RSS

Monthly Archives: November 2011

Socrates – Prof. Mir Gh. Muhammad Talpur

ڊيلفا جي مقدس ڪاهنا هر سوال جو جواب ڏاڍو منجھيل ڏيندي هئي، پر هڪ دفعي جڏهين کانئس پڇيو ويو ته يونان جو سڀ کان ڏاهو ماڻهو ڪير آهي؟“ ته هن وڏي واڪ ٻڌايو ته ”ڪوبه شخص سُقراط کان وڌيڪ ڏاهو نه آهي.“ ايٿنز جي رهواسين لاءِ هي ڳالھ ڏاڍي حيران ڪن هئي جو اتي کيس چريو سمجھيو ويندو هو. پر هينئر مقدس ديوي کيس سڀ کان ڏاهو سڏيو. سقراط پنهنجي پاڻ کي ڏاهو هرگز نه سڏائيندو هو. هُن اها ڪوشش ڪئي ته ڪو وڏو ڏاهو ڳولي هٿ ڪريان ۽ ديوي جي انهي ڳالھ کي غلط قرار ڏيان. پر ڪوبه ماڻهو سندس ڪسوٽي تي پورو نه لٿو ۽ آخرڪار هن کي اِهو چوڻو پيو ته صرف ديوتا ئي عقل ۽ ڏاهپ وارا آهن.

سقراط جي خيال موجب ماڻهو نادان اِنهي ڪري آهن جو هو پنهنجي ناداني کان واقف ڪونه آهن ۽ سقراط ڏاهو صرف انهيءَ ڪري سمجھيو ويندو هو جو پنهنجي ناداني کان بخوبي واقف هو. يونان جو هي وڏي مرتبي وارو ڏاهو انسان يعني سقراط 470 قبل مسيح ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ سنگ تراش هو ۽ سندس ماءُ هڪ دائي هئي. هن جو فلسفو نصابي تعليم بدران هن جي ذاتي سوچ ويچار ۽ ايٿنز جي رائج تهذيب جي ڪري ئي هو. هو شڪل جي لحاظ سان ڏاڍو بدشڪلو تصور ڪيو وڃي ٿو. مٿو گنجو، منهن وڏو ۽ گول، اکيون اندر تي گھڙيل ۽ گھوريندڙ، ۽ پيشاني ويڪري هئس. سندس اِهو نقشو هڪ سنگتراش جي مجسمي مان سمجھيو وڃي ٿو. اِنهي مجسمي مان هو هڪ اعلى پائي جو فلاسفر گھٽ ۽ قلي وڌيڪ لڳندو هو. پر ان پٿر جي مجسمي ۾ انساني شفقت ۽ بي ديا سادگي جي جھلڪ نظر اچي ٿي.

استاد بنجڻ کان اڳ سقراط ايٿنز جي فوج ۾ ملازمت ڪندو هو ۽ ڪافي ڪارناما پڻ ڏيکاريا هئائين. هن وٽ هڪڙو گھر هو ۽ تمام ٿورڙا پئسا هئا جيڪي هن پنهنجي دوست ۽ شاگرد ڪرائيٽو جي ڌنڌي ۾ سيڙائي ڇڏيا هئائين. شهر جا نوجوان هر وقت هن سان گڏ رهندا هئا. هن جي بدصورتي جي باوجود اهي نوجوان هن جي بيحد گھڻي عزت ڪندا هئا. جن ان ڪي نامور فلسفي بنجي ويا. مثلن: اقليدس، ورسٽي پس ۽ افلاطون وغيره

هي ڳالھ ڏاڍي عجب خيز آهي ته سقراط پنهنجي هٿ سان ڪجھ به ڇا پر هڪ لفظ به نه لکيو. هو سڄي عمر ڳالهيون ئي ڪندو رهيو. افلاطون هن جي ڪجھ ڳالهين کي لکي اڻ مٽ بنائي ڇڏيو آهي.

سقراط نهايت سادي زندگي گذاريندو هو. هن جي وڏي شان واري شخصيت، جيڪا حڪومت، دولت ۽ حسن ٽنهي کان خالي هئي، دنيا جي اڳيان فلسفي کي پنهنجي حقيقي صورت ۾ پيش ڪري ٿي. سندس زندگي ڏکن ۽ محرومين جو شڪار ٿي گذري ۽ شين جي حقيقت جي تلاش هن کي فلسفي جي راھ ڏي آندو. ڪوبه ماڻهو ايٿنز جي ان شاندار ماڻهو کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھي جيڪو هڪ وڏو پهراڻ پائي، پيرين اگھاڙو شهر جي بازارن، گھٽي، باغن ۽ عبادت جي هنڌن تي سڄي دنيا جي نعمتن کان بي نياز بنجي، پنهنجي ڏن ۾ گم رهندو هو. قدرت کيس ٻين کي پرکڻ ۽ انهن کي سڌارڻ جو فرض سونپي ڇڏيو هو.

ارسطافاسز سقراط جو خاڪو ڦهلايو جنهن ۾ سقراط کي ديوتائن جو منڪر ۽ نوجوانن کي خراب ڪندڙ جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو. اهيءَ جو خاص سبب اهو هو جو سقراط عقل پرست هو ۽ ٻيا ماڻهو پراڻ پرست هئا. ٻيا ماڻهو اهو سوچيندا هئا ته جڏهن عقل مقبول بڻجي هڪ هلچل جي صورت ورتي ته کين نقصان رسندو. پر سقراط هنن جي انهي ڳالھ کان بي نياز هو. هن جا پسنديده ڪم انساني روح، روايتون ۽ عقيدا ۽ اهڙين ٻين ڳالهين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ هئي. سڙڪن، بازارن ۽ عبادت گاهن ڏي ويندڙ ماڻهن کي جھلي وٺندو هو ۽ سندن اندر ۾ جهاتي پائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو اڻ ڄاڻ بنجي انهن کان پڇندو هو ته هي وڏا ۽ سهڻا اصطلاح، جيڪي اوهان استعمال ڪريو ٿا، نيٺ انهن جو مطلب ڇا آهي؟، عدل ڇا آهي؟، خير ۽ شر ڇا آهي؟، مثالي رياست ڪيئن قائم ٿي سگھندي آهي؟. اهڙائي اخلاقياتي ۽ سماجي مسئلا هن جي دلچسپي جو مرڪز هئا. اِهو ضرور چيو ويو آهي ته سقراط فلسفي کي آسمان کان زمين تي آندو. هو انهن سڀني سماجي مسئلن کي بحث هيٺ آڻيندو هو جيڪي اڄ به اسان جي ڌيان جو مرڪز آهن.
سقراط جا شاگرد گھڻو ڪري ايٿنز جي مٿئين طبقي يعني اميرن سان واسطو رکندا هئا. ٻئي طرف ايٿنز جا جمهوريت پسند سقراط جي تعليم کي چڱو نه سمجھندا هئا. هڪ ڏينهن کيس اوچتو عدالت ۾ گھرايو ويو. کيس ٻڌايو ويو ته هو شهر ۾ نواجوانن کي گمراھ ڪري رهيو آهي. سقراط تي اهو الزام هنيو ويو ته هو انهن ديوتائن کي نه ٿو مڃي جن کي ٻيا مڃين ٿا. انهي ڪري هن جون سرگرميون شهر وارن لاءِ نقصانڪار آهن. بعد ۾ کيس فيصلي جي لاءِ 501 ججن جي اڳيان پيش ڪيو ويو. اُهي جج عقل جي بي بها نعمت کان خالي هئا. فطرت جو ڪيڏو نه هي عجيب اتفاق هو، جو هن وڏي دانشور جي قسمت جو فيصلو، جاهلن جي ان ٽولي جي هٿ ۾ ڏنو ويو. جن کي هن ڪڏهين به اهميت نه ڏني هئي.
فلسفي جي ڏاهپ جي پهرئين شهيد عدالت ۾ صفائي پيش ڪندي چيو: ”جيڪڏهين مان پنهنجي صفائي ۾ اهڙا لفظ پيش ڪريان جيڪي توهان بازار ۾ يا شاهوڪارن جي اوطاقن تي اڳ ۾ ٻڌا هجن ته حيران نه ٿجو، ۽ نه ئي مون کي ٽوڪجو ـــــ ڇو ته مان پهريون ڀيرو عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان ۽ هتان جي ٻوليءَ کان واقف نه آهيان. منهنجي تقرير ڪرڻ جي طريقي ته به ڌيان نه ڏجو. ٿي سگھي ٿو ته اِهو طريقو خراب هجي ۽ ٿي سگھي ٿو ته اِهو طريقو سٺو هجي.“
سقراط وڌيڪ چيو ته هن جا دشمن هن کي ڪوبه نقصان نه ٿا پهچائي سگھن ڇو جو خراب ماڻهو سٺي ماڻهو کي نقصان نه ٿو رسائي سگھي. آخرڪار ٽنهن ووٽن جي گھڻائي سان سقراط کي ڏوهاري سڏيو ۽ مدعي اُن لاءِ موت جي سزا تجويز ڪئي. هن جا ڪجھ دوست ۽ جيوريءَ جا ڪجھ ميمبر هن لاءِ جلاوطني جي سزا جي حق ۾ هئا، مگر هن پاڻ ان جلاوطني جي سزا کي رد ڪندي چيو ته ”مان زندگي جي محبت ۾ بنھ انڌو ليکبيس، جيڪڏهن اِها سزا قبوليم. ڇو جو مان جيڪڏهن پنهنجي شهر ۾ سچ نه ڳالهائي سگهيس ته ٻين هنڌن جا ماڻهو مون کي سچ ڳالهائڻ ڪيئن ڏيندا. ۽ مان ماٺ ڪري نه ٿو رهي سگھان ڇو جو اها ايمان سان غداري ٿيندي. اجايو جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“

پر جڏهين افلاطون ۽ ٻين دوستن گھڻو زور ڀريو ته هن هڪ معمولي رقم ڏنڊ طور تجويز ڪئي. جيڪا ايتري ته ٿوري هئي جو جيوري جي ميمبرن کي هيڪاري ڪاوڙ لڳي ويئي ۽ هنن کيس يڪدم موت جو حڪم ٻڌايو.

سقراط چيو ته ”مون کي انڪري سزا نه ملي آهي جو مان پنهنجو بچاءٌ نه ڪري سگھيس. پر مان اها دوش اختيار نه ڪئي جنهن جو توهان کي آسرو هو. جھڪڻ کان موت قبول ڪرڻ ٺيڪ آهي. دوستو! موت بچڻ ڏکيو نه آهي، پر بڇڙائي کان سلامت رهڻ حد کان زياده ڏکيو آهي.“

هن پوڙهي ڏوهاري کي سزا جي حڪم کان پوءِ هڪ مهيني تائين جيل ۾ رهڻُ هو. سقراط جي دوستن جو خيال هو ته ڪنهن طريقي سان جيلر کي راضي ڪري سقراط کي بچائجي. سقراط کي چيو ويو ته ”هينئر بڇڙائي جي قوتن اڳيان مٿو جھڪائڻ ٺيڪ ناهي ۽ ائين غلط ماڻهن کي سوڀ ملندي ۽ تنهنجا ٻار يتيم ٿي ويندا. پر سقراط قانون ٽوڙڻ نه پيو گھُري. هن چيو ”زنده رهڻ اهم نه آهي پر مناسب نموني زنده رهڻ اهم آهي.“

۽ پوءِ آخر اها شام اچي ويئي جڏهين سقراط کي زهر جو پيالو پئيڻو پيو. سقراط اُهو زهر جو پيالو وٺي نهايت خاموشي سان پي ويو ۽ پوءِ هو اٿي هلڻ لڳو. چند لمحن ۾ زهر کيس وڪوڙي ورتو ۽ اهڙي طرح هي دنيا جو داناء انسان بيوقوفن جي هٿان ڪسجي ويو.

قديم زماني يونانين ۾ هي شخص سڀني کان ڏاهو ليکبو آهي. پڻس مورتيون جوڙيندو هو ۽ سقراط به ننڍي هوندي اهوئي ڌنڌو ڪندو هو. سندس ٺاهيل مورتيون ڏسڻ وٽان هيون. هُو بت ۾ سگھو هوندو هو انهي ڪري گرمي، سردي ۽ ٿَڪ وغيره پرواه نه ڪندو هو. تھ سياري ۾ به اونهاري جي ڪاپڙا ڍڪيندو هو ۽ هميشه اگھاڙن پيرن گھمندو هو. پنهنجي ملڪ جي پاران جنگين ۾ وڙهندي به ڪافي همت ڏيکاري هئائين. هو ڏاڍو سادو ۽ سانگي صرفي سان هلندو هو. وڏي هوندي مورتين جوڙڻ ڌنڌو ڇڏي، ماڻهن کي نيڪي جي واٽ ڏيکارڻ ۾ لڳي ويو. هن جي تعليم جو مقصد اهو هو ته ماڻهو پاڻ کي سڃاڻن، معرف الاهي حاصل ڪن ۽ منجھن ڳالهائڻ ۽ بحث ڪرڻ جي طاقت وڌي. انهي تعليم ڏيندي هن ڪافي تڪليفون سَٺيون پر تنهن هوندي به هو پنهنجي انهي تعليم ڏيڻ واري ڪم کي هلائيندو آيو. هو ڏاڍو قناعت وارو هو ۽ چوندو هو ته ”سڀاڳو سو جنهن کي تمام ٿورين شين جي گھرج پوي.“ گھڻائي هوند وارا ماڻهو پيسا آڇيندا هئس پر هو ڪنهن ڏي نهاريندو به ڪين هو ۽ چوندو هو ته ”جنهن کي بک چڱي لڳي تنهن کي سٺي طعامن جو ڪهڙي گھرج. آءُ جڏهين ٿورين ۽ سادين شين تي چڱو وقت پيو گذاريان تڏهين گھڻي پٺيان ڇو ڊوڙيان.“ هن جو کاڌو پيتو اهڙي قاعدي ۽ پرهيز تي هو جو ايٿنس ۾ جڏهن بيماري اچي پيئي هئي تڏهن چون ٿا ته اهوئي هڪڙو ماڻهو هو جنهن کي بيماري ڪانه ٿي. هُن جي گفتگو ڏاڍي اثرائتي هوندي هئي جنهن جي ٻڌڻ سان ڪافي ماڻهو نيڪ ۽ ڏاها ٿي پيا. هو چوندو هو ته جھان ۾ ڌن يا نسل ڪجھ نه آهي. هو چوندو هو ته فضوليءَ کان پاڻ سنڀالڻ جو ڱُڻ سڀني کان وڏو آهي ۽ جوان ماڻهن کي کپي ته هميشه آرسي ۾ پنهنجو منهن ڏسندا رهن، هن لاءِ جي سهڻا هجن ته چال به اهڙي چلن جا سندس منهن تي سُونهي. ۽ جي ڪوجھا هجن ته لياقت ۽ اهليت پيدا ڪري پنهنجي ڪوجھائي کي ڍڪين.

هن جي ملڪ جا ماڻهو قانون ۽ رواج تي هريل هئا، انهي ڪري جن ڳالهاين بابت ڪو قانون ۽ رواج مروج ڪونه هو تن بابت پنهنجن ديوتائن کان پڇندا هئا. جنهن تي سقراط کين چوندو هو ته ”اکيون پوري ٻين تي ڀروسو ڪرڻ نيڪي ڪانهي.“ اهڙي طرح اتي جي ماڻهن هن تي تهمت رکي ته هي نوجوانن کي گمراھ ٿو ڪري ۽ اسانجن ديوتائن کي گھٽ وڌ ٿو ڳالهائي. ان لاءِ زهر ڏيئي مارڻ جو پروگرام رٿيو ويو. اِها سزا ملڪ جي رسم موجب ڪنهن وڏي ڏينهن جي ڪري هڪڙي مهيني تائين مهمل رکيائون. انهي عرصي ۾ سقراط پنهنجي شاگردن افلاطون ۽۽ زينافين سان ابدي حياتي بابت ڪافي ڳالهيون ٻڌايون تن مان اڄ تائين ڪافي ماڻهو فائدو پيا پرائين. کيس شاگردن قيد مان ڀڄي وڃڻ جي صالح ڏنس، تڏهين چيائين ته ”آءُ موت کان نه ٿو ڊڄان ته پوءِ ڀڄان ڇو؟“ مهيني پوري ٿيڻ بعد خوشي سان ڏنل زهر جو پيالو پيتو ۽ دم ڏنائين.
هو عيسوي سن 468ق ـــ م اڳ ايٿنس ۾ ڄائو ۽ سن 399ق ــــ م ۾ دم ڏنائين.

ليکڪ : پروفيسر مرحوم مير غلام محمد ٽالپر

Advertisements
 
Leave a comment

Posted by on November 20, 2011 in Mixed

 

Shaheed Dolah Darya Khan – Sain G.M Syed

سومرن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ بعد انهن جي آخري حاڪم همير کي سمن قتل ڪري ان جي جاءِ تي سندن سردار اُنڙ پٽ ڀنڀه کي ڄام جو لقب ڏئي سنڌ جي گهڻي ڀاڱي تي حاڪم مقرر ڪيو. جيئن ته سنڌ جي ٻنهي بهترين گهراڻن جي مستند تاريخ اڃان تائين لکي ڪانه وئي آهي، ان ڪري انهيءَ جي حڪومت جو مفصل احوال ميسر ٿي نه سگهيو آهي. پر چچنامه ۽ تحفته الڪرام وغيرا جي مخلتف روايتن جي بنا تي 1360ع کان پوءِ ان گهراڻي جي شروعات شمار ڪري سگهجي ٿي. جا 1520ع تائين هلي اٽڪل 120 ورهيه کن حڪومت ڪيائون . ان عرصي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انهيءَ قبيلي جي سردارن جو تسلط هو جي ننڍين رياستن وانگر اندروني طور آزاد هئا ليڪن سڀئي سلامي وڏي حاڪم ڄام جي ڀريندا هئا.

اهو دور به سنڌ لاءِ امن امان، ترقي ۽ تمدن جو باعث رهيو آهي_ انهن جي دور حڪومت ۾ ڪيئي وڏا ڳوٺ ٻڏا، علم پکڙيو، هنر زور ورتو، قومي روايتون ۽ دستور به قائم رهيا. سنڌ جي غيرت، روايات،حب الوطني ۽ آزاديءَ هي حفاظت لاءِ سومرن پاڻ ملهايو ته سمن وري تهذيب ۽ تمدن کي زور وٺائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي.

هن قبيلي ڪيترائي نامور حاڪم پيدا ٿيا جن مان ڄام تماچيءَ جو خاص مشهور آهي. جنهن جي ڪينجهر جي مهاڻيءَ، نوريءَ سان رومانس جي قصي کي شاهه عبدالطيف نهايت عمده پيرايه ۾ بيان ڪري انهيءَ دور جي عمده تصوير ڪڍي آهي.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ امن امان، آبادي ۽ هنر جي زور وٺڻ ڪري آسودگي اچي ويئي هئي. مدرسه کليل هئا. هي حاڪم عالمن، شاعرن ۽ راڳ جي مجلسون ٿينديون هيون. عمديون ٻيڙيون، ان جا رنگا رنگي سڙهه ۽ ساز و سامان مجلس جي رونق کي وڌائيندڙ هئا. ڪينجهر جو نظارو نهايت عمدو هو. شاهه صاحب ان لاءِ فرمائي ٿو ته:

هيٺ جــر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪـونر ٽڙن،
ور ٿي واهوندن، ڪينجهر خستوري ٿئـي.

”شاهه“

اهڙي طرح هن گهمندي هن جي نوريءَ نالي عورت تي نظر پئجي ويئي_ هوءَ هٿين پيرين آرکيڻن هئي هن جي من “ گيرب ۽ گاءِ نه هو_ تنهن جي نيڻن راءِ کي ريجهائي ڇڏيو_ نيٺ سمي سڃاڻي ٻيڙو ٻانهن ۾ ٻڌي کڻي راڻين ۾ شامل ڪيس پوءِ ته ڄام مهاڻن تي مڙئي محصول معاف ڪري ڇڏيا ۽ اڪثر ڪينجهر جي ڪناري مجلسون ۽ محفلون ٿينديون رهنديون هيون. اٽي ماڙي ٺهرايائين سندن قبرون مڪلي ٽڪريءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي مقبري هيٺان.

ان کان پوءِ انهيءَ گهراڻي جو ٻيو مشهور حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو ڄام ڀنڀه ٿيو. هي 866هه مطابق 1462ع تي تخت تي ويٺو . سندس ڏينهن ۾ حڪومت اتر طرف وڌي بهاولپور تائين وڌي پکڙي الهندي طرف سبي تائين ته ساري موجوده سنڌ سنسدس قبضي ۾ هئي. هي پاڻ وڏو عالم هو، عالمن درويشن جي صحبت کي پسند ڪندو هو. نهايت اعلى منتظم، منصف مزاج ۽ سخي هو. هن جي حڪومت 48 سال هلي. ان وچ ۾ نهايت امن امان قائم ٿيڻ ڪري ملڪ ترقي ڪئي. هن اڳيون ساموئي يا سمانگر ڇڏي ان جي ٽن ميلن جي مفاصلي موجوده ٺٽي جو شهر نئين سر ٻڌايو. جنهن ٿوري وقت اندر مدرسن، واپار، ڪارخانن، عالمن وغيره ڪري نهايت زور ورتو. اهو سمن جي اوج جو دور هو.

نواب دريا خان هن مصنف مزاج، منتظم ۽ مردم شناس حاڪم جو وزيراعظم. ان بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ هن ڄام صاحب جي وزير لکمير وٽ نوڪر هو. سندس اصل نسل جو پورو پتو نٿو پوي. سندس اوائلي نالو قبوليو هو. هڪ دفعي ڄام نندو شڪار تي نڪتو ساڻس وزير لکمير به گڏ هو. رستي تي ڄام صاحب کي اڃ لڳي. ڄام صاحب جو نوڪر پري هو ان ڪري قبولي ڇوڪري کيس پاڻي آڻي ڏنو. ڄام صاحب ڏٺو ته ان ۾ ڪي ڪک پيل هئا. ان بابت ڄام صاحب سبب گهريو. هن جواب ۾ ٻڌايس ته قبلا جن کي سخت اڃ هئي يڪدم پاڻي پي وري سواري ڪن ها ته طبيعت تي خراب اثر پوي ها. ان ڪري ڪک وجهي ڏنم ته سائين جن آهستگيءَ سان پاڻي پين. سندس اهڙي عقل واري جواب کان ڄام صاحب متاثر ٿي کيس پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو. جتي آهستگي ٿي ترقي ڪندو تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ بعد لياقت ۽ ايمانداريءَ ڪري پهرين وزير ۽ پوءِ وزيراعظم جي درجي تي پهچي نواب خان اعظم ۽ فرزند خاص جا لقب حاصل ڪيا.کيس فوجن جي سپهه سالاري به ملي. هاڻ نواب دريا خان عرف نواب مبارڪ خان جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هي انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي مڪاني بدامنين دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان ڪري ساري صوبي جي حڪومت گهڻي وقت تائين نهايت امن امان ۽ خوش اصلوبيءَ سان هلڻ لڳي. انهن ڏينهن ۾ بابر بادشاهه سمرقند کان نڪري اچي ڪابل ۾ ديرو ڄمايو هو. شاهه بيگ ارغون ان جي خوف کان ٻئي ملڪ وسائڻ جي خيال کان سنڌ تي سندس ڀاءُ مرزا سلطان محمد جي هٿ هيٺ لشڪر چاڙهي موڪليو جن آگره، چانڊڪا، منديجا ۽ ماڇين جو ڪوٽ اچي ڦريا ۽ لٽيا. ان خبر پوڻ تي ڄام نندي وڏو لشڪر نواب دريا خان جي هٿ هيٺ ان جي مدافعت ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. جنهن هلوڪر ڳوٺ وٽ پهرين جنگ ۾ ارغونن جي لشڪر کي شڪست ڏني. جنهن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو. باقي سندس بچيل لشڪر قنڌار ڏانهن ڀڄي ويو. اها معمولي ڪاميابي ڪانه هئي. افغانستان کان ايندڙ سپاهين جو هندستان ۽ سنڌ تي ڌاڪو ويٺل هو. انهن کي اهڙي شڪست فاش ڏيڻ ڪري ڄام نندي جي حياتيءَ ۾ ارغونن سنڌ ڏي رخ نه رکيو. اها نواب دريا خان جي بهادري ۽ قابليت جو کليل ثبوت هو.

انهن ڏينهن هڪ ٻيو واقو سرزد ٿيو. جيتوڻيڪ اهو ظاهر ۾ خاص اهميت رکندڙ نه هو پر ان مان نواب دريا خان جي سياسي دانشمندي ۽ معامله فهميءَ جو پتو پوي ٿو.

سيد محمد ميران شاهه 867هه ۾ جونپور جي شهر ۾ پيدا ٿيو، جو علم پڙهي وڏي لياقت جي درجي تي پهتو هو. پوءِ روزا، زهد، تقوى ۽ وظائف جي ذريعي صاحب ڪمال ٿيو. سندس معتقدن جو چوڻ آهي ته هڪ دفعي حسب معمول پنهنجي ورد وظائف ۾ مشغول هو ته کيس اهو آواز ٻڌڻ ۾ آيوته ”تون مهدي آهين“ آخر اهو آواز مسلسل ٻڌڻ بعد هن کي سندس مهديپڻي جو يقين ويهي ويو. مسلمانن جي هڪ گروهه ۾ گهڻي وقت کان اهو عقيدو رهندو پئي آيو آهت ته آخر زمان ۾ امام مهدي پيدا ٿيڻ وارو آهي هو ساري دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪر ي دنيا تي غلبه اسلام لاءِ بيعت وٺي جهاد ڪري ساري دنيا کي زوريءَ يا خوشيءَ سان دائري اسلام ۾ آڻيندو. انهيءَ طرح سان اسلام جي پيدا ٿيڻ جي مشن تي اسلام، انسان ذات جي وچ ۾ اتحاد، امن ۽ ترقي آڻنيدو، مڪمل ٿيڻ واري آهي.

اهو عقيدو صرف مسلمانن ۾ نه ويٺل آهي پر قريبن هر عالمگير مذهب جي ڪن گروهن ۾ گهڻي وقت کان سندن نشاط ثانيه لاءِ ويٺل آهي ته منجهان ڪو ماڻهو پيدا ٿي انهيءَ مذهب کي ساري دنيا ۾ رائج ڪندو. هندن مان ڪن ۾ وشنو مهاراج جي نئين سر اوتار ٿي اچڻ بعد هندن جي دنيا تي تسلط ويهڻ جو اعتماد ويٺل آهي. اهڙي طرح حضرت عيسى جي وري پيدا ٿي دنيا کي دين مسيحي تي آڻڻ جو عقيدو به ڪن عيسائن ۾ ويٺل هو. ان عقيدي کي مدنظر رکي دنيا جي مسلمانن ۾ ڪيئي ماڻهو اهڙي دعوى ڪندي پيدا ٿي ماڻهن ۾ وقتي اتحاد ۽ جوش جاڳائي وري ختم ٿي ويا. آءُ ڪيتري دفعا پنهنجي تحريرن ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ملا جي مذهبي تشريح واري اسلام ۾ دنيا تي غلبه اسلام جو تخيل ڪن مسلمانن تي گهڻي گهڻي وقت کان ويٺل آهي. ڪن خلافت کي ان جو مرڪز بنائي انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ ڪوشش ڪئي، ڪن مجدد بنجي دين کي نئين سر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪيترا مهدي سڏائي، تبيغ ۽ جهاد ذريعي اسلام جي فروغ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڪن هاڻ ان کي پين اسلامزم جي تحريڪ سڏي ان ڏس ۾ مسلمانن کي متحد ڪرڻ جو آواز اٿاريو آهي. مطلب ته اهو عقيدو مختلف شڪلين ۾ مسلمانن اڳيان پئي پيش آيو آهي. مصر ۾ مهدوي حاڪمن جي تحريڪ شيعن جي هڪ گروهه ٻارهين امام جي گم ٿي وري آخر زمان ۾ پيدا ٿيڻ جي اميد شيخ سنوسي جي تحريڪ، مهدوي سوڊاني جي تحريڪ، سڀ انهيءَ تخيل جي پيداوار آهن جنهن جو پرچار سيد محمد ميران شاهه جونپوري ڪيو ٿي.

ڪيترا ويساهه وسوڙيل ماڻهو اڃا تائين انهيءَ اميد تي پيا هلن ليڪن اها به حقيقت آهي مسلمان درويشن، عالمن ۽ سياستدانن جو هڪ گروهه به پئي رهيو آهي جنهن کي اسلام جي اهڙي تشريح ۽ اعتقاد رهيو آهي، نه انهيءَ قسم جي تحريڪن کي ممڪن العمل ۽ صحيح سمجهيو اٿن. هن زماني ۾ علم ۽ سائنس جي واڌاري ڪري شايد اهڙا گهڻا ماڻهو نڪرن جي اهڙن فريب ده عقيدن ۾ ويساهه نه رکن، ليڪن سنڌ جهڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ پنج سئو ورهيه اڳ اهڙا ترقي پسند خيال ته اهو عقيدو غلط ۽ اڻ ٿيڻ جوڳو آهي حڪومت جي مدير نواب دريا خان طرفان ظاهر ٿيڻ غير معمولي ڳالهه هئي.

نائين صدي هجري جي آخر ۽ ڏهين صدي وارو زمانو هندستان اندر بدامني ۽ طوائف الملوڪي جو هو. بادشاهيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون ٿي. اهڙي ڪا مرڪزي حڪومت باقي نه رهي هئي جو هندستاني مسلمانن شيرازو درست ڪري غلبه اسلام آڻي. حق تي هلندڙ عالم دين گهٽ ٿي ويا هئا. پير ان طريقت جي بد عملن ڪري مسلمانن ۾ گمراهي پيدا ٿيڻ لڳي هئي. اهڙين حالتن هيٺ سيد صاحب جي نئين پيغام ۽ تحريڪ ماڻهن تي چڱو اثر پيدا ڪيو. ٿوري وقت اندر هزارين ماڻهو سندس حلقه اثر هيٺ داخل ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا مسلمان حاڪم به سندس مريديءَ جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. انهيءَ تحريڪ جا مک اصول هيٺيان هئا.

(1) هجرت ڪرڻ _ سندس چوڻ هو ته جيستائين ماڻهو قيد وطن کان آزاد ٿي گهر ٻار جو آسانگو لاهي لڳ لاڳاپا ڇڏي مهدوي تحريڪ ۾ شريڪ نه ٿيو آهي ان وقت تائين منجهس ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي هئي. ان راهه ۾ ترڪ وطن ضروري هو. موجوده زماني ۾ علامه اقبال جو وطن کي بت سڏي ، نظريه جي بنياد تي بين الاقوامي لاڳاپن جي جدا قوم بنائڻ، ڪم و پيش ان ساڳي تخيل جي پيداوار آهي.

(2) ترڪ مال _ سندن رايو هو ته غلبئه اسلام جي راهه ۾ ٻي جا رنڊڪ هئي سا شخصي مال ملڪيت جي محبت هئي. ان ڪري ان تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر پوئلڳ جو فرض ٿيو پوي ته هو ساري ملڪيت مهدوي تحريڪ جي حوالي ڪري غلبئه اسلام جي لاءِ، ڪم آڻڻ ۾ مدد ڪري.

(3) جهاد_ ٽيون شرط ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو هو ته ان جو پوئلڳ سڀ لاڳاپا لاهي سر تريءَ ته رکي خوف خطرا ڦٽا ڪري تلوار هٿ ۾ کڻي مهدي جي حڪم تي غلبئه اسلام لاءِ لڙي.

مذهب جي نالي تي ماڻهن کي استعمال غرضي ( ايڪسپلائيٽ ) ڪرڻ جا تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا. يورپ جون صليبي جنگيون ان جو هڪ مثال آهن، جتي نيٺ گهڻي غور فڪر ۽ تجربي بعد ماڻهو ان نتيجي تي پهتا ته ڪنهن هڪ مذهب کي آخري ۽ مڪمل سمجهي، دنيا تي زوريءَ تسلط ڪرڻ جو خيال فرسوده ۽ خودفريبيءَ کان مٿي نه هو. سڀني مذهبن پٺيان بنيادي وحدت سمايل هئي. جنهن جو مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي ۽ فلاح بني آدم هئا. اهي مقصد محبت . تاليف قلوب، اهنسا ۽ باهمي سمجهوته، اخلاقن جي درستي ۽ نفسي اصلاح جي ذريعي حاصل ٿيڻا هئا. نه چند عقيدن ۽ دستورن جي مذهب کي جهاد ذريعي دنيا تي زوري مسلط ڪرڻ سان. جڏهن سيد محمد ميران شاهه سنڌ ۾ آيو ته ڪيترا ويساهه وسوڙيل ۽ پراڻي خيال جا عالم ۽ ماڻهو ان تحريڪ جي طرف ڇڪجي ويا ۽ ان جي حلقه اثر ۾ اچڻ لاءِ آماده ٿيا. سيد صاحب جڏهن ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي وٽ آيو ۽ سندس تحريڪ جي مقاصد کان واقف ڪري کيس پنهنجي حلقه اثر هيٺ آڻن لاءِ ڪوشش ڪلرڻم لڳو ته ان وقت نواب دريا خان صحيح راءِ قائم ڪري ڄام صاحب کي هن جي حلقه اثر ۾ اچڻ کان روڪي ميزبانيءَ جا فرائض ادا ڪري جلد بنان مطلب حاصل ڪرڻ جي کيس اجازت ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو. ان مان نواب دريا خان جي قوم پرست خيالن ۽ سياسي تدبر جي پختگي معلوم ٿئي ٿي.

جيتوڻيڪ ڄام صاحب جي درٻار سان تعلق رکندڙ قاضي قاضن ۽ ٻيا هن جا معتقد بنجي ويا.

هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي ته نواب دريا خان کي ڄام صاحب طرفان ڳاهن جي پر ۾ موجود ٽلٽي جي نزديڪ جاگير مليل هئي، جتي سندس فرزند رهندا هئا، ۽ پاڻ به اڪثر اوڏانهن ويندڙ هو.

اتي جو مخدوم بلاول عليه الرحمته سمه خاندان مان هو باغبان ۾ رهندو هو. نواب صاحب ان جو عقيدتمند ۽ صحبتي هو. تنهن ڪري مخدوم صاحب جا سڀ خليفه ۽ خاص ڪري سيد حيدر عليه الرحمته سن وارو نواب صاحب جا دوست ۽ واقفڪار هئا. خوشقسمتيءَ سان مخدوم صاحب ۽ سندس حلقه اثر جا درويش به نواب صاحب جا هم خيال هئا. اهو پتو پوڻ مشڪل آهي ته اهڙا خيال نواب صاحب جي ڪري مٿين درويشن تي پيا هئا يا انهن جي صحبت نواب صاحب کي انهيءَ خيال جو بنايو هو.

سيد محمد ميران شاهه ڄام صاحب کان رخصتياب ٿي ٻيڙين جي قافلي ذريعي دريا رستي سنڌ مان سندس تحريڪ جي تبليخ ڪندو سکر طرف افغانستان ڏي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.

مخدوم بلاول عليه، سيد عبدالرزاق لڪياري ۽ نواب صاحب ان تحريڪ کي ملڪي سالميت ۽ قوم پرستي جي اصولن خلاف سمجهي مشورو ڪري سيد حيدر علي شاهه سن واري هٿان سيد محمد ميران شاهه جي ٻيڙين جي قافلي کي ٻوڙائي ڇڏيو. جنهن ڪري سيد صاحب سندس تحريڪ لاءِ حالتون ناساز گار ڏسي سنڌ ۾ وڌيڪ تبليغ بند ڪري سڌو خشڪيءَ رستي افغانستان هليو ويو. ان جو وڌيڪ احوال مخدوم صاحب جي زندگيءَ ۾ ڏنو ويندو. سنڌ جي بدقسمتيءَ سان ڄام نظام الدين صاحب 914هه مطابق 1508ع وفات ڪئي. سندس وفات مهل ڄام صاحب نواب صاحب کي سندس پٽ جي پارت ڪئي.

ان کان پوءِ ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين ڄام سنجر جي پوٽي جي وچ ۾ گاديءَ تان تڪرار ٿي پيو جنهن ۾ نواب دريا خان جي مدد سان ڄام فيروز ڪامياب ٿيو. جنهن تي ڄام صلاح الدين گجرات طرف سندس ناٺي سلطان مظفر وٽ رهڻ لڳو.

ڄام فيروز نوجوان هو، گهڻو وقت راڳ روپ ٻڌڻ، ڇوڪرين جي ناچ ڏسڻ، مسخرن جي صحبت ۽ ٻين اهڙي قسم جي عياشي ڪمن ۾ گذاريندو هو.

حڪومت جو ڪاروبار سمورو نواب دريا خان جي مٿان وڃي پيو. پيدائش جي زياده ٿيڻ ڪري شاهي خاندان جا فرد ۽ درٻار سان لاڳاپي وارا ماڻهو فضول خرچ ۽ ڇڙواڳ ٿي ويا هئا. جن جي ڪارگذارين تي نواب صاحب کي سختي ڪرڻي پيئي. ان تي ڄام صاحب ۽ نواب صاحب جي وچ ۾ شڪر رنجي ٿي پيئي. تنهن ڪري وزارت مان استعيفا ڏيئي اچي سندس جاگير ڳاهڻ ۾ رهڻ لڳو. ان کان پوءِ ڄام فيروز جي رنگ رلين تي نظر ڪرڻ وارو ڪونه بچيو . ڄام فيروز ان تي اڪتفا نه ڪئي پر نواب دريا خان جي طاقت ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيبڪ ارغون ۽ ٻين ٻاهرين ماڻهن کي نوڪريءَ ۾ رکيو. ڄام فيروز هڪ خاص محلا انهن جي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو جو مغل واڙو سڏجڻ ۾ ايندو هو.

ان حالتن کي ڏسي ان مغلن مان مير قاسم ڪيبڪ شاهه بيگ ارغون کي لکي موڪليو ته ڄام جي حڪومت ڪمزور ٿي وئي آهي ڄام صاحب سندس عياشين ۾ مشغول آهي، نواب دريا خان هن کان جدا ٿي ويو آهي، ميدان خالي اٿئي، موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي. ان شاهه بيگ ارغون وري سنڌ تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، پهرين سکر، پوءِ سيوڻ فتح ڪيا. آخر ۾ ٺٽي تي ڪاهي ويو. تڏهن ڄام جي اک کلي هن نواب دريا خان کي گهرائي ورتو. حالتون خراب ٿي چڪيون هيون. باوجود ان جي نواب صاحب آخري دم تائين سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ عزت خاطر لڙندو رهيو ۽ شهيد ٿيو. لڙائي هلندي ڄام فيروز ڀڄي وڃي پير پٺي طرف لڪو جتان آخر شاهه بيگ کي رحم جي درخواست ڪري معافي وٺي صلح جا شرط قبولي ارغونن جي تابع ٿي هڪ محدود ٽڪري تي رهڻ لاءِ رضامند ٿيو.

نواب صاحب سنڌ جي آزادي خاطر سر ڏيندڙ، سورمن، مدبرن ۽ صحيح رايا رکندڙ محب وطن مان مکيه هو. ان کي تنهنڪري سنڌ لاءِ شهيد ٿيندڙ ۾ ٽيون نمبر شمار ڪريون ٿا.

ان جي مزار سندس مربي ڄام نظام الدين جي الهندي طرف مڪلي ٽڪريءَ تي آهي.

سنڌ جو مشهور مورخ سيد پير حسام الدين راشدي مڪلي نامه ۾ سندس هيٺين خيالن جو ا اظهار ڪري ٿو: ” نواب دريا خان ابتدا ۾ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاهه منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏسي، پاڻ وٽ آڻي اعلى تربيت ۽ تعليم ڏيئي معمولي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙهي کيس وزير اعظم جي درجي تي آندو، سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد ڪئي. مبارڪ خان، خان اعظم جا خاص خطاب ڏيئي سندس مرتبو بلند ڪري آخر کيس پنهنجي فرزند جي لقب سان سرفراز ڪري عروج ۽ اقبال جي آخري منزل تي پهچايو“.

مردم شناس سلطان جي منتخب ڪيل ماڻهو، سندس ڪارڪردگي سبب بادشاهه جي زندگيءَ ۾ نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي سموري سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو. بلڪ سندس وفاتيءَ کان بعد به اهو اڪيلو امير هو جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مسلسل جدوجهد جاري رکي، پنهنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. اول ۾ دره بولا خان وٽ پهچي کين شرمناڪ شڪست ڏيئي پٺتي هٽايو. آخر ۾ ٺٽي جي چائنٺ وٽ لڙندي وڙهندي تير ۽ تلوارون هڻندي ۽ کائيندي پنهنجو سر صدقو ڪري ڇڏيو.

ان کان پوءِ ” خرابي سنڌ “ جو باب کلي پيو. جنهن نه صرف ٺٽي بلڪ ساري سنڌ لاءِ غيرن جي غلاميءَ جو رستو هموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو. اهو واقعو 926هه مطابق 1420ع تي سرزد ٿيو.

ان کان پوءِ سنڌ 1131هه مطابق 1719ع تائين غيرن جي غلامي هيٺ رهي. جنهن کي ميان نور محمد صاحب ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ مٿي کنهڻ فرست ملي. پر سندس ڏينهن ۾ نادر شاهه جي ڪاهه وري سنڌي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.

حق ته اهو آهي ته ههڙي بهادر، سرويچ، مدبر شهيد سنڌ جون سال بسال ورسيون ملهائي يادگار قائم ڪريون.

بنا ڪرند خوش رسمي، بخون و خاڪ علطيدن
خـدا رحمت ڪند ايـن، عـاشقان پاڪ طينت را.

معنى_ خدا رحمت ڪري انهن پاڪ صفت عاشقن تي جن پنهنجا رت هاري سندن بهادري ۽ قربانيءَ جا مثال قائم ڪري ڇڏيا آهن. وري پير حسام الدين شاهه مڪلي نامه ۾ لکي ٿو ته: –

” نواب دريا خان سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ محڪم ڪيو. ان جي فوجي، سياسي، خواهه سماجي ۽ اقتصادي صورت کي اهڙيءَ ڪريءَ تي بيهاريو جو مورخن جو متفقه قول آهي ته اهڙو زمانو سنڌ نه پهرين ڏٺو نه پوءِ. .انهيءَ ۾ تعميري، رفاهي صلاحيتن سان گڏ منجهس آزادي ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو رنگ هو اهو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه زنده ۽ پاينده رکندو. سر جا سانگا لاهي وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪو جدوجهد ڪيو اهو سنڌ جي تاريخ ۾ مثالي آهي.

سندس سمورو خاندان انهيءَ رنگ ۾ رتل هو. سندس سڀئي مٽ مائٽ، دوست، خواه، جري جوان ۽ بهادر هئا، علاوالدين منجهان عالم نڪتو. محمود خان ۽ موٽڻ خان سپاهي مرد هئا. پڇاڙي سوڌو ارغونن سان خوب وڙهيا. سارنگ خان چوٿون نمبر فرزند هوس جو به پنهنجو مٽ پاڻ هو“.

 
Leave a comment

Posted by on November 8, 2011 in Personalities