RSS

بدمعاش ـ جمال ابڙو

01 اپر
بدمعاش
جمال ابڙو

هو وڏو بدمعاش هو، پهرئين نمبر جو. ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو هن جي ڏائي هٿ جو کيل هو. چپٽين ۾ ڏوهه ڪري وٺندو. حرام جو قياس پويس. خار ۾، ڇپ ڪيو، بيٺو ڏسندو. هڪ ڀروون هيٺ، اک چُنجهيل، ٻيو ڀروون مٿي، ڏند ڏندن سان مليل. ناسون ڦوٽاريون، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيون بيٺو هوندو. بس بس ڪري، وٺي حملو ڪندو، آنڊا ٻاهر.
ڏائڻ جهڙي ڪهاڙي ڪلهي تي کنيو، شينهن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو هو. شل نه ڪير کيس للڪاري. ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جهلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين، ٻه ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگهه وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو. ڪهاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.
چيلهه سنهي، سينو ويڪرو، ڪلها اڀا. مڇن کي تاءُ ڏيو اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾، مست ٿيو وتندو. ڪنهن تي فلڪ نه آڻيندو.
ننڍي کان ئي نئود هو. پڻس ڪُٽي، هڏ گڏ ڀڃي رکندو هوس. حرام، جو سڌو ٿئي. ٻرڙاٽ پيا پوندس. لتون، مڪون، چنبا، گهل گهلان، هجيس ماءُ، ته ڇڏائيس! نيٺ رڙيون ڪرڻ بند ڪندو. پيو مار کائيندو، ڪڇندو نه، ڀانئيندو ته پيءُ جي ڏاڙهي پٽي رکي، پر ڏاڍو هوس. اوڙو پاڙو تپائي ڏنائين، پاڻ جيڏن کي سٽيو ڪٽيو، ڀڳو هليو ويندو. ٻارن جا ماءُ پيءُ، رڙيون ڪندا ايندا. هٿ ايندن، ته ڪٽي رکندس. پنهنجو ٿورو ئي هئن! نه ته به پڻس کي دانهن ڏيندا. پڻس، پاڻ مان ئي ڪَڪ. سڀ سور ساڙ، هن مان ڪڍندو هو. ڏوهه ٻين جو، مار هن تي. ”ڪو اُنهين ئي ته ڪو نه آيو هو.“ اهڙو ساڙ ٿيندو هوس، اهڙو ساڙ ٿيندو هوس…. ڏاڍو ساڙ ٿيندو هوس. چوندو هو، ”بيهه وڏو ٿيان!“
ڪيئن ته واڻئي جي چلڪڻي ڪپڙي کي هٿ لاٿو هئائين! واڻئي چماٽ وهائي ڪڍيس. پڻس به کڻي چنبو هنيس، پيءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ”ڀيڻسان، سوئر!“ ننڍو هو، سور پي ويو.
ڇورو ڇنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو، اَن لپ ڪا نه جو شيءِ وٺي. ٻيا ٻار جهولي جهلي ڀريو، چوس چوس ڪيو گُگهڙا وٺيو، پيا پُوريندا هئا. هي اڪيلو، مٿي تي ٻانهن رکيو، اکيون ڦاڙيو، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو چنڊ، ٺڪر جي گاڏي، ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان، دل چوندي هيس ته هٿ لائي ڏسان، پر ڪير ٿو ڪنهن کي هٿ لائڻ ڏئي. نڪ جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي وينديس. وٺي هڪ پاسي ڀڄندو، ڪنڊ ۾ منهن ڪري، ڀت تي ليڪا پائيندي، پيو چَپَ ڪڍندو ۽ سنگهه اگهندو.
سڪي سڪي رانديڪو چورايائين. پيو سانڍيندو هوس، لڪي لڪي راند ڪندو هوس. ننڍڙو ڪافور جو گڏڙو وڏين اکين سان ڄڻ ته ڀاءُ هوس. ڪيئن ته پڻس کَسي ورتس! سڏڪا ڀريندي ڀريندي، مار کائيندي کائيندي، ٽپا ڏيئي ڏيئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو، پڻس جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويو. هن ڏاڍيون رڙيون ڪيون، پيءُ کي ”حرامي“ به چيائين. پڻس لتون به هنيس. ان ڏينهن ڏاڍو رنو. ٽُڪڙا ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، پاري ۾ وجهي ڇڏائين. ڏينهن اهو ٿيو، وري نه رنو.
پيءُ ته ڏٺي نه وڻندو هوس. ڀلا لڱن جو ڪهڙو ٽڪر هوس، جنهن تي پڻس جا پادر نه وسيا هئا. وڏو ٿيو، ته لٺ کڻي کنيائين. چي؛ ”متان آيو آهين!“ پڻس سمجهي ويو، وري نه ڪڇيو. ٻين ماڻهن سان ازلي وير هوس، ڀلا ڪير ساڻس چڱيان هليو هو!
اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون. ساهه ساهه سان، نفرت ڦوڪون ڏئي نڪرندي هيس. ماڻهن کي ماريندي، ڦريندي، چيچلائيندي، ڪجهه خيال نه ٿيو هوس. ”ساڻس ڪو گهٽايو هئائون!“ نفرت سان ٽمٽار، ڪيتري به ڪڍي، ته به اوتري جي اوتري، نه گهٽجي نه وڌي.
کيس هڪ ڪتو هو. گُلر ڪري پاليو هئائين. اهو مئو، ته روئي ويٺو. هڪ وار جهلجي پيو. گهلي آيس ٿاڻي تي. اڃا ڪچو هو. ڊڄي ويو. چي، ”الله سائين هن ڀري ڇڏاءِ، ته توبه ڪيم!“ پر جڏهن کيس مرچ وڌائون ۽ مُٽ پياريائون، تڏهن ڊپ لهي ويس. اهو ئي هڪ ڀِروون هيٺ، اک چنجهي، ٻيو ڀرون مٿي.
پوءِ ته ڪئين ڀيرا جهليو. لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نهاري ته ساهه سڪيو وڃي. جهڙي تهڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس.
چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جهليو. پوليس تي بار پيا. چيائونس؛ ”مال موٽاءِ!“ وٺي آيس گهر، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، چي؛ ”وار پٽينس“.
ڪيس مان ڇٽي نڪتو، ڀيڻ جي منهن نه چڙهيو. چڱي مڙس کي ماريائين. اهي پوليس جا آفيسر ماريائين. روپوش ٿي ويو. ڪهڙو روپوش؟ اتي ئي هو، پر پوليس کان ڏاڍو هو.
ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيائين. ماڻهو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏهن ماڻهن جي ڳچين مان رت ٺينديون ڪري وهندو هو، جڏهن ڪٽيل نڙگهٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا هئا. جڏهن وڍيل رڳن مان رتُ، ڇاٽيون ڪري نڪرندو هو ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙهيون هڻندا، بل کائيندا هئا، تڏهن هو بيهي ڏسندو هو. هڪ ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
ڄڃون ڦريائين. گهوٽ ڪنوار ماريائين. نوٽن جون ڍڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيهي ڏٺائين. هڪڙو ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
هڪ دوست تي ڪاوڙيو، هڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس. ٽڪر ٽڪر ڪري وڍيائينس. پوءِ وٺي ڪوڪون ڪيائين. اٺ پهر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي، فاتحا پڙهيائينس. مڇون هيٺ لڙڪي آيس. رت لڳل ڪهاڙي کڻي خون واريءَ جاءِ تي پوري ڇڏيائين. ڄڻ ته پنهنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين…… ۽ پوءِ……
جهلجي پيو، هڪ ڪيس نه بيٺس. سئو ڏهين ۾ ڏنائونس، اڙجي ويو. مٽيءَ جي ماني. موبل ۾ رڌل دال. چرس ڀنگ جو واپار، بچي بازيءَ تي جهيڙا. سڀ ٻٽ، قيدي توڙي ڪامورا. گار جي رئي. ڪُتي واري ڪار. هو گڏهه وانگر وهندو رهيو. گُهنڊ هنيو، چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪيو پيو گهمندو هو. ڏينهن ئي ٻه چار گذريا. جيل کان ٻاهر، پٿر ڀڃندي، هروڀرو جمعدار صاحب ڏنڊيون وهائي ڪڍيس. هن ڪنڌ ڦيري، ڀِروون ڇڪي، ڏانهس ڏٺو، جمعدار صاحب تي زهر چڙهي ويو. گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنائين. چي؛ ”ڏسين ڇا ٿو؟“ هن جون ٻئي اکيون چنجهيون ٿي ويون، ڏند ڪرٽجي ويس، وٺي گجگوڙ ڪيائين. ٽپو ڏئي ڪڙڪي پيو. جمعدار جي ٻانهن ڪڍي وڌائين. هنگامو مچي ويو، قيدين جي ٻيگهي متي. سپاهين جون بندوقون ڇڏائجي ويون، هو ڀڄي ويو.
هن وڃي پنهنجي ڪهاڙي کوٽي ڪڍي. چتائي ان کي ڏٺائين. ڄڻ ته انساني مٿن جا گيها ٿي ڳڻائين. سندس واڇ چٻي ٿي، نڪ گهنجيو ۽ اک چنجهي ٿي، ڌڪار مان مشڪيو. ڪهاڙيءَ کي مٿي ڪري چمي ڏنائين. سندس ڦر جي تک کي آڱوٺي سان جاچيائين.
نئين سر ڪوس شروع ٿي ويا. ستلن کي ماريائين. بي ڏوهن کي ڪٺائين، گهر ساڙيائين. زائفن جا پار، ٻارن جو رودن، باهه جون لاٽون. ڏسندو ڏسندو، هليو ويندو. وري وري مُڙي ڏسندو. نه خوشي، نه خار. اها ئي چنجهي واڇ لڙيل، ڀِروون هيٺ مٿي. پچڪ ڪري، کڻي ٿُڪ اڇليندو.
هڪ لڱا ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هنيائين. سڄي ڳوٺ کي کڻي مُٺ ۾ ڪيائين. جو جتي سو تتي. هيسيل ۽ چپ. هي ڳاٽ اوچو ڪيو، ڀروون تاڻيو پئي آيو ۽ ويو.
اڱڻ ۾ هلندي، پير هيٺان ڪو رانديڪو اچي ويس. اڍائي سالن جي ٻار، ماءُ جي ڪڇ تان دانهن ڪئي: ”ڪنو حلامي!“ هن مُڙي ڏٺو. ماءُ جهٽڪو ڏيئي، ٻار جي وات تي هٿ ڏنو. کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايائينس. ويچاريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٻار کي اڃا به ڇاتيءَ سان سوگهو ڪيائين. اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريائين. ڇا ته هو ماءُ جي اکين ۾! هو پنڊ پاهڻ ٿي ويو. ٻار کي ڏٺائين. ڀڳل رانديڪي کي ڏٺائين. ماءُ جي ڀاڪر کي ڏٺائين. ڪيئن ته ٻارڙو، ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورايو، ٺنڀ هنيو پيو هو. هو ڏسندو رهيو. هن جا ڇڪيل ڀروون، هوريان هوريان، سڌ ۾ اچي ويا. هن جهڪي ڀڳل رانديڪو کنيو. ٽڪر ميڙي اڳتي وڌيو. وڃي مائيءَ جي هٿن ۾ ڏنائين.
انهيءَ ئي ڌاڙي ۾ هو جهليو. سندس ڪي ساٿي ماريا، ڪي مٿس باڪو ٿيا. مائيءَ شاهدي ڏني. ڀڳل رانديڪو پيش ٿيو. کيس جنم ٽيپ آئي.
هو ماٺ هو صفا ماٺ. سندس ڀروون سڌ ۾ هئا. اکيون هڪ-ڪريون هيس. ڄڻ ته پري پري پئي ڏٺائين. مائيءَ کي، ٻارڙي کي، سندن ڀاڪر کي…. ۽ پاري ۾ پيل گڏڙي کي. سندس ڪنن ۾ آواز اچي رهيا هئا – ”ڪنو…. حلامي… “
کيس سينٽر جيل تي موڪليو ويو. لُولو جمعدار جيلر بڻجي چڪو هو، هن کيس کنڀي ٻڌايو. کيس اگهاڙو ڪرايو ۽ کيس ڏنڊي لنگهائي. هن کي اونڌو ڪري سينٽر جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. صبح جو هو مري ويو. کيس لاٿو ويو. سندس ڏنڊي ڪڍي وئي. رت وهي هليو. چيائون ته؛ سوري هيس. لولي جيلر کيس ٿڏو هنيو. چيائين؛ ”بدمعاش!“

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on April 1, 2012 in Stories

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: