RSS

He was the history of Sindh – Veengas

14 فيب
هو سنڌ جي تاريخ هو..!
وينگس

سنڌ جي جهول ۾ انمول رتن ايندا رهيا آهن، ۽ سنڌ جي خوبصورت ڳالهه ئي اِها رهي آ ته سنڌ پنهنجن انمول رتن سان گهڻي خوبصورت لڳندي آهي. جي ايم سيد صاحب انهن انمول رتن مان هڪ آهي، هن جي شخصيت گھڻن رخن تي ٻڌل رهي پر انهن سڀني رخنن مان هن جو اهم ۽ بنيادي پاسو هِن جي حساسيت ۽ (Romanticism) هو. هن وٽ صرف پيار جي ندي هئي.

جنهن ماڻهو وٽ ٻولي ئي پيار جي هجي جنهن جون اکيون محبوب جي ڳالهه ڪندڙ هجن، ڪير ڪيئن ٿو ان ماڻهو کان سياسي داوَ پيچن جي ٻولي ڳالهائي سگهي؟ جي ايم سيد صاحب سياست ۾ پيار کي شامل ڪري ڇڏيو، هن محبوب جي ڳولها ۾ هر هڪ ماڻهو سان ايمانداري ۾ هليو، ۽ ڪجهه ماڻهن سان ضد ڪري بيهو رهيو. سيد صاحب وٽ سياست لاءِ پنهنجو انداز هو حقيقت ئي آهي ته هڪ پيار ڪندڙ جو پنهجو انداز هوندو آهي.

اسان ۽ توهان ان تي زور ڀري مڃرائي نه ٿا سگهون ته تون اسان جي ڳالهه تي هل. ائين ٿيڻ مشڪل آهي. جيتوڻيڪ سيد صاحب صرف هڪ محبوب ئي نه هو، هو هڪ سياستدان پڻ هو. اسان سڀني کي بهترين ڳالهه لڳندي ته سياست ۾ محبت کي آڻيون پر سياست ۾ هميشه صرف محبت جو ڇڪو ناهي هلندو، اتي هڪ محبوب جي ٻئي محبوب سان رشتو جڙي نه ٿو، هتي اڪثريت، ماضي، هلندڙ وقت ۽ مستقبل جا فيصلا ڪرڻا پون ٿا.

۽ جڏهن ڳالهه وڏي هجي ته پوءِ اتي فيصلا به اوتيرا وڏا ڪرڻا هوندا آهن.

جي ايم سيد صاحب پنهنجي ڪلهي تي سنڌ جو ڪشڪول کنيو، هن جو ايمان رهيو ته هو عدم تشدد ۽ پيار جي بنياد تي گانڌي جي جيان سنڌ کي آجپو ڏياري سگهندو. ڇا صرف گانڌي جي جي عدم تشدد ۽ پيار جي راهه تي برصغير مان برٽش راڄ ختم ٿيو؟

اسان هتي هڪ ڳالهه ٻي به ڪندا هلون ته برصغير جي آزاد يا ورهاڱي جي ويڙهه ڊگهي آهي جنهن ۾ مختلف ماڻهن جا ڪردار رهيا آهن پڻ خود گانڌي جيءَ جا سخت موقف رهيا هئا. ڇا اسان کي سيد صاحب جي سياسي زندگي مان ڪٿي سخت موقف ڏسڻ ۾ آيا، ها ڀٽي خاندان سان سخت موقف رکيو. ڇا اهڙو موقف پاڪستاني اقتدار ڌارين سان رکيو؟

سيد صاحب بيرحم سياست کي پنهنجي حساس اکين سان ڏسي اميد رکي ته هي بيرحم سلسلو ڪٿي تبديل ٿي وڃي. ائين نه ٿيو سيد صاحب سنڌ جو ڪينرو ڪلهي تي ايمانداري سان ضرور کنيو پر ان سان گڏ گهڻيون غلطيون ڪيون هڪ بي ايمان گورک ڌنڌي ۾ هن کي لڳو ته سڀ ڪجهه پيار سان کٽي وينداسين.

ائين نه ٿو ٿئي سنڌ انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ پنهنجن هٿن مان گهڻو ڪجهه وڃائيندي رهي آهي، جنهن وقت بنگالين پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي سنڌ به آواز اُٿاريو پر ڇا ٿيو؟

ٿورو بيهو! واپس هلو ماضي ۾ جڏهن سيد صاحب کي سڀ ڪجهه خبر پئجي وئي هئي ته برصغير جو ورهاڱو هڪ سوچيل سمجهيل راند آهي، جڏهن 1940 واري قرارداد ۾ “States” جي جاءِ تي “State”لکيو ويو. پهرين کي قدم تي دوکو ٿيو. ان کانپوءِ ڪهڙي سبب ڪري لياقت علي خان کي خط لکي گذارش ڪئي وئي ته هاڻي مسلمانن جي بحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.

سيد صاحب کي اها خبر هئي ته ڪراچي ۾ ڪهڙي سوچ رکي مهاجرن کي آباد ڪيو وڃي ٿو، ڇا جنرل ٽڪا خان جو جملو ياد نه هو جنهن ۾ هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي فتح ڪرڻ لاءِ صرف مارچ ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا اسان مارچ بنگال تائين نه ڪري سگهياسين. جڏهن سيد صاحب مهاجر قومي مومينٽ ۽ جنرل ضياء جي لاءِ سافٽ ڪارنر رکيو.

سيد صاحب پنهنجن ڪتابن ۾ سياسي غلطين جو اعتراف ڪيو آهي. اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن جيڪي غلطين جو اقرار ڪن ۽ عوام عدالت ۾ اچي ڪري مڃن ته ها مان غلطي ڪئي. اهڙي دل گهٽ ماڻهن وٽ هوندي آهي جيڪي غلطين جو اقرار ڪري سگهن. ۽ سيد صاحب وٽ اها دل هئي جنهن ۾ غلط کي مڃڻ جي سگهه هجي.

سيد صاحب غلطين جو اقرار ضرور ڪيو ڪاش! هو غلطين کي نه ورجائين ها ۽ سياست ۾سخت فيصلا ڪن ها ته اڄ سنڌ ٻئي روپ ۾ بيٺل هجي ها.

پر سيد صاحب سنڌ کي جتي سورن کان آجپي جو آواز ڏنو اتي هن ڪتاب لکي تاريخ کي محفوظ ڪيو، جيڪڏهن مان هِن کي سنڌ جو تاريخدان سڏيان ته گهٽ نه هوندو.

جيڪي اڄڪلهه ٻه ڪتاب لکي پاڻ کي تاريخدان سڏ ڪن ٿا ۽ جن تاريخ سان انصاف ڪرڻ جي جاءِ تي ان کي کوهه ۾ ڦٽو ڪيو آهي. انهن سڀني کان بهترين سيد صاحب آهي جنهن برصغير جي سياسي جدوجهد، پنهنجي سياست جي جوڙ ڪٽ ۽ سنڌ جي تاريخ کي قلم بند ڪيو.

سنڌکي اهڙو گهڻ رُخو ڪردار گهٽ ئي ملي سگهي. سيد صرف نعرو ۽ جهنڊو ئي نه ڏنو پر ذهنن کي وڏي اڏام ڏيڻ لاءِ ڪتاب به لکيا جن جو ڪير ذڪر ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. جيڪڏهن سيد کي سمجهڻو آهي ته سيد جي لکڻين ۾ جهاتي پايو جنهن ۾ هن تفصيل سان موقف کي واضح ڪيو. ڪنهن ٻئي جي واتان ڳالهيون ٻڌي لبيڪ ڪرڻ کان بهتر آهي ڪتابن کي ٻڌو ته اهي ڇا ڳالهائي رهيا آهن؟

مون کي ياد آهي ته آريسر صاحب کان انٽرويو وٺندي هن متحده جي مانَ ۾ ڳالهايو، ۽ ٻولي تي چيو ته ٻولي تي جهيڙو ناهي. عجيب ان وقت لڳو جڏهن آريسر گروپ جي هڪ ماڻهو ميسيج ڪندي چيو ته سيد صاحب جنهن دور ۾ ڪتاب لکيا ان وقت حالتون ٻيون هيون ۽ هاڻوڪي حالتون ٻيون آهن. ان جو مطلب جنهن دور ۾ سيد صاحب نعرو هنيو ان وقت حالتون ٻيون هيون ۽ هاڻوڪي ٻيون آهن ۽ ڪنهن تي به سمجهوتو ڪري سگهجي ٿو.

خير اهو ميسيج پڙهندي مون کي ذاتي طور تي سيد صاحب جي ڪوشش تي ڏک رسيو ته هينئر تائين سنڌ جا ڪجهه ڪردار تاريخ جي تسلسل ۽ روح کي سمجهڻ پري رهيو انهن اي سيد تون کي به پڙهيو ناهي.

اڄ سيد صاحب جي سالگرهه آهي نئون دور ۽ حالتون تبديل آهن، مان صرف سنڌ جي نوجوان کي لکندس ته توهان جي کيسن ۾ قيمتي موبائيل، هر هفتي ۾ لوڊ ٿيندڙ ڪارڊز ۽ ڪلاڪن جو ڪالز ۽ ڊگها ميسيجز کان بهتر آهي ته سنڌ جو نوجوان اڄ جي ڏينهن تي پاڻ سان واعدي ڪندي سيد صاحب جي ڪتابن سان چاهه رکندو، ۽ هفتي ۾ ٻه ڪارڊز وٺڻ بجاءِ پئسه جمع ڪري ڪتاب خريد ڪندو ته سنڌ جو تاريخدان سيد صاحب سنڌ ئي ڪيئن ڏٺو ۽ ڪهڙي سياسي سگهه ڏيڻ پئي چاهي.

سنڌ جا نوجوان ائين ڪري سگهندا يا نه اهو انهن جو اندر ئي ڄاڻي سگهي ٿو، ڇو جو هي نئون نسل سنڌ کي خوبصورت سياسي ماحول ڏئي سگهي ٿو جنهن ۾ مفاد پرستي جي جڳهه نه هجي.

سنڌ جي نوجوانن کي جي ايم سيد صاحب جي ڪتابن ڏانهن موٽ کائڻي پوندي ۽ ذهنن کي جهنجهوڙڻ گهرجي، موبائيل جي جڳهه تي ڪتابن تي هٿ رکڻ گهرجن.

سنڌ جا نوجوان سيد جي ڪتابن يا موبائيل کي اهميت ڏين ٿا؟ ان جو فيصلو عمل ڪندو.

مان هينئر وري خير بخش مري صاحب جي ڳالهه ورجائيندس جيڪا هن مون کي انٽرويو دوران ڏيندي چئي هئي ته مان سنڌين کي چوان ٿو ته اهي اسان سان گڏ ٿين ۽ سيد جي نظريي تي اٿي بيهي رهن. هن سنڌ ۽ بلوچستان اتحاد جي ڳالهه ڪئي.

ڇا سنڌي سيد صاحب جي ڏينهن بلوچستان جي دل خير بخش مري جو سڏ ٻڌندا؟

سيد سنڌ جي تاريخ آهي جنهن سنڌ جي تاريخ نه پڙهي اهو سنڌ ڪيئن سمجهي سگهندو؟

veengas@dailyibrat.com

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on February 14, 2012 in Articals

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: