RSS

Message of Shah Latif – G.M Syed

17 جنو

شاھ صاحب سنڌ جو قومي شاعر (ڪتاب : پيغامِ لطيف)
(ســـــائين جــــــــي ايــــــــم سيــــــــد)

شعر اُھا خدائي ڏات آھي ، جا ڪن ٿورن ماڻھن کي نصيب ٿيندي آھي، باھ جو مثال وٺو ته، اھا جيئن ساڙڻ جو ڪم ڏئي ٿي ، تيئن طعام پچائڻ ۽ گاڏين ھلائڻ توڙي ٻين ڪيترن مفيد ڪمن لاءِ پڻ ڪم اچي ٿي. جيڪڏھن اُھا نقصان پھچائي ٿي ته فائدا به منجھس گھڻا آھن. مطلب ته جھڙي مقصد لاءِ کيس ڪتب آڻيو اھو حاصل ٿيندو. اھڙيءَ طرح شعر جي به حالت آھي، ان کي جي قومن ۾ انقلاب ۽ بيداري آڻڻ ، بھادري پيدا ڪرڻ ، اخلاق جي درستي ۽ خوشناسي پيدا ڪرڻ جي ڪم آڻي سگھجي ٿو، ته ساڳيءَ طرح اخلاق بگاڙڻ سستي ۽ ڪاھلي پيدا ڪرڻ ۽ خيالن جي خرابيءَ جو ڪارڻ به شعر ٿي سگھي ٿو. انھي نقطه نگاھ ڪري شاعر گھڻن ئي قسمن جا ٿي سگھن ٿا. شعر جي لحاظ سان سندن جدا جدا قسمن کي پوريءَ طرح سمجھائڻ لاءِ آءُ ھيٺ ٽين قسمن ۾ ورھايان ٿو.

1. ادبي شاعر:
ھي اھي شاعر آڳن جي زبان تي پورو عبور ھئڻ ڪري ، ملڪ جي ھر سامھون ايندڙ سوال تي شعر چون ٿا. جنھن ۾ پڻھنجي علمي قابليت ، زبان جي خوبين ، دل جي جذبات ، فطرت جي مصوري ، قصن ، ڪھاڻين ، دوستن ۽ محبوبن جي تعريف ، وڏن ماڻھن ، بزرگن ۽ حاڪمن جي ثنا ۾ صرف ڪندا آھن. سندس ڪلام ، توڙي نفاست ۽ نزاڪت گھڻي ھوندي آھي، ليڪن مقصد ۽ ارادن معمولي ھئڻ ڪري ملڪ ۽ ماڻھن لاءِ انھن جي ڪلام مان سواءِ ادبي فائدي جي ٻيو ڪو به وڏو فائدو حاصل ٿي نه ٿو سگھي.

2. اخلاقي شاعر:
ھي انھيءَ شاعر جو قسم آھي جي تصوف جي رازن ، فلسفي جي پيچيده سوالن انسان جي اعليٰ امنگن تي غور ۽ فڪرڻ بعد ، پنھنجي خيالن کي نظم جي لڙيءَ ۾ پوئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پوءِ ڪڏھين اھي راز ۽ خيال ، مثنوي مولانا روم وانگر قصن ۽ ڪھاڻين جي صورت ۾ بيان ڪن ٿا. ڪڏھن حافظ شيرازي ۽ سعدي شيرازي وانگر غزلن ۽ بيتن جي جدا جدا طرزن ۾ ظاھر ٿا ڪن.

3. قومي شاعر:
ھن قسم جا شاعر ، ملڪ ۽ قوم سان محبت رکي ڪري ، ماڻھن جي سياسي ، اخلاقي ،اقتصادي حالتن جو غوري سان مطالع ڪرڻ بعد قوم جي ڪمزورين ، خامين، مشڪلاتن ۽ خوبين کي بخوبي واقفيت حاصل ڪرڻ بعد ، انھن جي ڪارڻن ۽ اسبابن تي فڪر ٿا ڪن. قوم جو ماضي ، حال ۽ مستقبل سندن اڳيان رھي ٿو. پوءِ ھو قوم لاءِ ڪو نصب العين مقرر ڪن ٿا ۽ انھي تي پھچڻ لاءِ ، جي خيال ۽ تجويزون سندن دماغ ۾ وھن ٿيون، تن سڀني ڳالھين کي ھو پنھنجي ڪلام ۾ قوم اڳيان پيغام جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا.
جيڪڏھن شاھ صاحب جي ڪلام تي نظر ڪبي ھت ، ھن ۾ پوين ٻن قسمن جي شاعرن جون خاصيتون خاص طرح ڏسڻ ۾ اينديون.

جنھن صورت ۾ شاھ صاحب اخلاقي توڙي قومي شاعري جي حيثيت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھي ۽ انھي صورت ۾ ٻنھي پھلوئن مان ھر ھڪ تي جدا ڪتاب لکي سگھجي ٿو. تنھن ڪري سندس شعر جي تصوفي ۽ اخلاقي ڪمالات جو بيان ڪرڻ تصوف جي ماھرن ۽ فلسفي جي عالمن لاءِ ڇڏي. آءُ صرف سندس قومي شاعر جي پھلوءَ کي پنھن محدود معلومات ۽ وسائل مطابق بيان ڪرڻ جي وس آھر ڪوشش ڪندس.

منھنجو اھو پڪو ويساھ آھي ته شاھ عبدالطيف سنڌ جو قومي شاعر آھي سندس اڳيان سنڌ ملڪ جو خاص تخيل ھو.اھڙي طرح سان کيس سنڌي قوم جو به خاص تخيل ھو. جنھن جو احوال به جدا جڳھ تي آندو ويندو، ھتي صرف ھي ٻڌائڻ مقصود آھي ته کيس جنھن ملڪ ۽ قوم جو تخيل ھو، انھيءَ ملڪ جو گھڻو ڀاڳ، ھن پيرين پنڌڪري گھمي ڏٺو ، اتي جي ماڻھن سان گڏ گذاريائين ، سندس عادتن ۽ اخلاقن کان واقف ٿيو ، سندس جھونا قصا ۽ ڪھاڻيون ٻڌائين، سندن رسمن ۽ رواجن جو غور سان مطالع ڪيائين ، سندس سياسي ، معاشرتي ، اخلاقي، اقتصادي حالتن کي نظر مان ڪڍيائين ، انھن جي ڏکن ۽ سورن ۽ مستقبل تي غور ڪيائين. انھن جي ڪمزورين ۽ خامين کي معلومات حاصل ڪيائين.
مطلب ته انھيءَ زماني جي سنڌ جي حالات جو کيس پورو پورو مطالع ٿي ويو ھو. ايتري ساري معلومات بعد ھن پنھنجي شعر ۾ جيڪي چيو آھي، انھيءَ تي جيڪڏھن قومي نقطه نگاھ سان غور ڪبو ته ھيٺيون ڳالھيون نمايان طور آھن:

1. وطن جي حب:
شاھ صاحب جي ڏينھن ۾ جيتوڻيڪ ڪلھوڙن جھڙن ڪٽر مذھبي خيالن جي حاڪمن جي حڪومت ھئي ۽ اورنگزيبي سياست جو دور چالو ھو، ليڪن شاھ صاحب تي نه اونگزيبي سياست اثر ڪيو ۽ نه گھڻي قدر اڪبري سياست جو اثر ٿو، بلڪه ھن تي قديم سنڌي سياست جو اثر پيو، ھن وطن جي حب کي عين اسلام جي احڪام پٽاندر ايمان جو جزو سمجھي سنڌ کي پيار ۽ محبت ڪئي . ( پئن اسلامزم ) جو خيال سندس وھن ۽ گمان ۾ به نه آيو . ھن بين الاقواميت کي پئن اسلامزم کان جدا ٿي سمجھو. سندس ڪالم ۾ ڪٿي به مسلمان ملڪ يا مسلمان قوم ڏي اشارو ڪو نه آھي . سندس سڄو ڪلام وطن جي محبت ، آزدي ، ترقي ۽ اقتدار جي جذبات سان ڀريو پيو آھي.
چوي ٿو ته:

” سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار.“

ٻئي ھنڌ چيو اٿس ته ؛

واجھائي وطن کي ، ساري ڏيان ساھ ،
بت منھن جو بند ۾ ، قيد م ڪريجاه،
پر ڏيھياڻي پرينءَ ري ڌار م ڌريجاه،
ٿڌي مٽي ٿر جي ولھيءَ وسائجاه،
پويون ٿئي پساھ، ته نجاه مڙھ ملي ۾.

2. ديسين جي محبت:
شاھ صاحب جي ڪلام مان ٻي جا نمايان ڳالھه ڏسڻ ۾ ايندي ، سا سنڌ ديس جي رھاڪن جي اُڪير ۽ محبت آھي . ھن وٽ ھندن ۽ مسلمانن جي تميز وطن ۽ قوم جي لحاظ کان ڪا به ڪا نه آھي . جي سندس ڪالام تي نظر وجھندو ته :

”ديسي سيڻ ڪجھن پرديسي ڪھڙا پرين“ جو آواز ھڪ طرف ٻڌڻ ۾ ايندو ته :

”جيھا جي تيھا مون مارو مڃيا.“ ٻي طرف ڪن تي پوندو :

باوجود ان جي ته ھو محمد ڪارڻيءَ جو مڃڻ ضروري ڄاڻي ٿو . ھو صاف چئي ڏئي ٿو ته سچي مسلماني ، تڏھين ئي ماڻي سگھبي ، جڏھن دو بينائي دور ڪري اشھد جي اک سان ، دنيا جي شين ۽ ماڻھن کي ڏسبو . ھو پيغمبر اسلام کي رحمت العالمين سمجھي ٿو ۽ حق کي اسلام سمجھي چوي ٿو ته :

”ڏسڻ ڏسين جي ، ته ھمه کي حق چئين،
شارڪ شڪ م ني ، انڌا انھيءَ ڳالھه ۾.“

مسلمانن جي جدا گانه قوم جي نظريي کي اميراڻي ذھنيت جو نتيجو سمجھي ٿو. ھن جي خيال موجب جھڙيءَ طرح سج جي روشني ۽ ھوا کي ، چند شخصن ۽ طبقن جي ملڪيت تسليم ڪرڻ ۽ بنائڻ انسان ذات جي گھڻائي سان ظلم ۽ دشمني ڪرڻ جي برابر ٿيندو. اھڙيءَ طرح حق کي به محدود ڪري ، ڪنھن مخصوص گروه جي ملڪيت يا ورثو بنائڻ ، ساڳي ذھنيت جو نتيجو ٿيندو. ھو ھندن ۽ مسلمانن جي موجوده مصنوعي تفاوتن تي جڏھين نظر ڪري ٿو ته به اختيار ٿي چوي ٿو ته :

ان پر نه ايمان، جو ڪلمي گو ڪوٺائيين ،
دُعا تنھن جي دل ۾ ، شرڪ ۽ شيطان.

ساڳيءَ طرح ھندن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:

ڪوڙو تو ڪفر سين ، ڪافر نه ڪوٺائين،
ھندو ھڏ نه آھئين ، ڄڻيون تو نه جڳاءِ،
تلڪ تنھين کي لاءِ ، سچا جي شرڪ سين .

ڪفر ۽ اسلام کي روحاني دنيا جون ٻه حقيقي منزلون يا حالتون سمجھي بحث ڪري ٿو. تنھن ڪري ملن ۽ پنڊتن جي انسان ذات جي وچ ۾ پيدا ڪيل بي معنيٰ فرقن ۽ تفاوتن کي ھو حق جي سامھون پردا ۽ حجاب ٿو سمجھي.
آخر اھڙو اندر جو اُجريل ۽ صاحب نظر ، اھي منصوعي فرق جا نظريا ڪيئن قبول ڪري ٿي سگھو ؟

3.ملڪ جي آزادي ـــ خوش حالي ۽ ترقي:
شاھ صاحب جي ڪلام ۾ ٽين خاص ڳالھ ملڪ جي آزاديءَ ، خوش حالي ۽ ترقيءَ جو تصور ، اُميد ۽ آرزو آھي، اوڳان جيڪڏھن سندس ڪلام تي غور سان نظر ڪندا ته ڪيترن جڳھن تي زنجيرن جي ٽٽڻ، قلعن ۽ ڪوٽڻ جي ڪرڻ ، قيدن ۽ بندن کان آزادي ٿيڻ لاءِ دعائون گھريل ڏسندا.ھڪ ھنڌ چوي ٿو ته :

جسو زنجيرن ۾ راتو ڏينھان روءِ،
ڳچيءَ ڳانا لھ جا ، زيريون، زنجير.

ٻئي طرف چوي ٿو ته:

منھن جي آس اھا ڪڏھين ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

جڏھين سرتين جيڏين ۽ ڀر وارين قومن کي آزاديءَ ۾ خوش حالي جي زندگي گذاريندو ڏسي ٿو ۽ پنھنجي ملڪ ۽ ماڻھن کي غلام ۽ پٺتي پيل ڏسي ٿو ته به اختيار زبان مان نڪريو ٿو وڃيس.

مون جيڏيون ملير ۾ ، ٿيون چونڊن موڪ مھا.

شاھ صاحب سنڌ جي سھسين سينگارن، پلر جي پالوٽن، پٽن جي پاھن، کٿوري خوشبوءِ ، مندائتن مينھن جو ته شائق ٿو ڏسجي ، سنڌ ۾ سڪار لاءِ خاص دعائون ٿو گھري، ڏڪارين ۽ موزين جي ڏيھه مان پاڙ پٽڻ جي پٺيان آھي. جڏھن جڳ ۾ مانڊاڻ ن جي وار، اتر پار ڏي ڪڪر ڪارو نڀار ۽ مندائتن مينھن جي وسڻ جا ويس ڏسي ٿو ته، ھڪ انقلابي وانگر خوش ٿئي ٿو. کيس خبر آھي ته مھانگو ميڙڻ ۽ پنجن مان پنڌرھن ڪرڻ وارا ( چور بازاري) جلد ختم ٿيڻ وارا آھن ۽ سگھوئي ھاري ھر جو مٺيو ھٿ ۾ ڪري، ملڪ جي سياسي جمود واري زمين کي کيڙي ، ان ۾ آزاديءَ جو ٻج پوکڻ وارا آھن. جلد ئي سک جي ساوڪ ٿيندي ڏولائي جا ڏينھاڙا ويندا، سينگھار سکيا ۽ ستابا ٿيندا.

شاھ صاحب جي باريڪ بيتن نظر سنڌين جا عيب به سندس اڳيان پڌرا ڪري ڇڏيا ھئا ۽ کيس انھن ۾ ھيٺيون خاميون ڏسڻ ۾ آئيون.

1. احساس ڪمتري:
ھن ملڪ ۾ ھيءَ عام چوڻي آھي ته ( ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ سينا) سا حقيقت شاھ صاحب ھو بھو اکين اڳيان ڏٺو ڏٺي. ان وقت سنڌ اندر ھر صديءَ ۾ ڌرتيءَ جي ڌٻڻ، سنڌونديءَ جي ڦيرن گھيرن ، لوڏن ۽ سوڪن جي واقعات، آبپاشيءَ جي واقعات، آبپاشي جي ذريعن جي پوري انتظام نه ھئڻ ، بارش جي گھٽ ھئڻ ، اندروني ۽ بيروني ڌاڙيلن جي حملن(پوءِ اھي حاڪمن طرفان ھئا يا ڌاڙيلن طرفان) حالتون غير تسلي بخش بنائي ڇڏيو ھيون.

شھري زندگي تمام ڇٽي ھئي. ماڻھن جو گھڻو تعداد مال تي گذران ڪرڻ ڪري خانه بدوش زندگي گذاريندو ھو. آبادي به سدائين ساڳ زمين تي نه ھئڻ ڪري آبادگار پيا پٽ بدلائيندا ھئا. ان ڪري علم ۽ بي ترقيءَ لاءِ سندن واسطي حالتون سازگار نه ھيون. ان جي مقابلي ۾ دھلي ، گجرات ۽ پنجاب طرف حالتون مختلف ھيون، بارش گھڻي، آبادي جام، خانه بدوش زندگي گھٽ ھئڻ ڪري امن امان وڌيڪ ، شھري زندگيءَ جوي زياده ھئڻ ڪري اتي جا رھاڪو علم ۽ آسودگيءَ ۾ سنڌين کان وڌيڪ ھئا. نتيجو اھو نڪتو ٿي ته، ھر ٻاھران آيل ماڻھو سنڌ ۾ اچڻ بعد معتبر شمار ٿيڻ ۾ ٿي آيو، پنجاب جا پير افغانستان جا حمله ڪندڙ، دھليءَ جا نواب تن جو ملڪ ۾ ڌاڪو ويھي ويو، اڪبر جي قومي سياست، اورنگزيب جي مذھبي پاليسي ، مھدوي طريقت دھليءَ جي نوابن جي طرز معاشرت، مغلن جي فارسي ، سنڌ کي ون ويڙھي جيان ويڙھي ويل ھئي. ننڍو دماغ (1) ۽ گڏھن ۽ اٺن جي ھلائڻ واري قوم (2) طعنا سنڌين کي صرف ھن وقت ڪونه ٿا ڏيڻ ۾ اچن پر ان وقت به وڏيرن ۽ ملن جو ڪثير طبقو پاڻ وساري ويھي رھيو.

(1)1938ع ۾ سردار پٽيل چيو (2) لياقت علي خان 1948ع ۾ چيو: سنڌي قوم جي تھذيب ، زبان ، آزاديءَ ۽ ترقيءَ جون ڳالھيون وسري ويون ھين.

شاھ صاحب نھايت درد دل سان ، اھي حالتون محسوس ڪيون ٿيون ڏسجن ۽ انھن کي نظر ۾ رکي سنڌي کي مخاطب ڪيو اٿس ته:

ايءَ نه مارن ريت جئڻ سيڻ مٽائين سون تي.

وري ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته؛

پکين جي پريت ماڙين سين نه مٽيان.

2.ابن الوقتي:
سنڌين ۾ ٻي وڏي خامي جا شاھ صاحب ڏٺي ھئي، سا ھئي ، سندس وڏيري ڪلاس جي ا بن الوقت ھني مثال مشھور ٿي ويو آھي ته:
جيڪو واءُ لڳي ان کي سامھون ٿجي.

ھتي جا وڏا ماڻھو ڍنڍ جي پکين وانگر، ھميشه پاڻي يعني سُک سان ٻڌل ھئا. جيڪو پاسو زور ڏسندا ھئا وڃي ان جو طرف وٺندا ھئا. اصولن ۽ مقصدن خاطر جيئڻ ۽ مرڻ جي سُتي ئي ڪانه پيل ھين.

جيئن اڄڪلھ جي حالت آھي ته ، جڏھن انگريزن جي حڪومت ھئي ته سنڌي وڏيرن ، انھن جي غلاميءَ وارا لقب ۽ عزتن حاصل ڪرڻ ۾ فخر ٿي سمجھيو. ھاڻ جڏھين ھوا بدلي آھي ته گورن جي جاءِ ڪارن ولاري آھي ته اسانجا اھي ماڻھو وري ھنن بدليل حاڪمن جي ڪنجڪ جھلڻ ۾ مشغول آھن. اھڙي ساڳي حالت شاھ صاحب به ڏٺي ۽ ڏاڍو درد ٿيو ٿو ڏسجيس، اھڙِي حالت ۾ چوي ٿو ته:

ھي منھن ڏيئي ٻن ، تون وھه کائي نه مرين؟
تان جي ملير جھائيون، توسين سڱ نه ڪن،
تون ڪيئن منجھان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي!

ان وقت فحط الرجان ڏسي ، کيس سنڌين جي قديم بھادري ۽ غيرت جا ڪم ياد اچن ٿا. سومرن جو مرندي مري وڃڻ پر غير سنڌي اقتدار اڳيان ڪنڌ نه نمائڻ ، دريا خان جو پٽن سوڌو قربان ٿي وڃڻ، ليڪن خوشيءَ سان ڌارين جي غلامي قبول نه ڪرڻ، کيس ھن شعر چوائڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.

اڄ نه اوطاقن ۾ ، تازا پٿر ڪک،
آديسي اٿي ويا ، پئي اُڏامي رک،
سامي کڻي سنک، وجھائي واٽ ٿيا.

اھو مٿين طبقي جي ماڻھن جو حال ھو. ليڪن جڏھين ھن ڳوٺن جو سير ڪيو، عام غريب ماڻھن سان مليو ، مارئيءَ جي حب الوطني ، سسئيءَ جي وفاداري، سھڻيءَ جي سرويچيءَ جا قصا ٻڌائين ٿي ته وري دل نٿي لوڙھيائين ۽ چئي ٿي ڏنائين ته:

اڇا سي آھن، سزاوار سنڱين جا،
ويٺا وجھائين ، جي سناسي سڻئين.

3.خانه جنگي:
سنڌين ۾ شاھ صاحب وڏي خامي (نفاق) جي ڏٺي. بدويانه زندگيءَ جو اھو ھڪ مکيو جزو ٿيندو آھي ته قبيلا قبيلن ۾ ، مائٽ مائٽن ۾ حسد ۽ اڻ سھائيءَ ڪري وڙھيا ويٺا ھوندا آھن. خود مطلبي سندن زندگيءَ ۾ گھر ڪري ويھي وڃڻ ڪري، منجھانئن سڀڪو سياري جي سوڙ پيو پاڻ سوريندو آھي. جيتوڻيڪ بھادريءَ ۽ قربانيءَ جو مادو گھڻو ھوندو اٿن پر شير شاھ جو شڪرو گھر جا ڪڪڙ ماري، وانگر سڀڪو اوزار پاڻ تي پيا آزمائيندا آھن، پنھنجي تي آيا رھندا . ڌارين تي ھمت ئي ڪانه ٿيندي اٿن ۽ انھن جي غلامي ڪرڻ تي فخر پيا سمجھندا آھن. انھيءَ ڳالھ سندن قومي شيرازو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ھو. نه قوم ۾ اتحاد ۽ اتفاق رھيو ھو ۽ نه وري متحد نصب العين ئي رھيو ھئن. قومن جي ھستي مقصدن جي قائم رکڻ سان رھي سگھي ٿي اھڙين نفاق وارين حالتن کي ڏسي شاھ صاحب سنڌين کي ھيٺين طرح مخاطب ٿئي ٿو.

وڳر ڪيو وتن ، پرت نه ڇنن پاڻ،
پسو پکيئڙن ماڻھئان ميٺ گھڻو.
ٻئي ھنڌ فرمائي ٿو.

ڌڻ ڌارڻ ڌار رھڻ ، اي نه سنگھارن سٽ.

ورا جڏھن قديم اوج ۽ نفاق ياد پونس ٿا ته بي اختيار چيو وھي ته:

ڪڻا منجھ قرار ، ھئا ھيڪاندا سنگ ۾ ،
ڳاھي ڳاھ فراق جي ، ڪيا ڌارون ڌار،
نڄاڻا ڪيھار ، ميلو ٿيندو سجھڻين.

4.آرام طلبي:
چوٿين خامي جا شاھ صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا ھئي سستي، ڪالھلي ۽ آرام طلبي جي . ھر ڪنھن مشڪلات کي منھن ڏيڻ کان پئي گسايو. (سک جا سانگي) ٿيڻ جي عادت منجھن ويھي ويئي ھئي. گذر به سکيو ملي، گھڻي تڪليف نه ھجيس. ترقي به بنا مشقت جي حاصل ٿئي. آزادي به آسمان مان ڪڙڪي اچي، دوست به گھر ويٺي ملي، باقي پاڻ ڪوشش ڪونه ڪندا ھن جڏھين چوطرف نظر ڊوڙائي ته دنيا جون ٻيون قومون ۽ ملڪ ترقي ڪندا وڃن ٿا. ھتي اڃان سستي لڳي پيئي ھئي، نڪو ٿا پاڻ سڃاڻن، نڪو ٿا نصب العين مقرر ڪن، نڪو جفاڪشي ڪرڻ تي پاڻ کي ھيرين. ماڻھن جون اھي حالتون ڏسي ڏاڍو ڏک ٿي ٿئيس ۽ چئي ٿي ڏنائين ته:

جڏھين ستيون جي ، پٿر پير ڊگھا ڪري،
تڏھين تنھين کي ، ساٿ ستي ئي ڇڏيو.

ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته:

غافل غفلت ڇوڙ ، تون ڪيئن اڻاسي اوجھرين،
چپانا چڙھي ويا، وڃي پھتا توڙ،
نيڻن ننڊا کوڙ ، ورن ۾ واڪا ڪرين.

وري چوي ٿو ته:

وھين ۽ ويلا ڪرين ، اي نه اڪنڊ آھه،
سي لاڳاپا سڀ لاھ، اوريان اڀارين جي.

ھن جيڪڏھن مٿي ذڪر ڪيل عيب ۽ خاميون سنڌين ۾ ڏٺيون ، ته منجھن ڪي خوبيون به محسوس ڪيائين ، جنھن ڪري خوش ٿي ٿيو ۽ اميدون ۽ آسرا پيدا ٿي ٿين.
سنڌين جون خاص خوبيون جي کيس ڏسڻ ۾ آيون سي ھيٺيون ھيون:

1.حب الوطني:
شاھ صاحب سنڌين ۾ جي خوبيون ڏٺيون ، تن مان پھرين سندس ديس سان پيار ۽ محبت ھو. ھن عام ڀٽن ۽ مڱڻھارن کان وطن لاءِ بھادريءَ سان ڪٽجي مرڻ وارو قصو ۽ ڪھاڻي، دودي سومري جو ماڻھن کي چاھ سان ٻڌندي ڏٺي، شادين ۽ خوشيءَ جي موقعن تي مارئيءَ جي وطن ۽ مارن جي اڪير جا گيت گھرن ۾ زالن ۽ ڳائيندڙن کان دلچسپي سان ڳائيندي ٻڌا. عام سنڌين جي ڳوٺن ۽ پٽن جي محبت جا داستان ٻڌائين ۽ ڏٺائين. ھن ڏٺو ته سنڌ جا ماڻھو اڪثري وطن ڇڏي ٻين ملڪن ۾ وڃي گھڻي وقت تائين رھڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار نه ھئا. جيڪڏھن ڪي مسافرين ۾ ويندا ھئا ته سرھن وانگر اکيون ھميشه جبل (سنڌ) کنيون پيا نھاريندا ھئا ۽ سندن آس اميد ھميشه اھا پئي رھي آھي ته ڪڏھين ٿو ملا واڳ وطن تي وارين، انھن ڳالھين مٿس ڏاڍو اثر ڪيو ٿو ڏسجي. مارئي جي سر ۾ شاھ صاحب جھڙي نموني وطن جي اُڪير ۽ پيار کي ظاھر ڪيو آھي، سو ڄڻ ته سنڌي دھقاني زندگيءَ جي حقيقي اکين ڏٺي تصوير چٽي اٿس. ھن تي ڌارين جي تھذيب، تمدن ، پيسي ، علم ۽ ترقيءَ وغيره جو ڪو به اثر نٿو ٿئي. ھو ٻين جا بنگلا ڏسي پنھن جون جھوپڙيون مٽائڻ عيب سمجھندا ھئا، ھن وٽ ڌارين جي لباس (ٺاٺ) محلاتن (تمدن) کاڌن خوراڪن (شاھوڪاري) قلعن ۽ ڪوٽن (لشڪر ۽ سپاه) کان پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جي سادگي، خانه بدوشي، مسڪيني ، بي سرو ساماني، بي علمي ، اٻوجھائي ھزار ڀيرا وڌيڪ پسند ھئي. ھو ور ور ڪريو عمر ( حڪمران قوم) کي چئي ٿو ته:

پٽ نه پھريان سومرا، جا ڪي تسان جيان،
آءُ ڪيئن لوئي لاھيان، ڪارڻ ٻن ڏينھان،
جيسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.

2.قومي محبت:
ٻي خوبي جا شاھ صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا ھئي ديس واسين ۽ مارن جي پياس، ھنن تي مسئلئه وحدت الوجود جو اثر قديم وقت کان ، مختلف درويشن ذريعي پئي پيو آھي. تنھن ڪري انھن تي اورنگزيبي سياست ۽ مسلمانن جي جداگانه قوميت جي نظريي جو ڪو اثر ڪونه پيو. سندن انھيءَ حقيقت کي مارئيءَ جي واتان، ھيٺين طرح بيان ڪري ٿو:

الست بربڪم جڏھين ڪن پيوم
قالو بليٰ قلب سين، تڏھين تت چيوم
تنھين وير ڪيوم، وچن ويڙھيچن سين.

3.سرويچي:
ٽين خوبي جا شاھ صاحب کي عام سنڌين ۾ خاص طرح ڏسڻ ۾ آئي، سا سندن ھمت، قرباني ۽ سرويچيءَ جي مادي جي ھئي، اگرچ سندن وڏيري ڪلاس خود مطلبي، بزدلي جي خرابين ۾ غرق ٿيو پيو ھو، ليڪن غريب طبقو ھر قسم جي مشڪلاتن، مصيبتن ۽ تڪليفن کي منھن مقابل ٿيڻ جو عادي ٿي چڪو ھو، جنھن ڪري منجھن برداشت ۽ قربانيءَ جو عظيم الشان مادو موجود ھو. راءِ ڏياچ جو سخا ۾ سر ڏيڻ، سسئيءَ جا پنھونءَ خاطر جھنگ ۽ جبل جھاڳڻ ، مومل جون راڻي لاءِ تياريون وھائي ڏينھن ڪارڻ ، ليلان جو چنيسر لاءِ ليلائڻ، سھڻيءَ جو ميھار لاءِ ڪاريءَ رات ڪنن ۾ گھڙڻ، وڻجاي جي ونيءَ جو ور لاءِ جر تڙ ڏيا ٻارڻ ۽ وڻ ٽڻ وائٽيون ٻڌڻ، سنڌين جي صداقت ۽ قربانيءَ جا مثال سندس اکين اڳيان ھئا، تنھن ڪري ساري رسالي ۾ اڪثر اھڙي قسم جي واقعن کي پسند ڪري ، انھن جو ذڪر ڪيو اٿس، ھن کي سر مڱڻ ، سر گھرڻ ، سر ڏيڻ جي ڳالھ راءِ ڏياچ جي آکاڻيءَ خاص اثر ڪيو ٿو ڏسجي. اھڙي طرح سسئي جو گھر ٻار پنھنجي ور ( مقصد) لاءِ قربان ڪري جبل جھاڳڻ کيس پسند آيو آھي، چوي ٿو ته:

وريتيون ورو ، آءُ نه ورندي ورريءَ،
جا ڏي ھن جبل جو، تانگھينديس ترو،
جتن ساڻ ذرو، نينھن نيبرڻ نه ٿئي.

مومل جي قصي ۾ راڻي بنا ڪاڪ ڪڙھي، وڻ ٽڻ جلي وڃڻ ٿا . مومل جي جان پيئي جھري ، جيستائين راڻو نٿو مليس، سھڻيءَ جي سر ۾ چوي ٿو ته:

تڙتڪڻ ، تار گھڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪم.

ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته:

جنھن کي ساڻ پريان جا سور،
تنھن کي ندي ناھ نگاھ ۾.

وري چوي ٿو ته:

ائين ھوندي مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

4.رواداري:
چوٿين خاصيت ۽ خوبي جا شاھ صاحب سنڌين ۾ ڏٺي سا ھئي مذھبي ڪٽر پڻي ۽ تعصب جي گھٽ ھئڻ جي ھو پاڻ کي بھترين سنڌيءَ جو نمونو تصور ڪري انھن جي فلاسفي ھيٺين طرح ادا ٿو ڪري:
پريان سنڌي پار جي مڙيئي مٺائي.
ان ڪري ھن جيڏانھن نظر ٿي ڪئي تيڏانھن سڄڻ سامھون پئي آيس. ھو چوي ٿو ته کر ڀلي جيئن ۽ سندس پرين جي ملڻ جون اميدون ڏسي ساڙ ۾ سڙن ، ھن کي کر جي کارڻ جو ذرو به خطرو نه ھو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر ھئي ته کر آھي کاري سگھندو، جن جو پريتڻون ماٺو ھوندو . ھن ڏٺو ته سنڌي دوستيءَ ۽ محبت جي بنياد تي ھر ڪنھن سان سٺو برتاءُ ڪرڻ لاءِ تيار ھئا، مذھب جو مطلب ھنن وٽ پريت ۽ محبت ھئو ۽ نه ڪفلت ۽ نفاق.

ھن ڏٺو ته جيتوڻيڪ ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا مذھب جي نالي ۾ ظاھر داري ڪيو ، منھن اجرو رکيو اچن، پر دل ۾ ھچارا آھن ۽ وصال کي ويجھا نه آھن. تنھن ڪري ھن ھيٺين اصول کي پسند ٿي ڪيو:

جيڏانھن ڪريان پرک ، تيڏانھن سڄڻ سامھون.

مٿي ذڪر ڪيل ڳالھين مان اوھان پروڙي سگھيا ھوندا ته شاھ صاحب سنڌ ملڪ جي ماڻھن جي عادتن ۽ حالتن جو غور سان مطالع ڪرڻ بعد، ھڪ طرف قوم جي ڪمزورين ۽ خامين کان واقف ٿيو ته ٻئي طرف انھن جون خاصيتون ڏٺائين ، جنھن تي ويچار ڪري ھن سنڌين لاءِ ڪي سنيھا ۽ تجويزون سوچيائين جن تي تفصيلوار بيان ٻئي ھنڌ ڪيو ويندو. جي خاصيتون ھڪ قومي شاعر جون ٿيندو آھن، سي سڀ شاھ صاحب ۾ موجود ھيون ۽ ھو ھر نقطي نگاھ سان سنڌ ملڪ ۽ قوم لاءِ نياپي ۽ پيغام ڏيڻ جو حقدار آھي.

(جيئــــــــي لـــــــطيف ـــــ جيئــــــــي سنـــــــڌ)

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on January 17, 2012 in Articals

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: