RSS

Tales of Karachi – Amar Jaleel

20 جنو
ڪراچيءَ جون ڳالهيون
”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ ڪتاب جي مهاڳ مان کنيل
ــ امر جليل

مهاڳ ۾ مان ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه نه چوندس، نه ئي ڪتاب بابت فتويٰ جاري ڪندس. اهو اوهان جو حق آهي ۽ اوهان جي حق لاءِ مون کي احترام آهي. مهاڳ ۾ مان اوهان سان ڪراچيءَ بابت ڳالهائيندس، ان ڪراچيءَ بابت ڳالهائيندس جنهن ڪراچيءَ سان مون کي عشق آهي. ان ڳالهه ٻولهه ۾ نه تاريخ جو ذڪر ايندو، نه جاگرافائيءَ جو. نه آرين جو ذڪر ايندو ۽ نه اڻ آرين جو ذڪر ايندو. تبديلي موت وانگر اڻ ٽر آهي. نه ڪو موت کان منهن موڙي سگھيو آهي، ۽ نه ئي تبديليءَ کي روڪي سگھيو آهي. پر موت ۽ تبديليءَ ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. موت هڪ دفعي جو مهڻو آهي ۽ تبديلي مسلسل ڦير گھير جو سلسلو آهي. اسان جي هئڻ، اسان جي نه هئڻ سان تبديليءَ جي تسلسل ۾ ڪو فرق نه ايندو.. اهو گھڙي گھڙي جو گهاءُ آهي، لڳندو رهندو. جئين موت کان پوءِ زندگي بابت هزارين سالن کان انومان هلندا رهيا آهن، ۽ هلندا رهندا، تئين تبديلين ۾ گم ٿي ويل گھڙين جو ذڪر هميشهه ٿيندو رهيو آهي، ۽ ٿيندو رهندو. قديم آثارن جا ماهر چريا ناهن جو کنڊرن ۾ تبديليءَ سبب وڃائجي ويل تهذيبن جي تلاش ڪندا آهن. ماضين جا محقق حال کي ماَضيءَ جي آئيني ۾ ڏسڻ جو موقعو ڏيندا آهن.

مهاڳ ۾ مان ذڪر ڪندس پنهنجي ڪراچيءَ ۾ آيل تبديلين سبب تحس نحس ٿي ويل يقينن، اعتقادن ۽ محبتن جو. ان قسم جا انيڪ حوالا اوهان کي پڙهڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ ملندا. اهي حوالا هڪ محقق جا آهن ۽ هي حوالا هڪ ڪهاڻيڪار جا آهن. تنهن ڪري ورجايل حوالن کي ورجاءُ نه ٿو چئي سگھجي. محقق جا حوالا کوجنائن جو ثمر آهن. منهنجا حوالا نج يادن جو نتيجو آهن. جواني هجي يا ٻڍائپو يادون ڪنهن ڪنهن وقت يا ته منهن موڙي وينديون آهن، يا دغا ڪنديون آهن. هئڻ تي نه هئڻ جو، ۽ نه هئڻ تي هئڻ جو گمان ٿي پوندو آهي.

مان ضروري سمجھان ٿو ڳالهه جي شروعات هڪ وضاحت سان ڪريان. مان ڪهڙي ڪراچي کي پنهنجي ڪراچيءَ سمجھان ٿو؟ اها ڪهڙي ڪراچي آهي جنهن ڪراچيءَ سان مون کي عشق آهي؟ اها ڪهڙي ڪراچي آهي جتي مون هوش سنڀاليو، جتي مون هوش وڃايو؟

منهنجيءَ ڪراچيءَ ڪياماڙي (جنهن کي اردوءَ ۾ ڪيماڙي لکندا آهن) کان شروع ٿيندي هئي ۽ ٽڪريءَ وٽ ختم ٿيندي هئي جتي ٽڪري هوندي هئي اتي اڄڪلهه محمد علي جناح جو مقبرو اڏيل آهي. ٽڪري شهر جو تفريحگاه هوندو هو جتي روزانو ڪرسچين، پارسي، هندو، مسلمان، يهودي ۽ بهائي فيمليون اچي گڏ ٿينديون هيون. ڇنڇر جي شام ۽ آچر جو ڏينهن ٽڪريءَ تي ميلو متل هوندو هو. ٽڪريءَ جي پاسي کان اوڀر طرف سُکين سنڌي هندن جي عامل ڪالوني هوندي هئي. سندن بنگلا بيحد سهڻا، ۽ بنگلن آڏو سندن ذاتي باغ باغيچا سدا بهار هوندا هئا. ٽڪريءَ جي اولهه طرف ڪروڙ پتي پارسين جا بنگلا هوندا هئا. پارسين ۽ هندن ڪراچيءَ کي سهڻو ۽ صاف سٿرو رکڻ لاءِ وسان ڪين گھٽايو هو. هو هئا ته ڪراچي ڪنوار هوندي هئي، هينئر بيواه آهي.

ٽڪريءَ سان لڳو لڳ اولهه ۾ سولجر بازار جو علائقو هو، ۽ اڃا به آهي جتي گھڻو ڪري ڪرسچين ۽ پٽيل ذات جا هندو ۽ مسلمان ايڪي ۾ رهندا هئا. ٻنهي قومن جي گڏيل ڪاميٽيءَ پٽيل پارڪ ٺاهرايو هو جنهن جي وچ ۾ هو ڪرڪيٽ گرائونڊ، ان گرائونڊ تي مون انيڪ ميچون کيڏيون هيون. ورهاڱي کان پوءِ وڏي تعداد ۾ آيل مسلمانن ڪراچيءَ جو شهر اچي وسايو. هنن هر شيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو. پٽيل پارڪ ۾ هنن کي سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي سياست نظر آئي. هنن پٽيل پارڪ جو نالو مٽائي ولڀ ڀائي پٽيل جي مسلم ليگي حريف عبدالرب نشتر جي حوالي سان نشتر پارڪ رکيو. بندر روڊ تي مولو مسافر خاني جي سامهون، جتي هينئر صابري نهاريءَ واري جي هوٽل آهي، هڪ ننڍڙو ۽ ٽڪنڊو پارڪ هوندو هو. هينئر به آهي. ان پتڪڙي پارڪ جو نالو هوندو هو شِوِجي پارڪ Shivji Park شِوِجي پارڪ ۾ هندو ۽ مسلمان نوجوان ڪسرت ڪندا هئا ۽ ڏنڊ بيٺڪون هڻندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ يارن کي شِوِجيءَ ۾ شيواجي Shevaji نظر آيو. پارڪ جو نالو مٽائي رکيائون اورنگزيب عالمگير پارڪ، بندر روڊ جو نالو انڪري مٽايائون جو بندر روڊ تي کين بندر يعني ڀولڙا نظر نه آيا هئا. بندر روڊ کي نالو ڏنائون ايم اي جناح روڊ. نالو مٽائڻ لاءِ سولو ڪم رام باغ سان ڪيائون جتي بال اوسٿا يعني ننڍپڻ ۾ مون دسهڙي جا ڌو ڌڪ ڏٺا هئا. ۽ راڪاس جيڏي راوڻ کي باهه لڳل تيرن سان سڙي ڀسم ٿيندي ڏٺو هو. يارن رام باغ جي نالي آڏو الف مد آ ڏيئي رام باغ کي آرام باغ ڪري ڇڏيو. بارنيس اسٽريٽ تي منهنجي ٻاراڻي وهي ۽ جوانيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون گذريون هيون. منهنجيون انيڪ يادون بارنيس اسٽريٽ سان وابسته آهن. يارن بارنيس اسٽريٽ جو نالو مٽائي جميله اسٽريٽ رکيو. ٻين انيڪ ڳالهين وانگر بارنيس اسٽريٽ جو نئون نالو جميله اسٽريٽ مونکي قبول ڪونهي. اهو هڪ فرد جو حڪومتي فيصلن خلاف انحراف جو حق آهي. هنن گھٽيءَ گھٽيءَ جو ۽ هڪ هڪ رستي جو نالو مٽائي ڪراچيءَ کان سندس اوائلي سڃاڻپ کسي ورتي. اڄ تائين نه مٽائي سگھيا آهن ته فقط هڪ روڊ جو نالو ــــ نيپئر روڊ جو نالو. ڇو؟ اوهين سياڻا آهيو. خود سمجھي سگھو ٿا.

هندوستان ۾ ڪجهه ورهيه اڳ شهرن تي اصلي ۽ پراڻن نالن رکڻ جو رواج پيو هو. جئين بمبئيءَ کي سندس اصلي ۽ قديم نالو ممبئي ڏنو هئائون ۽ مدراس کي چينوئي. تڏهن مون سمجھيو هو ته اسان جا حاڪم ان ڪم ۾ دير نه ڪندا ۽ ڪراچيءَ کي سندس قديم نالو ڪولاچي موٽائي ڏيندا، پر يارن ائين نه ڪيو.

پٽيل پارڪ، هاڻوڪي نشتر پارڪ کان سڏ پنڌ تي هوندو هو سائين جي ايم سيد جو بنگلو، حيدر منزل، اڃا به اتيئي آهي. حيدر منزل وارو بنگلو سنڌ جي سياست ۾ مزاحمتي سياست جو مرڪز ۽ محور هوندو هو. جنهن شخص 1946ع تائين پاڪستان ٺاهڻ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حق ۾ قراداد پاس ڪرائي هئي، سو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان جو مخالف ٿي پيو هو. انسان ڪڏهن ڪڏهن اهڙا عملي قدم کڻي وٺندو آهي جنهن جو پڇتاءَ کيس سڄي عمر رهندو آهي. سوين صحيح قدم کڻڻ جي باوجود انسان کنيل هڪ غلط قدم جو ازالو نه ڪري سگھندو آهي.

سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات حيدر منزل تي ٿي هئي. مان تڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪم ڪندو هوس. ملڪ ۾ سخت قسم جو ڏڦير هو. بنگال ۾ بغاوت جي باهه دکي پيئي هئي. انتظامي ڍانچو فيلڊ مارشل ايوب خان کان پوءِ جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا ۾ جھنجھوڙجي رهيو هو. زمانو هو 1970-17ع جو. هڪڙي ڏينهن هڪ ڇهن ـــ ساڍن ڇهن فوٽن جو جوڌو جوان بارڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ جيپ ڪاهي آيو. مون وٽ اڳ به ايندو هو، چيائين، ”سائينءَ توکي سڏايو آهي.“

انهي ڏينهن ۾ منهنجو ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ مارڪيٽ ۾ آيو هو. ان سلسلي ۾ سائينءَ مون کي سڏايو هو. جيپ جانٺي جوان هلائي هئي. جيپ ۾ ڪجهه ٻيا بي ڊپا جوان به موجود هئا هنن وٽ وڏا ننڍا هٿيار ۽ هٿن ۾ ڪهاڙيون هيون.

مون کي حيدر منزل تي وٺي آيا. بنگلي ٻاهران ۽ بنگلي اندر ماڻهن جا هشام هئا، جن ۾ واضح اڪثريت نوجوانن جي هئي. ماڻهن جي پيهه مان مون کي اندر وٺي ويا. ٻه ٽي ورانڊا لنگھي هڪ وڏي ڪمري ٻاهران پهچي در ٻاهران بيهي رهياسين. اندر فرشي نظام هو. سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا مهمان ڀتين ڀَرَ ۾ گائو تڪين (گول ويهاڻن) کي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هئا. جوڌو جوان اندر ويو. گوڏا کوڙي سائينءَ کي سڙٻائن ۾ ڪجهه چيائين. سائينءَ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. جوڌو ٻاهر آيو مونکي اندر هلڻ لاءِ چيائين مان ڪمري ۾ داخل ٿيس. سائين پنهنجي جاءِ تان اٿيو. مان سلام ڪري سائينءَ جي سامهون بيهي رهيس. سائين مون کي ڏورن کان جھلي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. منهن تي هلڪي مُرڪ هئيس ڪجهه نه چيائين. ڇڪي مون کي ڀاڪر ۾ ڀريائين. ڀاڪر مان ڪڍي جوڌي جوان کي چيائين، ”ابا، ڇڏي اچوس“.

اها هئي سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات. حيدر منزل کان ڪجھه گھٽيون ڇڏي سولجر بازار جي سڀ کان وڏي مسجد هئي، نالو ته ڪجھه ٻيو هوس پر سڏبي هئي علامه غلام رسول واري مسجد. محرم جا ڏهه ڏينهن مولوي غلام رسول مجلس پڙهندو هو. ماڻهن جا هشام ٻڌڻ ايندا هئا. خبر نه پوندي هئي ته ايڏي پيهه ۾ ڪير سني هوندا هئا ۽ ڪير شيعا. نه ڪڏهن جھيڙو ٿيو، نه فساد ٿيو.

ٽڪريءَ کان ٽي ميل هوندو هو ڪراچيءَ جو سينٽرل جيل. اهو جيل هينئر وچ شهر ۾ آهي ۽ گھڻ ماڙ عمارتن سان وڪوڙيل آهي. ٽڪريءَ کان چوڏهن ميل کن پري هوندي هئي سلهه جي مريضن لاءِ رهائش واري اسپتال. هڪ الله لوڪ هندو سيٺ ٺاهرائي هئي. اسپتال جو نالو هوندو هو اوجھا سينيٽوريم. ساڳئي نالي سان سينيٽوريم اڃا به هتي موجود آهي ۽ هر طرف آباديءَ ۾ وڪوڙجي ويو آهي.

1956ع ۾ اوجھا سينيٽوريم کان ٻه ميل اورتي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو نئون ڪيمپس ٺهڻ شروع ٿيو هو. 1958 ۾ آرٽس فيڪلٽي، ڪينٽين ۽ هاسٽل جو هڪ ونگ ٺهي تيار ٿيو ته بوهرا پير ويجھو پرنسيس اسٽريٽ تي مرهٽن جي اسڪول ۾ قائم ڪيل ڪراچي يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ کي نئين ڪيمپس ڏانهن شفٽ ڪيو ويو. شاگردن جي پهرين جٿي ۾ مان به هوس. هر طرف جھنگ ۽ ويراني هئي. گرو مندر کان روزانو ڇهه بسون اسانکي کڻي نئين ڪيمپس ڇڏڻ وينديون هيون ۽ وري شام جو دير سان وٺڻ اينديون هيون. روزانو اِن ڪرت ۾ ٻه چار ڪلاڪ ضايع ٿيندا هئا. بابا مونکي يونيورسٽي هاسٽل ۾ رهڻ جي اجازت ڏني. مون کي عجيب قسم جي خوشي محسوس ٿيندي آهي ته هاسٽل ۾ رهائش وٺندڙ شاگردن جي پهرين ٽولي ۾ مان به شامل هوس. هاسٽل ۾ منهنجي ڪمري جو نمبر هو ٽيهه. هينئر ڪراچي يونيورسٽي چئن طرفن کان گلستان جوهر، گلشن اقبال، سچل ڳوٺ ۽ سهراب ڳوٺ سان وڪوڙجي وئي آهي.

عامل ڪالوني ۽ پارسين جي ڪالون کان سڏ پنڌ تي ٽڪريءَ جي اوڀر طرف گرو مندر کان علاوه هڪ ٻيو مندر به هوندو هو جنهن جو نالو مونکي ياد نٿو اچي. ان مندر جي عمارت سهڻي ۽ پٿر ۽ سنگ مرمر سان ٺاهيل هوند يهئي. مندر پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. پر ورهين کان مندر ۾ ڪسٽم کاتي جي هڪ آفيس کولي ڇڏي اٿائون. اهڙي طرح ڪراچيءَ جي انيڪ مندرن تي ماڻهن قبضو ڪري گھر، اسڪول، لانڍيون ۽ گدام ٺاهي ڇڏيا آهن. اهڙن انيڪ مندرن جو ذڪر تفصيل ۽ تصويرن سان هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي.

ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي موجوده عمارت ۾ ورهاڱي کان اڳ لوڪل بورڊ آفيس هوندي هئي. اڄ تائين ان عمارت جو شمار ڪراچيءَ جي جاذب عمارتن ۾ ٿيندو آهي. پاسي کان هوندي هئي، جانورن جي اسپتال.

ريڊيو پاڪستان جي سامهون، بندر روڊ جي ٻئي طرف تاج محل سينيما هوند يهئي. تمام سهڻي سينيما هوند يهئي. تاج محل سينيما ڊاهي، سينيما جي جاءِ تي دڪان دڙا ۽ آفيسون کولي ڇڏيون اٿائون. ان سينيما ۾ مون ٻال اوسٿا ۾ امان جي هنج ۾ ويهي انيڪ فلمون ڏٺيون هيون. ڊاهي ڇڏيائون. اسانجي سعيد منزل واري اپارٽمينٽ جي اوسي پاسي ڏهه، ٻارهن سينيمائون هونديون هيون.

بارنيس اسٽريٽ تي ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ جي پهرين ماڙ تي اسان جو فليٽ هوندو هو. فليٽ نمبر اٺون. ساڄي طرف بندر روڊ هوندو هو. بندر روڊ جي پرئين ڀر اي ون A-One ايراني ريسٽورينٽ جي پاسي کان بنگلن جي قطار هوندي هئي. گارڊن روڊ تي برهاني بلڊنگ واري اپارٽمنٽ مان اٿي 1942ع ۾ اسين سعيد منزل ڀرسان ايڊلجي ڊنشا واري بلڊنگ ۾ اچي رهيا هئاسين. انهن ئي ڏينهن ۾ سائين پير صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي ٻن پٽن کي انگريز سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي اي ون ايراني ريسٽورينٽ جي پاسي کان هڪ بنگلي ۾ آڻي رهايو هو. بنگلي تي پهرو هوندو هو. بعد ۾ ٻنهي ٻارن کي انگريز انگلينڊ وٺي ويا هئا. انهن ٻن ٻارن مان هڪ هاڻوڪو پير پاڳارو آهي ۽ ٻيو سندس ڀاءُ جنهن جو نالو نادر شاهه هو.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ساڳئي بنگلي ۾ ڊاڪٽر ساران صديقي اچي رهي هئي ۽ اتي ئي اسپتال کولي هئي. ان اسپتال ۾ منهنجين ٻن ڀائٽين جنم ورتو هو. ٻنهي مان هڪ ايسوسئيٽ پروفيسر آهي ۽ ٻي پروفيسر آهي. ڊاڪٽر ساران صديقي شڪارپور جي هئي، ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پهرين ٻاهران پڙهي آيل مسلمان ڊاڪٽرياڻي هئي. مشهور سرجن ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم صديقي سندس ڀائيٽو آهي. وقت جو اجگر اُهي بنگلا ڳهي ويو، انهن بنگلن جي جاءِ تي گھڻ ماڙ بلڊنگون بيهي رهيون آهن.

تاج محل سينيما سان لڳو لڳ ٿياسافيڪل هال ۽ لائبريري هوندي هي. ٿياسافيڪل هال ۽ سندس لائبريري سياسي اٿل پٿل ۾ تباهه ٿيڻ کان بچي ويا آهن. ٿياسافيڪل هال سعيد منزل ڀرسان اسان جي فليٽ کان تمام ويجھو هوندو هو. وچ ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول جي عاليشان عمارت ايندي هئي. اين جي وي هاءِ اسڪول منهنجين ابتدائي يادن جو مرڪز آهي. پهرين درجي کان ميٽرڪ تائين مان پنهنجين غير معمولي يادن جي مرڪز ۾ پڙهيو آهيان. تفصيل ۾ هليو ويس ته پوءِ آتم ڪٿا جا اٺ ڏهه باب لکي ويهندس.

ٿياسافيڪل هال سان منهنجيون بي شمار يادون وابسته آهن. 1961ع کان 1963ع وارا ٽي سال مان ڪڏهن وساري نه سگھندس. جڏهن به لکيم منهنجي آتم ڪٿا جا اهم باب انهن سالن جي باري ۾ هوندا. هتي فقط هڪ ٻن ڳالهين جو حوالو ڏيندس. ننڍي وهيءَ کان مان ٿياسافيءَ تي هفتيوار ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ٿياسافيڪل هال ويندو هوس. اُهي ليڪچر ٿياسافيڪل سوسائٽي جي پريزيڊنٽ مسز گل مينوالا سادي سادي، سليس ۽ سمجھه ۾ ايندڙ انگريزيءَ ۾ ڏيندي هئي. انهن ليڪچرن مذهبن ۽ عقيدن جي باري ۾ منهنجو ذهن صاف ڪري ڇڏيو. هال جي اسٽيج مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل ايني بيسنت جي هڪ سٽ جو مفهوم مونکي سمجھه ۾ اچي ويو. ”ڪو مذهب سچ کان مٿانهون ناهي.“

مذهبن ۽ عقيدن جي باري ۾ منهنجا مونجھارا ختم ٿي ويا. مونکي هميشه لاءِ مڪتي ملي ويئي. مان آزاد ٿي ويس. ٿياسافيڪل هال ۾ نيشنل ٿيٽرس پاران منهنجو پهريون ڊرامو اسٽيج ٿيو هو. اتي ئي مون ٻه ٽي اسٽيج ڊراماڊائريڪٽ ڪيا هئا. اهي ڊراما اردو ۾ هئا. پاڪستان ٿيٽرس ۽ نيشنل ٿيٽرس سان ڪم ڪندي مون زندگيءَ کي تمام ويجھڙائي کان ڏٺو. زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن کي هر رنگ هر روپ ۾ ڏٺو. زندگي کي مون روشني ۾ ڏٺو، زندگي کي مون تاريڪيءَ ۾ غرق ڏٺو. ڪلوز اپ (CLOSE- UP) ۾ زندگيءَ مون کي ڏاڍي ڀوائتي محسوس ٿي.

ڪراچيءَ ۾ ٽي ٿيٽر هوندا هئا. هڪ ٿياسافيڪل سوسائٽي وارو، ٻيو ايليٽ ٿيٽر، اسان جي سعيد منزل واري فليٽ کان تمام ويجھو هوندو هو، ۽ ٽيون هو ڪيٽرڪ هال. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ وارو هال هلي پيو. ايليٽ ٿيٽر کي ورهاڱي کان پوءِ ڊاهي ساڳي هنڌ ايروز سينيما ٺاهي هئائون جيڪا پاڪستان ۾ آيل سينيمائن لاءِ تباهيءَ ۾ مسمار ٿي ويئي. اُتي هن وقت موٽر گاڏين لاءِ اسپيئر پارٽس جا دڪان آهن. اٺ ڏهه سال اڳ ڪيٽرڪ هال ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ڪيٽرڪ هال جي ويجھو هڪ ڄڻو گاڏي تي جست جي ديڳ ۾ برياني کڻي ايندو هو. ڏاڏي لذيذ هوندي هئي. اوسي پاسي جي اسڪولي ۽ ڪاليج جي شاگردن کي وڻندي هئي. ڪاروبار هلي پيس ته گاڏي تي هڪ بدران ٻه ديڳون آڻڻ لڳو. مٿان بورڊ هڻائي ڇڏيائين ـــــ اسٽوڊنٽ برياني. ڏسندي ئي ڏسندي ننڊڙو هٽ ورتائين پوءِ ٻيو هٽ ورتائين. اٺن بدران ويهه ٽيبل ڪرسيون آڻي فٽباٿ تي رکيائين. اتي ئي، ساڳئي هنڌ ايمپريس مارڪيٽ ويجھو سندس هوٽل آهي. ساڳئي نالي سان ـــ اسٽوڊنٽ برياني. نه رهيو ته ڪيٽرڪ هال نه رهيو. اُتي گھڻ ماڙ عمارت اُسري آئي آهي.

ائين يادن جي هڙ کولي ويٺس ته ڪتاب پڙهڻ وارن سان بي انصافي ڪندس. هنن هيءَ ڪتاب مهاڳ ۾ منهنجي آتم ڪٿا پڙهڻ لاءِ نه ورتو آهي. تنهن ڪري ڪراچيءَ جي ٻن چئن هنڌن جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ اداس شام ۾ ڊگھي واڪ تي نڪري ويندس. انهن هنڌن تي وڃي بيهندس جنن هنڌن، جڳهن جو ذڪر مان هينئر اوهان سان ڪندس.

ڪي ڪي يادون پٿر تي ليڪ وانگر يا ڀرجي ويل پراڻي زخم وانگر انسان کي هميشه ذهن ۾ پاسا ورائيندي محسوس ٿينديون آهن. مون اڍائي ٽن سالن جي ڄمار ۾ هوش سنڀاليو هو. تڏهن اسين گارڊن روڊ تي برهاني بلڊڻگ ۾ رهندا هئاسين. پاسي کان اينڪل سيريا نرسنگ هوم هوندو هو. سڏ پنڌ تي هوندو هو گانڌي گارڊن. ٻال اوسٿا جي يادن مان سڀ کان واضح ياد آهي. صبح ۽ شام ويلي ببر شينهن جي اونائڻ جو آواز، چلڪڻي فرش تي هاريل پاڻِيءَ ۾ مونکي مختلف شڪليون نظر اينديون هيون. پاڻيءَ ۾ پير هڻي مان شڪليون بدلائي ڇڏيندو هوس. اهي ڏينهن هئا ٻي مهاڀاري جنگ جا. ڪڏهن ڪڏهن سائرن وڄندا هئا. بتيون وسامي وينديون هيون. امان مون کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندي هئي. اونده جي هيبت منهنجي لاشعور ۾ لهي ويئي. مون کي اڄ تائين اونده کان ڊپ محسوس ٿيندو آهي. اهي ڳالهيون امان ۽ بابا جي بار بار ورجائڻ سبب به مونکي ياد رهجي ويون آهن.

برهاني بلڊنگ ۾ اسان کي ڇڏي باقي ڪرسچن، پارسي، بوهري ۽ هندو فيمليون رهنديون هيون. ان عمارت ۾ منهنجي لاءِ اڳتي هلي لاهن چاڙهن ۽ ڇڪتاڻن سان سٿيل زندگيءَ ۾ سيڪيولر رَوَين جو پڪو پختو بنياد پيو. سالن جا سال ٿياسافيڪل هال ۾ ٿياسافيءَ تي ليڪچر ٻڌندي مونتي صوفياڻو اثر پوندو ويو. سوچڻ تي ڪا بندش نه هئي. ڪو به سوال پڇڻ تي جھل پل نه هوندي هئي. پوءِ اڳتي هلي جڏهن سچل سائينءَ کي پڙهيم تڏهن انيڪ وهن وسوسن کان مون کي نجات ملي ويئي.

ٻڌائيندا آهن ته سال کن جي عمر ۾ جڏهن پهرين وک کنئي هيم تڏهن بابا مونکي فريئر هال وٺي ويندو هو. پاڻ بينچ تي ويهي رهندو هو ۽ مونکي فريئر هال جي سرسبز ڇٻر يعني لان تي هلڻ، هلندي ڪرڻ ۽ ڪِرڻ کان پوءِ اُٿڻ لاءِ ڇڏي ڏيندو هو. فريئر هال ۾ گذاريل اُهو عرصو مونکي ياد ناهي. پر پوءِ اڍائي ٽن سالن جو ٿيڻ کان پوءِ جڏهن مونکي شيون سڃاڻڻ جو شعور مليو تڏهن کان فريئر هال ۾ رکيل ڪجھه شيون بت ۽ لامارا ڏيئي چوڳو چڳڻ وارا ڪبوتر هميشه لاءِ منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويا. لان تي پير رکبو هو ته سڀ کان اڳ انصاف جي ديويءَ تي نظر پوندي هئي. سنگ مرمر مان ٺاهيل انصاف جي ديوي وڏي چبوتري تي ويٺي هوندي هئي. اکين تي پٽي ٻڌل هوندي هئس ۽ هٿ ۾ سامهي. ٻنهي پاسن کان پتل جا ٻه ببر شينهن ويٺا هوندا هئس. ويجھو وڃي ڏسڻ کان پوءِ به اصلي، جيئر جاڳندا لڳندا هئا.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بتشڪنن انصاف جي ديوي غائب ڪري ڇڏي. ان ڏينهن کان انصاف پاڪستان مان لڏي ويو. راڻي وڪٽوريا جو خوبصورت مجسمو به الاءِ ڪيڏانهن ڪري ڇڏيائون. برٽش طرز تي ٺاهيل فريئر هال ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ آهي. اتي ڪنهن کي به پير پائڻ جي اجازت ناهي ڇو جو عين سامهون آمريڪا جو ڪائونسل خانو آهي.

هاڻوڪي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي وچ واري چوراهي تي پتل ۽ ٽامي مان ٺاهيل مها آتما گانڌيءَ جو مجسمو بيٺل هوندو هو. ايڏو سهڻو ٺاهيل هو جو لڳندو هو اجھو وک کنيائين. بت شڪنن رسا ۽ زنجير وجھي مها آتما گانڌي جو مجسمو ڪيرائي وڌو هو. مشهور ٿيو هو ته يارن ٽامون ۽ پتل ڳاري، ڳريل يا رجيل ٽامي ۽ پتل مان ديڳيون ٺاهيون هيون ۽ برنس روڊ تي انهن ديڳين ۾ حليم ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيو هئائون.

ڪي وڌيڪ سال ڪونه ٿيا آهن جڏهن انگريزن جي يورپي طرز تي ٺاهيل قديم بولٽن مارڪيٽ ڊاهي، ان جي جاءِ تي گھڻ ماڙ عمارت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هئائون. ڪجهه نه ٿيو هو. ڪو احتجاج نه ٿيو هو. بولٽن مارڪيٽ ڊاهي ڇڏيائون. سعيد منزل کان ٽرام تي ويهي بابا ۽ مان بولٽن مارڪيٽ مان سيڌو سامان وٺڻ ايندا هئاسين. بولٽن مارڪيٽ جي سامهون هڪ سرڪاري عمارت هوندي هئي. شايد سروير جي آفيس هئي. اها ڳالهه اهم ناهي. اهم اهو آهي ته ان عمارت جي ٻاهرين ڀت تي ڪراچيءَ جي زيرو پوائنٽ جو پٿر لڳل هوندو هو. هينئر سڀ ڪجهه غائب ٿي ويو آهي.

ڪجهه سال اڳ لاهور جو ٽولٽن مارڪيٽ جڏهن ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو هئائون، تڏهن سمورو لاهور جو شهر احتجاج جي باهه ۾ ڀڙڪي اٿيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ کي گھيري ۾ آڻي ليکڪن، آرٽسٽن، جرنلسٽن، تيچرن، پروفيسرن، شاگردن ۽ لکين شهرين ڌرڻو هنيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ جا ڌڻي سائين هئا، تن ٽولٽن مارڪيٽ بچائي ورتو. بولٽن مارڪيٽ جو ڪو ڌڻي سائين نه هو پٽي پٽ ڪري ڇڏيائونس.

منهنجين انيڪ ڪهاڻين جا ٽي هنڌ مرڪزي حيثيت جا آهن. سعيد منزل، بارنيس اسٽريٽ، ايلفنسٽن اسٽريٽ، صدر ۽ چاڪيواڙو، ڀيم پورو ۽ رانگي واڙو.

بارنيس اسٽريٽ کي ڪري ڇڏيائون جميله اسٽريٽ، ايلفنسٽن اسٽريٽ کي ڪري ڇڏيائون زيب النساءَ اسٽريٽ، ايلفنسٽن اسٽريٽ تي جتي ڪتابن جا دڪان هئا اُتي بوٽن جا دڪان کلي ويا آهن. ايلفي ريسٽورنٽ جتي ڪراچيءَ جا ليکڪ، آرٽسٽ، ڪميونسٽ، صحافي ۽ بيروزگار اچي چانهه پئيندا هئا، اتي زيورن جا دڪان کوليا اٿن. چاڪيواڙو، ڀڳم پورو ۽ لياري غنڊن ۽ شودن جي حوالي ڪري ڇڏيائون.

جھانگير پارڪ صدر ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ هوندو هو جتي ميچن کان علاوه اٺ ٽيمون نيٽ پريڪٽس ڪنديون هيون. منهنجي زندگيءَ جا پرڀور سال جھانگير پارڪ ۾ ميچون کيڏندي يا پريڪٽس ڪندي گذريا. هينئر جھانگير پارڪ جي هڪ حصي تي مسجد ٺاهي اٿائون جنهن تي بيشمار لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن. ڪرڪيٽ راند بند ڪرائي جھانگير پارڪ جي باقي بچيل حصي تي ڇٻر، لان گل ٻوٽا هڻي باغ ٺاهيائون جيڪو هينئر چرسين، هيروئنن ۽ نشائين اجاڙي ڇڏيو آهي. ظاهري ڀڄ ڊاهه منهنجي لاءِ باطني ڀڃ ڊاهه جو سبب ٿي پيئي آهي.

هندو جيمخاني جو شمار ڪراچيءَ جي سٺن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيندو هو. اتي مون آل انڊيا ٽيسٽ ڪرڪيٽر نائومل کي راند ڪندي ڏٺو هو. اتي ئي مون پمنمل پنجابي، رامچندر ۽ لعل کي کيڏندي ڏٺو هو. لعل اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ مون کان سينيئر هوندو هو، ۽ ليفٽ آرم فاسٽ بالر هوندو هو. هندو جيمخاني سان لڳو لڳ هوندو هو. مسلم جيمخانو. هندو جيمخاني کان سڏ پنڌ تي هوندو هو ڪراچي جيم خانو. آغا خان جيمخاني جو ڪرڪيٽ گرائونڊ گارڊن طرف هو. ڪراچي پارسي انسٽي ٽيوٽ جو ڪرڪيٽ گرائونڊ سينٽ پيٽرڪ اسڪول جي ڀرسان هوندو هو. ورهاڱي کان پوءِ هندو جيمخاني جي عاليشان پويلين ۾ مهاجر ڪيمپ کوليائون. ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪراچي پوليس قبضو ڪري سپاهين لاءِ ننڍڙا ننڍڙا سوين فليٽ ٺاهرائي ڇڏيا. هندو جيم خاني جي صوبصورت پويلين سيٺ مهاٽا پنهنجي محل مهاٽا پيليس وانگر ساڳئي راجسٿاني پٿر ۽ طرز تي ٺاهرائي هئي. ورهين تائين زبون حالت ۾ هئي. سنڌ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند وڏي جاکوڙ کان پوءِ هندو جيم خاني جي پويلين کي ساڳئي اوج تي آڻي بيهاريو. ڪجهه سال اڳ ٿيٽر جي نالي ۾ ڪجھه پراڻا فنڪار هندو جيم خاني تي قبضو ڪرڻ ڪامياب ٿي ويا. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. افسوس ان ڪري ٿيو جو هندو جيم خاتي جي قفا سامهون ڪراچي آرٽ ڪائونسل آهي، اتي هڪ ٿيٽر به ٺهيل آهي جيڪو ڪم تاريخي هندو جيم خاني ۾ ٿيٽر جا پراڻا فنڪار ڪري رهيا آهن سو ڪم هو آرٽ ڪائونسل ۾ ڪري سگھيا ٿي. پر هنن کي هڪ نويڪلي جاءِ جي تلاش هئي جيڪا کين ٺهيل ٺڪيل ملي ويئي. جتي هنج هئا، اتي ڪانون ڪانگيرا ڪيا آهن.

ڪلفتڻ هڪ دياوان پارسي جھانگير ڪوٺاري ٺاهرائي هئي. سئو کن سال اڳ. گنبذ کان سڏ پنڌ تي ڳاڙهي پٿر جا ويڪرا ڏاڪا سڌو سمنڊ تائين وٺي ويندا هئا. هڪ محراب هيٺِان ڏاڪا شروع ٿيندا هئا. محراب تي اڃا به اهائي عبارت اُڪريل آهي. جھانگير ڪوٺاري پريڊ. پاسي کان مندر آهي جتي اڃا به سومر سومر تي پوڄا پاٺ هلندو آهي. الاءِ ڪئين وقت جي ڏڦير ۾ بچي ويو آهي. قدرت جو ڪرشمو آهي.

جھانگير ڪوٺاري پريڊ جا ڏاڪا ختم ٿيندا هئا اتي پاسي کان سي بريز نالي ريسٽورنٽ هوندي هئي. عجيب ريسٽورنٽ هوندي هئي. شام ڌاري، سج لهڻ کان پوءِ وڏي ويڪري اڱڻ ۾ ميزون ۽ ويهڻ لاءِ موڙا رکندا هئا. هلڪي روشنيءَ وارا بلب ٻري پوندا هئا. چئن ڪنڊن تي لڳل چئن لائوڊ اسپيڪرن مان جھونگار جهڙي آواز ۾ طلعت محمود جا غزل ۽ سهگل جا گيت هلندا هئا. اڱڻ کي ٽن فٽن جيتري لوڙهي جهڙي ڀت ڏنل هوندي هئي. چانڊوڪي راتين ۾ ڪا ڪا ڇولي سي بريز جي ڀت سان اچي لڳندي هئي. نه رهي آهي سي بريز ۽ نه چانڊوڪين راتين ۾ غزلن ۽ گيتن جو سمنڊ جي سرگم تي روح کي راحت بخش جهڙي موسيقيءَ جو سحر. سمنڊ ڪوٺاري پريڊ کان ڏيڍ ٻه ڪلوميٽر پري هليو ويو آهي. ڄڻ اسان کان رُسي ويو آهي.

آخر ۾ مان ذڪر ڪندس پنهنجي پرائمري اسڪول جو. رتن تلاءَ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڪراچيءَ جي تمام سٺن اسڪولن ۾ شمار ٿيندو هو. گارڊن روڊ واري برهاني بلڊنگ ۾ مان جڏهن ڇهن سالن جو ٿيس تڏهن بابا مونکي رتن تلاءُ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. برهاني بلڊنگ رتن تلاءُ اسڪول کان ڪجھه پري هوندي هئي. تنهن لري بابا 1942ع ۾ بارنيس اسٽريٽ تي سعيد منزل سان لڳو لڳ ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ ۾ فليٽ ورتو ۽ اسين برهاني بلڊنگ مان اُٿي ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ هليا آياسين. پاسي کان بندر روڊ هوندو هو. بندر روڊ پار ڪري هڪ گٽي لنگھبي هئي ته سڌو وڃي رتن تلاءُ اسڪول جي سامهون بيهبو هو. وڌ ۾ وڌ پنجن ڇهن منٽن جو پنڌ هو. ٻال اوسٿا دوران دل ۾ گھر ڪري ويهڻ واريون دوستيون رتن تلاءُ اسڪول ۾ ٿيون هيون.

رتن تلاءُ پرائمري اسڪول ۾ مون ان دور جي دستور موجب پرائمري جا چار درجا پڙهيا. 1942ع کان 1946ع تائين. 1947ع ۾ هندوستان جو ورهاڱو ٿيو. سڄي ملڪ ۾ فسادن جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. 1947ع ۾ مون اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ جي پهرين درجي ۾ داخلا ورتي هئي. هڪ شام افواهه آيو ته رتن تلاءُ اسڪول کي باهه ڏني اٿائون. مان ڊوڙندو ويس، بندر روڊ پار ڪري، گھٽي لنگھي جئين ئي اسڪول آڏو پهتس ته اسڪول جي پهرين ماڙ جي درين مان باهه جا ڀنڀٽ نڪري رهيا هئا.

مان توائي ٿي ويس. اڄ تائين توائي آهيان. مونکي نروان نصيب نه ٿيندو. مان هر جنم ۾ توائي رهندس. رتن تلاءُ اسڪول کي لڳل باهه جا ڀنڀٽ منهنجي وجود ۾ وسامي نه سگھيا آهن. مان مها آتما گوتم ٻڌ جو ڀڪشو آهيان. پر نروان منهنجي نصيب ۾ ناهي.

امر جليل
20 اپريل 2007

B-702, Sand view Homes
Fere town, Clifton
Karachi.

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on January 20, 2012 in Stories

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: