RSS

هو، مان ۽ هوءَ – امر جليل

23 جنو
هو، مان ۽ هوءَ
امر جليل

[ڪجهه سياڻن جو خيال آهي ته مان چريو آهيان، ۽ ڪجهه چرين جو خيال آهي ته مان سياڻو آهيان.]

هڪ اوپري شخص کي پنهنجي ڪمري ۾ ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هو الاءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو. مان کٽ هيٺان ٻاهر نڪتس ته هن کي ڪمري ۾ موجود ڏٺم. جڏهن طرحين طرحين جا خوف مون کي ورائي ويندا آهن، تڏهن مان کٽ هيٺان هليو ويندو آهيان. اتي مان سک جو ساهه کڻي سگهندو آهيان، ۽ مان محسوس ڪندو آهيان. ڪيتري دير تائين هٿ ڪڇن ۾ ڏيئي ۽ منهن گوڏن ۾ لڪائي کٽ هيٺان پيو هوندو آهيان، ٻاهر تڏهن نڪرندو آهيان، جڏهن ڊپ کان آجو ٿيندو آهيان.
اُن ڏينهن کٽ هيٺان ٻاهر نڪتس ته هن کي پنهنجي ڪمري ۾ موجود ڏٺم. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. الاءِ ڪير هو! اوپرو شخص هو. هو ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مون کي هو بنهن نه وڻيو. مون کيس چيو: “منهنجي ڪمري ۾ فقط ٻن قسمن جا ماڻهو اچي سگهندا آهن. هڪڙو منهنجي پيءُ جي ٽين زال جا مائٽ، ۽ ٻيو ڊاڪٽر ۽ سندس ٻه برجستا ڪمپائونڊر. ڪمپائونڊر مون کي ڏسي قابو ڪندا آهن، ڊاڪٽر مون کي هڪ سئي هڻي ڇڏيندو آهي. ۽ پوءِ مون کي ننڊ اچي ويندي آهي، ۽ مان ورهين جا ورهيه ننڊ ڪندو آهيان.

هو خاموش رهيو ۽ مون ڏانهن ڏسندو رهيو. چيم: “انهن ٻن قسمن جي ماڻهن کانسوا”، ٽئين قسم جو ڪوبه شخص منهنجي ڪمري ۾، منهنجي اجازت کانسواءِ داخل ٿي نه سگهندو آهي. منهنجو پيءُ به منهنجي ڪمري ۾ اچڻ جي سگهه ساري نه سگهندو آهي. تون منهنجي سمجهين پيو نه!”
هن جواب نه ڏنو. خاموش رهيو. سندس چهري تي ڪنهن قسم جو تاثر اُڀري نه آيو. هو بدستور ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. ڏاڍو ڪو نؤد هو. الاءِ ڪير هو.منهنجي پيءُ جي ٽين زال جو ڪو مائٽ هو، يا ڊاڪٽر هو! الاءِ ڪير هو.
مون اوپري شخص کي چيو: “يار ڳالهه ٻڌ! جيڪڏهن تون منهنجي پيءُ جي ٽين زال جو ڪو مائٽ مٽ آهين، ته پوءِ مهرباني ڪري هڪدم منهنجي ڪمري مان گم ٿي وڃ، منهنجي پيءُ جي ٽين زال جي ناطي تون منهنجي پيءُ جو مائٽ ته ٿي سگهين ٿو، پر منهنجو هرگز نه.”
هو بيهودو شخص خاموش رهيو. مون ڏانهن ڏسندو رهيو. چيم: “اهڙي طرح مون ڏانهن نه ڏس. منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.”
سندس چهري تي ڪو تاثر نه آيو.
کيس ڳالهه سمجهائڻ خاطر چيم: “مان جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو آهيان، اها ڇوڪري منهنجي پيءُ جي ٽين زال کان عمر ۾ ٽي سال وڏي آهي. منهنجي پيءُ جي ٽين زال عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهي. تون منهنجي ڳالهه سمجهين پيو نه!”
مون غور سان اوپري شخص ڏانهن ڏٺو. هو اهڙو ڪڇي، جهڙي ڀت! ماٺ جو قسم کنيو هئائين شايد. الاءِ ڇو هو مون کي احمق محسوس ٿيڻ لڳو.، تڏهن چيم: “يار! منهنجي ڳالهه چڱن چوکن سياڻن جي سمجهه ۾ نه ايندي آهي، تون ته شڪل شبيهه مان مون کي احمد پيو لڳين. منهنجي ڳالهه ڌوڙ تنهنجي سمجهه ۾ ايندي! سچ پڇين ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي پڻ پنهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون آهن.”
نه اک ڇنڀيائين، ۽ نه ئي وات مان ڪو اکر اُڪليائين. ڄڻ پٿر جو بت هو. بيحس هو. سندس مسلسل خاموشي مون کي بيزار ڪرڻ لڳي. چيم: “ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته منهنجي مٿي ۾ ٽيومر آهي. ٽيومر سمجهين پيو نه! خاص انگريزي قسم جي بيماري آهي. سولي سنڌيءَ ۾ ٽيومر کي ڳوڙهو چئبو آهي. ٽيومر جو علاج فقط لنڊن ۾ ٿيندو آهي. پر مان لنڊن هرگز نه ويندس. لنڊن کان مون کي نفرت آهي. مان جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو آهيان، سا ڇوڪري لنڊن ۾ هڪ ڊاڪٽر سان مخفي محبت ڪندي آهي، ۽ يار، سچ پڇين ته لنڊن وڃڻ لاءِ مون وٽ پيسا به نه آهن. مان ته ٽنڊي باگي وڃڻ جهڙو به نه آهيان. اصل ۾ مان ڪنگلو آهيان. مان ته ان قابل به نه آهيان جو پنهنجي محبوبه کي هڪ لڏون وٺي کارائي سگهان. هونءَ به منهنجي محبوبه کي ذيابيطس جي بيماري آهي. هوءَ مٺين شين کان پرهيز ڪندي آهي. تون منهنجي ڳالهه غور سان پيو ٻڌين نه!”
اوپرو شخص خاموشيءَ سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، ۽ مون ڏانهن ڏسندو رهيو. چيم: “منهنجي ماءُ کي ذيابيطس جي بيماري نه هئي. منهنجيءَ ماءُ جي دل ۾ گڙٻڙ هئي. دل جو معاملو ته نازڪ ٿيندو آهي نه! سو هيٺان وڃي لڪي پيو هوس. منهنجي پيءُ مون کي کٽ هيٺان ڪڍي پيار ڪيو هو. منهنجا لڙڪ اگهندي چيو هئائين ته، پٽ روين ڇو ٿو – هڪ بدران مان توکي ٻه مائرون آڻي ڏيندس. تون منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ ۽ منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، موڳا مٽر.”
هو بنا ڪنهن تاثر جي منهنجي ڳالهه ٻڌي رهيو هو. چيم: “منهنجو پيءُ سچ پچ منهنجي لاءِ ٻه مائرو وٺي آيو – هڪ عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي ۽ ٻي عمر ۾ مون کان ڏهه سال وڏي.”
نه تعجب جو تاثر ڏنائين، ۽ نه حيرت جو. ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ جي آڇ ڪيم، قبول نه ڪيائين. بيٺو رهيو.
چيم: “بابا جي ٻي زال جيڪا عمر ۾ مون کان ڏهه سال، ۽ بابا جي ٽين زال کان عمر ۾ پندرهن سال وڏي هئي، سان نيڪ بخت پنهنجي زندگيءَ جو چڱو چوکو وقت قياس آرائين ۾ گذاريندي هئي. هوءَ بابا جي ٽين زال، منهنجي ٽوهه ۾ رهندي هئي. اَٺ ئي پهر پنهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئائين. جاسوسيءَ جي مهم شروع ڪري ڇڏي هئائين. هوءَ وڏو ڪو راز فاش ڪرڻ جي چڪر ۾ هئي. تڏهن، کيس خبر پيئي ته مان هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو آهيان، جيڪا بابا جي ٽين زال کان ٽي سال وڏي آهي: تڏهن کيس ان ڳالهه جو صدمو رسيو. هوءَ اُداس رهڻ لڳي، ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن پنهنجي پيڪي هلي ويئي. انا لله و انا اليہ راجعون.”
پٿر جي بت جهڙو اوپرو شخص خاموش رهيو. مون محسوس ڪيو ته هو منهنجي پيءُ جي ٽين زال جو مائٽ نه هو. هو مون کي ڊاڪٽر محسوس ٿيڻ لڳو. مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. هو پنهنجن ٻن برجستن ڪمپائونڊرن هٿان مون کي قابو ڪرائي، منهنجي ٻانهن ۾ هڪ سئي يعني انجيڪشن ٽنبي ڇڏيندو آهي. ۽ پوءِ مون کي، ورهين تائين ننڊ اچي ويندي آهي. مان جاڳڻ چاهيان ٿو. هو مون کي سچ پچ ڊاڪٽر محسوس ٿيڻ لڳو. سندس ٻيئي ڪمپائونڊر غائب هئا. مون ڪنبنڊي ڪنبندي اوپري شخص کي چيو: “تون ضرور ڪو نئين قسم جو ڊاڪٽر آهين. مون کي سئي هڻي ورهين تائين سمهارڻ آيو آهين. مان جاڳڻ چاهيان ٿو ڊاڪٽر. مان سجاڳ رهڻ چاهيان ٿو. مون کي نه سمهار. مون کي نڀاڳي ننڊ نه ڏي. مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. مون ته هينئر ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو آهي. مان پنهنجي وهمن، سودائن ۽ انومانن جو ذڪر به ڪنهن سان نه ڪندو آهيان. جڏهن سوچن جا غبار ورائي ويندا آهن، تڏهن خوف وچان مان کٽ هيٺان لڪي ويهي رهندو آهيان. مان پنهنجن وهمن ۽ پنهنجين سوچن متعلق ان ڇوڪريءَ سان به ذڪر نه ڪندو آهيان، جنهن سان مان محبت ڪندو آهيان ۽ هوءَ لنڊن جي هڪ ڊاڪٽر سان مخفي محبت ڪندي آهي.”
اوپرو شخص اوپروئي رهيو. هو پٿر جي بت وانگر خاموش رهيو. اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندو رهيو. ڪجهه دير کانپوءِ هو مون کي پنهنجي پيءُ جي ٽين زال جو مائٽ وغيره محسوس نه ٿيو، ۽ نه ئي هو مون کي ڊاڪٽر محسوس ٿيو. سندس چهري تي ڄڻ بيحسيءَ جو نقاب چڙهيل هو. نه خوشي، نه غم، ۽ نه غصو! هو مون کي پراسرار مخلوق محسوس ٿيڻ لڳو. سندس گهور کان گهٻرائجي مان ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس. ڀت سان لٽڪايل خالي فريم ڏانهن اشارو ڪندي چيم: “هن تصوير جو نالو آهي تصوير ابيض. هيءُ فريم بظاهر خالي نظر پيو اچي، پر اصل ۾ ائين نه آهي. ان فريم ۾ جڏهن به ڪنهن اهم شخص جي تصوير سينگاربي آهي، تڏهن ڪجهه عرصي کانپوءِ تصوير غائب ٿي ويندي آهي، ۽ فريم خالي رهجي ويندو آهي.”
هو شخص تڏهن به خاموش رهيو. کيس جيڪڏهن روم ۾ ڏسان ها ته مائيڪل اينجيلو جو ٺاهيل بت سمجهي ويهان ها. پر مون کيس روم ۾ نه ڏٺو هو. مون کيس پنهنجي ڪمري ۾ ڏٺو هو. لڳو ته جيئرو جاڳيندو پئي، پر ڀت وانگر خاموش هو!
مون اوپري پراسرار شخص کي چيو: “يار تون ڪهڙي قسم جو انسان آهين! منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو جواب نٿو ڏئين. ڪا ٽيڪا ٽپڻي به نه ٿو ڪرين! شايد گونگو آهين. سمجهان ٿو ته ٻوڙو به آهين. جيڪڏهن ٻوڙو نه هجين ها ته منهنجيون ڳالهيون ٻڌي مرڪڻ لڳين ها- شايد ٽهڪ به ڏيئي وٺين ها. ماڻهو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي کلندا آهن، ۽ پوءِ اوچتو مون کي چوکنڀو ٻڌي ڊاڪٽر کي گهرائيندا آهن، ۽ مون کي هڪ عدد سئي هڻائي ڇڏيندا آهن. سئي لڳڻ کانپوءِ مون کي صدين تائين ننڊ کڻي ويندي آهي. ننڊ ۾ مان ان ڇوڪريءَ جا خواب ڏسندو آهيان، جيڪا مخفي طرح لنڊن ۾ هڪ ڊاڪٽر سان محبت ڪندي آهي.”
بس! اوپرو شخص مون کي نهايت واهيات ۽ بيهودو محسوس ٿيو. سوچيم، سندس اکيون ڪڍي ڇڏيندس. اهڙيون اکيون نڪتيون ڀليون! مان ڪرسي ڇڏي هن جي سامهون وڃي بيٺس. آڱريون سندس اکين آڏو جهليم. سوچيم، ضرور ڊپ وچان اکيون بند ڪري ڇڏيندو! پر نه. هن جون اکيون کليل هيون. هو بظاهر ڏسي رهيو هو، پر اصل ۾ ڏسي نه رهيو هو. سندس اکين ۾ روشني نه هئي. هو انڌو هو.
خوف منهنجي وجود کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. کٽ هيٺان لڪڻ محال محسوس ٿيو. هن کي ڪن هئا، پر ٻڌڻ کان معذور هو. کيس اکيون هيون، پر ڏسڻ کان مجبور هو. سندس وات ۾ زبان هئي، پر ڳالهائڻ کان لاچار هو! اهڙو شخص مون زندگيءَ ۾ ٻڌو، نه ڏٺو! الاءِ ڪيئن، ۽ ڇو منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو.
تيزيءَ سان ڊوڙندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو پنهنجي ڪمري مان نڪري ويس. سڌو وڃي نانيءَ جي ڪمري ۾ سک جو ساهه کنيم. هوءَ ڏاڍي اطمينان سان طوطي ۽ مينا وارو پڪي جلد سان قصو پڙهي رهي هئي ۽ بيحد متاثر نظر اچي رهي هئي. مان سندس کٽ تي ويهي رهيس، ۽ چيم: “اڄ مون هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو آهي جنهن کي ڪيپراٽيءَ جي ٻنهي پاسن کان ٻه ڪن ته آهن، پر ٻڌڻ کان معذور آهي. کيس اکيون به آهن، پر ڏسڻ کان محروم آهي. سندس وات ۾ لڳيم ٿو، زبان به آهي، پر ڳالهائڻ کان لاچار آهي.”
“ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.” نانيءَ چيو: “عمر گذاري ڇڏي اٿم اهڙن ماڻهن کي ڏسندي ڏسندي.”
مون سندس پوڙهو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو: “هڪ اهڙو ئي شخص منهنجي ڪمري ۾ موجود آهي.”
“هو تنهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهي!” نانيءَ پڇيو.
“مون کي ڪهڙي خبر ته هو منهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهي؟” چيم: “مان سمجهان ٿو، هو ماسٽر چندر جو ڳايل ڪلام ٻڌڻ آيو آهي.
رکي ناتو نباهين ها،
پنهل منهنڙو مٽايئه ڇو.”
“ڏاڍو ڪو ڀوڪ آهين!” نانيءَ چيو: “هوڏانهن چوين پيو ته هو ٻوڙو آهي ۽ مٿان چوين پيو ته چندر جو راڳ ٻڌڻ آيو آهي! اڙي چريا، ٻوڙا ماڻهو فقط تقريرون ٻڌندا آهن، گيت ۽ سنگيت نه.”
“هو في الحال منهنجي ڪمري ۾ آهي.” چيم: “مان ڊڄان ٿو سندس انڌي هئڻ کان، سندس ٻوڙي هئڻ کان ۽ سندس گونگي هئڻ کان.”
نانيءَ چيو: “تون پنهنجي پيءُ جي ٽين زال کي وڃي چئه ته اُن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي شخص کي تنهنجي ڪمري مان ڪڍرائي ڇڏي، هن گهر تي ته هينئر اُن چنڊيءَ جو راڄ آهي.”
سوچيم، ناني ٺيڪ ٿي چوي – جنهن جو راڄ هجي، تنهن سان ئي ڳالهائجي. نانيءَ جي ڪمري مان نڪري سڌو بابا جي ٽين زال جي ڪمري ۾ وڃي نڪتس. مون کي ڏسي، بابا جي ٽين زال جي چهري تي مرڪ تري آئي. پڇيائين: “ڪيئن آهين پٽ؟”
“اوهو!” چيم: “تون عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهين، تنهنجي واتان پنهنجي لاءِ پٽ جو لفظ مون کي زهر ٿو لڳي، تون مون کي منهنجي نالي سان ڇو نه ٿي مخاطب ڪرين!”
“توکي تنهنجي نالي سان مخاطب ڪريان!” معنيٰ خيز مرڪ سان چيائين: ““ پوءِ تون مون کي شميم جي نالي سان سڏيندين؟”
شڪي ٿيندي چيم: “ڇا اهو ممڪن ڪونهي جو اسين اصلي نالي کانسواءِ هڪ ٻئي کي مخاطب ڪريون.”
“ڇو نه ممڪن آهي!” هن ساڳيءَ طرح مرڪندي چيو:”ڪو خاص ڪم اٿئي ڇا؟”
“ها.” چيم: “منهنجي ڪمري ۾ هڪ اهڙو شخص موجود آهي، جيڪو انڌو آهي، گونگو آهي، ۽ ٻوڙو به آهي. تون مهرباني ڪري کيس منهنجي ڪمري مان ڪڍرائي ڇڏ.”
“تون خوش ته آهين نه پٽ!” منهنجي پيءُ جي ٽين زال پڇيو.
“اوهو! چيم: “تون عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهين. خدا جي واسطي مون کي پٽ نه چوندي ڪر.”
پڇيائين: “پر، هونءُ تون چاڪ ته آهين نه؟”
“ها، مان ٺيڪ آهيان. مون کي سئيءَ جي ضرورت نه آهي. مان جاڳڻ چاهيان ٿو. مان سمهندس نه. مون کي ننڊ کان نفرت ٿي ويئي آهي.” چيم: “گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو شخص منهنجي ڪمري ۾ موجود آهي. مون کيس پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.”
“تون اتيئي ترس.” بابا جي ٽين زال چيو: “مان وڃي ڏسي ٿي اچان ته هو ڪير آهي ۽ تنهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪري رهيو آهي.”
مون کي اتي ئي ڇڏي، هوءَ منهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي. مان صوفي تي ويهي رهيس ۽ شوڪيس تي سينگاريل وحشي عقاب ڏانهن ڏسڻ لڳس، جنهن هڪ جهرڪيءَ کي پنهنجي چنبن ۾ قابو ڪري ڇڏيو هو، ۽ سندس ماس پٽي رهيو هو. عقاب مئل هو. سندس جسم ۾ ڪپهه ۽ ڪاٺ جو ٻورو ڀريل هو: پر تنهن هوندي به نهايت خوفناڪ ۽ وحشي نظر اچي رهيو هو. جهرڪي به جيئري نه هئي، مري ويئي هئي. سندس جسم ۾ به ڪپهه ۽ ڪاٺ جو ٻورو ڀريل هو: پر تنهن هوندي به جهرڪي مظلوم ۽ ڏتڙيل پئي لڳي. عقاب ۽ جهرڪيءَ جي ڀرسان منهنجي پيءُ جي سونهري فريم ۾ سينگاريل قديم تصوير رکي هئي، جنهن ۾ هو لڳ ڀڳ منهنجي عمر جو پي لڳو.
ڪجهه دير کان پوءِ بابا جي ٽين زال منهنجي ڪمري مان موٽي آئي. هوءَ ڪجهه ڪجهه ڊنل ۽ هيسيل پئي لڳي. مون کانئس پڇيو: “ڇا هن شخص تو ڏانهن ڏٺو، تو سان ڳالهايو، ۽ تنهنجو حال احوال ٻڌو جو تون ايتري قدر پريشان آهين؟”
هن چيو: “تنهنجي ڪمري ۾ اوپرو شخص موجود نه هو.”
بابا جي ٽين زال چيو: “اوپري شخص بدران تنهنجي ڪمري ۾ هڪ ڇوڪري بيٺي هئي، جيڪا توکان عمر ۾ پنج سال ننڍي هئي. ان ڇوڪريءَ کي اکيون هيون، پر ڏسڻ کان مجبور هئي، کيس ڪن هئا، پر ٻڌڻ کان لاچار هئي، کيس وات ۾ زبان هئي، پر ڳالهائڻ کان معذور هئي.”
تڏهن مون کي پنهنجي پيءُ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هو چئي رهيو هو:”توکي سئيءَ جي سخت ضرورت آهي پٽ. شايد تون ڪافي دير کان جاڳي رهيو آهين. توکي سمهڻ گهرجي. توکي ننڊ جي ضرورت آهي. مون ڊاڪٽر کي گهرايو آهي، هو توکي سئي هڻي سمهارڻ آيو آهي.”
مون منهن ورائي ڏٺو، ڊاڪٽر ۽ سندس ٻه برجستا ڪمپائونڊر مون ڏانهن وڌي رهيا هئا.

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on January 23, 2012 in Stories

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: