RSS

Sindh and Sir Bartle Frere

02 اپر
سنڌ ۽ بارٽل فريئر
سليم ميمڻ

ڪراچي شهر جي پراڻن رهاڪن کي ياد هوندو ته هن شهر جي اهم رستن ۽ مارڪيٽن جا نالا انگريزن جي نالن تي رکيل هئا، مثال طور ميڪلوڊ روڊ، فريئر روڊ، پريڊي اسٽريٽ، مينسلفيڊ اسٽريٽ، فريئر هال، لي مارڪيٽ، ايمپريس مارڪيٽ، ميري ويدر ٽاور ۽ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج وغيره. پوءِ آهستي آهستي، اهي نالا مَٽجڻ لڳا، فريئر روڊ شاهراهه لياقت ۾ بدلجي ويو، اهم واپاري ادارن جي مرڪز وارو روڊ ميڪلوڊ روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۾ بدلجي ويو (جنهن کي ڪراچي جي وال اسٽريٽ جي حيثيت حاصل آهي). اهڙي ريت بندر روڊ بدلجي ايم اي جناح روڊ ٿي ويو. رام باغ، آرام باغ ۽ گرومندر، سبيل والي مسجد جي نالي سان سڏجڻ لڳا. نالن جي مَٽجڻ سان، ڄڻ تاريخ ئي مٽجي ويئي. گرومندر اسان ڪڏهين ڏٺو ته ڪونه، پر اڄڪلهه اتي سينٽرل ايڪسائيز جي آفيس آهي، ۽ منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته ان کان اڳ اتي K.E.S.C. جي آفيس قائم ٿي هئي، جيڪا مندر تي قبضو ڪري ٺاهي ويئي هئي. ان ۾ هندو مت جي ڪنهن رام يا ديوتا جو بت رکيل هو، جيڪو غائب ٿي ويو. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر کي بدلائڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، سو اڄ به جاري آهي. 1966ع ۾ ايس ايم سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته اهو ڪاليج جنهن رستي تي واقع هو، تنهن کي فريئر روڊ سڏيندا هئا. شام جو پڙهڻ لاءِ ايمپريس مارڪيٽ جي سامهون ايمپريس پارڪ ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن فريئر هال جي لائبريري ويندو هئس، جيڪا شهر جي جهونن لائبريرين مان هئي، جتي پراڻن اهم ڪتابن جو ذخيرو هو، جيڪا سٺي سارسنڀال نه هئڻ سبب ختم ٿي ويئي آهي. فريئر هال جي دلڪش ۽ وڻندڙ عمارت کي ڏسي خيال ايندو هو ته هن شخص جي ڪيل خدمتن جو اعتراف هڪ خوبصورت يادگار جي صورت ۾ موجود آهي، تنهن پڪ اهڙا ڪارناما ڪيا هوندا، جو پونئيرن ايڏو شاندار يادگار قائم ڪيو آهي.
اڄ ان فريئر جو 197 هون ڄم جو ڏينهن آهي، جنهن کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي سهڪار سان ملهائي رهي آهي. فريئر جي باقاعده تعليم باٿ جي هڪ گرامر اسڪول کان ٿي. ڊسمبر 1833ع ۾ هو ڪاليجي تعليم مڪمل ڪري نڪتو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کيس هندستان ۾ نوڪريءَ ڪرڻ لاءِ چونڊيو. انگريزن دنيا تي جيڪو راڄ ڪيو، ۽ جن لاءِ مشهور هو ته انگريز بادشاهت ۾ سج لهي ئي ڪونه ٿو، ان جو هڪ سبب اهو به هو ته انگريز پنهنجي رعايا، يا بيٺڪيت جي عوام سان سندن ئي ٻولي ۾ هم ڪلام ٿيندو هو. ان لاءِ شهر توڙي فوجي عملدارن لاءِ لازم هوندو هو ته هو مڪاني ٻولي ترت سکن، ان لاءِ کين ان ديس جي ٻولي جو امتحان به ڏيڻو پوندو هو، جنهن کان پوءِ ئي کين مقرري يا پوسٽنگ ملندي هئي، سو فريئر کي به ٻولي سکڻي پئي، جنهن لاءِ سندس ڀاءُ وليم سندس مدد ۽ رهنمائي ڪئي، جيڪو اڳواٽ ئي هندستان ۾ موجود هو. بارٽل اهو امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو. کيس پوني ۾ روينيو آفيسر جي هٿ هيٺ رکيو ويو. سن 1842ع ۾ سر جارج آرٿر بمبئي جو گورنر مقرر ٿي آيو، جنهن بارٽل فريئر کي پنهنجو پرائيوٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو، جتي سندس ملاقات گورنر جي وڏي ڌيءُ ڪئٿرائين سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي محبت ۾ تبديل ٿي ۽ هنن پاڻ ۾ شادي ڪئي. هو سال 1844ع تائين ان عهدي تي رهيو، ساڳئي سال اپريل ۾ سندس پيءُ گذاري ويو ۽ بارٽل زال سوڌو برطانيا هليو ويو.
وري بارٽل فريئر ڪمشنر طور پنهنجي عهدي جي چارج وٺڻ لاءِ جڏهن جنوري سن 1851ع ۾ ڪراچي بندر تي پهتو ته ساڳئي ڏينهن منجھند جو اتفاقي طور تي چارلس نيپئر به پنهنجي سڄي ڪٽنب سان سنڌو ندي رستي اتر هندستان کان ڪراچي پهتو هو. هو ڪجھه عرصو اڳ جليانوالا باغ جي مشهور انگريز ۽ سِک ويڙهه کان پوءِ هندستان جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿي آيو هو. هو ٽي چار ڏينهن بارٽل فريئر جو مهمان ٿي رهيو ۽ سنڌ جي انتظامي وهنوار ۽ جوڙجڪ بابت کيس قيمتي مشورا به ڏنائين. ان گڏجاڻيءَ ٻنهي ۾ گهري دوستي پيدا ڪئي.
بارٽل فريئر 1851ع کان سن 1859ع تائين سنڌ جو ڪمشنر ۽ پوءِ چيف ڪمشنر ٿي رهيو. سر چارلس نيپئر سنڌ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي جو هنڌ بڻايو. جتي هن پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ٺهرايو، جيڪو هاڻي گورنر هائوس سڏجي ٿو. ان دؤر ۾ ڪراچيءَ جي حالت ڇا هئي، ان بابت فريئر پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو آهي: ”سن 1851ع ۾ هڪ ميل ڊگهو به ڪو پڪو رستو نه هو، نه وري ڪا پختي اڏيل پل هئي. فقط ڪي بيرڪون هيون، جي توبخاني لاءِ ٺهرايو ويون هيون. جهازن جي مرمت لاءِ به ڪو ڪارخانو نه هو. ايتريقدر جو درياءَ ۾ هلندڙ جهاز به معمولي مرمت لاءِ بمبئي موڪليا ويندا هئا. ستن ورهين جي مختصر عرصي ۾ ٽي جهاز ڪراچي بندر ويجهو ٻُڏي چڪا هئا.“ ان صورتحال ۾ فريئر آڏو ڪيترائي چيلنج هئا، حڪومتي ڪنٽرول کي مضبوط ڪرڻ کان پوءِ هن ڪراچي بندر کي ترقي وٺرائڻ جو پڪو پهه ڪيو، جو کيس خبر هئي ته بندر جي ترقيءَ کان سواءِ واپار کي هٿي نٿي وٺرائي سگهجي. فريئر ان دؤر ۾ تمام گهٽ سهولتن ۽ فنڊن نه هئڻ جي باوجود ڏينهن رات هڪ ڪري ڪراچي بندر کي ترقي وٺرائي ۽ اڄ ڪراچي بندر دنيا جي جديد بندرن ۾ ليکجي ٿو. 54-1853ع کان 58-1857ع دوران واپار جو حجم 88 لک 50 هزار پائونڊن کان وڌي ٻه ڪروڙ 15 لک پائونڊ ٿيو، جيڪو ذري گهٽ اڍائوڻ کي وڃي پهتو.
فريئر جو ڪم اتي مڪمل نه ٿيو، هن ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ بمبئيءَ جي گورنر کي رٿ پيش ڪندي صلاح ڏني ته ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين سنڌو ندي سان گڏ ريلوي لائين وڇائي وڃي. لارڊ ڊلهائوسي فريئر جي ان رٿ سان اتفاق ڪيو. ان وقت هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ريلوي، ۽ گريٽ انڊين پينشولا ريلوي ڪم ڪري رهيون هيون. فريئر جي ڪوششن به نيٺ وڃي دنگ ڪيو ۽ انگلينڊ ۾ هڪ ڪمپني قائم ٿي، جنهن جو نالو ”سنڌ ريلوي ڪمپني“ رکيو ويو. سنڌ ريلوي ڪمپني جي آفيس، ڪراچي جي صدر واري علائقي ايلفنٽسن اسٽريٽ ۾ قائم ڪئي ويئي، جنهن کي پيار وچان ڪراچي واسي ايلفي ڪوٺيندا آهن، (پر ظالمن ان جو نالو به مٽائي زيب النساءَ اسٽريٽ رکيو آهي. ايلفنٽسن کي ته اسين سڃاڻون، پر مائي زيب النساءَ ڪير هئي؟ الله ڄاڻي سنڌ سان ته سندس ڪو واسطو ڪونه هو).
فريئر پنهنجي ڪمشنري دوران 1854ع سنڌ ۾ ٽپال جي جديد سرشتي جو بنياد رکيو. فريئر ’سنڌ ڊسٽرڪٽ ڊاڪ‘ جي ٽڪلين جو خاڪو تيار ڪرايو، ۽ نئين ٽپال جي ٽڪلي تيار ڪئي ويئي، جنهن جي قيمت ٽڪو يعني اڌ آنو رکي ويئي. برطانوي هندستان ۾ ٽپال جي پهرين ٽڪلي رائج ڪرڻ جو شرف به فريئر سنڌ کي ڏياريو.
جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ان وقت سنڌي ٻولي جي صورتحال ڏاڍي منجهائيندڙ هئي. انگريز حاڪمن جو اهو خيال هيو ته عوام سان سندن ئي ٻولي ۾ مخاطب ٿجي. ان پاليسي تي جڏهن سنڌي ٻولي جو اڀياس ڪيو ويو ته صورتحال ڏاڍي ڏکوئيندڙ ۽ ڳنڀير هئي. سنڌي مسلمان عربي صورتخطيءَ کي واهپي ۾ آڻي رهيو هو ته سنڌي هندو ديوناگري لپي ۾ هٽ واڻڪي جي استعمال ۾ رڌل هو. فريئر ان ڏس ۾ محسوس ڪيو ته سول ۽ فوجداري معاملات لاءِ ملڪي زبان کي برقرار رکيو وڃي. ان رٿ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ فريئر پنهنجن صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪئي. رچرڊ برٽن جي راءِ هئي ته سنڌي لاءِ عربي صورتخطي موزون رهندي، جو سنڌين جي گهڻائي مسلمانن جي هئي، برٽن پاڻ عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ سندس ڪيتريون ئي تصنيفون موجود هيون. پنهنجي صلاحڪارن سان صلاح مصلحت کانپوءِ بارٽل فريئر اهو سڄو معاملو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي ڏياري موڪليو، جنهن هڪ سال جي ويچارڻ کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ته آزمائشي بنيادن تي عربي صورتخطيءَ کي مقرر ڪيو وڃي. اها مهرباني بارٽل فريئر جي، جنهن ان اهم معاملي تي ويچاريو. هڪ راءِ اها به آهي ته ابوالحسن واري سنڌيءَ کي سنواري ۽ سڌاري، سنڌي ٻوليءَ لاءِ خاص صورتخطي تيار ڪئي ويئي. انگريز عملدارن سنڌي زبان ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب تيار ڪرايا جنهن ۾ مسٽر ٽرومپ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن شاهه جو رسالو جرمنيءَ جي شهر لپسيا مان سرڪاري خرچ تي ڇپائي پڌرو ڪيو، گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر پڻ جوڙي تيار ڪيائين. ساڳي ريت ڪيپٽن اسٽئڪ به سنڌي گرامر جوڙيو، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جو قصو ڏنل آهي. مطلب ته فريئر جي دور ۾ نثر جو صحيح معنيٰ ۾ بنياد پيو ۽ نثر جون مختلف صنفون ۽ مضمون (Subjects) متعارف ٿيا. فريئر سنڌي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي انگريزي، فارسي ۽ عربي ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ شروع ڪيا ۽ ترجمو ڪندڙن کي انعام آڇيا ويا. ساڳي ريت بارٽل فريئر سنڌي ادب سان ساڳيو انس ڏيکاريو. الف – ب جي منظوريءَ کان فقط هڪ سال اندر سر ايلس بارٽل فريئر کي رپورٽ پيش ڪئي ته حساب، تاريخ، جاگرافيءَ جي مضمونن ۾ ڏهه ڪتاب تيار ڪرايا ويا آهن. هڪ سال جي عرصي ۾ ڏهن ڪتابن جي تياري فريئر جي غيرمعمولي دلچسپيءَ سبب ممڪن ٿي سگهي.
الف – ب جي منظور ٿيڻ کان پوءِ فريئر رٿ ڏني ته اڳتي سرڪاري نوڪريءَ ۾ ترقي تڏهن ملندي جڏهن سرڪاري ملازم کي سنڌي زبان لکڻ پڙهڻ ايندي. نه فقط اهو بلڪه سرڪار پاران انهن عملدارن کي سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻ تي هڪ سئو روپين جو انعام پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان رٿ جو مثبت نتيجو نڪتو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ پنجويهه انگريز عملدارن سنڌي زبان جو لکت ۾ امتحان پاس ڪري ورتو. ان ڪاميابيءَ کانپوءِ فريئر بمبئي سرڪار تي زور آندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ نصابي ڪتاب تيار ڪرايا وڃن. ڪجهه گوٿ ناٿ کانپوءِ بمبئي سرڪار تعليمي مقصدن لاءِ ڏهه هزار رپيا منظور ڪيا. سن 1853ع ۾ سنڌي زبان ۾ سرڪاري طور پهريون مراسلو تيار ٿيو ۽ فريئر هڪ سرڪاري پڌرائي ذريعي تي سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري زبان جو درجو ڏياريو. اهڙي ريت فريئر سنڌ ۾ ميونسپل سرشتي جو بنياد وڌو ۽ ان ننڍي شهر ۾ قائم ٿيندڙ ميونسپالٽي اڄ ملڪ جي سڀ کان وڏي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن آهي.
فريئر پنهنجي ڪمشنري واري مدي ۾ آبپاشي جي سرشتي ڏانهن به گهڻو ڌيان ڌريو. هن جان جيڪب جي صلاح مصلحت سان بيگاري واهه کي جيڪو اڳ ۾ موجود هو، ويڪرو ۽ اونهو ڪرايو، ڇاڪاڻ ته ان واهه تي اتر سنڌ جي آبادي جو گهڻو دارومدار هو. فريئر کي اهو اندازو هو ته امن ۽ سلامتي جو دارومدار فقط ان صورت ۾ ئي ممڪن آهي جڏهن ماڻهو خوشحال، آباد ۽ آسودا هوندا ۽ هن چڱي ريت ٿي ڄاتو ته سنڌ جي اڪثريت جو دارومدار زراعت تي آهي. سندس حڪمت عملين سبب سنڌ جي آبپاشي جي سرشتي ۾ بهتري آئي.

Reference: Daily Kawish on 29-March-2012

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on April 2, 2012 in Articals

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: