RSS

Monthly Archives: December 2011

Marxism & The Sovereignty of Nations


مارڪسزم ۽ قومن جو حق خودارديت

”مظلوم قوم جي قومي تحريڪ جي حمايت هڪ سوشلسٽ جي ذميواري“

مٿين ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي اهو چئي سگھجي ٿو ته هڪ سوشلسٽ جي ذميواري اها ذميواري آهي ته هو مظلوم قوم جي قومي تحريڪ جي حمايت ڪري پوءِ ڀلي اهو حاڪم قوم جو فرد ڇو نه هجي اگر حاڪم قوم جو ورڪنگ ڪلاس پنهنجي ظلم ڪندڙ حڪمران طبقي طرفان مليل چوسيل هڏي عيوض پنهجي حاڪم سان گڏجي مظلوم قوم جو ورڪنگ ڪلاس جي اصتحصال ۽ غلامي ۾ هن جي مدد ڪندو ته مظلوم ته مظلوم آهي پر انهن جي پنهنجي سماج ۾ ڪڏهن تبديلي نه اچي سگھندي ۽ مزدور هميشه مزدور سا وڙهيل رهندو انهي کان علاوه هيٺين سببن ڪري سوشلسٽ طرفان مظلوم قوم جي قومي تحريڪ جي حمايت ڪرڻ گھرجي

1. آزادي ڪنهن به قوم جو بنيادي حق آهي، ڪنهن به قوم کي تعداد يا طاقت جي ڪري اهو حق حاصل ناهي ته اها ٻي ڪنهن قوم جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري، ها اگر قومون ڪنهن اعتماد جي بنياد تي رضاڪارانه طور تي گڏجن ته انهي ۾ ڪو حرج نه آهي جيئن اجڪل يورپين يونين آهي پر اتي ڪابه قوم ٻي قوم تي ڊوميننٽ نه هجڻ گھرجي.

2. ڪنهن قوم جي حق خوداراديت کان انڪاربه خود هڪ ظلم آهي

3. سامراج خلاف مظلوم قوم جي ڪاميابي بذات خود پرولتاريا جي ڪاميابي آهي،

4. ڇو جو قومي آزادي جي تحريڪ بذات خود طبقاتي ۽ انقلابي تحريڪ آهي

سنڌ جو ڪيس

پاڪستان کان اڳ ۾ سنڌي سماج جو جيڪو طبقاتي تضاد هيو انهي کي نه سمجھڻ ڪري يا کڻي ائين چئجي ته جن سمجھيو پئي انهن بجاءِ سهي حل ڳولڻ جي پاڪستان جي نالي تي مذهبي حل ڳولڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، عام سنڌي مسلمان هڪ طرف هندو سرمايادار بنئي جو مقروض هو ته ٻئي طرف وري زميندار جو غلام، اهڙي طرح سنڌ جو مسلمان زميندار ۽ هندو واپاري ٻئي عام سنڌي جي خراب حالت جي ذميوار هئا پر مسلمان زميندار وڏي چالاڪي سا هن طبقاتي تضاد کي مذهبي تضاد سان بيان ڪيو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به سنڌ جي هيٺئين طبقي جي حالت اهڙي رهي، بلڪ رياست جي پٺڀرائي سا نوان جاگيردار پيدا ڪيا ويا ۽ اهڙي حالت ۾ جڏهن حيدربخش جتوئي ۽ سائين جي ايم سيد جهڙن هڏڏوکي ماڻهن عوام لاءِ جدوجهد ڪئي ته انهن کي تڪليفون ڏئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙي طرح سنڌي سماج معاشي طور تي اڳتي وڌڻ بجاءِ اڃا به پوئتي ڌڪبو ويو، سنڌ ۾ هٿ وٺي صنعتي ترقي کي روڪيو وي، جيڪي ڪجه صنعتون هيون انهن کي تباه ڪيو ويو، ته جيئن ڪو گڏيل پرولتاريه نه جڙي سگھي، ۽ ڏينهون ڏينهن سنڌي هاري جي حالت خراب ٿيندي وئي هوءِ هروقت هڪ ڳڀي لاءِ پريشان رهي ٿو، ايشٽيبلشمينٽ جي ادارن جيڪي قومي انقلابي پارٽيون هيون انهن ۾ اختلاف پيدا ڪري هڪڙن کي ختم ڪري ڇڏيو ته ٻين کي ورهائيندي ورهائيند ننڍين پارٽين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ته جيئن انهن وٽ تبديلي جي سگھ نه رهي ۽ ديسي دلال هميشه سهولتن عيوض پنهنجون خدمتون ڏيڻ لاءِ ڪامپيٽ ڪندا رهيا پر سنڌي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ آءِ ٽي جي اچڻ کان پوءِ هاڻي وري سنڌي قوم اڻتڻ ۾ آهي ته هن جي قومي شناخت کي قبوليو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري سگھي، سنڌ جو حق خوداراديت هيٺين سببن ڪري لازمي آهي.

1. اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به زرعي سڌارا آڻڻ نه چاهيندي جنهن سا انهن جا دلال ڪمزور ٿين پر سنڌي سماج ۽ قوم آجڀي کان پوءِ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي زرعي ۽ ملڪيت قانونن ۾ تنديلي ڪندي جاگيرون ختم ڪري سگھندي

2. جيستائين سنڌ ۾ صنعتي انقلاب ڪون ايندو اوستائين نه پرولتاريه جڙندو ۽ نه وري سوشلسٽ انقلاب اندو ڇوجو سوشلسٽ سماج جي جڙڻ جي لاءِ اهو لازمي آهي ته اتي پرولتاريه جو طبقو هجي جيڪو اڄ تائين سنڌ ۾ پيدا نه ٿي سگهيو جتي پرولتاريه نه آهي اتي انقلاب اچڻ به ممڪن نه آهي.

3. پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ ڪم ڪندڙ رياستي ۽ گھڻ قومي ادارن ۾ هڪ مخسوس قوم جي اڪثريت آهي جيڪي ٻي ڪنهن قوم جي فردن کي ته اچڻ به ڪون ڏيندا آهن، اگر اتفاق سا ڪن کي ڪا جاب وغيره ملي به وڃي ته اهي ان هن کي تنگ ڪندا آهن جنهن هڪ ورڪر جي ٻئي ورڪر کان نفرت پيدا ٿيندي آهي نتيجا موجوده صورتحال ۾ پرولتاريه جي اتحاد بجائي هڪ نفرت پيدا ٿيندي آهي اهڙي حالت ۾ نه رڳو پاڪستان ۾ موجود رياستن بلڪ ريجن ۾ ڪا تبديلي يا سڪون پيدا نه ٿي سگھندو.

4. پاڪستان آمريڪا تعلقات ڀلي هينئروقتي طور تي خراب هجن پر عالمي سامراج جي ڪمداري ايسٽيبلشمينٽ ڪندي رهي آهي ۽ ڪندي، ۽ سنڌ جي آزادي عالمي سامراج جي ڪمدار جي ناڪامي هوندي.

سنڌ جنهن لاءِ اسا ن سمجھندا آهيون ته اسان پيار ۽ محبت جو ٻج دنيا ۾ ڇٽيندا سين ۽ انسانن جي فلاح وارو يعني سوشلسٽ نظام لاءِ ڪم ڪنداسين اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھندو جڏهن سنڌ دنيا جي نقشي تي آزاد رياست طور نمودار ٿيندي انهي لاءِ اسان سڀني جي اها ذميواري آهي ته هر اهو حربو، ۽ رجحان جيڪو سامراج پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندو انهي کي رد ڪري اصل منزل يعني سماج جي تبديلي سا گڏ سنڌ جي قومي حق اراديت لاءِ جدوجهد ڪيون .

ليکڪ : نامعلوم

روزانو عوامي آواز اربع 21 ڊسمبر 2011ع

عوامي آواز

 
Leave a comment

Posted by on December 22, 2011 in Articals

 

Karl Marx

ڪارل مارڪس 5 مئي 1818ع ۾ اولهه جرمني جي شهر ٽرائر ۾ پيدا ٿيو، ڪارل مارڪس جو خاندان آڳاٽي زماني کان يهودي هو پر ان جي پي ڪارل مارڪس جي پيدا ٿيڻ کان اڳ عيساعيت قبولي، تنهن ڪري ڪارل مارڪس کي يهودي چوڻ بلڪل غلط آهي. ڪارل مارڪس جا ٽي ڀاءَ هئا ۽ پنج ڀيڻون هيون، جنهن مان ڀاءَ ته سڀئي جواني ۾ ئي گذاري ويا پر ٽي ڀيڻون ڪارل مارڪس جي گذاري وڃڻ کانپوءِ به حيات رهيون، ڪارل مارڪس جو پي هڪ وڪيل هو، ٽرائر شهر ندي جي ڪپ تي واقع آهي، اها جڳهه فرانس جي تمام ويجهو آهي، تنهن ڪري ات جي ماڻهن ۾ فرانس جي انقلابي نظريئي جو تمام گهڻو اثر هو. ارڙهين صدي جي آخر ۾ جڏهن نپولين هن علائقي کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو، تڏهن هتي به فرانس جا سڪا هلڻ لڳا، هائرن مارڪس نپولين جو سخت مخالف هو، ان جي ڪتاب گهر ۾ واليٽير، روسو، لاڪ، لائب نيز، سنگ ۽ ٻين روشن خيال دانشورن هن جي آزاد خيالي جي ڪري پوليس جي خاص نظر هئي، پر هي علائقو نپولين جي 1815ع ۾ شڪست کانپوءِ جرمني کي واپس ملي ويو. ڪارل مارڪس جو ننڍپڻ انهي ماحول ۾ گذريو، جڏهن ميٽرنگ (جيڪو يورپ جي هڪ طاقت هو) برسن چاف سميت ٻين شاگردن جي تحريڪ جي خبر پئي ته هن هڪ ڪانفرنس گهرائي، ڇا ڪاڻ ته ميٽرنگ جمهوريت ۽ آئين جي نالي سان سخت نفرت ڪندو هو. ڪانفرنس ۾ هنن ڳالهين تي روشني وڌي وئي: 1. جرمن رياستون ڪنهن به قسم جو ڪوبه آئين نه جوڙينديون. 2. يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن تي سخت نظر ۾ رکي ويندي ۽ يونيورسٽي ۾ اسان جو نمائندو وهندو، جيڪو هر سر گرمي تي نظر رکندو. 3. جمهوري خيال استادن کي يونيورسٽي کان الڳ ڪيو وڃي، يعني ڪڍيو وڃي. انهن ڪجهه اهم فيصلن کانپوءِ جرمني جي دانشورن ڪالم نگارن ۽ شاگردن ۾ وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي، روشن خيال استادن کي يونيورسٽين مان ڪڍيو ويو ۽ شاگردن جون تنظيمون ۽ تحريڪون سڀ ٽوڙيون ويون، ڪارل مارڪس جي ماءَ ته ٻارن جي جي برورش ۾ مصروف سنڌي هئي، پر ڪارل مارڪس جو پي ڪارل مارڪس سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ ان جي دلي خواهش هئي ته ڪارل مارڪس پڙهي لکي هڪ وڏو ماڻهو ٿئي، تنهن ڪري هو ڪارل مارڪس جي تعليم ۽ تربيت تي خاص توجه ڏيندو هو ۽ ڪارل مارڪس به پنهنجي پي سان تمام پيار ڪندو هو، تنهن ڪري وڏو ٿي اڪثر پنهنجي پي جو ذڪر ڪندو هو، جلاوطني ۾ به پنهنجي پي جي تعمير هميشه ميز تي رکندو هو، ڪارل مارڪس جي وفات کانپوءِ فريڊرڪ اينگلز ڪارل مارڪس جي پي جي اها تصوير مارڪس جي تابوت ۾ رکي. ڪارل مارڪس کي مضمون لکڻ ۽ يوناني ۽ لاطيني ڪلاسيڪي ادب سان دلچسپي ننڍپڻ کان ئي هئي ۽ يونيورسٽي ۾ استاد به اتفاق سان روشن خيال ئي مليا ۽ قابل استادن شاگردن جي پوري حوصلا افزائي ڪئي. 1833ع جي ڏينهن ۾ حڪومت جي عام پاليسي جي خلاف شاگردن ۾ بيچيني وڌي رهي هئي، مارڪس جو اسڪول به ان سان متاثر ٿيڻ کان سواءِ ڪونه رهي سگهيو، جڏهن پوليس اسڪول تي ڇاپو هنيو، تڏهن اتان منع ٿيل لٽريچر هٿ آيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ شاگرد جي گرفتاري به پيش آئي. ڪارل مارڪس 1835ع ۾ اسڪول کان رخست ٿيندي وقت ”پيشي جو انتخاب“ تي هڪ مضمون لکيو، ڇاڪاڻ ته ان کي خبر هئي ته شاگرد جي لاءِ پيشي جو اختيار ڪرڻ سولي ڳالهه ناهي هوندي، ڪارل مارڪس مضمون ۾ لکيو ته: ”پيشي جي اختيار ڪرڻ کان پهرين اسان کي بني نو انسان جي ڀلائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي، اگر ڪوئي اهڙو پيشو اختيار ڪجي، جنهن سان انسان ذات جي وڌ کان وڌ خدمت ٿي ته اسان جي چيلهه وڌ کان وڌ وزن کڻڻ سان به نه جهڪندي“ ٽرائر ۾ 1835ع ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪارل مارڪس جي بون يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي، ان جا خاص مضمون قانون ۽ فلسفو هئا پر هو يوناني ۽ رومي تاريخ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندو هو ۽ هومز، آرٽ ۽ شاعري جي ڪلاس ۾ باقاعدگيءَ سان حصو وٺندو هو، مارڪس شاعري به ڪندو هو ۽ يونيورسٽي جي شاعر شاگردن جي حلقي جو فرد به هو. انهيءَ دوران سندس مڱڻي وڏي ڀيڻ سوفيا جي دوست جيني جان ويسٽ فالين سان ٿي. ڪارل مارڪس ۽ جيني ننڍپڻ کان ئي هڪ ٻي کان تمام گهڻو چاهيندا هئا ۽ جڏهن وڏو ٿي انهن جاءُ پي کي شادي جي درخواست ڪئي ته اهي رابطي ٿي ويا. جيني شهر جي حسين ترين ۾ شمار ٿيندي هئي ۽ ان جو خاندان امير گهراڻن ۾ ٿيندو هو، جيني چاهي ها ته ڪنهن نوابزادي سان به شادي ڪري سگهي پئي پر هو حسين سيرت جي مالڪ هئي ۽ ڪارل مارڪس سان محبت ڪندي هئي. ان پنهنجي محبت جي خاطر سڄي دنيا جي عيش ۽ آرام کي ٽڪرائي ڪري هڪ عظيم انقلابي سان سڄي عمر سڃ ۾ گذاري، هن جلاوطنيون سهيون، بک رهي، قرضدارن جو ڳالهيون ٻڌيون، ڪڏهن گهر جا سامان وڪيا ته ڪڏهن ڏاج ۾ مليل ٿانو گروي رکيا پر ڪڏهن به پنهنجي عظيم مڙس سان تنگ ٿي شڪايت نه ڪئي ۽ نه ئي ان جي انقلابي مصروفيتون ۾ يا لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ ڪا رڪاوٽ وڌي.ٻار تڙپي تڙپي لاڏاڻو ڪري ويا پر محبت ۾ فرق نه آيو. جيني جو ڀاءُ وزير داخلا هو، هن جيني کي خط ۾ لکيو ته ”توهان وطن واپس اچي وڃو آءُ توهان جي سار لهندس “ پر غيرتمند ڀيڻ وراڻيو ته ”آءُ مارڪس ۽ ان جي انقلابي جذبي سان شادي ڪئي آهي، جي جرمني ۾ ڪارل ماڪس ۽ سندس انقلابي جذبي لاءِ جڳهه ناهي ته مون کي اهڙو جرمني نه گهرجي.“ ڪارل مارڪس تقريبن هڪ سال بون يونيورسٽيءَ ۾ گذاريو پر پوءِ پي ءُ جي حڪم تي برلن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، جڏهن ته هن کي برلن سخت ناپسند هو. تعليم کان جيڪو وقت بچندو هو ان وقت ۾ هو نظم لکندو هو، انهيءَ سال جي اندر نظم جا ٽي ڪتاب ”پنهنجي پياري جيني“ جي نالي ڪيائين. انهن مان ڪجهه نظم 1838ع ۾ هڪ مقامي رسالي ۾ به ڇپيون، مارڪس جي سڀ کان پهرين لکڻي ئي نظم هيون پر ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ مارڪس کي اهو اندازو ٿيو ته هو شاعري جي ميدان جو مرد نه آهي، تنهن ڪري هو پنهنجو گهڻو وقت فلسفي ۽ قانوني جي مطالعي ۾ گذارڻ لڳو، مارڪس جيڪو ڪجهه پڙهندو هو، اهو خطن جي ذريعي پنهنجي پي کي ٻڌائيندو هو ۽ ان جو پي ان کي پنهنجي مشوري سان آگاهه ڪندو هو ۽ ان خطن ۾ (جيڪي هاڻ انگريزي ۾ ڇپجي چڪا آهن) اها گذارش ڪيل هوندي هئي ته تون پنهنجي پسند جا مضمون پڙهجانءِ ۽ پاڻ کي منهنجي مشورن جو غلام هرگز نه بنائجانءِ، انهن خطن ۾ عالمي بحث پڻ ٿيل هوندو هو، انهن خطن مان هڪ خط ۾ لکيل هو: ”آءٌ تصور جي دنيا کان اڳتي اچي چڪو آهيان، تصور مان مراد منهنجو ڪانٽ ۽ فخيتي سان آهي، ڇاڪاڻ ته آءُ تصور پرستي جو جذبو انهن مان حاصل ڪيو پر هاڻ حقيقت جي لاءِ جستجو ڪري رهيو آهيان“ ڪارل مارڪس شروعاتي ڏينهن ۾ هيگل کي تمام گهڻو پڙهندو هو، ڇاڪاڻ ته هيگل تمام وڏو ذهن رکندو هو، شايد ئي ڪوئي اهڙو علمي يا سماجي مسئلو هوندو، جنهن جي باري ۾ هيگل پنهنجي فلسفي ۾ بحث نه ڪئي هئي، لاجڪ، تاريخ، مذهب، انقلاب، سياست، سائنس ۽ جماليات سڀني تي هيگل جون لکڻيون موجود آهن، جنهن زماني ۾ ڪارل مارڪس برلن يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو تڏهن هيگل جي شهرت عروج تي هئي، سڄي شهر ۾ هيگل ڪلب قائم هئا، ڪيترائي استاد، ڪالم نگار ايتري قدر جو سرڪاري آفيسر به پنهنجو پاڻ کي هيگل جا پوئلڳ چوندا هئا ۽ فخر محسوس ڪندا هئا. مارڪس 1841ع ۾ پنهنجي ڊاڪٽري مارچ ۾ مڪمل ڪئي ۽ اپريل ۾ ان کي ڊگري ملي وئي، ڪجهه عرصو گذرڻ کانپوءِ جڏهن مارڪس پاڻ فلسفي جو ماهر ٿيو، تڏهن هو ان نتيجي تي پهتو ته هيگل جو فلسفو هڪ عظيم خواب آهي، جنهن ۾ انسانذات خود خدا بنجي وڃي ٿي پر هيگل انسان کي فقط خيالي سير ڪرائي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي لکڻين ۾ هڪ ڪائنات وجود ۾ آندي آهي، پر حقيقت ان خيالي دنيا کان بلڪل مختلف آهي، اها فلسفي جي دنيا نه آهي، انسان پنهنجي ذهن ۾ ڪائنات ته بلڪل ٺاهي آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي حقيقت جي شڪل ڪيئن ڏجي، ان جدوجهد ۾ ڪنڊن جي وڻ آهي ۽ ان ۾ نيم دلي يا سمجهوتن سان ڪم ڪونه هلندو. مارڪسزم ۾ مارڪس جو اهو پهريون جرت وارو ڪم هو، ان مان صاف ظاهر آهي ته مارڪس زندگيءَ جي بيزار ڪندڙ حقيقتن کان بيزار آهي ۽ انهن کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته انسان آزادي ۽ خودمختياري ۾ ترقي ڪري سگهي، مارڪس جي زندگي جي عملي شروعات اخبار نويسي سان ٿي، جڏهن ته ان جي دلي خواهش هئي ته هو بون يونيورسٽي ۾ فلسفو پڙهائي. برونوبائر اتي پهرين کان موجود هو ۽ ڪارل مارڪس کي عرض ڪندو هو ته تون جلد پنهنجون موجوده لکڻيون بند ڪري هتي اچ ته جيئن پاڻ ٻئي ملي ڪري هڪ فلسفي جو پرچو ڪڍون. مارڪس جو خواب مٽي ۾ ملي ويو ۽ هو ڊاڪٽري جي ڊگري کڻي ٻه مهينا ٽرائر ۾ گذاري واپس بون پهچي ويو. بون ۾ پهچڻ وقت ئي مارڪس پهرين سياسي مضمون ”سينسرشپ جي تازي ترين هدايت“ تي لکيو، ان ۾ ڪارل مارڪس لکيو آهي ته :”عوامي تنقيد سچي سينسرشپ آهي، عوامي تنقيد اها عدالت آهي، جيڪا آزاد پريس سان وجود ۾ اچي ٿي“ ان کان اڳيان ڪارل مارڪس لکيو آهي ته ”آءُ سچائي جي ملڪيت آهيان، سچائي منهنجي ملڪيت ناهي، منهنجي ملڪيت نه فقط اهو انداز بيان آهي، جيڪو منهنجي روحاني انفراديت آهي، بي شڪ قانون مون کي لکڻ جي اجازت ته ڏي ٿو پر اهڙي طريقي سان نه جهڙي طريقي سان آءُ چاهيان ٿو، آءُ پنهنجو روحاني چهرو خوشي سان ڏيکاريان پر پهريان ان کي سرڪاري سانچي ۾ وجهان، ڪير اهڙو هوندو، جيڪو ان تي شرم محسوس نه ڪري، سچائي منزل به آهي ۽ منزل تي پهچڻ جو رستو به، سچائي جي تلاش به سچي هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سچي تلاش خود ترقي يافته سچائي آهي“ مارڪس جا مضمون جرمي جي فيوڊل حڪومت تي ٻن منهن واري تلوار جيان ثابت ٿيا، اهڙي طرح جمهوريت پسند حصن ۾ ”رهائشن زائي تون“(اها اخبار جنهن ۾ مارڪس لکندو هو) جي مقبوليت وڌندي پئي وئي، اهڙي طرح ٻين اخبارن کي به حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، حڪومتي سينسرشپ جون پابنديون اڃا وڌيڪ وڌيون پر مارڪس جو قلم تڏهن به نه رڪيو ۽ آخر ڪار 1843ع ۾ بادشاهه جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينه ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اگر اخبار ”رهائشن زائي تونگ“ جو مالڪ ڪارل مارڪس کي اخبار کان الڳ نٿو ڪري ته اخبار بند ڪئي وڃي ۽ جڏهن مارڪس کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته هن 17 مارچ 1843 ۾ اخبار ”رهائشن زائي تونگ“ کان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ”رهائشن زائي تونگ“ جي ايڊيٽري جي دوران مارڪس کي سينسرشپ جو وڏو تجربو ٿيو ۽ مارڪس هن نتيجي تي پهتو ته جرمني ۾ رهي ڪري نه ته لکڻ جو ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ نه سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي سهگجي ٿو، انهن ڏينهن ۾ مارڪس جي مالي حالت تمام خراب هئي، 1843 ع ۾ 19 جون تي مارڪس جي شادي ٿي، فرست جي ڇهه مهينن جو مارڪس، برطانيا، آمريڪا، جرمني، اٽلي، فرانس ۽ خاص طور انقلاب فرانس جي تاريخ جو گهرو مطالعو ڪيو، انهي سان گڏو گڏ ٻين سياسي نظرين، ميڪيا ويلي، مانڻسڪيو، روسو ۽ ٻين سياسي نظرين کي به غور سان پڙهيو. جنهن ڏينهن ۾ مارڪس اقتصاديت، ڪميونزم ۽ انقلاب فرانس جي تاريخ جو مطالعو ڪري رهيو هو، تڏهن هڪ جرمني جو ڊگهي قد جو نوجوان مانچسٽر مان پيرس آيو ۽ ڏهه ڏينهن تائين مارڪس جو مهمان ٿي رهيو، ان نوجوان جو نالو فريڊرڪ اينگلز هو، اينگلس هڪ ڀيرو اڳ به مارڪس سان مليو هو، جڏهن مارڪس ”رهائشن زائي تونگ“ جو ايڊيٽر هو. انهيءَ دوران اينگلس جيڪي ڪالم لکيا هئا، اهي مارڪس جي نظرن مان گذريا هئا ۽ مارڪس انهن کي پسند به ڪيو هو. دراصل اهي مضمون ئي سندن وچ ۾ دوستي جو سبب بڻيا. مارڪس پهريون ڀيرو هڪ اهڙي شخص سان مليو هو، جنهن جا نظريات سو سيڪڙو مارڪس سان ملندا هئا ۽ اهڙي طرح اها دوستي وجود ۾ آئي، جيڪا مرندي دم تائين زنده رهي. مارڪس کي جنوري 1845ع ۾ فرانس کان نڪرڻو پيو، جنهن جي وجه هئي ته جرمن هڪ سياسي رسالو ”ووروارٽس“ ڇاپيندا هئا، مارڪس به ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن لکندو هو، پروشيا جي حڪومت فرانسي حڪومت کي رسالي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان سان وابستا سڀني جرمنن کي ملڪ بدري جو حڪم ڏنو. ڪافي ليکڪن معافي وٺي پنهنجي جان بچائي پر ڪارل مارڪس جي غيرت ان کي هي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ تڏهن ڪارل مارڪس برسلسز (بيلجيم) اچي ويو، جڏهن ته اتي ان جو ڪوبه معاشي ذريعو نه هو ۽ تڏهن ڪارل مارڪس جي بکي رهڻ جا ڏينهن شروع ٿيا، جيڪي ڪڏهن ختم نه ٿيا. مارڪس جي روحاني تعليم انقلاب فرانس جي درسگاهه ۾ ٿي هئي، ڪميون جي شڪست کانپوءِ مزدور تمام ڏکيائون ۽ ظلمن جو منهن ڏٺو، مارڪس انهن جي شدت محسوس ڪئي ۽ تمام گهڻي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي، جنهن جو مارڪس جي صحت تي تمام گهڻو اثر پيو، نتيجو اهو نڪتو ته پراڻو جگر جو سور وري موٽي آيس ۽ سور ۽ دورا پوڻ لڳس، ڊاڪٽر چار ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، پر مارڪس ڊاڪٽرن جي ڪڏهن نه ٻڌندو هو پر اينگلس جي چوڻ تي هو چيڪو سلواڪيا جي صحت گاهه ”ڪالس باد“ وڃڻ لاءِ راضي ٿيو، ڪالس باد جي هڪ مهيني ۾ ٽريٽمينٽ سان مارڪس کي ڪافي فائدو ٿيو ۽ پوءِ هو مسلسل ٽي سال اتي ويندو رهيو، ان سفر ۾ مارڪس جي ڌي ”اي ليز“ جيڪا سڀني کان ننڍي هئي، ساڻس گڏ هوندي هئي، انهي سفر دوران مارڪس پنهنجي مٽ مائٽ ۽ دوستن سان به ملاقات ڪندو هو، جيڪي هيمبرگ ۽ دريسٽن ۾ رهندا هئا. آخري سفر ۾ مارڪس اي ليز کي اهي جايون به ڏيکاريون، جتي مارڪس اي ليز جي ماءُ جيني سان شادي جا شروعاتي ڏينهن گذاريا هئا. حالتن مارڪس کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو، پر ان جي سياسي سرگرمي ۾ ڪابه ڪمي پيشي ڪانه آئي ۽ نه ئي لکڻ پڙهڻ جي عادت ۾ ڪا ڪمي آيس. مارڪس برطانيا، آمريڪا، جرمني، اسپين، اٽلي، روس، فرانس ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي تحريڪن سان رابطي ۾ رهندو هو ۽ خطن ۽ مضمونن جي ذريعي انهن کي مشورا ڏيندو هو. هاڻي مارڪس جي حيثيت پنهنجن ۽ پراون ٻنهي جي نظر ۾ بين القوامي ڪميونسٽ تحريڪ جي قائد جي هئي ۽ هو پنهنجو اهو فرض بهترين نموني ادا ڪندو هو، انهيءَ دوران ۾ مارڪس نئين نئين ڪتابن جو خاڪو به تيار ڪري ڇڏيو هو، جنهن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته هو هڪ جمع تاريخ جو ارادو رکي پيو. مارڪس کي برصغير جي مسئلن ۾ وڏي دلچسپي هئي ۽ انهي جي تاريخ لکي رهيو هو، بلڪه مسلمانن جي فاتحن کان 1857ع تائين جي حالتن تي هڪ نوٽ تيار ڪري چڪو هو پر موت اجازت نه ڏني. انهيءَ دوران ۾ ان جي زال جيني بيمار ٿي وئي، ڊاڪٽرن پهرين ته جگر جي خرابي ٻڌائي پر پوءِ خبر پئي ته جيني کي ڪينسر آهي، جيني جي بيماري جو مارڪس تي ايترو اثر ٿيو هو جو مارڪس پنهنجي بيماري وساري ڏينهن رات جيني جو خيال رکڻ لڳو پر جيني کي نه بچڻو هو نه بچي ۽ ۲ ڊسمبر 1881ع ۾ ان جو موت ٿيو. پنجيتاليهه سالن جي محبت جو اهڙو سلو مارڪس کي پنهنجي سوڳ ۾ وڪوڙي ويو، جنهن جو مارڪس تي صدمو ويهجي ويو، مارڪس جي ڌيئرن ۽ دوستن مارڪس جي دل بهلائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، مارڪس ڪجهه ڏينهن پنهنجي وڏي ڌي سان رهيو ۽ ان جي ٻارن سان کيڏندي پنهنجي دل بهلائيندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن ڪجهه صحتياب ٿيو ته فرانس کان واپس لنڊن اچي ويو ۽ پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو، پر اڃا مارڪس جو مزاج پوري طرح بحال نه ٿيو ته خبر ملي ته سندن ڌي بيمار آهي، مارڪس اڃا هن وٽ وڃڻ جي تياري ۾ ئي هو ته خبر ملي ته ڌي لاڏاڻو ڪري وئي، جيڪا اڃا صرف 38 سالن جي هئي، ڌي جي لاڏاڻي مارڪس جي رهي سهي قوت به ختم ڪري ڇڏي ۽ هاڻي مارڪس سخت بيمار ٿي پيو ۽ ڦڦڙ به ڪم ڇڏڻ لڳا، ايتري قدر جو کير کان سواءِ ڪابه شي نڙي کان هيٺ نه لهندي هيس. 14 مارچ تي تقريبن اڍائي بجي ڏينهن جو ملازم ڪمري ۾ آئي ته ڏٺائين ته مارڪس نيم بيهوشي جي حالت ۾ ڪرسي تي ويٺل آهي، ملازم هيٺ وڃي اينگلس کي ٻڌايو، اينگلس ڀڄندو آيو ۽ ڏٺائين ته مارڪس ننڊ ۾ پيل آهي پر اهڙي ننڊ جنهن کان ڪوئي ڪڏهن سجاڳ نه ٿي سگهيو آهي. مارڪس جي لاش کي 17 مارچ 1883 ع تي هائي گيٽ جي قبرستان ۾ سندس گهرواري جيني جي پاسي ۾ دفنايو ويو، انهيءَ موقعي تي اينگلس پنهنجي سڀني کان پياري دوست ۽ دنيا جي عظيم انقلابي کي الوداع چوڻ لاءِ هي لفظ ڳالهايا: ”جهڙي طرح ڊارون نيچر جي قانون کي دريافت ڪيو، اهڙي طرح مارڪس انسان جي تاريخ جي ارتقا جي قانون کي دريافت ڪيو“ جيئن ته مارڪس سڀ کان پهريون انقلابي هو، پوءِ ڪجهه ٻيو ته هن جي زندگي جو مقصد سرمائيدارانه معاشري ۽ ان کي قائم ڪندڙ رياستي ادارن جون پاڙون ڪڍڻ ۽ موجوده مزدور طبقي جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيڻ هو. مارڪس جي وفات کانپوءِ اينگلس ٻارنهن سال زنده رهيو، اينگلس پنهنجو گهڻو وقت تنظيمي ڪمن ۾ وقف ڪندو هو، مئي 1894ع ۾ اينگلس جو گلو سڄڻ لڳو ۽ ڊاڪٽرن کان اهو معلوم ٿيو ته اينگلز ڪينسر ۾ مبتلا آهي. جولاءِ جي آخري ڏينهن ۾ ان جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ ۵ آگسٽ 1895ع ۾ اينگلس به لاڏاڻو ڪري ويو، وصيت مطابق ان جي لاش کي ساڙيو ويو ۽ ان جي رک ايسٽ بورن جي ويجهو سمنڊ ۾ وهائي وئي. مارڪسزم صرف آخر يا ڪامل دين هجڻ جي دعويٰ نٿو ڪري، بلڪه ان زندگي کي سمجهڻ ۽ نئين زندگي جي قوتن کي اڳتي وڌڻ ۾ انسان لاءِ هڪ مشعل آهي، ان ۾ زندگي جي تجربن ۽ ضرورتن جي پيش نظر اضافا ٿي سگهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا آهن.

 
Leave a comment

Posted by on December 21, 2011 in Personalities

 

Lines From Amar Jaleel’s Books

1.  اسان جي يونيورسٽين ۾ توهان کي چپي چپي تي مجنون ۽ وک وک تي ليلا نظر ايندي. اسان يونيورسٽي ان لاءِ ايندا آهيون ته هڪ ڊگري حاصل ڪري وڃي نوڪري ڪريون ۽ پيٽ پاليون ۽ شادي ڪري ٻار پيدا ڪريون. عشق اسان جي تعليمي ادارن جي ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽوٽي آهي.

2.  اسان سنڌي جلد عاشق ٿي پوندا آهيون، ادِي کي جن نه ڪن ادي کي عشق انڌو ڪري ڇڏيندو آهي.

3.  مان جيڪڏهن مري پوان ۽ موهن جو دڙو ٿي پوان ته اڄ کان پنج هزار سال پوءِ ماڻهو منهنجي لاش مان تنهنجي يادن جا کنڊر کوٽي ڪڍندا.

4. هڪ انسان فقط وڙهي سگھي ٿو، جنگ جوٽي سگھي ٿو، سر تري تي رکي حالات جي رڻ ۾ ڪاهي سگھي ٿو پر نتيجو سندس وس ۾ نه آهي.

5. خوابن کي عارضي تعبير ڏيڻ وارا آوارگي جي الزامن کان آجا ٿي نه سگھندا آهن.

6. ازل جي چاهتن جو شجر وڇوڙن ۾ وڌندو آهي ۽ وفائن جو مسافرن لاءِ ڇانوءَ ٿيندو آهي.

7. جوڌن جي ذات بهادري ۽ مذهب ملڪ ٿيندو آهي.

8. مايوس فقط اهي ٿيندا آهن جيڪي ميدان ڇڏي ويندا آهن.

9. وڻن ۾ ٻور لڳڻ علامت آهي اميد جي.

10. اها قوم جيڪا ڪشتو کڻندي آهي سا بندوق کڻي نه سگھندي آهي

11. سمنڊ کي جيڪڏهن ٻيو ڪنارو هجي ها ته پوءِ جيڪر سمنڊ ڦٿڪڻ ڇڏي ڏئي ها، ڍنڍ ونگر ماٺ ۽ خاموش هجي ها.

12. سمنڊ علامت آهي انهن جي جن لاءِ ٻئو ڪنارو نه آهي.ڍ

13. ڪيڪٽس کي عام طرح تقليف جي علامت سمجھيو ويندو آهي پر مان ڪيڪٽس کي سرڪش هئڻ جي علامت سمجھندو آهيان. ڇو جو ڪيڪٽس ويرانين ۾ نکرندو ۽ اسرندو آهي.

14. منهنجو وجود تمنائن جو مقتل آهي.

15. هيڪلائي جو تعلق احساس سان آهي، مخصوص ذهني ڪيفيت جو نالو اڪيلائي آهي.

16. غم ڪڏهن ڪڏهن وڻ ويڙهي وانگر انسان جي اندر ۾ پنهنجو پاڻ ئي پيدا ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ سندس سموري وجود کي ويڙهجي ويندو آهي.

17. جهالت ۽ حقيقت کان منڪر هئڻ سبب انسان تي حيواني جذبا غالب پئجي ويندا آهن، اهڙن انسانن جي وجود سبب معاشرو کرندو آهي.سياست کي معاشرو جنم ڏيندو آهي، جنهن ملڪ جو معاشرو کريل هوندو ان ملڪ جي سياست به کريل ۽ بد ڪردار هوندي.

18. هڪ محبت اهڙي به هوندي آهي جنهن ۾ ڪابه لالچ، ڪابه طمع ۽ ڪوبه مطلب نه هوندو آهي.

19. جنهن به گنهگار ڇوڪري تي دوزخ حرام ڪيو ويندو سا مونسان شادي ڪندي ۽ پنهنجي ڪئي جي سزا ڀوڳيندي.

20. سچي محبت ۾ مرڻ جو عرصو مقرر هئڻ گھرجي جنهن کان پوءِ جيئڻ حرام سمجھجي.

21. جدوجهد زندگي جي علامت آهي، اها زندگي ئي ڪهڙي جنهن ۾ جدوجهد نه هجي.

22. تعليم کي پيٽ پالڻ جو ذريعو نه سمجھجي، ڇو جو پيٽ ته ڪتا به پاليندا آهن. علم روشني آهي ۽ هٿ جو پورهيو دنيا جو عظيم ڌنڌو.

23. ڪنهن چيو هو ته وقت هوا جي پرن تي اڏامندو ويندو آهي، ڪنهن چيو ته اک ڇمڀ ۾ صديون گزري وينديون آهن. سچ هونديون آهن اهي چوڻيون پر انتظار جي هڪ ساعت کان ٻي ساعت تائين، هڪ لمحي کان ٻئي لمحي تائين ورهن جي وٿي هوندي آهي.

24. مان دل جي دنيا لٽائڻ کان پوءِ به تنهنجي دل ۾ تر جيتري جاءِ حاصل نه ڪري سگھيو آهيان. تون منهنجي لاءِ چنڊ وانگر دور آهين، تمنا خواب ونگر مبهم آهين.

25. سنڌو نديءَ ۾ هماليه جي برف جو رجيل پاڻي آهي جيئن هماليه بلند آهي، آهڙي طرح سنڌين جا اخلاق به بلند آهن.

26. جڏهن حالتون هڪ ذهين شخص کي زندگي ۾ وڌڻ نه ڏينديون آهن، تڏهن ان شخص جي وجود مان ڪروڌ ۽ نفرت جون پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن.

27. رڃ جي اڃ منرل واٽر سان نه لهندي آهي.

28. انسان مڪمل يقين سان ان ڪري ٻين لاءِ عذاب جو سبب ٿي پوندو آهي جوهوپاڻ کي حق ۽ صداقت جو دائي، ٻين کي ڀٽڪيل ۽ ڀليل سمجھندو آهي. هو هميشه پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط سمجھندو آهي. هو جڏهن پنهنجي ليکي دنيا کي سڌارڻ ۽ ڏنگي کي سبق سيکارڻ جو ٺيڪو کڻندو آهي تڏهن دنيا ۾ وڏي گڙٻڙ پيدا ڪري وجھندو آهي.

29. مان فقط زندگي ۾ خواب ڏسندو آهيان، خوابن جي تعبير منهنجي نصيب ۾ نه آهي.

30. اسان انسان جي فڪري، ذهني ۽ اظهار جي آزادي لاءِ جنگ لڙي رهيا آهيون، اسان جي مذهب ۽ عقيدي کي ڪميونزم مان ڪوبه خطرو نه آهي.

31. تصور ڏاڍو ظالم ۽ هوشيار ٿيندو آهي انسانن کي وسوسن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.

32. ڪٿي ائين ته نه آهي جو عڪس سلامت آهي ۽ اميدن جو آئينو ٽٽي پيو آهي.

33. خالق طرفان اسان کي ڌڪ کائي دعا ڏيڻ واري وصف ملي آهي، اسين وار سهندا آهيون وار ڪندا نه آهيون، مري فريب کائيندا آهيون، فريب ڏيندا نه آهيون، جنهن کي هڪ دفعو چاهيندا آهيون تنهن کان جنم جنم جي جدائي ته برداشت ڪندا سگھنداسين پر سندس دل آزاري نه ڪنداسين.

34. اسين سنڌ جا ماڻهوهڪ جنهن جوهٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندا آهيون تنهن سان قيامت تائين توڙ نڀائيندا آهيون.

35. زندگي ۾ گھڻو ڪجھ ممڪن ٿي پوندو آهي.

36. اسين عشق جا پيغمبر آهيون، محبت ۾ مرڻ اسان جو عقيدو آهي روايت آهي.

37. عمارتون ڊهن ته صدين تائين بنياد انهن جي شاهدي ڏيندا هن، دل ڊهي ته هميشه لاءِ گم ٿيو وڃي.

38. ياد ڪرڻ ۽ ياد رهجي وڃڻ ۾ وڏو فرق آهي.

39. زندگي لمحن جي محتاج ناهي هوندي، ڪڏهن ته ورهه اک ڇنڀ ۾ وهامي ويندا آهن ۽ ڪڏهن گھڙيون مهينن ۾، مهينا سالن ۾ ۽ سال صدين ۾ بدلجي ويندا آهن. لمحا ڪنهن جي وس ۾ ناهن.

40. ڪي انسان زندگي ۾ سڀ ڪجھ هارائڻ کان پوءِ به اصل معنى ۾ هارائيندا نه آهن ساڳي طرح ڪي انسان هميشه کٽڻ جي باوجود ڪجھ به کٽي نه سگھندا آهن. مون زندگي ۾ هارائڻ يا کٽڻ کي اهم نه سمجھيو آهي بلڪه هارائڻ ۽ کٽڻ جي دوران طرز عمل کي اهم سمجھيو آهي.

41. جنهن سان ازل جي محبت جي پڪ ٿي ويندي آهي تنهن سان شادي نه ڪبي آهي، اهي چاهتون جن جا فيصلا آسمانن تي ٿيندا آهن سي شادي جون محتاج نه ٿينديون آهن. شادي اهڙين چاهتن جي توهين آهي.

42. هر انسان وڙهندو آهي، ڪڏهن پنهنجي جسم سان، ڪڏهن پنهنجي ذهن سان، ڪڏهن پنهنجي خاموشي سان. وڙهڻ کي انسان جي فطرت کان ڌار نٿو ڪري سگھجي.

43. سڀ کان طويل ۽ جٽادار جنگ خاموش رهي وڙهبي آهي. ان جنگ ۾ انسان جو مقابلو گھڻو ڪري ڪائنات سان ٿيندو آهي.

44. کوپڙي ۾ ميڄالو ۽ هٿ ۾ قلم اهي ٻئي هٿيار دنيا جا سڀ کان خطرناڪ هٿيار آهن.

45. ڏينهن ڀلي شينهن سڏجي پر رات ماءُ جي هنج وانگر پناهه ڏيندي آهي.

46. اوندهه جتي ماءُ جي پناهه وانگر اوکي وقت ڀاڪر ۾ ڀريندي آهي اتي مايوسين پريشانين ۽ ذلتن جي لوڌ به ڪڍ ڇڏي ڏيندي آهي.

47. وڏي محبت يڪ طرفي ٿيندي آهي، اهڙي محبت لاءِ موٽ ۾ ڪجھ به نه گھربو آهي، فقط ايترو سوچي دل کي ريجھائي وٺبو آهي ته ڪو ته آهي جنهن کي عشق ۾ امڪان جي حدن کان اڳتي نڪري اسان چاهيو آهي.

48. هر ڪا واٽ منزل ڏانهن وٺي نه ويندي آهي ڪجھ راهون رڻ جي رخ ۾ هونديون آهن ۽ رولي ڇڏينديون آهن.

49. ڪجھ ماڻهو زندگي ۾ سدائين سفر ۾ هوندا آهن، منزل هنن لاءِ بي معنى هوندي آهي.

50. پاڻ کان پڇيل سوال اڪثر جواب کان محروم رهجي ويندا آهن.

51. سوئر بگھڙ ۽ نانگ هر حال ۾ انسان کان بهتر آهن، بهتر ان ڪري آهن جو هو سازشون نه ڪري سگھندا آهن.

52. ماڻهن جو انفرادي جھنگ ۾ انسان پنهنجي شناخت، سڃاڻپ وڃائي ويهندو آهي، هجوم ۾ شامل هو اجتماعيت جو حصو ٿي پوندو آهي.

53. اسان جي سوچ اسان جو ڏوه آهي.

54. مان بيوقوف قسم جو ماڻهو آهيان، دغا ۽ فريب جي دنيا ۾ عشق جا عَلَمَ کڻي گھمندو آهيان ۽ عشق جي صليب تي دم ڏئي ڇڏيندو آهيان.

55. اسين سڀئي پنهنجي وجود ۾ ڏکن ۽ سکن، تڪليفن ۽ راحتن، اميدن ۽ نا اميدن، خوابن ۽ تعبيرن جوهڪ اسٽور روم، ڪٻاڙخانو کڻي جيئندا آهيون. يادن جا انبار گڏ ڪندا آهيون. هڪ ٻئي جي هيٺان دٻجي ويل ڪجھ يادگيريون زندهه رهنديون آهن، ياد اينديون رهنديون آهن ۽ ڪجھ يادگيريون لاشعور جي سمنڊ ۾ لڙهي وينديون آهن؛ پاتال ۾ گم ٿي وينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعور جي سمنڊ ۾ جبل جيڏي ويلهه مڇي لاشعور جي پاتال ۾ مانڌاڻ مچائيندي آهي، تڏهن انيڪ گم ٿي ويل ۽ لڙهي ويل يادگيريون شعور جي سطح تي تري اينديون آهين.

 

 
Leave a comment

Posted by on December 20, 2011 in Mixed

 

Socrates

سقراط ـــ 469 ق م کان 399 ق م تائين

سقراط سنگ تراش سوفرونڪس ۽ دائيءَ فيتيريتي جو پٽ هو. جنهن ايٿينز جي رواج جي ابتڙ پيءُ جي ڌنڌي ڪرڻ کان نابري واري، ۽ سچ جو مبلغ ٿيو. هو اڄ کان چويهه سو سال اڳ جي ايٿينز، يونان جو رهواسي هو. جڏهن سائنس، ڊرامي ۽ شاعري ۾ هومر، فيثاغورث، پنڊار، سوفوڪليز، ليان، هيسئڊ، جارجيس، يوريپڊيز، ايمپي ڊوڪليز، انڪثا غورث، ارسٽو فينز ۽ ايگاٿن وغيره پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا. سقراط انهن مان ڪيترو لاڀ پرايو سا ڳالهه افلاطون جي سقراط سان منسوب ڪيل مڪالمن ۾ ڏسي سگهجي ٿي.

سقراط خيال پرست فلسفي هو. هو هڪ طرح توحيد جو قائل هو، سندس چوڻ هو ته سڀ ديوتا نيڪي جا خواهان آهن. سقراط کي خبر هئي ته قديم شاعرن جي شاعري يونان ۾ مقدس ليکي وڃِي ٿي پر هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ تي ايمان آڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي جڏهن ته ڪريفن جو ڊلفي وارو حوالو به وٽس هو.

هن جي دلچسپي چنڊ ستارن سان نه هئي، نه ئي هو هڏين ۽ گوشت جي ٺهيل انسان کي اهميت ڏئي ٿو. هن لاءِ زمين سج کي ڦري ٿي يا سج زمين کي ڦري ٿو ڪابه اهميت نٿا رکن ۽ نه ئي رت جي گردش يا هڏين جي بناوٽ هن لاءِ اهم آهن. هو ته اوچا آدرش رکندڙ هو. هن جو واسطو جسم سان نه پر ذهن يا روح سان هو. سندس نظر ۾ سچ ۽ نيڪي جي جستجو ئي سڀ کان اتم آهن.

سقراط سڄي حياتي انهن سوالن جي کوج ۾ گذاري ته ڪائنات ڇا آهي؟ دنيا ڇو پيدا ٿي؟ انسان جي وجود جو ڪارڻ ڇا آهي؟ نيڪي ڇا آهي؟ سچ ڇا آهي؟ وغيره. سقراط سڄي عمر رڳو ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ هڪ لفظ به نه لکيائين ۽ نه ليڪچر ڏنائين. هن جون ڪچهريون روايتي انداز واريون هونديون هيون. ڪڏهن ورزش گاهه ۾، ڪڏهن بازار ۾، ڪڏهن ڪنهن محفل يا دعوت ۾، ڪڏهن ڪنهن دڪان تي، بس هن جو وقت ائين گذرندو رهيو. اسان وٽ سندس خيال افلاطون ۽ زينوفن ذريعي پهتا آهن.

جڏهن سقراط لاءِ موت جي سزا جو اعلان ڪيو ويو، ته کيس دوستن ۽ شاگردن صلاح ڏني ته فرار ٿي وڃ پر سقراط ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته جن قانونن کي اسان جوڙيو آهي انهن قانونن کان ڪيئن ٿو فرار ٿي سگهجي. مان ستر سالن جو آهيان مرڻو ته هوئين به آهي پوءِ ڇو نه شان سان مران. سقراط موت جي سزا جي فيصلي اچڻ کان اڳ چيو هو ته، ”منهنجي دعا آهي ته ديوتا ۽ عدالت اهڙو فيصلو ڏين جنهن ۾ منهنجي به ڀلائي هجي ۽ توهان جي به.“

عدالتي ڪاروائي ۾ فيصلو راءِ شماري جي ذريعي ٿيو ۽ سقراط کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏنو ويو. ان دور جي رواج مطابق سقراط کي زهر جو پيالو پي پنهنجو انت آڻڻو هو. پوءِ سقراط کي بنديخاني ۾ وڌو ويو

زهر جو پيالو پيئڻ کان اڳ سقراط پهريان غسل ڪيو، پوءِ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي زال زانپٽي ۽ ٻين عورتن سان ڪچهري ڪئي. جڏهن جيلر زهر جو پيالو سقراط حوالي ڪيو ته سندس همدرد غم زده ٿي ويا تڏهن سقراط کين چيو، ”مون عورتن کي ان ڪري ئي ٻاهر موڪليو آهي ته جيئن اهي اهڙي غلطي نه ڪن اوهان به پنهنجو پاڻ تي قابو رکو ۽ صبر کان ڪم وٺو.“

زهر جي پيالي پيئڻ کان پوءِ سقراط ٿوري دير تائين پسار ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪمبل ويڙهي ليٽي پيو. پر وري ٿوري دير کان پوءِ هن آخري ڀيرو ڳالهيو، ”ڪرائٽو اسان تي واجب آهي ته هڪ ڪڪڙ شفا جي ديوتا جي نالي تي قربان ڪريون. ڇا تون اها قرباني ڏيندين؟ متان وساري ڇڏين.“ ٻئي ڏينهن ڪڪڙ جي قرباني ڏني وئي. ڪرائٽو لکي ٿو، ”اسان سقراط جي جسم کي دفن ڪري ڇڏيو. منهنجو خيال آهي ته سقراط بذات خود موجود نه هو، پر مون کي يقين آهي ته هي جتي به آهي خير سان آهي.“

ڪتاب: ”سقراط“
ليکڪه: ڪورا ميسن.
سنڌي ترجمو: ظفر.

 
Leave a comment

Posted by on December 18, 2011 in Personalities

 

ڇا سڪندر جي ڪاهه وقت بلوچستان هو؟

سڪندر يوناني ”قديم سنڌ“ تي 326 ق.م ۾ ڪاهه ڪئي هئي، هي عام طور تي چيو ۽ لکيو ويو آهي ته سڪندر بلوچستان ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا، بلوچ عوام بهادري سان سندس مقابلو ڪيو. ڇا سڪندر جي ڪاهه وقت بلوچستان نالي سان ڪو ملڪ دنيا جي نقشي تي موجود هو؟ بلوچ ته خود بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي ۾ آيا آهن. بلوچستان نالو ”نادرشاهه قاچار“ جي ننڍي کنڊ تي حملي وقت سنه 1736ع ۾ پيو. ان کان اڳ بلوچستان نالو ئي ڪونه هو. تاريخ ۾ قلات، اربيله (لسٻيلو) شال (ڪوئٽا) مڪران، سيوي يا درواڙ ڪوٽ (سبي) ۽ ڪيچ وغيره پنهنجن نالن سان سڏيا ويندا هئا. پر بلوچستان جو نالو تاريخ ۾ ئي ڪونه هو. پوءِ اهو ڪيئن چئجي ته 326 ق.م ۾ سڪندر مقدوني بلوچستان تي حملو ڪيو ۽ بلوچن مزاحمت ڪئي؟ بلوچ دانشور ڊاڪٽر شاهه محمد مري لکي ٿو: هن سفر ۾ سڪندر سان گڏ چاليهه هزار فوجي هئا. بلوچ قبائل جڳهه جڳهه انهن تي ”ڇاپه مار“ حملا ڪيا….؟ (ڪتاب ”بلوچ قوم قديم عهد کان عصر حاضر تائين“ ص 73) بلوچ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي ۾آيا ۽ وڙهيا وري 326 ق.م ۾؟؟ احمد يار بلوچ لکي ٿو: بلوچستان ۾ بلوچن جي آمد مختلف گروهن جي صورت ۾ مرحلي وار ٿي هئي. سندن قديم مسڪن ”حلب و شام“ آهي. انهن جي هجرت جو آغاز تقريبن چوٿين صدي عيسوي ۾ ٿيو. (تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ ص 38)۾ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ لکي ٿو: اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن. انهن مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي کان اچڻ شروع ڪيو. بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ هن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت قومون گهڻي تعداد ۾ رهنديون هيون. (ڪتاب ”سماٽ“ ص 31) ۾ ايم ڪي پيڪولين لکي ٿو: بلوچن جو وڏو حصو اڄ به انهن علائقن ۾ آباد آهي جتي انهن هجرت دوران مغربي، مشرقي بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڏهين کان سورهين صدي عيسوي ۾ قبضو ڪيو هو. (ڪتاب ”بلوچ“ ص 43 مضف ايم ڪي پيڪولين مترجم شاهه محمد مري (تخليقات، لاهور) ايم ڪي پيڪولين مطابق، بلوچ ڏهين صدي کان سورهين صدي عيسوي ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب تي قابض ٿيا ته پوءِ سڪندر سان ڪيئن وڙهيا؟ ڇا ڊاڪٽر شاهه محمد مري کي ”م-ڪ پيڪولين جو ڪتاب ترجمو ڪرڻ وقت اها ڳالهه ذهن ۾ ڪانه هئي؟ موسيٰ خان جلال زئي لکي ٿو: نظمن ۽ گيتن ۾ بلوچ قبائل جي حسب نسب جو ذڪر آيل آهي. سيستان کان مڪران تائين يارهين کان ٻارهين صدي عيسوي جي هجرت جي واقعات جو ذڪر ڪيو ويو آهي…؟ (تاريخِ بلوچستان ص 51) ڪن مورخن بلوچن جي آمد 63 هه ۾ ڄاڻائي آهي. مٿيون سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته سڪندر جي ڪاهه وقت نه بلوچستان هو ۽ نه ئي اتي بلوچ قبائل آباد هئا، اهو سڄو خطو قديم سنڌ جو حصو هو ۽ سڪندر سان سنڌي وڙهيا هئا. بلوچستان دراصل قديم سنڌ جو حصو آهي. موجوده بلوچستان جي قديم تاريخ سنڌ جي تاريخ آهي. رڳو بلوچستان نه پر راجا پورس، سرائيڪي بيلٽ، ڪڇ، ڀڃ، راجستان ۽ گجرات جي تاريخ به قديم سنڌ جي تاريخ آهي. انهن علائقن جا قديم رهاڪو سنڌي نسل آهن.

رمضان ”دلدار“ چڍڙ/ماتلي

 

 
Leave a comment

Posted by on December 17, 2011 in Articals

 

سقراط ــ ڏاهيون ڏک ڏسن


سقراط جو موت 399 ق ـ م ۾ وھه جو پيالو پيڻ بعد ٿيو. وھه جي پيالي پيڻ جي سزا اٿينس (يوناني) جي 501 ڄڻن جي جرگي طرفان اڪثريتي فيصلي سان ڏني وئي ھئي ، مٿس الزام ھيو ته ھو نوجوانن ۾ بغاوت ۽ رياست طرفان مڃيل دوتائن کان انڪار لاءِ اڪسائي رھيو ھو.

سقراط انھن ٻنھي تھمتن کان انڪار نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت انھن تھمتن کي تسليم به ڪيو. پر ھن پنھنجي بچاءُ ۾ وڏي عالمانه اندز ۾ جيڪي چيو تنھن جو سار ( حاصل مطلب ) اھو ئي ٿئي ٿو ته جيڪي ڪجھ ھن ڪيو سو ڪو ڏوھ نه آھي. سقراط جي پنھنجي ويچارن جي بچاءُ ۾ ڪيل ھي آخرين تقرير ادب ، فلاسافي ، منطق ، مصاحت ۽ بالاغت جو ھڪ شاھڪار آھي جنھن جي اھميت اڄ به قائم آھي ۽ رھندي. اڄ به ڏاھي کي پنھنجي دل جو خون ڏيڻو پوي ٿو. اڄ به ڏھي کي ڪم ظرف ۽ جاھل ماڻھن طرفان موت جي سزا ملي ٿي. اڄ به ڏاھي کي گھڙي گھڙي ، ڏينھن ڏينھن ، سال سال ، عذاب ۽ پيڙا ڀوڳڻي پوي ٿي، نه صرف پنھنجي لاءِ ، پنھنجن لاءِ ، پر پورين قومن ۽ انسانذات لاءِ.

سقراط جو ڪجھ ڪيو ۽ چيو ان سان اڄ جي عالم ۽ ڏاھي کي جزوي يا مڪمل اختلاف ٿي سگھي ٿو. پر ان کان انڪار ڪونھني ته سقراط پنھنجي ويچارن کي جنھن سنجيده ۽ سرل نموني ۾ پيش ڪيو ۽ ڏاھي جو اھو حق ھميشه ھميشه لاءِ ڇڪيو آھي ته ھو جنھن ڳالھ ۾ ايمانداري سان وشواس يا اعتماد رکي ٿو . اھو ڳالھ چوڻ جو ، ان کي کلي طرح ھر انسان آڏو پيش ڪرڻ جو ، ھن کي نه صرف حق آھي پر ھن جو فرض پڻ آھي.

تقريبن چوويھه سئو سال ٿي رھيا ۽ گذري چڪا آھن پر سقراط جي يونان جي چڱن مڙسن آڏو ھيءَ دانھن ، ھيءَ تقرير ، ھيءَ شڪايت ۽ پنھنجي ويچارن کي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ پيش ڪرڻ لاءِ وڪالت اڄ جي دور ۾ به ھڪ پڙاڏو آھي.

جنھن جو جواب ھن ڌرتيءَ تي اڄ به ڪيترن حڪومتن ۽ سلطنتن کي ڏيڻو پوندو. اڄ به انسان مجبور آھي ، بي زبان رھڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. پنھنجي ڏک ۽ پيڙآ کي ظاھر ڪرڻ جي سا مُلي جي فتويٰ ۽ مرتد جي سزا طور ھن جي ڪن تي ڪاتيءَ ۽ تلوار مثل لٽڪي رھي آھي. اڄ به سچ ڳالھائڻ جي سزا جيل ، ڪوڙا ڪي، موت ، ڦاسي يا ڪنھن انداھي گھٽ ۾ ڇرو يا گولي جي صورت ۾ ملي ٿي.

سقراط پنھنجي بچاءَ ۾ ڀڄي سگھيو پئي ، معافي وٺي سگھيو پئي يا جلاوطني قبول ڪري يونان جي ٻي ڪنھن رياست ۾ وڃي سگھيو پئي . پر ھن انھن سڀني بچاءَ جي صورتن کي رد ڪيو . سزا کان بچڻ کان انڪار ڪيو. سقراط ائين ڪندي پاڻ ۾ پنھنجي ويچارن کي امر ڪري ڇڏيو. پر 501 مفتن منجھان انھن جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ قائم ڪو نه رھيو جن سقراط کي وھه جو پيالو پيڻ جي سزا ڏني.

سچ سدائين جيئندو ۽ ڪوڙ نيٺ فنا ٿيندو ۽ ان کان وڏو سچ تڏھن ۽ اڄ اھو ئي آھي ته ھر انسان کي پنھنجي راءِ آزادي سان پيش ڪرڻ جو حق آھي. نه صرف حق آھي پر فرض آھي ته سچ جو پرچار ۽ تبليغ ڪري. اھي جيڪي سچ کان ڊڳا ٿي انھن جو نالو ۽ نشان به باقي ڪونھي ۽ جن سچ جي تبليغ ڪئي سي اڄ به دنيا جي چوٽيءَ جي ڏانھن ۾ شمار ٿين ٿا.

يورپ ۽ ايشيا جو ڪو مذھب ، ڪو فلسفو ، ڪو نظريو ڪونھي جنھن سقراط جي ويچارن مان فائدو نه ورتو ھجي. ڪنھن زماني ۾ مذطق ۽ فلسفو جن کي اسلام جي اوائلي عالمن غزالي ۽ ٻين يونان جي فلسفي کان مستعار ( اڌورو) ورتو ھو سي ھر ديني مدرسي ۾ لازمي مضمون طور پاڙھيا ويندا ھئا ۽ شايد اڄ به پاڙھيا ويندا آھن.

سقراط پنھنجي گھر ٻار، خاندان جي سک چين کان بي نياز رستي ويندي ھر نوجوان کي پڪڙي ساڻس علم ، فللسفي ، ادب ، تاريخ ، سياست ، سچ ۽ ڪوڙ جي نظرين تي بحث ڪندو ھو. ھن جي ارد گرد پڙھيل امير زادن جو گھيرو رھندو ھو. ڪي کيس پنھنجي بيٺڪ تي دعوت ڏئي سڏائيندا ھئا ۽ ڪي وچ بازار ۾ بيٺي ساڻس مناظرو ڪندا ھئا. بھرحال ھو سڄو ڏينھن ۽ سمورو وقت انھيءَ ظلل کي سڏ سڏيندو وتندو ھو، جنھن لاءِ دنيا ڀر جي ڏاھن سٺو آھي ۽ اڄ به سھن پيا. رات جو دير دير سان جڏھن ھو گھر موٽيندو ھو ته اڪثر سندس گھر واري ٿڪجي چور ٿي سمھي چڪي ھوندي ھئي ۽ وقت تي در لاھن کان انڪار ڪندي ھئي. سقراط پنھنجي زال جون جھڻڪون ۽ دٻون سھي، صبح جو وري پنھنجي ڪار سان نڪري ويندو ھو ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه . اھو ئي سقراط ، اھي فلسفي جا شاگرد ، اھي علم جي وٿ پرائڻ وارا اميرزادا ھن جي ارد گرد گڏ ٿي ويندا ھئا ۽ انھن شاگردن ۾ افلاطون ، ارٽوڊيمز ، ڪريٽو ۽ فيڊو شامل ھوندا ھئا.

اسان لاءِ سقراط اڄ به ھڪ زنده حقيقت آھي . شاھ عنايت ، شاھ لطيف ، سچل سرمست ۽ اڄوڪي دور ۾ اسان جا شاعر، اديب ۽ سوچيندڙ اھو ئي چئي رھيا آھن جنھن لاءِ سقراط زنده رھيو. ڪم ڪيائين ۽ مئو. اسان جا ڏاھا پنھنجو ڪيس ايتري خوبصورتيءَ ۽ لاغرضيءَ سان پيش ڪندا رھيا آھن جنھن سان سقراط ، منصور ۽ سرمد پنھنجو ڪيرس پيش ڪيو. سقراط ، منصور ۽ سرمد ، شاھ عنايت ، شاھ لطيف ، سچل ۽ سامي اسان جي وجود جو حصو آھن ۽ اسان جا ڏاھا انھن جي تسلسل کي برقرار رکندا اچن . ممڪن اھي ته اڄوڪي ھل ھلان جي دور ۾ ڪو انھن کي ٻڌي نه ٻڌي ، پر انھن نظريات جي اھميت ۽ حقيقت کان انڪار ٿي نه ٿو سگھي. سچي لاءِ اڄ به وھه جو پيالو آھي، سڏڪي سڏڪي جيئڻ آھي ۽ عذاب سھي مرڻ آھي. پر ان ۾ شڪ ڪونھي ته فتح نيٺ سچ جي ٿيندي . باطل کي ھر قدم ، ھر جڳھه تي شڪست ملي رھي آھي ۽ انسان ان ڏاھپ جي دور ۾ داخل ٿي چڪو آھي ، جتي دور افق تي ، انڌڪار مان روشنيءَ جا ڪرڻا ڦٽي رھيا آھن ۽ انسان پنھنجي بيبيڻ ۽ بانبڙا پائڻ واري دور مان نڪري پنھنجي ٻن پيرن تي بيھي اوچي ڳاٽ اھو اعلان ڪري رھيو آھي ته انڌڪار ۽ اونداھي قوتون ناس ٿي رھيون آھن. سچ اڀري رھيو آھي ۽ نيٺ فتح سقراط ۽ انسانيت جي ٿيندي.

سقراط جنھن بي فڪر نموني ۾ سزا کي قبول ڪيو، ان مان ھن جي جمھوريت لاءِ عزت جو واضح ثبوت پڻ ملي ٿو. جيتوڻيڪ ھن جي وضاحت مان صاف ظاھر آھي ته ھو پنھنجي سر پئنچن سان اختلاف ڪري ٿو ته به انھن جي راءِ جو احترام ڪندي ، انھن طرفان ڏنل سزا کي قبول ڪري ٿو. ظاھر آھي ته ان دور جي يونانين ۾ جمھورتي يعني راءِ جو حق صرف شرفاءُ کي ھيو ۽ غلامن کي راءِ جو حق نه ھيو ، پر ان مان پوري سسٽم جا اھڃاڻ ملن ٿا ، ته ان وقت جا ڏاھا پنھنجي برابر شھرين جي راءِ جي ڪيتري عزت ڪندا ھئا. اختلاف ڪندي به اڪثريت جي راءِ کي تسليم ڪيو ويندو ھو. اسان جا ڪيترائي معاشرا اڄ به ان بنياد حق کي تسليم نه ٿا ڪن ته اقليت يا ٿورائي وارن جي راءِ اھو ضرور آھي پر اڪثريت يا گھڻائي وارن کي مجبور نٿو ڪري سگھجي ته ھو راءِ کي ريٽي ، ٿورائي وارن جي فيصلي کي مڃين . ٿورائي وارن ته ٺھيو پر ھڪ عالم جي راءِ جو احترام ڪرڻ اسان کي يونانين سيکاريو.

جيڪو ڪم سقراط جتي ڇڏيو ، ان کي افلاطون ۽ ارسطو اڳتي وڌايو. پر اھا حقيقت نه وسارڻ گھرجي ته افلاطون ۽ ارسطو ٻئي حاڪمن آڏو مقبول ٿي چڪا ھئا ۽ ھنن جو درجو اسٽيٽ فلاسافرس وارو ھيو. سقراط ان لحاظ کان ھڪ يگانو شخص ھيو جنھن پنھنجي دور ۾ تاغوتي قوتن کي للڪاريو قبوليت ۽ ھاڪار نه ڪيائين ۽ وھه جو پيالو پي ھميشه ھميشه اَمر شھيدن جي قطار ۾ مٿانھين جاءِ ماڻي ويو.

سچ وڏو ڏوھاري آھي،

روز اول کان پڪڙيو ويو آ،

زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،

ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،

ڪڏھن زھر پيئاريو ويو آھ،

ڪڏھن ڦاھي چاڙھيو ويو آ.


ھي ترجمو ايڏو ته سٺو ، سھڻو ۽ خوبصورت سنڌي ۾ ھڪ نوجوان شاگر ڊاڪٽر طرفان ڪيو ويو آھي ، جنھن لاءِ سندس ساراھه ۾ ٻه اکر چوڻ کان رھي نه ٿو سگھجي. ھڪ مشڪل فلسفياڻو منطق ۽ سياست تي عالماڻو وعظ يا تڪرار جنھن سولي سلوڻي ۽ آسان سنڌيءَ ۾ گل ترجمو ڪيو آھي تنھن لاءِ ھن کيرون لھڻيون.

1 سيپٽمبر 1989ع

سوڀيو گيانچنداڻي

لاڙڪاڻو

ڪتاب : ڏاھيون ڏُک ڏسن

مصنف : ڊاڪٽر گُل

 
Leave a comment

Posted by on December 16, 2011 in Mixed

 

مولانا ابوالڪلام آزاد

تاريڪي ٻيھر ڦھلجي ويئي.

مولانا ابوالڪلام ” آزاد “


اڄ دنيا وري تاريڪ آھي. ھوءَ روشنيءَ لاءِ وري واجھائي ٿي، وري سمھي پيئي آھي انھيءَ ننڊ ۾، جنھن کان بار بار کيس جاڳايو ويو ھو. انھيءَ مقصد کي وري وساري ڇڏيو اٿس، جنھن جي تلاش ۾ بار بار نڪتي ھئي. ھن جو اھو پراڻو اھنج ، جنھن جي علاج لاءِ خدا جي رسولن آه زاري ڪئي ھئي، ۽ جنھن کي ڇھين عيسوي صديءَ ۾ الله جي ھٿان آخري مرھم نصيب ٿيو ھو، اڄ وري تازو ٿي ويو آھي.
جنھن تاريکيءَ ڇھين صدي عيسويءَ ۾ جنھن وقت اسلام جو ظھور ٿيو ھو، جھالت ڦھلائي ھئي، ساڳي تاريڪي اڄ تھذيب ۽ تمدن جي نالي سان ڦھلجي رھي آھي، ۽ اسلام وري پنھنجي غربت اوليٰ ۾ مبتلا آھي. جيڪڏھن انھيءَ زماني ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي تاريڪي بت پرستي ھئي، ته اڄ ساڳي جڳھه نفس پرستيءَ والاري آھي. پھريان انسان پٿر جي بتن کي پوڄيندو ھو ته ھاڻ پنھنجو پاڻ ٿو پوڄي. خدا جي پرستش ان وقت به نه ھئي، ۽ ان جي پوڄڻ وارا اڄ به نه آھن.
دنيا جي اھا ڪھڙي بيماري آھي، جنھن وري منھنج نه ڪڍيو آھي؟ جڏھن ھوءَ بيمار ھئي ته ڇا، سندس حالت اھڙي ئي نه ھئي، جھڙي اڄ اٿس؟ پھريائين (شايد) ھوءَ پٿر جي ڇپَ مٿان بيماريءَ سبب پاسا ورائيندي ھوندي ، ۽ ھينئر چانديءَ ۽ سون جي پلنگ تي پيئي ڪراھي، پر بيمار جي بستر بدلجڻ سان ڪا بيمار جي حالت نه ٿي بدلجي.
جنسي ۽ نسلي ڪروڌن ڪروڙن طاقتور انسانن کي پنھنجو ھٿيار بنائي رکيو آھي. ضعف ۽ ڪمزوريءَ کان وڌيڪ قومن ۽ ملڪن جي لاءِ ٻي ڪا خطا نه آھي. ھر اھا قوم جنھن وٽ طاقت آھي سا خدا جي ساريءَ دنيا کي ڇڙو پنھنجي لاءِ ٿي سمجھي، ۽ باقي دنيا جي ڪمزور بندن لاءِ عدالت جي ھڪ جج وانگر موت جي فتويٰ صادر ڪرڻ ۾ بلڪل بيخوف آھي “ حق” ۽ “ عدالت ” جا لفظ لفظي طرح جيتريقدر زياده دھرايا وڃن ٿا، معنوي لحاظ کان اوتري ئي قدر متروڪ ٿي ويا آھن. نوعِ انساني جي مساوات ۽ امنيت جي حقيقت قوت جي زور ۽ طاقت جي دعويٰ اڳيان پئمال ٿي چڪي آھي.
انسان حياتيءَ جي لھو ولعب ۽ دولمنديءَ جي نشه غرور ۾ شايد ئي ڪڏھن اھڙو بدمست ٿيو ھوندو جھڙو ھن وقت ٿي رھيو آھي. سندس گناھن الودي قديمي آھي، ۽ شيطان ان وقت کان وٺي موجود آھي، جڏھن کان انسان موجود آھي، تاھم ، گناھه جي حڪومت ايتري جابر ۽ قاھر اڳ ڪڏھن نه رھي ھئي ۽ شيطان جو تخت ھن عظمت ۽ دٻدٻي سان ڪڏھن به زمين جي سطح تي نه وڇايو ويو ھو، جھڙو اڄ قائم ۽ مسلط آھي. ھيءُ سڀ ڪجھه جھالت جي سايي ھيٺ نه ٿي رھيو آھي، بلڪ علم ۽ مذھبيت جي گھمنڊ ۾ ٿي رھيو آھي! بيماري اھا ئي آھي، جنھن خاڪ ۽ گرد جي مٿان دنيا کي ليٿڙايو ھو، البت ھينئر اھا سونھري مڇردانيءَ ۾ ليٽي پيئي آھي، ۽ موتين جي مڇردانيءَ جا پردا چئني طرفن ڏانھن ڪيرائي ڇڏيا ويا آھن.
ائين ٿيڻ ضروري آھي ، ڇاڪاڻ ته چشمو خشڪ ٿي ويو آھي ۽ اھي ناليون مٽيءَ سان ڀرجي ويون آھن، جن جي آبپاشيءَ سببان خداپرستيءَ جو چمن شاداب رھندو ھو. “ دنيا جي ھر شي لوڻ سان لوڻياٺي بڻائي ويندي آھي، پر جي لوڻ جو ذائقو ڦڪو ٿي وڃي ته ان کي ڪھڙيءَ شيءَ سان لوڻياڻو ڪيو ويندو؟”
(متي ـــ انجيل ، 13:5)
جا قوم ساريءَ دنيا جي اصلاح لاءِ آئي ھئي سا جي پاڻ ئي اصلاح جي متحاج ٿي وڃي ته پوءِ ڪير آھي جو دنيا جي اصلاح ڪندو؟ خدا ھميشه ان ڪم جي لاءِ پنھنجي جماعت دنيا ۾ موڪليندو آھي، ۽ خدا مسلمانن کي ئي “ حزب الله ” يعني پنھنجي جماعت قرار ڏنو ھو. پوءِ جيڪڏھن اھيئي ماڻھو “ حزب الشياطين” جو ساٿ ڏيڻ لڳن ، ته الله وٽ وڃڻ وارا ڪنھن کي ڳولين؟
اڄ وقت اچي ويو آھي ته اسلام ھڪ دفعو وري پنھنجي انھيءَ فرض کي دھرائي جيڪو ھڪ دفعو اڳ ھو انجام ڏيئي چڪو آھي ، ۽ مسلمان پنھنجي اصلاح خود پنھنجي لاءِ نه ، بلڪه ٻين جي لاءِ ڪن ، تا ته انھن جي سڌرڻ سان سڄو جھان سڌري پوي، ۽ چشمي جي روانيءَ سان ساري زمين سرسبز ٿي وڃي.
اسلام جي مِشن اڃا ختم نه ٿي آھي. دنيا جيتريقدر ان جي تعليم جي انھيءَ وقت محتاج ھئي، جڏھن ڇھين صدي عيسويءَ ۾ عرب جي اپٻيٽ ۾ ان پنھنجي صورت پسائي ھئي، ان کان ڪي قدر وڌيڪ اڄ به سندس ڪارنامن جي محتاج آھي. کيس پنھنجي امن ۽ نظام جي لاءِ ،پنھنجي عدالت ۽ صداقت جي قيام لاءِ ، پنھنجي سفاڪين ۽ بيرحمين جي خاتمي ڪرڻ لاءِ ، پنھنجي صلح ۽ امن عامه جي لاءِ ، اسلام ۽ صرف اسلام جي ئي ضرورت آھي. اسلام جا فرزند خود اسلام کان بي نياز ٿي ويا ھجن ته ھجن ، مگر دنيا اڃا بي نياز ٿي نٿي سگھي.
پر جيڪو آتشدان پاڻ باھه کان خالي ٿي ويو ھجي، اھو ڪمري کي ڪيئن ٿو گرم رکي سگھي؟ تنھنڪري ، ضرور آھي ته مسلمان سڀ کان اڳ ۾ خود پاڻ ۾ تبديلي پيدا ڪن ڇاڪاڻ ته انھن جي تبديليءَ تي سڄي دنيا جي تبديلي موقوف آھي.
ان لاءِ رسمي انجمنون قائم ڪرڻ بيڪار ٿيندو، ۽ پئسن جي فراھميءَ سان خاطر مجعي ممڪن نه آھي. ان لاءِ اھي سڀئي طريقا پڻ بيڪار ٿيندا ، جن جو اعليٰ نمونو اڄڪلھه جا ڪم پيش ڪري سگھن ٿا، چڱن مقصدن جي صرف اعلان سان چڱا نتيجا نه ٿا حاصل ٿين. جيڪڏھن صرف مفيد نصيحتن ۽ وعظن جو دھرائڻ ڪنھن قوم ۾ تبديلي پيدا ڪري سگھي ٿو ته ھي طريقهء ڪار اڳ ۾ ئي ايتري قدر موجود آھي جو ھاڻي ان جي لاءِ ڪنھن نئينءَ جماعت جي ضرورت ناھي.
اصول معلوم آھن ۽ تعليمات لڪل راز ڪين آھن. ضرورت صرف ھن ڳالھه جي آھي ته انھن ئي اصولن ۽ تعليم ھيٺ اعمال ۽ افعال تبديلي پيدا ٿئي.

ڪتاب: مھراڻ 1961مان ورتل
پوسٽ: سپهه سالار

 
Leave a comment

Posted by on December 13, 2011 in Mixed