RSS

جاگيرداراڻي جمهوريت ۽ سنڌ – آغا سليم

21 Apr
جاگيرداراڻي جمهوريت ۽ سنڌ
آغا سليم

ورهاڱي کان وٺي سنڌ جي هاڻوڪي سياسي صورتحال تائين واري سياسي منظرنامي تي نظر وجهنداسين ته خبر پوندي ته ان ساري صورتحال ۾ رڳو هڪڙو ڪردار آهي، جيڪو هر دور ۾ جوڻ مٽائي نئين نالي، نئين گيٽ اپ ۾ نئين سياسي سڃاڻ سان سياسي اسٽيج تي نمودار ٿي پنهنجي اقتدار خاطر سنڌ جي سوديبازيءَ جو ناٽڪ ڪندو ٿو رهي. ڪڏهن هو کهڙو ٿي، سنڌ جي وجود کي ميٽي ۽ ريٽي ون يونٽ ٿو ٺاهي، ته ڪڏهن ارباب رحيم بڻجي اسلام آبادي اشاري تي سنڌ ۾ ضلعي حڪومتي نظام ٿو رائج ڪري ته ڪڏهن سنڌين جي ووٽ سان اقتدار ۾ اچڻ واري پاڪستان جي سڀ کان وڏي سنڌي سياسي پارٽيءَ جي سربراهي جي شڪل ۾ پنهنجي اقتدار لاءِ ”مفاهمت“ واري سوديبازيءَ سان سنڌ ۾ ٻه جدا جدا بلدياتي نظام لاڳو ڪري، سنڌ جو پورو اڌ ايم ڪيو ايم کي ڏيئي ٿو ڇڏي.

قومي فروختند وچه ارزان فروختند

(قوم ٿا وڪڻن ۽ ڪيڏي سستي ٿا وڪڻن)


سنڌ ۾ هر دور ۾ اهڙي ڪردار (سياسي توڻي نوڪر شاهي) جي پيدا ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن، ان جو جواب ته ڪو سوشل سائنسدان ئي ڏيئي سگهي ٿو. مون جهڙو عام ماڻهو رڳو ايترو چئي سگهي ٿو ته ان جو سبب به اسان جو سماجي سرشتو آهي. ان سرشتي ۾ وري اسان ان جي پڻ ابتڙ ۽ ان جي نفي ڪندڙ جمهوري حڪومتي نظام جي چَتي هڻي ان کي هڪ نئين جاگيرداريت جي شڪل ڏني آهي. حقيقي جاگيرداريت ۾ خانداني جاگيردارن کانسواءِ ڪو عام ماڻهو جاگيردار ٿي نه سگهندو آهي، پر هن جمهوري جاگيرداريت ۾ ڪو فلمي ماڻهو به تمام وڏو جاگيردار، سردار ۽ سياسي ليڊر ٿي سگهي ٿو. جاگيرداريت ۽ جمهوريت جي ان تضاد ۾ انهن جي هڪ ٻئي جي نفيءَ مان ئي سنڌ جا اهي سوديباز ڪردار پيدا ٿين ٿا، جن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون.

جمهوريت جي باري ۾ دانشورن جو چوڻ آهي ته، جمهوريت يونان ۾ جنم ورتو ۽ هندستان ۾ جمهوريت پئنچائتي نظام جي صورت ۾ قبل مسيح کان موجود هئي، پر ائين نه آهي، جمهوريت جو سچ اهو آهي ته جمهوريت سرمائيداريت جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، فائدي لاءِ وڪرو ۽ خريداريءَ جو سرمائيداريءَ وارو طريقو رائج هو، پر ان طريقي سرمائيداريت جي صورت تڏهن اختيار ڪئي، جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ James ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ڪئي. هن جي ان ايجاد صنعتي انقلاب جي شروعات ڪري ڇڏي. صنعتي انقلاب جاگيرداريت کي تهس نهس ڪري هڪ نئين معاشي نظام کي جنم ڏنو، جنهن کي Capitalism سڏيو ويو. انگريزي زبان ۾ ”ازم“ جي پڇاڙي ان لفظ سان لڳندي آهي، جيڪو ڪنهن نظريي يا فڪر لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيئن سوشلزم، ڪميونزم ۽ انارڪزم. ڪيپيٽلزم ڪو نظريو يا فڪر نه هو پر پيداوار جي هڪ خاص طريقي ۽ معاشي بندوبست جي هڪ خاص انداز کي چيو ٿو وڃي. پيداوار جو اهو طريقو ۽ معاشي بندوبست جو انداز ايترو ته طاقتور هو، جو ان کي ڪيپيٽلزم چيو ويو. ايجادن سان صنعتي انقلاب آيو، صنعتي انقلاب سرمائيدارن کي جنم ڏنو، سرمائيداريت جاگيرداريت کي ختم ڪيو. فرانس ۾ سرمائيداريت انقلاب آندو، جاگيرداريت ختم ٿي ۽ هڪ نئين دور، نئين تهذيب، نئين ترقيءَ جو آغاز ٿيو. صنعت ان سرمائيداريت جو لازمي جزو هئي. ان جديد سرمائيداريت جي باري ۾ معاشيات جي هڪڙي ماهر جو چوڻ آهي ته، ”جاگيرداراڻي دور ۾ به نفعي جي بنياد تي واپار ٿيندو هو، پر سرمائيداريت، جنهن ماڻهن جي زندگي ۽ سندن سوچ کي بدلائي ڇڏيو، اها نئين دور جي پيداوار آهي. چيو وڃي ٿو ته مشين ان جو لازمي جزو آهي، مشين ۽ ان جا پرزا جديد سرمائيداريت کي جاگيرداراڻي دور جي واپار کان جدا ڪن ٿا.“

جديد دور جي سرمائيدارن محسوس ڪيو ته مدي خارج جاگيردار، هنن جو حڪومتي نظام ۽ قانون، هنن جي گرجا ۽ پادري سندن استحصال ٿا ڪن ۽ هنن جي واپاري مفادن جي خلاف آهن ته هنن واپار ۽ مارڪيٽ کي جاگيرداريت کان آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد شروع ڪئي. سرمائيدار بنيادي طرح خود غرض ۽ مطلبي هو. هن لاءِ زندگي هڪ بي رحم معاشي جنگ هئي، جنهن ۾ هو اڪيلي سر ٿي وڙهيو. پنهنجي بقا جي ان جنگ ۾ هو ڪنهن به اصول، اخلاقيات ۽ رشتن ناتن جو قائل نه هو. هن اهڙو حڪومتي نظام جوڙڻ ٿي گهريو، جنهن ۾ هو پاڻ به حصيدار هجي ۽ اهڙا قانون ٺاهي سگهي، جن سان هن جي ڪاروباري مفادن جو تحفظ ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح جديد جمهوريت وجود ۾ آئي.

سرمائيداريت انسانيت کي ٻه وڏيون سوکڙيون ڏنيون، هڪ جمهوريت ۽ ٻيو زمين جي غلامي (Selfdom) مان آزادي ۽ ماڻهو جيڪو اڳ فرد نه هو، پر سردار يا نواب جو ماڻهو هو، ملڪ جو شهري نه پر بادشاهه جي رعيت هو، ان کي سرمائيداريت رياست جو شهري بنايو ۽ هن کي ڪي حق ڏنا. سڀ کان وڏو حق ووٽ جو حق هو، جنهن جي ڪري اڻ سڌيءَ طرح ملڪ جي حڪومتي سرشتي ۾ حصيدار هو. سرمائيداريت فرد کي آزادي ته ڏني، پر هن کي سرمائي ۽ اجوري جو غلام (Slavery of wages) بڻائي ڇڏيو. هي نظام جيئن ته نفعي تي ٻڌل هو، ان ڪري ان پورهيت لاءِ وڏيون مصيبتون پيدا ڪري ڇڏيون. گهٽ اجورو، غربت، بيروزگاري، ڏوهن ۾ واڌارو، بيماريون، غير صحت مند ماحول، انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سرمائيداريت جاگيرداريت کان بهرحال تمام گهڻو بهتر هئي. عجيب ڳالهه آهي ته جڏهن سارو جهان جاگيرداريت مان نڪري سرمائيداريت ڏانهن پيو وڃي، تڏهن سنڌ تاريخي عمل جي بنهه ابتڙ اڳتي وڌڻ جي بدران پٺتي موٽ پئي کائي. سنڌ ۾ راڄن جا چڱا مڙس ۽ پريا مڙس بلوچن جي سرداري نظام جي اهل ڪندي پنهنجي پنهنجي راڄ کي منظم ڪري انهن جا سردار ۽ مير ٿي ويٺا آهن ۽ اتر جي ڪيترن شهرن ۽ علائقن ۾ سندن حڪومت قائم آهي. مان ترقيءَ جي عمل ۾ سماجي نظام جي اهميت جو ايترو ته قائل آهيان، جو منهنجي خيال ۾ (جيڪو غلط به ٿي سگهي ٿو) روس ۾ جيڪڏهن سرمائيداريت کانپوءِ ڪميونزم اچي ها ته ان جي صورت ڪا ٻي هجي ها ۽ ان جو انجام اهڙو ئي ٿئي ها، جهڙو هاڻي ٿيو. روس ۾ جڏهن اشتراڪيت عروج تي هئي، تڏهن هڪڙي سوشل سائنسدان ڪارل اين بيڪر چيو هو:

”ائين چئي سگهجي ٿو ته روس ۾ ڪميونزم جا مقصد حاصل ٿي نه سگهيا آهن، اها حقيقت آهي، پر اها به حقيقت آهي ته آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾، جن ۾ جمهوريت آهي، جمهوريت جا مقصد به حاصل ٿي نه سگهيا آهن. ان جي معنيٰ اها هرگز نه آهي ته اشتراڪيت ۽ جمهوريت جي جيڪا اصل شڪل آهي، ان کي وساري ڇڏجي. روس، آمريڪا ۽ انگلينڊ کي ان لاءِ نندي سگهجي ٿو ته اهي ملڪ مثالي اشتراڪيت ۽ مثالي جمهوريت جي معيار تي پورا لهي نه سگهيا آهن.“

سرمائيداريت ماڻهوءَ کي زرعي غلاميءَ مان آزاد ڪرائي انفراديت ۽ جمهوريت ڏني هئي، پر ساڳئي وقت پورهئي ۽ پورهيت جي استحصال جو خوفناڪ نظام به رائج ڪيو هو. سرمائيداريت جي آزاديءَ ۾ بکيو ماڻهو تيستائين پيٽ ڀري نٿي سگهيو ۽ اگهاڙو ماڻهو تيستائين انگ ڍڪي نٿي سگهيو، جيستائين هن جي اٽي ۽ لٽي مان ڪنهن نفعو نٿي ڪمايو. اهڙي نظام ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ سماجي انصاف ناممڪن هو، اهڙي صورتحال ۾ ڪن باشعور انسانن اهڙي آزاديءَ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو استحصال نه ٿئي، ماڻهپي جو مان ٿئي، انساني رشتن ۽ ناتن جو احترام ڪيو وڃي ۽ ماڻهو ماڻهپي واري آبرومنديءَ واري زندگي گذاري سگهي…… ساري دنيا ۾ جڏهن اهڙي معاشري جا خواب ڏٺا ٿا وڃن، تڏهن اسان جا وڏيرا اُن سماج جا خواب ٿا ڏسن، جنهن ۾ سرداري نظام هوندو ۽ اهڙي خواب کي ساڀيان بنائڻ لاءِ پنهنجن پنهنجن ”قبيلن“ کي منظم پيا ڪن، هڪ ٻئي سان پيا ويڙهائين ۽ پوءِ جرڳا ڪري ماڻهن جي مقدر جا فيصلا پيا ڪن.

Refrence: Daily Kawish
Date: 18th-April-2012

 
Leave a comment

Posted by on April 21, 2012 in Articals

 

Leave a comment