RSS

سقراط ــ ڏاهيون ڏک ڏسن

16 ڊسم


سقراط جو موت 399 ق ـ م ۾ وھه جو پيالو پيڻ بعد ٿيو. وھه جي پيالي پيڻ جي سزا اٿينس (يوناني) جي 501 ڄڻن جي جرگي طرفان اڪثريتي فيصلي سان ڏني وئي ھئي ، مٿس الزام ھيو ته ھو نوجوانن ۾ بغاوت ۽ رياست طرفان مڃيل دوتائن کان انڪار لاءِ اڪسائي رھيو ھو.

سقراط انھن ٻنھي تھمتن کان انڪار نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت انھن تھمتن کي تسليم به ڪيو. پر ھن پنھنجي بچاءُ ۾ وڏي عالمانه اندز ۾ جيڪي چيو تنھن جو سار ( حاصل مطلب ) اھو ئي ٿئي ٿو ته جيڪي ڪجھ ھن ڪيو سو ڪو ڏوھ نه آھي. سقراط جي پنھنجي ويچارن جي بچاءُ ۾ ڪيل ھي آخرين تقرير ادب ، فلاسافي ، منطق ، مصاحت ۽ بالاغت جو ھڪ شاھڪار آھي جنھن جي اھميت اڄ به قائم آھي ۽ رھندي. اڄ به ڏاھي کي پنھنجي دل جو خون ڏيڻو پوي ٿو. اڄ به ڏھي کي ڪم ظرف ۽ جاھل ماڻھن طرفان موت جي سزا ملي ٿي. اڄ به ڏاھي کي گھڙي گھڙي ، ڏينھن ڏينھن ، سال سال ، عذاب ۽ پيڙا ڀوڳڻي پوي ٿي، نه صرف پنھنجي لاءِ ، پنھنجن لاءِ ، پر پورين قومن ۽ انسانذات لاءِ.

سقراط جو ڪجھ ڪيو ۽ چيو ان سان اڄ جي عالم ۽ ڏاھي کي جزوي يا مڪمل اختلاف ٿي سگھي ٿو. پر ان کان انڪار ڪونھني ته سقراط پنھنجي ويچارن کي جنھن سنجيده ۽ سرل نموني ۾ پيش ڪيو ۽ ڏاھي جو اھو حق ھميشه ھميشه لاءِ ڇڪيو آھي ته ھو جنھن ڳالھ ۾ ايمانداري سان وشواس يا اعتماد رکي ٿو . اھو ڳالھ چوڻ جو ، ان کي کلي طرح ھر انسان آڏو پيش ڪرڻ جو ، ھن کي نه صرف حق آھي پر ھن جو فرض پڻ آھي.

تقريبن چوويھه سئو سال ٿي رھيا ۽ گذري چڪا آھن پر سقراط جي يونان جي چڱن مڙسن آڏو ھيءَ دانھن ، ھيءَ تقرير ، ھيءَ شڪايت ۽ پنھنجي ويچارن کي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ پيش ڪرڻ لاءِ وڪالت اڄ جي دور ۾ به ھڪ پڙاڏو آھي.

جنھن جو جواب ھن ڌرتيءَ تي اڄ به ڪيترن حڪومتن ۽ سلطنتن کي ڏيڻو پوندو. اڄ به انسان مجبور آھي ، بي زبان رھڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. پنھنجي ڏک ۽ پيڙآ کي ظاھر ڪرڻ جي سا مُلي جي فتويٰ ۽ مرتد جي سزا طور ھن جي ڪن تي ڪاتيءَ ۽ تلوار مثل لٽڪي رھي آھي. اڄ به سچ ڳالھائڻ جي سزا جيل ، ڪوڙا ڪي، موت ، ڦاسي يا ڪنھن انداھي گھٽ ۾ ڇرو يا گولي جي صورت ۾ ملي ٿي.

سقراط پنھنجي بچاءَ ۾ ڀڄي سگھيو پئي ، معافي وٺي سگھيو پئي يا جلاوطني قبول ڪري يونان جي ٻي ڪنھن رياست ۾ وڃي سگھيو پئي . پر ھن انھن سڀني بچاءَ جي صورتن کي رد ڪيو . سزا کان بچڻ کان انڪار ڪيو. سقراط ائين ڪندي پاڻ ۾ پنھنجي ويچارن کي امر ڪري ڇڏيو. پر 501 مفتن منجھان انھن جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ قائم ڪو نه رھيو جن سقراط کي وھه جو پيالو پيڻ جي سزا ڏني.

سچ سدائين جيئندو ۽ ڪوڙ نيٺ فنا ٿيندو ۽ ان کان وڏو سچ تڏھن ۽ اڄ اھو ئي آھي ته ھر انسان کي پنھنجي راءِ آزادي سان پيش ڪرڻ جو حق آھي. نه صرف حق آھي پر فرض آھي ته سچ جو پرچار ۽ تبليغ ڪري. اھي جيڪي سچ کان ڊڳا ٿي انھن جو نالو ۽ نشان به باقي ڪونھي ۽ جن سچ جي تبليغ ڪئي سي اڄ به دنيا جي چوٽيءَ جي ڏانھن ۾ شمار ٿين ٿا.

يورپ ۽ ايشيا جو ڪو مذھب ، ڪو فلسفو ، ڪو نظريو ڪونھي جنھن سقراط جي ويچارن مان فائدو نه ورتو ھجي. ڪنھن زماني ۾ مذطق ۽ فلسفو جن کي اسلام جي اوائلي عالمن غزالي ۽ ٻين يونان جي فلسفي کان مستعار ( اڌورو) ورتو ھو سي ھر ديني مدرسي ۾ لازمي مضمون طور پاڙھيا ويندا ھئا ۽ شايد اڄ به پاڙھيا ويندا آھن.

سقراط پنھنجي گھر ٻار، خاندان جي سک چين کان بي نياز رستي ويندي ھر نوجوان کي پڪڙي ساڻس علم ، فللسفي ، ادب ، تاريخ ، سياست ، سچ ۽ ڪوڙ جي نظرين تي بحث ڪندو ھو. ھن جي ارد گرد پڙھيل امير زادن جو گھيرو رھندو ھو. ڪي کيس پنھنجي بيٺڪ تي دعوت ڏئي سڏائيندا ھئا ۽ ڪي وچ بازار ۾ بيٺي ساڻس مناظرو ڪندا ھئا. بھرحال ھو سڄو ڏينھن ۽ سمورو وقت انھيءَ ظلل کي سڏ سڏيندو وتندو ھو، جنھن لاءِ دنيا ڀر جي ڏاھن سٺو آھي ۽ اڄ به سھن پيا. رات جو دير دير سان جڏھن ھو گھر موٽيندو ھو ته اڪثر سندس گھر واري ٿڪجي چور ٿي سمھي چڪي ھوندي ھئي ۽ وقت تي در لاھن کان انڪار ڪندي ھئي. سقراط پنھنجي زال جون جھڻڪون ۽ دٻون سھي، صبح جو وري پنھنجي ڪار سان نڪري ويندو ھو ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه . اھو ئي سقراط ، اھي فلسفي جا شاگرد ، اھي علم جي وٿ پرائڻ وارا اميرزادا ھن جي ارد گرد گڏ ٿي ويندا ھئا ۽ انھن شاگردن ۾ افلاطون ، ارٽوڊيمز ، ڪريٽو ۽ فيڊو شامل ھوندا ھئا.

اسان لاءِ سقراط اڄ به ھڪ زنده حقيقت آھي . شاھ عنايت ، شاھ لطيف ، سچل سرمست ۽ اڄوڪي دور ۾ اسان جا شاعر، اديب ۽ سوچيندڙ اھو ئي چئي رھيا آھن جنھن لاءِ سقراط زنده رھيو. ڪم ڪيائين ۽ مئو. اسان جا ڏاھا پنھنجو ڪيس ايتري خوبصورتيءَ ۽ لاغرضيءَ سان پيش ڪندا رھيا آھن جنھن سان سقراط ، منصور ۽ سرمد پنھنجو ڪيرس پيش ڪيو. سقراط ، منصور ۽ سرمد ، شاھ عنايت ، شاھ لطيف ، سچل ۽ سامي اسان جي وجود جو حصو آھن ۽ اسان جا ڏاھا انھن جي تسلسل کي برقرار رکندا اچن . ممڪن اھي ته اڄوڪي ھل ھلان جي دور ۾ ڪو انھن کي ٻڌي نه ٻڌي ، پر انھن نظريات جي اھميت ۽ حقيقت کان انڪار ٿي نه ٿو سگھي. سچي لاءِ اڄ به وھه جو پيالو آھي، سڏڪي سڏڪي جيئڻ آھي ۽ عذاب سھي مرڻ آھي. پر ان ۾ شڪ ڪونھي ته فتح نيٺ سچ جي ٿيندي . باطل کي ھر قدم ، ھر جڳھه تي شڪست ملي رھي آھي ۽ انسان ان ڏاھپ جي دور ۾ داخل ٿي چڪو آھي ، جتي دور افق تي ، انڌڪار مان روشنيءَ جا ڪرڻا ڦٽي رھيا آھن ۽ انسان پنھنجي بيبيڻ ۽ بانبڙا پائڻ واري دور مان نڪري پنھنجي ٻن پيرن تي بيھي اوچي ڳاٽ اھو اعلان ڪري رھيو آھي ته انڌڪار ۽ اونداھي قوتون ناس ٿي رھيون آھن. سچ اڀري رھيو آھي ۽ نيٺ فتح سقراط ۽ انسانيت جي ٿيندي.

سقراط جنھن بي فڪر نموني ۾ سزا کي قبول ڪيو، ان مان ھن جي جمھوريت لاءِ عزت جو واضح ثبوت پڻ ملي ٿو. جيتوڻيڪ ھن جي وضاحت مان صاف ظاھر آھي ته ھو پنھنجي سر پئنچن سان اختلاف ڪري ٿو ته به انھن جي راءِ جو احترام ڪندي ، انھن طرفان ڏنل سزا کي قبول ڪري ٿو. ظاھر آھي ته ان دور جي يونانين ۾ جمھورتي يعني راءِ جو حق صرف شرفاءُ کي ھيو ۽ غلامن کي راءِ جو حق نه ھيو ، پر ان مان پوري سسٽم جا اھڃاڻ ملن ٿا ، ته ان وقت جا ڏاھا پنھنجي برابر شھرين جي راءِ جي ڪيتري عزت ڪندا ھئا. اختلاف ڪندي به اڪثريت جي راءِ کي تسليم ڪيو ويندو ھو. اسان جا ڪيترائي معاشرا اڄ به ان بنياد حق کي تسليم نه ٿا ڪن ته اقليت يا ٿورائي وارن جي راءِ اھو ضرور آھي پر اڪثريت يا گھڻائي وارن کي مجبور نٿو ڪري سگھجي ته ھو راءِ کي ريٽي ، ٿورائي وارن جي فيصلي کي مڃين . ٿورائي وارن ته ٺھيو پر ھڪ عالم جي راءِ جو احترام ڪرڻ اسان کي يونانين سيکاريو.

جيڪو ڪم سقراط جتي ڇڏيو ، ان کي افلاطون ۽ ارسطو اڳتي وڌايو. پر اھا حقيقت نه وسارڻ گھرجي ته افلاطون ۽ ارسطو ٻئي حاڪمن آڏو مقبول ٿي چڪا ھئا ۽ ھنن جو درجو اسٽيٽ فلاسافرس وارو ھيو. سقراط ان لحاظ کان ھڪ يگانو شخص ھيو جنھن پنھنجي دور ۾ تاغوتي قوتن کي للڪاريو قبوليت ۽ ھاڪار نه ڪيائين ۽ وھه جو پيالو پي ھميشه ھميشه اَمر شھيدن جي قطار ۾ مٿانھين جاءِ ماڻي ويو.

سچ وڏو ڏوھاري آھي،

روز اول کان پڪڙيو ويو آ،

زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،

ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،

ڪڏھن زھر پيئاريو ويو آھ،

ڪڏھن ڦاھي چاڙھيو ويو آ.


ھي ترجمو ايڏو ته سٺو ، سھڻو ۽ خوبصورت سنڌي ۾ ھڪ نوجوان شاگر ڊاڪٽر طرفان ڪيو ويو آھي ، جنھن لاءِ سندس ساراھه ۾ ٻه اکر چوڻ کان رھي نه ٿو سگھجي. ھڪ مشڪل فلسفياڻو منطق ۽ سياست تي عالماڻو وعظ يا تڪرار جنھن سولي سلوڻي ۽ آسان سنڌيءَ ۾ گل ترجمو ڪيو آھي تنھن لاءِ ھن کيرون لھڻيون.

1 سيپٽمبر 1989ع

سوڀيو گيانچنداڻي

لاڙڪاڻو

ڪتاب : ڏاھيون ڏُک ڏسن

مصنف : ڊاڪٽر گُل

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on ڊسمبر 16, 2011 in Mixed

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: