرڪزيت جو بنياد وڌو. نواز ليگ مختلف وقتن تي ثابت به ڪري ڇڏيو آهي ته هو پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي، پر ٻين صوبن مان موٽ ملڻ لاءِ پنهنجي پاليسي ۾ پنج سيڪڙو به تبديلي آڻڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته موجوده فيڊريشن کي ساڳي حيثيت ۾ رکڻ سندس قومي مفادن وٽان آهي.

پيپلز پارٽي پنجاب مان بيدخلي کانپوءِ سمجهي ٿي ته اها (نواز ليگ وانگر صرف سينٽرل پنجاب) سنڌ جي ووٽن تي مرڪز ۾ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي، ان ڪري اها هاڻي سرائيڪي ڪارڊ به کيڏي رهي آهي. نواز ليگ ته پنجاب سان وفاداري ڪري ٻين صوبن ڏانهن هٿ ڊگهو ڪيو آهي، پر پ پ اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ کانسواءِ ٻين علائقن ڏانهن هٿ وڌائي رهي آهي. سنڌ جي قيمت تي جيڪو سندس تڪ آهي، سرائيڪي صوبي وارو ڪارڊ کيڏڻ کان به نٿي رڪجي، ڇو ته کيس هر قيمت تي مرڪز ۾ اقتدار گهرجي. نواز ليگ پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ چارٽر آف ڊيموڪريسي وقت ئي مرڪز ۾ اقتدار کي خير آباد چيو هو ۽ پ پ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ راضي رکيو. معنيٰ هو پنجاب جي مفادن لاءِ مرڪز ۾ حڪومت نه به ٺاهي سگهي، پر پ پ سرڪار سنڌ جي وحدت جي قيمت تي به مرڪز ۾ اقتدار وٺڻ لاءِ بي تاب آهي. نواز ليگ کي خبر آهي ته سينٽرل پنجاب سندس ڳڙهه آهي، باقي ٻين صوبن جي کيس رڳو مدد درڪار آهي ۽ ان لاءِ انهن صوبن کي نالي ماتر شرط آڇڻ ۾ کٽيءَ جي گهران ”شون“ ئي ته ويندي. پر پ پ مرڪز ۾ اقتدار نه رڳو سنڌ جي قيمت تي ڪري رهي آهي، پر اڄ تائين مرڪز ۾ سمورا معاهدا اهي اين ايف سي جي صورت ۾ هجن يا 18 هين ترميم جي صورت ۾ سنڌ جي مفادن جي خلاف ٿيا آهن. پ پ 1973ع جي آئين کان به پوئتي هٽي آهي، جڏهن ته نواز ليگ پنجاب جي مفادن جو زبردست تحفظ ڪندي 1973ع جي آئين ۾ پنجاب کي مليل برتري کي به اڳتي ڪيو آهي. پ پ سرڪار ان ڳالهه تي ششدر آهي ته نواز ليگ سندس ڳڙهه سنڌ ۾ ٽپي پئي آهي ۽ ممتاز ڀٽو، لياقت جتوئي، ماروي ميمڻ سميت ڪيترائي سياستدان سنڌ مان نواز ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته صدر آصف زرداري وري سينٽرل پنجاب ۽ سرائيڪي علائقي کي هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هنيا آهن. سينٽرل پنجاب ته پ پ کي هونئن به هٿ نه ايندو، پر سرائيڪي علائقي کي صوبي ڏيڻ جا ڀاشن (جنهن جي آئين ۾ گنجائش ئي نه آهي) سنڌ جي وحدت جي قيمت تي آهن. جنهن ڳالهه جي پ پ کي ان ڪري پرواهه نه آهي، ڇو جو اها سنڌ کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ٿي.

پ پ-نواز ليگ سنڌ کي ڇا آڇينديون:

پ پ توڙي نواز ليگ وٽ سنڌ کي آڇڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. پ پ سنڌ کي پنهنجي ملڪيت سمجهندي سينٽرل ۽ ڏکڻ پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪري رهي آهي، جڏهن ته نواز ليگ جيئن ته پنجاب جي مالڪ آهي، اها وري پنج سيڪڙو کن رعايتون سنڌ کي آڇي سگهي ٿي. نواز ليگ پاران سرائيڪي صوبي جي مخالفت ڪري سنڌ جي وحدت کي سندس مان ڪو خطرو نه آهي، پر پ پ جو ووٽ بينڪ سنڌ مان هجڻ باوجود ان مان سنڌ جي وحدت کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو، جيڪو سنڌ جي انتظامي ورهاڱي طور اڳ ئي ثابت ٿي چڪو آهي. ڌار صوبي لاءِ لڳندڙ پوسٽرن تي پ پ سرڪار پاران ڪو به قدم نه کڻڻ پڻ ان جي ڪمزوري ثابت ڪري ٿو. نواز ليگ جي طرز حڪمراني پنجاب ۾ بهتر رهي آهي، پر سنڌ ۾ جنهن طريقي سان غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان هن پنهنجا وڏا وزير ۽ صلاحڪار مسلط ڪيا، ان ثابت ڪيو ته نواز ليگ ته آئين جي صوبائي خودمختياري واري حصي تي به يقين نٿي رکي. بهرحال پنجاب ۾ بهتر حڪمراني کي هو سنڌ ۾ ماڊل طور پيش ڪرڻ گهري ٿي. جيئن ته اها فيڊريشن ۽ پنجاب جي مالڪ آهي، ان ڪري سنڌي سياستدان سندس کان ڪجهه رعايتون وٺڻ لاءِ آتا آهن ۽ حقيقت ۾ ڪجهه رعايتون اها ڏئي به سگهي ٿي، پر رعايتن کان وڌيڪ اها ڪجهه به آڇي نٿي سگهي. پ پ سرڪار جي هٿ ۾ نه فيڊريشن آهي، ۽ نه پنجاب. اها ته اتي مهمان اداڪار آهي، جيستائين کيس آمريڪي حمايت حاصل آهي. ان ڪري اها سنڌ کي نه ته رعايت ڏئي سگهي ٿي ۽ نه بهتر حڪمراني. ان ڪري وري به سنڌ جون ڪي قومپرست ڌريون اهو سمجهن ٿيون ته زير دستن بجاءِ مالڪن سان ڳالهائڻ بهتر آهي. هن سبب جي ڪري ئي سنڌ ۾ پارلياماني سياست جون داعي قومپرست ڌريون نواز ليگ سان مسلسل ڳالهائي رهيون آهن، جيڪو عمل حقيقي فيڊريشن ۾ ته بهتر آهي، پر موجوده طرز واري فيڊريشن ۾ هاڃيڪار به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن سياست کي نج اقتداري مفادن جي حوالي سان ڏسجي ته پ پ وٽ سنڌ کي ڏيڻ لاءِ نه بهتر حڪمراني آهي، نه وسيلا، پر نواز ليگ وٽ نه صرف بهتر حڪمراني جو ماڊل آهي، پر پنجاب وٽ سنڌ جا وسيلا جيڪي پ پ گروي رکيا آهن، اهي به. سنڌ جو عوام پ پ سرڪار کي ان ڪري ووٽ ڏيندو رهيو آهي، ته هڪ ته مرڪز ۾ اها کين نمائندگي ڏياريندي ۽ ٻيو سنڌ ۾ بهتر حڪمراني ذريعي سندن زندگين ۾ ڦيرو آڻيندي، پر انهن ٻنهي محاذن تي پ پ سرڪار جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي آهي ۽ هو سنڌ ۾ شهيدن جو ڪارڊ کيڏي رهي آهي. هاڻ نج اقتداري حوالي سان به ڏسجي ته مرڪز ۾ پ پ جو اقتدار سنڌين تي ڪجهه نه ڏئي سگهيو آهي ۽ اهو رڳو آمريڪا ۽ پنجاب جي ڪتب آيو آهي ته پوءِ سنڌي مرڪز ۾ سرڪار ٺاهڻ لاءِ پ پ کي ووٽ ڇو ڏين؟ بهتر آهي ته مرڪز جن جو آهي، ان ۾ انهن جي سرڪار هجي ته سنڌ ڳالهائڻ جهڙي ته هوندي. هاڻي ته اها نه لڇي سگهي ٿي، نه وري ڪنگهي سگهي ٿي، پنهنجن جا گهاوَ ڪنهن کي ڏيکاري به نٿي سگهي، پراون جا ڌڪ ته واڪا ڪري پنهنجي عوام کي ڏيکاريندي.

سنڌ ۾ هونئن به پ پ کي جيڪو ووٽ ملي ٿو، اهو قومپرست ووٽ آهي. جڏهن پنجاب لاش موڪلي ٿو ته سنڌ ظاهر آهي ته ان تي ردعمل ڪري پ پ کي ووٽ ڏئي ٿي، پر پ پ وٽ سنڌ جي ووٽ جو نه ته قدر آهي، نه لحاظ. اها توڙي جو پاڻ کي موجوده چونڊن جي بنياد تي، جيڪي مينڊيٽ جي مڪمل ڪسوٽي نه آهن، سنڌ جي نمائنده سمجهي ٿي، پر سنڌ جي قومي توڙي انساني حقن تي هر وقت راتاهو لڳندو رهيو آهي، ڇو جو سنڌ وٽ هو سمجهي ٿي ته متبادل قيادت نه آهي ۽ اها ڊپ ۽ ڊاءَ جي ڪري سندس جهولي ۾ پيل آهي. سنڌ کي هن ماجرا مان هو نڪرڻ نٿي ڏئي، ڇو جو مرڪز ۾ سندس مفاد پيارا آهن. اهڙي ريت وري نواز ليگ سنڌ ۾ سنجيده پهل نه ڪري سگهي آهي، هوءَ عوام وٽ نه پر وڏيرن وٽ لٿي آهي. هن وٽ سنڌي عوام لاءِ ڪو خاص پيڪيج نه آهي. چون ٿا ته سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو ناڻي، پاڻي ۽ ٻين معاملن تي لکت ۾ معاهدو ڪيو آهي، پر اهو اڃا منظر عام تي نه اچي سگهيو آهي. هوڏانهن نواز شريف جو خيال آهي ته سنڌي عوام کيس اهڙي ئي طريقي سان ووٽ ڏئي، جهڙي طرح پنجاب هڪ سنڌي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنا هئا ته هو سنڌ جي مفادن جو خيال رکڻ جو پابند ٿي ويندو. ان ئي سوچ هيٺ هن ڀٽي خاندان جي اهم فرد کي هٿ ڪيو آهي ته جيئن سنڌ ۾ کيس اهڙي سڃاڻپ ملي، جيڪا سدائين پنجاب جو خواب رهي آهي. پر سنڌ هن وقت تاريخ جي اهم موڙ مان گذري رهي آهي، جتي پارلياماني توڙي وفاقي سياست پويون رخ ڪيو آهي ۽ نوجوان بشير قريشي جي شهادت کان پوءِ ڏينهون ڏينهن موجوده رياست ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي چڪا آهن. بشير قريشي جي خون جي جاچ لاءِ نواز شريف جو سکڻو بيان سندن ڦٽن تي پهو نه رکي سگهيو آهي ۽ سنڌ Radicalization جي زبردست طوفان هيٺ آهي، جتي بلوچستان وانگر پارلياماني سياست پسمنظر ۾ وڃڻ جو انديشو آهي. جسقم پهريون ڀيرو عوامي سطح تي پاپولر پارٽي طور اڀري آهي. اها عوام منجهه موجود غصي سنڌ جي حوالي سان ٿيندڙ ڦرلٽ کي سامهون رکندي منظم ٿي ته پ پ جي پارلياماني سياست وڌيڪ خطري ۾ پئجي ويندي. پ پ کي هڪ طرف جسقم ۽ ٻئي طرف نواز ليگ ۽ پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست هن سال جو وڏو چئلينج ٿي سگهن ٿا، ڇو ته مئي جي پهرين هفتي ۾ نواز ليگ جو رتوديرو جو دورو تمام اهميت وارو هوندو، جتي هو بشير قريشي جي تڏي تي وڃي سگهي ٿو، ڇو ته ساڳي شهر ۾ هو سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو جو مهمان هوندو. ملڪ جيئن ته هن وقت اڪيچار بحرانن جي ور چڙهيل آهي، ان ڪري اقتداري سياست عوام کي اپيل ڪرڻ ڪنهن حد تائين ڇڏي ڏنو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ايندڙ وقت ۾ اقتداري چونڊ عمل کان Indifferent (غير متعلق) ٿي سگهن ٿا، جنهن جو فائدو اقتداري پارٽين کي به ايترو شايد پوي، ڇو ته ان جو سمورو دارومدار ايندڙ ڪجهه مهينن تي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سياست هر لحاظ کان نروار ٿيندي ۽ موجوده صورتحال ٽٽندي، جيڪا بشير خان جي شهادت کانپوءِ ڪنهن حد تائين بيٺل نظر اچي ٿي.

ان ڪري هاڻي سنڌ جي سياست ۾ رڳو پيپلز پارٽي هڪ فيڪٽر نه هوندو، پر نواز ليگ، پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست ۽ ٻئي پاسي جسقم پڻ هوندي. سنڌ کي ويجهي تاريخ ۾ پهريون دفعو پ پ سرڪار جي ڪارڪردگي جي حوالي سان اهو موقعو ملڻ جو آسرو آهي ته اها عقلي طور سوچي، ڇو ته هن هميشه فيصلا يا ته جذبات ذريعي ڪيا آهن يا وري سندس کان ورتا ويا آهن. هاڻي پ پ کي سنڌ کي هڪ ”ڪارڊ“ نه، پر پنج ڪروڙ ماڻهن جو وطن سمجهڻو پوندو، جيڪو موجوده وفاق ۾ به پاڻ کي غير محفوظ ۽ ويڳاڻو سمجهي ٿو. سنڌ ۾ سياست جو چئلينج ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ خود ايندڙ چونڊن تي سواليه نشان آهي، ڇو ته جڏهن حڪمران مڪاني چونڊون ئي نٿا ڪرائي سگهن ته ڇا هو عام چونڊن جي سَٽ سَهي سگهندا ۽ موجوده صورتحال ۾ عام چونڊون وفاق کان ڪهڙي گهر جون داعي هونديون؟ اهي سڀ سوال سنڌ جي آئيندي لاءِ اهم آهن.

Refrence: Daily Kawish
Date: 17th-April-2012

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on April 21, 2012 in Articals

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: