RSS

سياڻن ۾ ھڪ ڀوڪ – امر جليل

19 جنو
سياڻن ۾ ھڪ ڀوڪ
امر جليل

منهنجا مائٽ ھميشه منهنجي شڪايت ڪندا رھندا آھن. مان آھيان به اڻ گھڙيل ڪاٺ، ڇيتن سان ڀريل. خاص ڪري جڏھن کان بي. اي جي ڊگري ورتي اٿم، تڏھن کان اسان جي گھر ۾ ٻائيتال متل آھي ۽ مون سان ويل.
مان عادتن ۽ افعالن ۾ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کان بلڪل مختلف آھيان. ان حقيقت جي شڪايت منهنجي ماءُ اڪثر پنهنجين ساھيڙين ۽ پاڙيسري عورتن سان به ڪندي رھندي آھي، ”الاءِ ڪنهن تي ويو آھي، منهنجن چئني ٻارن کان بدليل آھي. عزيز گزيٽيڊ آفيسر آھي. ڪريم ته ڏسنديئي ڏسندي دوائن جي ڪاروبار ۾ ڀڙ ٿي ويو آھي. بلقيس ڊاڪٽرياڻي ۽ نجمھ انگريزيءَ جي ليڪچرار آھي، پر ھي آجو! چئي ٿو مان اڳتي پڙھندس ئي نه.“
الاءِ، ڪيئن، ڪڪ ٿيندي، ساھ منجھائي، بي. اي جو امتحان ڏنم. منهنجو والد صاحب وڏي اثر رسوخ وارو آھي. سفارشون ھلائي سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪرايائين. بي. اي ڪيم ته سڀني زور رکيو ته علم سياست ۾ ايم. اي ڪيان، پر مون رکائيءَ سان انڪار ڪري ڇڏيو اٿن.
منهنجي انڪار تي ادا طنز ڀريل مرڪ سان چيو ھو، ”ڀوڪ.“

منهنجو وڏو ڀاءُ عزيز، سماجي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ واري کاتي ۾ وڏو آفيسر آھي. قدآور، ٺاھوڪو، ذھين ۽ کل مک جوان آھي. جيستائين شادي نه ڪئي ھئائين، تيستائين ڪلبن جو روح روان ھوندو ھو. ڪلبن جون ڇوڪريون به مٿس جان ڏينديون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن موقعو ملندو ھئس ته بابا جي ڪار ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ کي ساڻ ڪري، ھاڪس بي تي رات گذاري ايندو ھو. ھينئر شادي ڪئي اٿائين ۽ پنهنجين چنچل سالين جي اردليءَ ۾ آھي. سندس سھرو ھڪ ڪارخاني جو جنرل مئنيجر آھي.
ادا جون ساليون سينٽ جوزف ڪاليج ۾ پڙھنديون آھن. مان ته کين وڻان ئي ڪين. ھڪڙي ڏينهن بنگلي جي لان تي کين ڳالھيون ڪندي ٻڌو ھئم.
”آجو! اف ڀوڪ.“
”بلڪل گدلو آھي.“
”عزيز ۽ ڪريم ڪھڙا نه Handsome آھن.“
”۽ نجمھ ته ھن سڄي گھر ۾ بيحد ذھين آھي.“
”ڪھاڻيون به ته ڏاڍيون سھڻيون لکندي آھي!“
منهنجي ڀيڻ نجمھ، جنهن انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪئي آھي، سا ڪھاڻيون به لکندي آھي. سندس افسانا سنڌي ۽ اڙدو رسالن ۾ شايع ٿيندا آھن. افسانن سان گڏ پنهنجو فوٽو به ڏيندي آھي. ڪھاڻي ڇپجڻ کان پوءِ کيس پنج اٺ عاشقاڻا خط ملندا آھن. اھڙا خط پڙھندي، مون اڪثر سندس منهن تي خوشيءَ جي لھر ڊوڙندي ڏٺي آھي، پر مصنوعي غصو ظاھر ڪرڻ لاءِ چوندي آھي، ”Silly“. بابا کي جڏھن اھڙا خط ڏيکاريندي آھي، ته بابا وراڻيندو آھي، ”اسان کي يورپ ۾ رھڻ گھربو ھو. ھتان جا ماڻھو جاھل آھن.“ اھڙين ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ بابا اڪثر پائيپ جو لمبو ڪش ھڻي، پنهنجي قديم آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پوندو آھي، ”ڇا ته ڏينهن ھوندا ھئا!“ بابا جو مخصوص جملو آھي.
بابا انگريزن جي ڏاڍي خدمت ڪئي آھي. جڏھن ھر طرف انگريزن کي ملڪ مان لوڌي ڪڍڻ جون تحريڪون جاري ھيون، ۽ جڏھن ملڪ ۾ آزاديءَ جي ھلچل متل ھئي، تڏھن بابا لڪ چوريءَ تحريڪ جي بانين جا نالا انگريزن کي پھچائيندو ھو. آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ رضاڪارن سان شامل ٿي، سندن راز معلوم ڪري انگريزن کي ٻڌائيندو ھو. انگريز سندس وفاداري ۽ اڻٿڪ ڪوششن مان خوش ٿيا. کيس خانبهادر جو لقب عطا ڪيائيون ۽ سنڌ جي ھڪ زرخيز علائقي ۾ ٽي سؤ ايڪڙ زمين به بخشش ڪيائون. سندس خانبهادريءَ جي سند اسان جي ڊرائينگ روم ۾ لڳل آھي.
مون جڏھن بي. اي جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ اڳتي پڙھڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏھن بابا مون کي پاڻ وٽ گھرايو. اول دڙڪا ڏنائين، ڌمڪايائين، پر جڏھن ڪاوڙ مان کڙ تيل نه نڪتو، تڏھن ھڪدم لھجو بدليندي چيائين، ”ڀلا سي. ايس. پي لاءِ تياري ڪر. ڪجھ ميمبر منهنجا واقف آھن، ڪم ٺھي پوندو.“
مون وراڻيو، ”مان ڪتابن مان ڪڪ ٿي پيو آھيان.“
”What?“ بابا ذري گھٽ رڙ ڪئي، ”آخر تون ڪرڻ ڇا ٿو چاھين؟“
”مون کي سوچڻ جي مھلت ڏيو،“ جواب ڏنم.
”ھي رفتار ۽ ترقيءَ جو دور آھي. دنيا تيزيءَ سان وڌي رھي آھي ۽ تون سوچڻ لاءِ مھلت ٿو گھرين!“ بابا ڪاوڙ مان اٿي بيٺو.
”راڪيٽ، ميزائيل، نيوڪليئر بم سڀ تيز رفتار آھن،“ مون وراڻيو، ”دنيا ترقي ڪري رھي آھي، پر مونکي سوچڻ جي مھلت ڏيو.“ مان ٻئي ھٿ پتلون جي کيسن ۾ وجھي، بابا جي ڪمري مان نڪري آيس. پٺيان سندس رڙ ٻڌم، ”نجمھ! آجو ڀوڪ کي سمجھاءِ.“
نجمھ مون کان سخت نفرت ڪندي آھي. مان کانئس ننڍو آھيان، ان ڪري ڇڙٻ به ٻڌڻي پوندي اٿم. منهنجا ميرا ڪپڙا، اڻڀا وار ۽ وڌيل ڏاڙھي ڏسي چوندي آھي، ”تون اسان جي خاندان تي بدنما داغ آھين.“ مان کيس جواب نه ڏيندو آھيان. خانداني برتريءَ جو وڏو احساس اٿس. روزانو ڪڏھن ساڙھي، ڪڏھن غرارو ۽ ڪڏھن سلوار قميص پائي ڪاليج پڙھائڻ ويندي آھي. پر شام جو ڪلب وڃڻ وقت اھو معمول اٿس، ته ٻانهن بنا بلائوز پائيندي ۽ شوخ رنگ جي ساڙھي ويڙھيندي آھي. کيس پينسل ھيل جا سينڊل پسند آھن. فخر سان ٻڌائيندي آھي، ته مشھور آمريڪي نچڻو ايڪٽر ايلوس پريسلي سندس قلمي دوست آھي. کيس اسان جي خاندان ۾ سڀ کان ذھين، نفيس ۽ مھذب سمجھيو ويندو آھي.
بابا جي آواز تي مون کي سمجھائڻ آئي، ”آخر تون ڪرڻ ڇا ٿو چاھين؟“
”ڪجھ به نه.“
”ڪجھ به نه!“ نجمھ غصو دٻائيندي چيو، ”سوچ ته سھي آجو، ته تون ڪيڏي نه وڏي خاندان جو فرد آھين! عزيز ڀائيجان ۽ ڪريم ڀائيجان ڏانهن ڏس، ڪيئن نه پنهنجي لاءِ مٿاھون مقام حاصل ڪيو اٿائون. بلقيس آپا ڊاڪٽرياڻي آھي ۽ مان-“
نجمھ پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڪيٻايو ۽ مون سندس جملو پورو ڪيو. ”۽ تون انگريزيءَ جي ليڪچرار، ايلوس پريسليءَ جي دوست ۽ مشھور افسانه نگار آھين.“
نجمھ کي اتي ئي ڇڏي مان ٻاھر نڪري آيس. (جڏھن انگريز آقا ھئا ۽ اسان غلام تڏھن اسان جي گھر ۾ بابا کي ڊيڊي ۽ امان کي ممي سڏيو ويندوھو. اسين ٻار ھئاسي، تنهن ڪري اسان کي ڪڊيز سڏيو ويندو ھو. الله ڪيو، انگريز ويو. ھينئر اسان جي گھر ۾ بابا کي ابو، امان کي امي، ادا کي ڀائيجان ۽ اديءَ کي آپا سڏيو ويندو آھي.)
منهنجي وڏي ڀيڻ بلقيس ڊاڪٽرياڻي آھي. اسپتال وڪٽوريا روڊ تي اٿس. اڃا تائين شادي ڪانه ٿي اٿس. امان شاديءَ لاءِ چيو ھئس ته وراڻيو ھئائين، ”مان انسانن جي خدمت ڪرڻ چاھيان ٿي. في الحال شاديءَ جو ارادو ڪونهيم.“
ھوءَ سچ پچ انسانن جي خذمت ڪندي آھي. ڪارخانيدارن، زميندارن ۽ ڪامورن جون زالون وٽس اينديون آھن. صلاح مشوري جي في فقط سٺ رپيا وٺندي آھي. ھڪ دفعو سندس ڪراڙي ۽ ضعيف ماسترياڻيءَ (جنهن کيس اسڪول ۾ پڙھايو ھو) کيس گھرايو، پر ادي بلقيس انڪار ڪري ڇڏيو. امان سمجھايس ته وراڻيو ھئائين، ”ھيٺئين طبقي جي ماڻھن وٽ وڃڻ سان اھميت ۽ قدر گھٽجي ويندو آھي.“
ان اصول تي ھلندي ادي بلقيس بيحد مشھور ٿي ويئي آھي. لاھور، راولپنڊي ۽ ڍاڪا کان وڏن وڏن سيٺين جون عورتون علاج ڪرائڻ لاءِ وٽس اينديون آھن. اھڙين عورتن کي فقط ٽي بيماريون ٿينديون آھن: ٿولھ، ٿڪ ۽ مٿي جي ڦيري.
ادي بلقيس به مون کي سمجھايو، ”آجو! آخر ڪجھ ته ڪرڻو اٿئي.“
”ڪجھ به نه.“
”پنهنجن ڀائرن ڏانهن ته ڏس! عزيز ڪاليج جو بهترين ڊبيٽر ھو.“
”پر انعام ڪڏھن به نه مليس،“ مون رکائيءَ سان وراڻيو.
ادي بلقيس سياڻي سياستدان وانگر منهنجو جملو نظر انداز ڪندي چوندي رھي، ”ڪريم ڪاليج جو ڪرڪيٽ ڪيپٽن ھو.“
”پر ڪڏھن ڏھ رنس به ڪري نه سگھيو.“
مان خاموش طبع آھيان. جيستائين بيحد خفي نه ٿيان، جواب نه ڏيندو آھيان. منهنجي جواب تي ادي بلقيس باھ ٿي ويئي.
مان دري ٽپي، باغ مان مالٽو پٽي، چوسيندو ٻاھر ھليو ويس.
بنگلي جي در وٽ ڪريم مليو. پنهنجي ڪنور ٽيبل موٽر مان لٿو ھو. گڏ ھڪ سينگاريل ڇوڪري به ھئس. مون تي نظر پيس ته ڇوڪريءَ کي آھستگيءَ سان ڪجھ چيائين. ڇوڪريءَ اول مون ڏانهن حقارت مان ڏٺو ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي. ڪريم اڳتي ايندي چيو، ”يار، سستي ڇڏ، اڳتي پڙھ، يا بزنس ۾ لھ.“
”ٻئي ڪم مون کان نه ٿيندا.“
”ڇو؟“
”الاءِ.“
”۽ جي ابو تنهنجو خرچ بند ڪري ڇڏي ته؟“
ھن جي سوال ۾ ٺٺولي ھئي. کيس جواب نه ڏنم، نم جي سڪل پنن کي لتاڙيندو ٻاھر ھليو ويس.
ڪريم، عزيز کان ننڍو آھي. ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي بابا بي. اِي ڪرايس. انجنيئر ٿيو. ٻه ٽي سال نوڪري ڪيائين، ۽ ان عرصي ۾ سيمنٽ جون ڳوڻيون ۽ لوھ وڪڻي، ۽ ٺيڪيدارن سان ٺھي خوب دولت ھٿ ڪري ورتائين ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين. بابا درآمدي واپار جو ليسن وٺي ڏنس. جنهن تي انگريزي دوائون گھرائي وڪڻندو آھي. سچ پچ ته ڌنڌي جو ڏاڍو ڏانءُ اٿس. ضرورت ۾ دوائون لڪائي ڇڏيندو آھي ۽ بليڪ ۾ وڪڻندو آھي. اڄ لکين رپيا بينڪ ۾ اٿس.
مون کي پڻ سمجھ ۾ نٿو اچي ته بي. اي کان پوءِ ڇا ڪيان؟ پڙھڻ منهنجي وس کان ٻاھر آھي. بلڪل جڏو آھيان. جيڪڏھن حالتون سازگار نه ھجن ھا، ته ھوند ميٽرڪ به نه ڪري سگھان ھا. ڪاليج سان ڪابه دلچسپي نه اٿم. ۽ نه آھيان رانديگر ۽ نه ئي بحث مباحثن ۾ ڳالھائي ڄاڻان. خاص ڪري ڪلبن سان ته ازلي وير اٿم. ماڻھو الاءِ ڪيئن افسانا ۽ ڪھاڻيون لکندا آھن. مون کان ته ڪارڊ تي ٽي سٽون به نه لکجنديون آھن. ڏسندو ھئس ته منهنجا ڪاليجي اديب، ڪلاس بدران ڪينٽين ۾ ويٺا ھوندا ھئا. ڪتابن جي ڀري بغل ۾، وار وکريل، اکيون مصنوعي اداس، ڏاڙھي وڌيل، ۽ ڪن ۾ سڙيل سگريٽن جا ٽوٽا رکي پنهنجي اديب ھئڻ جي ڇاپ ھڻندا وتندا ھئا. چڱي خاصي ٽريجڊيءَ جي ايڪٽنگ ڪري ڄاڻن. سندن صورتون ڏسي مون ڪينٽين ۾ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو ھو. ڪاليج جي تلخ ۽ ٻسي تجربي کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ قدم رکڻ تي دل نه ٿي تئيم.
شام جو گھر موٽيس ته امان وڏي واڪي پاڙيسري عورتن سان پئي ڳالھايو. جيڪي خوشي ۽ غميءَ ۾ امان کي اڳڀرو ڪنديون آھن. جيستائين بابا کي خانبهادريءَ جو لقب نه مليو ھو ۽ نه ئي انگريز سرڪار طرفان کيس جاگير عطا ٿي ھئي، تيستائين امان کي اھڙي اھميت نه ملندي ھئي. اڄڪلھ پاڙي جا جھيڙا جھٽا، ڏيتي ليتي، شاديون، مڱڻا امان جي صلاح سان ٿيندا آھن. خاص امان لاءِ ٻه سنڌي اخبارون اسان جي گھر ۾ اينديون آھن. ڏسندي ئي ڏسندي، سياست ۾ اھڙي ته ماھر ٿي ويئي آھي، جو گھر ۾ به ملڪي مسئلن تي ڳالھائيندي رھندي آھي.
عورتن کان جند ڇڏائي امان مون وٽ آئي. چيائين، ”ابا، مان تنهنجي ماءُ آھيان. مون کي نه ٻڌائيندين ته تون ڪرڻ ڇا ٿو چاھين؟“
”ڪجھ به نه.“
”ائين ڪيئن ٿيندو! چئھ ته اعليٰ تعليم لاءِ توکي ٻاھر موڪليون.“
”مان ٻاھر نه ويندس.“
”ته آخر ڇا ڪندين؟“
”خدارا منهنجي جند ڇڏيو. مان ڪجھ نه ڪندس.“
”پيءُ جي عزت جو به خيال ڪونهي ئي!“
ان وقت مون امان کي جواب نه ڏنو. خاموش رھيس. رات جي مانيءَ تي سڀ قھر آلود نگاھن سان مون کي گھوري رھيا ھئا. بابا ٽماٽن جي سوپ مان چمچو ڀريندي چيو، ”آجو، تون ٻار ناھين، وڏي پيءُ جو پٽ آھين. توکي وڏو ماڻھو ٿيڻو آھي.“
منهنجو ڪنڌ جھڪيل رھيو ۽ بابا ڳالھائيندو رھيو.
”بزنس ڪرين ته اڄ ئي پرڏيھي واپار جو ليسن وٺي ڏيانءِ، لکين روپيا ڪمائيندين.“
امان پڻ وچ ۾ ڳالھايو، ”يا، جي چوين ته ڏھ ٻارھن ريس جا گھوڙا وٺي ڏيونءِ. ريس ڪورس تي وڏن ماڻھن سان ملندو به رھندين ۽ ڪمائيندين به خوب!“
مون آھستي آھستي ڪنڌ مٿي ڪيو، سڀني جا چھرا ڏٺم. اکين مان ڄڻ شعلا پئي نڪتن. جواب کان جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي پيئي.
وراڻيم، ”مون کي زمين وٺي ڏيو.“
”خوب! واھ جي ڳالھ ڪئي اٿئي! مان سڀاڻي ئي براج جي زرخيز حصي ۾ توکي پنج سئو ايڪڙ الاٽ ڪرائي ٿو ڏيان. ڦٽيون چاندي اٿئي ۽ ڪڻڪ سون. ۽ ان ايراضيءَ ۾ ھاري به سستا ملندءِ.“
ڪريم چيو، ”اھڙي بهترين رٿ ته توکي اڳ ئي ٻڌائڻ گھربي ھئي.“
مون آھستگيءَ سان وراڻيو، ”مان زمينداري نه ڪندس.“
”اڙي ھينئر جو چيئھ ته توکي زمين خريدي ڏيئون؟“ عزيز ڪاوڙ منجھان چيو.
”مون زمين لاءِ چيو ھو، پنج سئو ايڪڙن لاءِ نه،“ جواب ڏنم، ”مون کي پنج ايڪڙ زمين وٺي ڏيو، مان پاڻ ھر ھلائيندس، مان ھاري ٿيندس.“
”ڀوڪ،“ نجمھ چيو، ۽ چمچو سوپ جي پليٽ ۾ اڇلائي ھلي ويئي. بلقيس چيو، ”آجو دماغي مريض آھي.“
ڪريم رڙ ڪندي چيو، ”لعنت آھي اھڙي ڀاءُ تي جيڪو خانداني ترقيءَ ۾ ھٿ نه ونڊائي.“
”ڇا ته ڏينهن ھئا!“ بابا پنهنجي سند ڏانهن ڏسندي چيو.
سڀ آھستي آھستي ڪرسين تان اٿندا ويا ۽ ٿوري دير کانپوءِ سڄي ڪمري ۾ مان اڪيلو رھجي ويس.

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on January 19, 2012 in Stories

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: