RSS

Sakhi Jam Kanbho Khan

24 جنو

”سنڌ جو مشهور سخي ڄام ڪانڀو خان نور سنڌي“


سنڌ ۾ اها چوڻي اڄ به مشهور آهي ته يار تون ته اسان لاءِ ڄام ڪانڀو ته نه آهين. ها ڄام ڪانڀو خان سنڌ جو مشهور سخي مڙس ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌ جي اهم ڄام جوڻيجو جي خاندان مان هو. پاڻ 1305ھ ۾ وقت جي وڏي جاگيردار نواب ڄام محمد شريف جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان سچار غريبن جو همدرد ۽ غريبن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندڙ هو. ڄام ڪانڀو خان جي سخاوت، نه صرف ڄام نوازعلي واري علائقي ۾ پر ان وقت جي سنڌ هند ۾ مشهور هئي. پاڻ روزانه فجر جي نماز پڙهي، نوڪرن کان ڪاٺ جي هڪ وڏي صندوق، جنهن ۾ چانديءَ جا رپيا هوندا هئا، سامهون رکرائي رات دير تائين ايندڙ ضرورتمندن سوالين کي ٻڪ ڀري ڏيندو هو. وڏي سخي هئڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز به هو. اوطاق تي ايندڙ مهمانن توڙي فقير فقراءَ لاءِ هڪجهڙي ماني، ڍاڪونءَ ۾ ڍڪجي ايندي هئي. پاڻ صوفياڻه راڳ جو به وڏو شوقين هوندو هو. ڀلا گهوڙا، مهري اٺ، ڀلا ڏاند، ڀليون مينهون، ڀليون ٻڪريون رکڻ جو به شوقين هو. وٽس 2 سئو کان وڌيڪ ڀلا گهوڙا هوندا هئا. سخي اهڙو جو ڪيترا ئي سوالي مينهون يا ڍڳا ۽ ٻئي چوپائي مال سان گڏ، گهوڙا سي به سٺن سنجن سان ڏيڻ جي سين هڻندا هئا ته کين اهي به ڏئي ڇڏيندو هو. سياست کان پري هو. سياست وارو ڪم پنهنجي ڀائرن نوابزاده ڄام جان محمد خان ۽ نواب زاده ڄام مٺا خان جي حوالي ڪري ڇڏيو هيائين. مٿيان ٻئي نواب، بمبئي اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا ۽ ان حيثيت سان سنڌ ۾ سٺا ڪم ڪرايائون. ڄام ڪانڀو خان لاءِ اهو مشهور آهي ته پاڻ پنهنجي مرشد حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ، سوين نوڪرن سان گڏ ڀٽ شاهه ويندي نازڪ نفيس هئڻ جي باوجود ڀٽ شاهه کان ٻه ڪوهه پري، نوڪرن سميت گهوڙن تان لهي پير اگهاڙا ڪري پيرين پنڌ مزار تي حاضري ڏيندا هئا. ايئن ٻه ٽي راتيون رهي، وڏيون خير خيراتون ڪندا هئا ۽ پاڻ سان آندل چانديءَ جي ٽڪن جو خرزينون فقير فقراءَ ۾ ورهائيندا هئا. لطيف جي عرس مبارڪ ۾، زائرين لاءِ سندن پاران لنگر عام هلندڙ هوندو ھو. ملاکڙي ۾ به ملهن کي ٽڪن جا ٻڪ ڀري ڏيندا هئا ۽ ميلي ۾ فنڪارن سان به اهڙي سخاوت ڪندا هئا. پاڻ بهترين گهوڙي سوار به هئا. سندس ويجهن دوستن ۾ سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ مٽياريءَ وارو، سر شاهنواز ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو، نواب غيبي خان چانڊيو، مير بنده علي خان ٽالپر به شامل هئا. پاڻ محفلن جو مور ۽ ڳوٺاڻي ڪچهرين سان دلچسپي رکندو هو. روزي نماز جو پابند، سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن سان عقيدت رکندڙ هو. بزرگن جي ميلن ملاکڙن ۾ وڃي نه صرف لنگر نياز ڪندو هو پر ملهن ۽ فنڪارن کي به دل کولي ٽڪن جا ٻڪ ڀري ڏيندو هو. سنڌ جو هيءُ عظيم سخي 1374 هه ۾ 9 ربيع الثاني تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصال جي خبر باهه وانگر سنڌ هند ۾ پکڙجي وئي. چون ٿا ته تعزيت ڪندڙن جو سلسلو سڄو سال جاري رهيو. ڇاڪاڻ ته ان وقت سوارين جي سهوليت نه هئي. تعزيت لاءِ نه صرف سنڌ پر هند کان به هزارين ماڻهو پهتا. تعزيت لاءِ ايندڙ ايئن روئيندا رهيا، ڄڻ سندن ڪو مٽ مائٽ گذاري ويو هجي. سندس پٽن ۾ ڄام صادق علي خان، ڄام شيرعلي خان هئا، جيڪي وفات ڪري ويا. ڄام صادق علي خان جي پٽن ۾ ڄام معشوق علي، ڄام ڪاشف علي ”مرحوم“، ڄام ذوالفقار علي، ڄام شير علي جي پٽن ۾ ڄام نورعلي خان، ڄام نفيس خان ۽ ڄام نياز علي خان شامل آهن. ڄام صادق علي خان به مهمان نوازيءَ واري روايت، پنهنجي والد کان ورثي ۾ حاصل ڪئي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندس دل جو دستر خوان ايندڙ ويندڙ جي مهمانيءَ لاءِ وڇايل رهيو.
 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on January 24, 2012 in Personalities

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: