RSS

Adam’s Mother – Amar Jaleel

16 جنو
آدم جي ماءُ
امر جليل

جنهن ڏينهن مون آدم جي ماءُ کي ريگل بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو، تنهن ڏينهن مون کي پڪ ٿي ويئي ته آدم نه بچندو. آدم مري ويندو.
جنهن
آدم خان اسان جي آفيس ۾ جونيئر ڪلارڪ هو. سڄو سڄو ڏينهن ٽائيپ ڪندو هو، کنگھندو هو ۽ رت ٿوڪاريندو هو. شروعات ۾ هو تمام تيزيءَ سان ٽائيپ ڪري سگھندو هو. تڏهن، آدم نه کنگھندو هو ۽ نه ئي رت ٿوڪاريندو هو. جنهن ڏينهن کان هن سيني تي هٿ رکي کنگھڻ شروع ڪيو، تنهن ڏينهن کان سندس ٽائيپ ڪرڻ رفتار ڍري ٿيڻ لڳي. هو هڪ منٽ ۾ ويھ لفظ ٽائيپ ڪرڻ لڳو ۽ رت ٿوڪارڻ لڳو، تڏهن آفيس سپريڊنٽ پاران کيس پهرين وارننگ ڏني ويئي.

آدم سترهن ارڙهن سالن جو هو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ اسان واري آفيس ۾ اچي جونيئر ڪلارڪ ٿيو هو. جنهن ڪمري ۾ بشير ڪافر، وهاب ٽارزن ۽ مان ويهندا هئاسين، ان ڪمري جي ٻاهران، کليل ورانڊي ۾ آدم کي ويهاريو ويو هو. اسين ٽيئي پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان آدم ڏانهن ڏسندا هئاسين ۽ ٽائيپ رائيٽر تي سندس آڱرين جي رفتار ڏسي حيران ٿيندا هئاسين. هڪ دفعي بشير ڪافر چيو هو، ”آدم جيڪڏهن ماڻهوءَ بدران گھوڙو هجي ها ته جيڪر ڊربيءَ جي ريس کٽي اچي ها.“

پر، آدم ڪابه ريس کٽي نه سگهيو. هن کي ڪو مرض وڪوڙي ويو هو. سندس صحت ڪِرڻ لڳي ۽ ٽائيپ جي رفتار گھٽ ٿيڻ لڳي ۽ جنهن ڏينهن آفيس سپريڊنٽ پاران وارننگ ملي، تنهن ڏينهن هو ڪنبي ويو. سندس ساھ وڃي پيرن ۾ پيو. آدم جي نوڪري نه فقط ڪچي هئي، بلڪ هڪ سال اندر ڪنهن به وقت ختم ڪرڻ جوڳي هئي. اهي سموريون ڳالھيون کيس اپائنٽمينٽ آرڊر ۾ تحريري طور ٻڌايو ويون هيون. آدم کي نوڪري ڪندي فقط اٺ مهينا ٿيا هئا، جو کيس پهرين وارننگ ملي هئي. وارننگ وٺڻ کان پوءِ هو ٽائيپ رائيٽر تي جھڪي ويو. هو ڏاڍيءَ جاکوڙ کان پوءِ هڪ منٽ ۾ ويهين بدران پنجويھ لفظ ٽائيپ ڪرڻ لڳو. ان کان مٿي هو ٽائيپ ڪرڻ جي رفتار وڌائي نه سگهيو.

هڪ منٽ ۾ پنجويھ لفظ ٽائيپ ڪرڻ وارو مدو آدم لاءِ مختصر ثابت ٿيو. هو جلد ئي هڪ منٽ ۾ اول 15 ۽ پوءِ 10 لفظ ٽائيپ ڪرڻ لڳو. نيٺ اُهو ڏينهن به آيو جڏهن آدم هڪ منٽ ۾ ڪوشش جي باوجود پنج لفظ ٽائيپ ڪري نه سگهيو. ان ڏينهن هن ورانڊي جي ٺلھ سان لڳي رت جي الٽي ڪئي هئي. الٽي ڪرڻ کان پوءِ هو ساڻو ٿي پيو هو. ٺلھ سان ٽيڪ ڏيئي ويھي رهيو هو. ان ڏينهن شام جو آدم گھر ويو ته ٻئي ڏينهن آفيس موٽي نه آيو. ٽئين ڏينهن آدم جي ماءُ موڪل جي درخواست کڻي آئي.

موڪل جي درخواست ڏسي آفيس سپريڊنٽ باھ ٿي ويو. هن موڪل جي درخواست تي ڳاڙهي مس سان لکي ڇڏيو ته آدم ڪم چور، سست ۽ نالائق آهي ــــــــــ کيس موڪل وٺڻ جي عادت آهي ــــــ جيستائين ڪنهن ڊاڪٽر جو سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪندو، سندس موڪل جي درخواست منظور نه ڪئي ويندي.

مهيني کان پوءِ آدم جي ماءُ خيراتي اسپتال جو سرٽيفڪيٽ کڻي آئي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته آدم کي سلھ هئي.

آدم جي سلھ جي خبر آفيس ۾ باھ وانگر پکڙجي ويئي. مون ٽائيپ رائيٽر ڏانهن ڏسندي چيو، ”مشين آدم کي کائي ويئي“

”مشين آدم کي نه کائيندي آهي.“ بشير ڪافر چيو، ”آدم، آدم کي کائي ڇڏيندو آهي.“

وهاب ٽارزن ۽ مون بشير ڪافر ڏانهن ڏٺو. هو ڏينهن رات طرحين طرحين جا ڪتاب پڙهندو هو ۽ توائي ڳالھيون ڪندو هو.

بشير ڪافر چيو، ”پاڪستان ۾ پيغمبرن تي پابندي لڳائي ويئي آهي، ورنه گنجو آفيس سپريڊنٽ پاڻ کي پيغمبر چوائي ها.“

وهاب ٽارزن کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”تون پنهنجي بڪواس بند ڪر. هن وقت مان بيحد اُداس آهيان.“

”اُداس ماڻهو ٿيندا آهن.“ بشير ڪافر چيو، ”تون فقط ٽارزن آهين.“

وهاب ٽارزن جھٽ ڏيئي ڪرسي کڻي ورتي.

”ثبوت جي ضرورت ناهي.“ بشير ڪافر چيو، ”مون قبول ڪيو آهي، ته تون ٽارزن آهين.“

وهاب ڪرسي رکي ويھي رهيو. بشير ڪافر ڏانهن خارن مان نهاريندي چيائين، ”تون وڏو حراميءَ آهين.“

”مون کي ان ڳالھ کان انڪار ڪونھي.“ بشير ڪافر چيو، ”پر خدا جو شڪر آهي جو مان تو وانگر ٽارزن نه آهيان.“

وهاب هڪدم ڪرسي کڻي ورتي. بشير تي اُلر ڪندي چيائين، ”تون ڪافر آهين. خبردار جو پنهنجي غليظ ۽ ناپاڪ زبان تي خدا جو نالو آندو اٿئي!“

”ڇو؟“ بشير پڇيو، ”تون خدا جو باڊي گارڊ آهين ڇا!“

وچ ۾ نه پوان ها ته جيڪر جھيڙو ٿي پوي ها. وهاب ٽارزن کي چيم، ”بشير ڪافر، برابر ڪافر آهي. مرڻ شرط انشاء الله تعالى دوزخ ۾ ويندو.“

وهاب ٽارزن ڪرسي رکي ڇڏي ۽ ويھي رهيو. چيائين، ”تنهنجي چوڻ تي ڇڏي ٿو ڏيان مردود کي، ورنه جيڪر ٿڏي تي دوزخ روانو ڪريانس ها.“

”اهو ڪم الله سائين جو آهي. تون الله سائين جي ڪم ۾ دخل اندازي نه ڪر.“ پوءِ مون بشير ڪافر کان پڇيو، ”آفيس سپريڊنٽ ڪو نئون انڪشاف ڪيو آهي ڇا؟“

بشير چيو، ”سپريڊنٽ فيصلو ڏنو آهي ته نوڪريءَ ۾ اچڻ مهل آدم صحت جو جيڪو سرٽيفڪيٽ ڏنو هو، سو جڙتو هو.“

بشير جي ڳالھ ٻڌي مون کي تعجب ٿيو. کائنس پڇيم، ”نوڪري ۾ اچڻ کان اڳ آدم کي سلھ هئي ڇا؟“

بشير چيو، ”وهاب ٽارزن کي ڏسين ٿو.“

مون وهاب ڏانهن ڏٺو.

بشير چيو، ”ماڻهو ٿو لڳيئي يا گينڊو!“

وهاب آپي مان نڪري ويو. بشير کي مارڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو.

”ترس ٽارزن“ کيس ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيم، ”ڳالھ ٻڌڻ ڏي.“

بشير چيو، ”هڪڙي ڏينهن آدم اڌ سير جليبين 7 سير کير جي شرط تي وهاب ٽارزن سان چنبو ويڙهايو هو.“

مون اچرج وچان وهاب ڏانهن ڏٺو. وهاب آفيس اچڻ کان اڳ ٻه ڪلاڪ، ۽ شام جو روزانو چار ڪلاڪ ڪسرت ڪندو هو. ڀولوءَ جي آکاڙي جو باقاعدي ميمبر هو. بشير جي ڳالھ ٻڌي هو ڦڪو ڦڪو پئي ٿيو.

بشير چيو، ” مان ريفري هوس. آدم اڌ منٽ ۾ وهاب کي ڊاهي وڌو هو.“

يقين نه آيو. وهاب کان پڇيم، ”بشير ڪافر سچ پيو چوي؟“

وهاب ميز تان مَرُ لاهيندي چيو، ”آدم ۾ بيپناھ طاقت هئي.“

وهاب ۽ بشير ڏانهن ڏسندي چيم، ”توهين ٻئي پلستر آهيو. مون کان ايڏي وڏي معرڪي جي خبر لڪائي اَٿَو!“

بشير چيو، ”وهاب جو اميج بچائڻ خاطر اِها خبر توکان لڪائي هئيسين.“

ساڳي ڏينهن وهاب ٽارزن، بشير ڪافر ۽ مان آدم جي گهر وياسين.

ڀيم پوره جي هڪ غليظ ۽ اونداهيءَ گھٽيءِ ۾ آدم جو گھر هو. جتي هو پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ سان رهندو هو. ان گھر ۾ هڪ ئي ڪمرو هو، جيڪو آدم ۽ آدم جي ماءٌ لاءِ بيڊ روم، ڊرائينگ روم، ڊائيننگ روم، باٿ روم، اسٽور روم ۽ ڪچن جو ڪم ڏيندو هو.


اسان کي ڏسي آدم جي خشڪ ۽ ڪومايل چپن تي اُداس مرڪ تري آئي. هو واڻ جي ڇڳل کٽ تي وڇايل هڪ بيحد گدلي هنڌ تي ليٽيل هو. سندس هڏين تان ماس ڳري ويو هو ۽ سندس رنگت هيڊ جھڙي ٿي ويئي هئي. اکيون اُجھاميل، وار وکريل! کٽ جي ويجھو ڪَٽُ کاڌل بالٽيءَ ۾ رت ۽ بلغم پيو هو. وحشت وچان مون بالٽيءَ تان نظرون هٽائي ڇڏيون. نيم تاريڪ ماحول ۾ ڪمري جي ڀتين ڏانهن ڏٺم. ڇت اُماوس جو آسمان نظر آئي. ڪُنڊن کان ڄارو لڙڪي رهيو هو. ڪمري ۾ هڪ ئي روشندان هو، جنهن جو شيشو دز ۽ دونهي سان لٽجي ويو هو.

سمورو منظر ڪنهن المناڪ اسٽيج ڊرامي جو آخري منظر محسوس ٿيڻ لڳو. سوچيم، اوچتو ئي اوچتو پڙدو کڄندو ۽ زمانو آدم جو انجام ڏسي سگھندو. پر ائين نه ٿيو. جتي مان بيٺو هوس، سان اسٽيج نه هئي. اُتي پڙدا هئا ۽ نه پڙدن پٺيان تاڙيون وڄائيندڙ تماشائي هئا. اُتي مان هوس، ۽ مون سان گڏ وهاب ٽارزن ۽ بشير ڪافر.

بشير مون کي ڪن ۾ چيو، ”آدم قدرت جي تجريدي آرٽ جو نادر نمونو ٿي پيو آهي.“

مون سرٻاٽن ۾ بشير ڪافر کي ڇِپَ جيڏي گار وهائي ڪڍي.

بشير ڀڻڪن ۾ چيو، ”ايڏي وڏي گار ٻڌڻ کان پوءِ چاليهن ڏينهن تائين مون تي دنيا جي ڪابه گار خاطر خواه اثر ڇڏي نه سگهندي.“

وهاب ٽارزن آدم کان پڇيو، ” ڪئين آهين، آدم.“


آدم اُٿي ويھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ويھي نه سگهيو. چپن تي ساڳي اُداس ۽ وياڪل مرڪ تري آيس. جھيڻي آواز ۾ چيائين، ”خيراتي اسپتال جي ڊاڪٽر چيو آهي ته مان تمام جلد ٺيڪ ٿي ويندس، ــــ گھٻرائڻ جھڙي ڪابه ڳالھ نه آهي.“

”ڊاڪٽر ٺيڪ چيو آهي، آدم“ وهاب ٽارزن پنهنجن فولادي هٿن ۾ آدم جو ڪمزور، ۽ نٻل هٿ جھليندي چيو، ”تون ضرور ٺيڪ ٿي ويندين ــــ نوبنو، چاڪ چڱو ڀلو. مايوس نه ٿيءٌ. الله تي ڀروسو رک.“

آدم جي چپن تان مُرڪ غائب ٿي ويئي. هن پنهنجيون اُجھايل اکيون وهاب ٽارزن جي اکين ۾ اٽڪائي ڇڏيون. وهاب جي عقاب جھڙين اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.

بشير ڪافر سرٻاٽن ۾ مون کي چيو، ”معاملو الله سائينءِ جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي.“

سرٻاٽن ۾ بشير کي ڦٽ لعنت ڪندي چيم، ”تون وڏو جھنمي آهين، تنهنجو حشر عبرتناڪ ٿيندو.“

وهاب ٽارزن اسان جي گفتگو ٻڌي نه سگهيو. هن آدم کان پڇيو، ”آدم، سينيٽوريم ۾ داخل ٿيندين؟“

بشير ۽ مون اول وهاب ڏانهن، ۽ پوءِ آدم ڏانهن ڏٺو.

آدم عجيب لهجي ۾ پڇيو، ”ڇا اِهو ممڪن آهي؟“

”ڇو نه ممڪن آهي!“ وهاب مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”اوجھا سينيٽوريم جي هڪ سهڻي نرس سان گدڙ جي سخت ياري آهي. ان ڪم ۾ هوءَ گدڙ جي چوڻ تي ضرور اسان جي مدد ڪندي. ڪئين گدڙ!“

”ها، ها. ڇو نه مدد ڪندي!“ چيم، ”ڊمپل سوين دفعا مون کي سينيٽوريم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ايلاز ڪري چڪي آهي.“

”آدم سان چرچا نه ڪر، مشڪرا.“ بشير ڪافر مون کي ڪن ۾ چيو، ”ورهيه ٿيا جو آدم پنهنجي زندگيءَ جو آخري ٽهڪ ڏنو هو. هينئر هو تنهنجي ڪنهن به ٿرڊ ريٽ لطيفي تي کلي نه سگهندو.“

آدم ويران نگاهن سان ڄاري واريءَ ڇت ڏانهن ڏسندي چيو، ”مون کي گذريل مهيني جي پگھار به نه ڏني اٿائون.“

”اسان جي ملڪ ۾ دفتر قاعدن جي بالادستي آهي، آدم.“ بشير چيو، ”تون ايڊهاڪ نوڪريءَ ۾ آهين. ايڊهاڪ وارن کي موڪل دوران پگهار نه ملندي آهي.“

بشير جي جملي ماحول کي وڌيڪ اُداس ڪري ڇڏيو.

وهاب ٽارزن پنهنجو فولادي هٿ بشير جي ٻانهن ۾ وجھندي چيو، ”تون ماٺ ڪر، قاعدي قانون جا پٽ.“

ڪجھ گهڙين جي ماٺ ماحول ۾ اچي واسو ڪيو.

آدم اُماس جھڙي ڇت ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڊاڪٽر مون کي کير، مکڻ، بيدا ۽ ميوا کائڻ لاءِ چيو آهي.“

”ته پوءِ کائين ڇو نٿو!“ بشير ڪافر زهريلي لهجي ۾ چيو، ”کير، مکڻ، بيدا ۽ ميوا، الله سائين جون نعمتون آهن، ۽ اهي نعمتون انسان لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن.“

وهاب ٽارزن جھٽ ڏيئي، بشير ڪافر کي ڪنڌ کان وڃي ورتو. کيس ڌنڌاڙيندي چيائين، ”سڄو معاشرو تو جھڙن ڪڃر ڪافرن سان ڀرجي ويو آهي، جن الله جي نعمتن تي قبضو ڪري ورتو آهي.“

”الله جون نعمتون نه ٿيون، ڄڻ واڻين جون ڇڏيل ملڪيتون ٿيون ــــ جنهن چاهيو، ڪليم ڀري قبضو ڪري ورتو.“ بشير ڪافر پنهنجو ڪنڌ ڇڏائيندي چيو، ”اسان جي معاشري ۾ ڏاڍي جي لٺ جا ٻه مٿا ٿيندا آهن.“

وهاب ويهي رهيو، پر ڏند ڪرٽيندو رهيو، *۽ چپن ۾ بشير کي بد شد ڳالھائيندو رهيو

آدم پڇيو، ”اڄڪلھ بيدو گهڻي ملندو آهي؟“

دل گهاڻي ۾ پيڙجي ويئي.

”الله جي نعمتن جي هونءَ ته ڪابه قيمت نه هوندي آهي، آدم“ بشير ٽيڏيءِ اک سان وهاب ٽارزن ڏانهن ڏسندي چيو، ”پر معاشري ۾ جڏهن الله جا باڊي گارڊ پيدا ٿيندا آهن، تڏهن اُهي الله جي نعمتن تي قبضو ڪري، انهن نعمتن جي قيمت مقرر ڪري ڇڏيندا آهن.“

”مان وڌيڪ هڪ لفظ برداشت ڪري نه سگهندس.“ وهاب ٽارزن هٿ مهٽيندي مون کي چيو، ”گدڙ، تون هن ڪافر جي اولاد کي سمجھاءِ ته پنهنجي بڪواس بند ڪري، ورنه خدا ٿو ڄاڻي چيري ڦاڙي ڇڏيندومانس.“

مون بشير کي چيو، ”اڙي ڪافر، تون ڪجھ دير لاءِ پنهنجي بڪواس بند نه ڪندين! توهين آدم کي ڏسڻ آيا آهيو يا ڊبيٽ ڪرڻ آيا آهيو!“

بشير ۽ وهاب هونءَ ته ماٺ ڪري ويهي رهيا، پر هڪٻئي ڏانهن شوڪي ڏسندا رهيا.

آدم چيو، ”هڪڙي ڏينهن منهنجي ماءُ صوف وٺڻ ويئي، ته ميوي واري کيس ڦٿل ناشپاتي ڏيئي ڇڏي.“

”اسان کي صوف بدران ناشپاتي نصيب ٿيندي آهي، آدم.“ چيم، ”۽ اسين ڦٿل ناشپاتيءَ کي صوف سمجھي کائي ڇڏيندا آهيون.“

ان وقت آدم جي ماءٌ ٻاڪڙي واري کان ڪڙڪ چانھ جا چار گلاس کڻائي آئي ــــ ٽي گلاس اسان ٽنهي لاءِ، ۽ هڪ گلاس آدم لاءِ. آدم جو گلاس کٽ جي پاٽيءَ تي رکي هن ٻانهن جو سهارو ڏيئي آدم کي مٿيرو ڪيو. وهاب هڪدم ويهاڻو ٻيڻو ڪري آدم جي پٺن هيٺان ڏيئي ڇڏيو. آدم ايتري تڪليف به برداشت ڪري نه سگهيو. هو سهڪي پيو. سندس نرڙ تي پگهر جي آلاڻ اُڀر آئي. اکيون بند ٿيڻ لڳس. وهاب هن جي پاسي کان ويهي رهيو. کيسي مان رومال ڪڍي آدم جو پگھر اُگھڻ لڳو. آدم اکيون کولي ٽارزن ڏانهن ڏٺو. وهاب کٽ جي ٻانهيءَ تان چانھ جو گلاس کڻي آدم ڏانهن وڌايو. ڪنبندڙ هٿن ۾ چانھ جو گلاس جھلي، سُرڪي ڀري. ڪجھ ڪجھ سامت ۾ آيو. چيائين، ”کير مهانگو ٿي ويو آهي نه، تنهنڪري مان چانھ پيئندو آهيان. ٻاڪڙي واري جي چانھ ۾ سرس کير هوندو آهي.“

”کير، مکڻ، بيدا ۽ ميوا توکي سينيٽوريم ۾ جام ملندا. تنهنجو علاج به چڱي طرح ٿي سگهندو.“ وهاب جي آواز مان سندس دل جو درد جھاتيون پائڻ لڳو. هن آدم جي نرڙ تان وار هٽائيندي چيو، ”ڏسجانءِ. سينيٽوريم مان تون نوبنو ٿي نڪرندين، ۽ وري منٽن ۾ منهنجو چنبو ميز سان لڳائي سگهندين.“

آدم جي اکين ۾ اُميدن جا غوراب غرق ٿي ويا.

”مون کي سمهاري ڇڏيو.“ آدم چيو، ”مان ٿڪجي ويو آهيان، مون کي سمهاري ڇڏيو.“

وهاب آدم کي ڀاڪر ۾ ڀري مٿيرو ڪيو. بشير آدم جي پٺن هيٺان ويهاڻو ڪڍي ورتو. وهاب آهستي آهستي آدم کي ليٽائي ڇڏيو.

آدم جو اکيون بند ٿي ويون.

اسين آدم جي گهر مان نڪري آياسين. گهر ٻاهران آدم جي ماءٌ پَٽَ تي ويٺي هئي ۽ آسمان ڏانهن ڏسي رهي هئي.

۽ اُن کان پوءِ، ٽن مهينن تائين آدم اسان کان وسري ويو.

هڪڙي ڏينهن مون آدم جي ماءُ کي ريگل بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو. هوءَ فوٽ پاٿ تي ويٺي هئي ۽ پاسي کان ايڪسري ۽ دوا جي خالي بوتل رکي هئس.

آفيس پهچڻ شرط مون آدم جي ماءُ جي باري ۾ وهاب ٽارزن ۽ بشير ڪافر سان ذڪر ڪيو. بشير کي منهنجي ڳالھ تي اعتبار آيو. پر، وهاب منهنجيءَ ڳالھ تي اعتبار نه ڪيو. چيائين، ”گدڙ جي ڳالھ تي ائين ئي اعتبار ڪونه ڪندس. سڀ ڪجھ وڃي اکين سان ڏسي ايندس.“

پڪ ڪرڻ لاءِ وهاب ٽارزن ريگل بس اسٽاپ ڏانهن هليو ويو. ڪجھ دير ۾ موٽي آيو. لوھ جھڙو جوان، بيد جي لڪڻ وانگر ڪنبي رهيو هو. چيائين، ”برابر، آدم جي ماءٌ فٽ پاٿ تي ويٺي هئي، پاسي کان ايڪسري ۽ دوا جي خالي بوتل رکي هئس. هوءَ پني رهي هئي.“

اسان ٽنهي بيٺي پير آدم لاءِ چندو وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پڪو پھ ڪيوسين ته چندو آدم کي اڄ ئي گهر پهچائينداسين ۽ ٻئي ڏينهن هر حال ۾ آدم کي سينيٽوريم ۾ داخل ڪرائينداسين.

وهاب ٽارزن، بشير ڪافر ۽ مان ان لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم تي نڪري پياسين.

سڀ کان پهرين آفيس جي ايڊمنسٽريٽر کان چندو وصول ڪرڻ وياسين. کيس ٻڌايوسين، ته اسان آدم جي ماءُ کي پنندي، ۽ خيرات گهرندي ڏٺو آهي.

ايڊمنسٽريٽر چيو، ”توهين ٽيئي پلستر آهيو ۽ ڪوڙ پيا ڳالھايو.“

وهاب ٽارزن اکين تي هٿ رکندي چيو، ”مون پنهنجين اکين سان آدم جي ماءٌ کي ريگل بس اسٽاپ وٽ خيرات گهرندي ڏٺو آهي.“

”امپاسيبل ـــــ ناممڪن!“ ايڊمنسٽريٽر ميز تي مُڪ هڻندي چيو، ”آدم کي نه هئي ڪا ماءٌ، ۽ نه ئي ڪو پيءٌ.“

”ڳالھ ڏاڏي آدم جي ناهي.“ بشير چيو، ”اسين جونيئر ڪلارڪ آدم خان جي ڳالھ ڪري رهيا آهيون.“

” اڇا اڇا، اهو آدم!“ ايڊمنسٽريٽر ٻٽونءَ مان پنجاھ پيسن جو سڪو ڪڍي اسانکي ڏيندي چيو، ” مون آدم جي موڪل منظور ڪئي آهي، پر، موڪل دوران پگهار نه ملندس. مجبوري آهي. مان قانون بدلائي نه ٿو سگهان.“

”ايڊمنسٽريٽر جي ڪمري مان نڪري اسين سپرنڊنٽ جي ڪمري ڏانهن روانا ٿياسين. سپرنڊنٽ اتفاق سان ڪمري مان ٻاهر نڪتو. اسان ٽنهي کي ورانڊي ۾ ڏسي چيائين، ”توهين ٽپتائي ڇا ڪري رهيا آهيو.“

چيم، ”اسين آدم جي دوا ۽ خوراڪ لاءِ چندو گڏ ڪري رهيا آهيون.“

”توهين غير قانوني ڪم ڪري رهيا آهيون.“ هن چيو، ”آفيس ۾ چندو گڏ ڪرڻ ڏوھ آهي.“

بشير ڪافر چيو، ”اسان آدم جي ماءُ کي پنندي ڏٺو آهي، مسٽر سپريڊنٽ!“

وهاب ٽارزن سپريڊنٽ جي اکين ۾ اکيون وجھندي چيو، ”ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو ڏوھ آهي جو آدم جي ماءُ پني رهي آهي ــــ خيرات گهري رهي آهي.“

سپريڊنٽ هيسجي ويو. کيسي مان ٻه رپيا ڪڍي اسان کي ڏنائين.

پنجن ڇهن ڪلاڪن جي جاکوڙ ۾ پنجيتاليھ رپيا گڏ ڪري ورتاسين. اهو مناسب نه سمجھيوسين ته چندي جا پيسا آدم جي ماءٌ کي ريگل بس اسٽاپ تي ڏيئي اچون. سوچيوسين، شام جو آدم جي گهر وينداسين، آدم کي ڏسي اينداسين ۽ سندس ما*ءٌ کي پنجيتاليھ رپيا ڏيئي ڇڏينداسين، ۽ پوءِ سچ پچ آدم کي اوجھا سينيٽوريم ۾ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

شام جو اسين ڀيم پوره وياسين. غليظ ۽ بدبودار گھٽيءَ ۾ جتي آدم جو ڪچو گھر هو، اتي پڪي اڏاوت واري عمارت ڏٺي سين. عجب ۾ پئجي وياسين.

وهاب ٽارزن در کڙڪايو.

ٺاهوڪي لباس ۾ هڪ نواجوان ٻاهر نڪري آيو. مون نوجوان کان پڇيو، ”هتي اڳ ۾ هڪ ڪچي جاءِٰ هوندي هئي، جنهن ۾ هڪ پوڙهي پنهنجي بيمار پٽ سان رهندي هئي.“

نوجوان اسان ٽنهي ڏانهن ڏسندي پڇيو، ”توهين ان پوڙهي جا مائٽ آهيو؟“

”مائٽ ته نه . . . “ ڪو جواب سُجھي نه آيو. چيم، ”اصل ۾ اسين . . . ٽيئي . . . منهنجو مطلب آهي، بشير ڪافر، وهاب ٽارزن ۽ مان . . . آدم جا . . .“

نوجوان چيو، ”ٻه اڍائي هينا اڳ ان پوڙهيءَ جو بيمار پٽ مري ويو هو.“

”ڇا!“ اسان ٽنهي جي وات مان رڙ نڪري ويئي، ”آدم مري ويو!“

”ها آدم مري ويو.“ نوجوان چيو، ”پوڙهي پنهنجي ڪوٺيءَ جي مسواڙ ڏيئي نه سگهندي هئي. هوءَ هتان هلي ويئي. مون کيس ريگل بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو آهي.“

منهنجو ساھ لُڪي ۾ اٽڪي پيو. مون پنهنجو هٿ وهاب ٽارزن جي ڪلھي تي رکي ڇڏيو. وهاب برف وانگر ٿڌو ٿي ويو هو. بشير پٿر وانگر خاموش هو.

اسان کي گم سم ڏسي، نوجوان چيو، ”لڳيم ٿو توهين ٽيئي اُن پوڙهي جا مائٽ آهيو.“

اسين کيس ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهياسين.

۽ پوءِ اسين هڪ ئي سوچ ۽ هڪ ئي جذبو کڻي ريگل بس اسٽاپ ڏانهن روانا ٿي وياسين.

ريگل بس اسٽاپ تائين اسان ٽنهي مان ڪنهن نه ڳالهايو. خاموش رهياسين. ڪنڌ جھڪيل، ذهن سوچ ۾ وڪوريل! هلندا رهياسين،

ريگل بس اسٽاپ جي ڀرسان آدم جي ماءُ فٽ پاٿ تي ويٺي هئي. پاسي کان آدم جو ايڪسري *۽ دوا جي خالي بوتل رکي هئس. سندس ڪنڌ نميل، ۽ گوڏي تي رکيل هٿ کليل هو.

کيسي مان پنجيتاليھ رپيا ڪڍي ورتم. وک کڻڻ چاهيم، پر کڻي نه سگهيم. پير ڌرتيءَ کي چنبڙي پيا. مون ۾ ايتري همت نه هئي جو چندي جا پئسا آدم جي ماءُ جي کليل هٿ تي رکي اچان. سندس کليل هٿ جي رکائن ۾ مون کي اُها تحرير نظر آئي جنهن کي صدين کان ڪوبه ڏاهو پڙهي، سمجھي ۽ پروڙي نه سگهيو آهي. مان پراسرار تحريرن تي پنجيتاليھ رپيا رکي نه سگهيس. هڪدم پئسا وهاب ٽارزن کي ڏيندي چيم، ”آدم جي ماءٌ کي پئسا ڏيئي اچ.“

”نه، نه.“ وهاب ڪنبدي چيو، ”مان اِهو ڪم ڪري نه سگهندس. نه، نه. مان آدم جي ماءُ کي خيرات ڏيئي نه سگهندس.“

تڏهن، بشير ڪافر بنا ڪنهن چوڻ جي منهنجي هٿ مان پنجيتاليھ رپيا کڻي ورتا. هُن اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ آدم جي ماءُ ڏانهن وڌي ويو.

بشير آدم جي ماءُ جي ڀرسان وڃي بيهي رهيو. هو کليل هٿ ڏانهن ڏسندو رهيو.

وهاب ٽارزن ۽ مان، بشير ڪافر ۽ آدم جي ماءُ ڏانهن ڏسندا رهياسين.

بشير، آدم جي ماءُ جي ڀرسان فوٽ پاٿ تي اوڪڙو ويهي رهيو. هن ڪنبندڙ هٿ سان پنجيتاليھ رپيا آدم جي ماءُ جي تريءَ تي رکي ڇڏيا.صدين جي پراسرا تحرير، جنهن کي ڪوبه پڙهي ۽ سمجھي نه سگهيو هو، پنجيتاليھ رپين سان ڍڪجي ويئي.

بشير هڪدم اُٿي، ڄڻ واچوڙن ۾ ٿيڙ کائيندو، اسان ٻنهي وٽ اچي بيٺو. پنهنجي سموري وجود سان ٿڙڪي رهيو هو. اکين مان لڙڪ لڙي آيا هئس. ۽ پوءِ ڀڳل ۽ ٽٽل، ڊٺل ۽ مسمار ٿيل لھجي ۾ چيائين، ”مان آدم جي ماءُ کي خيرات ڏيئي آيو آهيان.“

۽ پوءِ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو بشير کي مون سڏڪن سان روئيندي ڏٺو.

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on January 16, 2012 in Stories

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: