RSS

مولانا ابوالڪلام آزاد

13 ڊسم

تاريڪي ٻيھر ڦھلجي ويئي.

مولانا ابوالڪلام ” آزاد “


اڄ دنيا وري تاريڪ آھي. ھوءَ روشنيءَ لاءِ وري واجھائي ٿي، وري سمھي پيئي آھي انھيءَ ننڊ ۾، جنھن کان بار بار کيس جاڳايو ويو ھو. انھيءَ مقصد کي وري وساري ڇڏيو اٿس، جنھن جي تلاش ۾ بار بار نڪتي ھئي. ھن جو اھو پراڻو اھنج ، جنھن جي علاج لاءِ خدا جي رسولن آه زاري ڪئي ھئي، ۽ جنھن کي ڇھين عيسوي صديءَ ۾ الله جي ھٿان آخري مرھم نصيب ٿيو ھو، اڄ وري تازو ٿي ويو آھي.
جنھن تاريکيءَ ڇھين صدي عيسويءَ ۾ جنھن وقت اسلام جو ظھور ٿيو ھو، جھالت ڦھلائي ھئي، ساڳي تاريڪي اڄ تھذيب ۽ تمدن جي نالي سان ڦھلجي رھي آھي، ۽ اسلام وري پنھنجي غربت اوليٰ ۾ مبتلا آھي. جيڪڏھن انھيءَ زماني ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي تاريڪي بت پرستي ھئي، ته اڄ ساڳي جڳھه نفس پرستيءَ والاري آھي. پھريان انسان پٿر جي بتن کي پوڄيندو ھو ته ھاڻ پنھنجو پاڻ ٿو پوڄي. خدا جي پرستش ان وقت به نه ھئي، ۽ ان جي پوڄڻ وارا اڄ به نه آھن.
دنيا جي اھا ڪھڙي بيماري آھي، جنھن وري منھنج نه ڪڍيو آھي؟ جڏھن ھوءَ بيمار ھئي ته ڇا، سندس حالت اھڙي ئي نه ھئي، جھڙي اڄ اٿس؟ پھريائين (شايد) ھوءَ پٿر جي ڇپَ مٿان بيماريءَ سبب پاسا ورائيندي ھوندي ، ۽ ھينئر چانديءَ ۽ سون جي پلنگ تي پيئي ڪراھي، پر بيمار جي بستر بدلجڻ سان ڪا بيمار جي حالت نه ٿي بدلجي.
جنسي ۽ نسلي ڪروڌن ڪروڙن طاقتور انسانن کي پنھنجو ھٿيار بنائي رکيو آھي. ضعف ۽ ڪمزوريءَ کان وڌيڪ قومن ۽ ملڪن جي لاءِ ٻي ڪا خطا نه آھي. ھر اھا قوم جنھن وٽ طاقت آھي سا خدا جي ساريءَ دنيا کي ڇڙو پنھنجي لاءِ ٿي سمجھي، ۽ باقي دنيا جي ڪمزور بندن لاءِ عدالت جي ھڪ جج وانگر موت جي فتويٰ صادر ڪرڻ ۾ بلڪل بيخوف آھي “ حق” ۽ “ عدالت ” جا لفظ لفظي طرح جيتريقدر زياده دھرايا وڃن ٿا، معنوي لحاظ کان اوتري ئي قدر متروڪ ٿي ويا آھن. نوعِ انساني جي مساوات ۽ امنيت جي حقيقت قوت جي زور ۽ طاقت جي دعويٰ اڳيان پئمال ٿي چڪي آھي.
انسان حياتيءَ جي لھو ولعب ۽ دولمنديءَ جي نشه غرور ۾ شايد ئي ڪڏھن اھڙو بدمست ٿيو ھوندو جھڙو ھن وقت ٿي رھيو آھي. سندس گناھن الودي قديمي آھي، ۽ شيطان ان وقت کان وٺي موجود آھي، جڏھن کان انسان موجود آھي، تاھم ، گناھه جي حڪومت ايتري جابر ۽ قاھر اڳ ڪڏھن نه رھي ھئي ۽ شيطان جو تخت ھن عظمت ۽ دٻدٻي سان ڪڏھن به زمين جي سطح تي نه وڇايو ويو ھو، جھڙو اڄ قائم ۽ مسلط آھي. ھيءُ سڀ ڪجھه جھالت جي سايي ھيٺ نه ٿي رھيو آھي، بلڪ علم ۽ مذھبيت جي گھمنڊ ۾ ٿي رھيو آھي! بيماري اھا ئي آھي، جنھن خاڪ ۽ گرد جي مٿان دنيا کي ليٿڙايو ھو، البت ھينئر اھا سونھري مڇردانيءَ ۾ ليٽي پيئي آھي، ۽ موتين جي مڇردانيءَ جا پردا چئني طرفن ڏانھن ڪيرائي ڇڏيا ويا آھن.
ائين ٿيڻ ضروري آھي ، ڇاڪاڻ ته چشمو خشڪ ٿي ويو آھي ۽ اھي ناليون مٽيءَ سان ڀرجي ويون آھن، جن جي آبپاشيءَ سببان خداپرستيءَ جو چمن شاداب رھندو ھو. “ دنيا جي ھر شي لوڻ سان لوڻياٺي بڻائي ويندي آھي، پر جي لوڻ جو ذائقو ڦڪو ٿي وڃي ته ان کي ڪھڙيءَ شيءَ سان لوڻياڻو ڪيو ويندو؟”
(متي ـــ انجيل ، 13:5)
جا قوم ساريءَ دنيا جي اصلاح لاءِ آئي ھئي سا جي پاڻ ئي اصلاح جي متحاج ٿي وڃي ته پوءِ ڪير آھي جو دنيا جي اصلاح ڪندو؟ خدا ھميشه ان ڪم جي لاءِ پنھنجي جماعت دنيا ۾ موڪليندو آھي، ۽ خدا مسلمانن کي ئي “ حزب الله ” يعني پنھنجي جماعت قرار ڏنو ھو. پوءِ جيڪڏھن اھيئي ماڻھو “ حزب الشياطين” جو ساٿ ڏيڻ لڳن ، ته الله وٽ وڃڻ وارا ڪنھن کي ڳولين؟
اڄ وقت اچي ويو آھي ته اسلام ھڪ دفعو وري پنھنجي انھيءَ فرض کي دھرائي جيڪو ھڪ دفعو اڳ ھو انجام ڏيئي چڪو آھي ، ۽ مسلمان پنھنجي اصلاح خود پنھنجي لاءِ نه ، بلڪه ٻين جي لاءِ ڪن ، تا ته انھن جي سڌرڻ سان سڄو جھان سڌري پوي، ۽ چشمي جي روانيءَ سان ساري زمين سرسبز ٿي وڃي.
اسلام جي مِشن اڃا ختم نه ٿي آھي. دنيا جيتريقدر ان جي تعليم جي انھيءَ وقت محتاج ھئي، جڏھن ڇھين صدي عيسويءَ ۾ عرب جي اپٻيٽ ۾ ان پنھنجي صورت پسائي ھئي، ان کان ڪي قدر وڌيڪ اڄ به سندس ڪارنامن جي محتاج آھي. کيس پنھنجي امن ۽ نظام جي لاءِ ،پنھنجي عدالت ۽ صداقت جي قيام لاءِ ، پنھنجي سفاڪين ۽ بيرحمين جي خاتمي ڪرڻ لاءِ ، پنھنجي صلح ۽ امن عامه جي لاءِ ، اسلام ۽ صرف اسلام جي ئي ضرورت آھي. اسلام جا فرزند خود اسلام کان بي نياز ٿي ويا ھجن ته ھجن ، مگر دنيا اڃا بي نياز ٿي نٿي سگھي.
پر جيڪو آتشدان پاڻ باھه کان خالي ٿي ويو ھجي، اھو ڪمري کي ڪيئن ٿو گرم رکي سگھي؟ تنھنڪري ، ضرور آھي ته مسلمان سڀ کان اڳ ۾ خود پاڻ ۾ تبديلي پيدا ڪن ڇاڪاڻ ته انھن جي تبديليءَ تي سڄي دنيا جي تبديلي موقوف آھي.
ان لاءِ رسمي انجمنون قائم ڪرڻ بيڪار ٿيندو، ۽ پئسن جي فراھميءَ سان خاطر مجعي ممڪن نه آھي. ان لاءِ اھي سڀئي طريقا پڻ بيڪار ٿيندا ، جن جو اعليٰ نمونو اڄڪلھه جا ڪم پيش ڪري سگھن ٿا، چڱن مقصدن جي صرف اعلان سان چڱا نتيجا نه ٿا حاصل ٿين. جيڪڏھن صرف مفيد نصيحتن ۽ وعظن جو دھرائڻ ڪنھن قوم ۾ تبديلي پيدا ڪري سگھي ٿو ته ھي طريقهء ڪار اڳ ۾ ئي ايتري قدر موجود آھي جو ھاڻي ان جي لاءِ ڪنھن نئينءَ جماعت جي ضرورت ناھي.
اصول معلوم آھن ۽ تعليمات لڪل راز ڪين آھن. ضرورت صرف ھن ڳالھه جي آھي ته انھن ئي اصولن ۽ تعليم ھيٺ اعمال ۽ افعال تبديلي پيدا ٿئي.

ڪتاب: مھراڻ 1961مان ورتل
پوسٽ: سپهه سالار

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on ڊسمبر 13, 2011 in Mixed

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: