RSS

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا – جامي چانڊيو

09 اپر
جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
جامي چانڊيو

سنڌ هونئن ئي هر لحاظ کان سورن ۾ آهي ۽ ان صورتحال ۾ سنڌ جي هڪ بهادر ۽ سدوري پُٽَ بشير خان قريشيءَ جو لاڏاڻو سچ پچ ته ڪنهن وڏي قومي سانحي کان گهٽ ناهي. هونئن ته سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومي سياست ۾ اهڙا انيڪ ڪردار ٿي گذريا آهن ۽ اڄ به موجود آهن، جيڪي سدائين قومي اُتساهه جي علامت رهيا، پر بشير خان قريشيءَ ۾ ڪا خاص مڻيا هئي، جو هو سنڌ جو هڪ هر دل عزيز ماڻهو هو. سياست جي ميدان تي سدائين ماڻهو تڪرارن ۽ تضادن جي گهيري ۾ رهي ٿو، پر سنڌ جي سياست ۽ شهيد فاضل کانپوءِ بشير خان قريشي شايد اهو واحد سياسي ڪارڪن/اڳواڻ هو، جيڪو ذاتي طور سڀني لاءِ قابلِ قبول هوندو هو. مون پنهنجي گذريل پنجويهن سالن جي سياسي ۽ ادبي زندگيءَ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي بشير خان جي غيبت ڪندي نه ٻڌو. هو سنڌ جي روايتي محبتي مٽيءَ مان ڳوهيل ماڻهو هو. سائين جي ايم سيد منهنجي والد صاحب جو دل گهريو دوست هو ۽ مون کي سدائين دل سان ڀائيندو هو. مان ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي تعليم جي وقت کان وٺي سائينءَ وٽ اڪثر ويندو هوس ۽ بشير خان قريشيءَ سان منهنجون ابتدائي ملاقاتون اتي ئي ٿيون. ان زماني ۾ مون سدائين کيس سائينءَ جي قربت ۾ ڏٺو ۽ سائين جي ايم سيد جو ساڻس پيار، اعتبار ۽ شفقت به ڏسڻ وٽان هوندي هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جي سياسي تربيت سڌيءَ ريت سائين جي ايم سيد جي هٿن ۾ ٿي هئي. سائينءَ سان هن جي محبت، عشق جي حد تائين هئي، پر مون سائينءَ جي بشير خان سان قربت ۽ شفقت پڻ اکين سان ڏٺي.
بشير خان جي پهرين خوبي اها هئي ته هو هڪ بيحد سادو ۽ سڌو ماڻهو هو. سنڌ جو هڪ روايتي نج بنار ماڻهو هو. هن ۾ هلڪڙائپ ۽ ڏيکاءَ پسنديءَ جا لاڙ بلڪل نه هئا. بشير خان هڪ عملي ماڻهو هو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي قومي سياست ۾ سندس همعصر قيادت مان جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو سڀ کان وڌيڪ عوامي رابطو هو يا عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي صلاحيت هئي ته اهو بشير خان قريشي هو. بشير خان جي هڪ ٻي خوبي اها هئي ته هو سنڌ جي وضعدار روايتن جو امين هو. فضيلت، نهٺائي، قرب، درگذر، وفاداري، وڏن جي عزت ۽ بهادري، سنڌ جي مٽيءَ جا اُهي سمورا روايتي مثبت ڳُڻ ئي هئا، جن بشير خان قريشيءَ کي هڪ اهڙي مڻيادار سياسي ڪارڪن/اڳواڻ طور اڀاريو، جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول ۽ هر دل عزيز هو. سنڌ جو هي اهڙو نفسياتي طور بحراني دور آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهيو پيو آهي. اڻ سهپ، ساڙ، ڪينو، ڏيکاءَ پسندي، ٻئي کي هيٺ ڪري پاڻ کي مٿي ڪرڻ جهڙي سطحي ۽ جاگيردارانه سوچ، ذاتي مفاد پرستي ۽ روين ۾ عدم توازن اڄوڪي سنڌ جا عام رجحان آهن، پر بشير خان قريشي انهن منفي رجحانن کان آجو ماڻهو هو. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو پنهنجي اندر ۾ هڪ متوازن، پر سڪون ۽ وڏو ماڻهو هو. مان ڪيترا ڀيرا مٿس روبرو سخت تنقيد به ڪندو هوس، ته هميشه کلي چوندو هو ته، ”پوءِ توهان وقت ڏيو، رهنمائي ڪريو.“ سنڌ جي سياست ۾ اها فضيلت ۽ نهٺائي مون تمام گهٽ ماڻهن ۾ ڏٺي. جيئي سنڌ ۽ عوامي تحريڪ جا اختلاف هميشه عروج تي رهيا، پر مون بشير خان کي سدائين پليجو صاحب سان نهايت عقيدت، احترام ۽ نوڙت سان ملندي ڏٺو ۽ پليجي صاحب جي ساڻس شفقت به ڏسڻ وٽان هوندي هئي. پليجو صاحب نه رڳو کيس ڀانئيندو هو، پر سندس بهادريءَ ۽ فضيلت کي ساراهيندو پڻ آهي. سندس دل ۾ اها جاءِ بشير خان پاڻ ٺاهي. هو پاڻ کي هڪ اڳواڻ کان وڌيڪ هميشه هڪ ڪارڪن سمجهندو هو ۽ مون سدائين هن کي سياسي تعصب کان بالاتر ڏٺو.
بشير خان قريشي سياسي طور به هڪ پختو ۽ ڪڙهيل ماڻهو هو. هن گذريل ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ جي سياست کي نئون رخ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيڪا سياسي تنظيم ۽ روايت رڳو تعليمي ادارن تائين محدود هوندي هئي. هن ان کي سنڌي عوام تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گذريل سڄو ڏهاڪو هو عوامي رابطي ۽ عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مصروف رهيو ۽ ان جو ثبوت سندس ڪوٺايل وڏا وڏا عوامي ميڙ هئا. جتي به قبائلي جهيڙن جي صورت ۾ سنڌي ماڻهن جون هڪ ٻئي خلاف خونريزيون ڏسندو هو ته هو اُتي منٿ ميڙ قافلو وٺي وڃي، کين هڪ هنڌ گڏ ويهاري سندن خوني تڪرار نبيرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. بشير خان سنڌ جو سچو سپاهي هو. هو سنڌ جي قومي سياسي تنظيمن مان پهريون اڳواڻ هو، جنهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي پنهنجيءَ سياست جو مرڪز ٺاهيو. اها سوچ سندس سياسي ۽ قومي بصيرت جو وڏو ثبوت آهي.
بشير خان قريشيءَ جي هڪ نرالي خوبي اها به هئي ته سياسي اختلافن کي ڪڏهن به ذاتي رنگ نه ڏيندو هو. نه ته هونئن سنڌ ۾ اهو رجحان عام آهي. اسان وٽ سياسي اختلاف نه رڳو ذاتي اختلاف ۾ تبديل ٿيو وڃن، پر اهي دشمنيءَ جي صورت اختيار ڪري ويندا آهن. مون بشير خان جي زبان مان ڪڏهن به ڪنهن مخالف سياسي ڪارڪن، پارٽي يا اڳواڻ خلاف ڪو گٿو لفظ نه ٻڌو. هميشه سياسي ڪچهري ڪندو هو ۽ ماڻهن جي غيبت بدران اشوز تي ڳالهائيندو هو. منهنجي ساڻس آخري ملاقات گذريل سال منهنجي پاري دوست آصف بالادي جي گهر سائين محمد ابراهيم جويي جي ملهايل سالگرهه جي موقعي تي ٿي. جتي سنڌ جا ٻيا به ڪيترا ساڃاهه وند دوست آيل هئا. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ لساني تنظيم چونڊي چونڊي سنڌي ماڻهن کي ماري رهي هئي. بشير خان قريشي مون کي چيو ته، اسان تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته اسان به هٿيار کڻون ۽ جوابي ڪارروايون ڪريون. توهان ڇا ٿا چئو؟ مون کيس چيو فاشزم جو جواب فاشزم نٿو ٿي سگهي. اسان کي دهشتگردن ۽ فاشسٽن خلاف سياسي جنگ ڪرڻي آهي، پر عام اردو ڳالهائيندڙن خلاف ڪا به جوابي ڪارروائي اسان جو انساني، قومي ۽ فڪري وَڙ ناهي. منهنجي جواب تي سندس چهري تي مرڪ ۽ اتساهه ڏسڻ وٽان هو. هن چيو مان به ان ساڳيءَ سوچ جو آهيان، سنڌ ۾ نسلي رتوڇاڻ اسان جي حق ۾ ناهي ۽ اسان پرامن سياسي جدوجهد کي ئي حقيقي قومي ۽ سياسي واٽ سمجهون ٿا.
بشير خان قريشيءَ جهڙي فضيلت ڀري سياسي ڪارڪن/اڳواڻ جو ڪُمهلو موت مون سميت سڄيءَ سنڌ لاءِ وڏي ڏک جو باعث آهي. سنڌ کي موجوده ڏکين حالتن ۾ هن جهڙي ماڻهوءَ جي سخت گهرج هئي ۽ سندس موت يقيني طور هڪ قومي سانحو آهي. سنڌ پنهنجي هن بهادر پٽ کي هميشه ياد رکندي!

گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا

ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا!


Referance: Daily Kawish on 08-April-2012

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on April 9, 2012 in Articals

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: