RSS

G.M Syed (The Great Personality)

16 آڪٽ
جي ايم سيد: جيئن ڏٺو هو مون!

 

اعجاز منگي

مائوزي تنگ جون اڪثر لکڻيون منهنجي نظر مان گذريون آهن، مون هن جي اها شاعري به پڙهي آهي، جيڪا هن انقلاب جي وسيع تر مفادن ۾ ڪئي هئي. پر هن جي ان جملي جو جوڙ مون کي اڄ ڏينهن تائين ڏسڻ ۾ نه آيو آهي، جيڪو جملو هن هڪ آمريڪي صحافي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو. مون کي يقين آهي ته ان شام مائو پڪ سان پيتل هوندو، جنهن نما شام جو هن کان آمريڪي صحافي پڇيو هو ته دنيا لاءِ ڳوڙهي ڳجھارت بڻيل مائوزي تنگ ڪير آهي؟ ۽ ان صحافي پنهنجن ياد گيرين ۾ لکيو آهي ته انهي سوال تي سوچيندي مائوءَ جي مک تي پراسرار مرڪ اڀري آئي ۽ هن بند اکين سان، ڪنهن منظر کي ڏسندي چيو ته مائو چين جي تنها ڳوٺ جي ويران پيچري تي هلندڙ هڪ اهڙو فقير آهي، جنهن جي مٿان موسلاڌار مينهن وسي رهيو آهي ۽ هن جي ڇٽي ڦاٽل آهي.

۽ هاڻي مون کي جڏهن به مائو جي سار ايندي آهي ته منهنجي تصور ۾ وسيع پس منظر وارو هرن ڀرن کيتن جي وچ ۾، ڊگھن وڻن سان ڍڪيل اهو پيچرو نظر ايندو آهي، جنهن جي مٿان ڪنهن مسافر جو ڪوئي پاڇو ڪونهي. پوءِ منهنجي دل چاهيندي آهي ته تصور جي اهڙي تصوير جي هيٺيان غالب جو اهو شعر لکي ڇڏيان ته:

هر اڪ مڪان ڪو هي، مڪين سي شرف اسد
۽
مجنون جو مرگيا تو جنگل اداس هي!

هر ماڻهو جو پنهنجو فڪر ۽ پنهنجي نظر آهي. منهنجي اندر جي اکين ۾ به جي ايم سيد جي اهڙي تصوي اڀرندي آهي. کيرٿر پهاڙن مان گذرندڙ اها راهه جيڪا بنهه اڪيلي آهي، جنهن جي چوڌاري سنڌو ديش نالي خواب جو ڳوٺ ننڊ جي ڳهر ۾ آهي، ۽ مٿان تيز بارش وسي رهي آهي. جهنگ جي وسيع ٻانهن ۾ سمائجي ويل ڳوٺ، جنهن جي تصوير، غالب جي اها تحرير بڻيل آهي ته:

هر اڪ مڪان ڪو هي، مڪين سي شرف اسد
۽
مجنون جو مرگيا تو جنگل اداس هي!

۽ اهو انسان مجنون ئي ته هو جنهن سنڌ کي ليلٰي سمجھيو. هن کي پنهنجا سمورا ساٿي سنگتي ديوانو سڏيندا هئا. پر هن جي پيار ڀري ڪردار جو احترام ڪرڻ انهن لاءِ لازمي هو، هن وٽ محبت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. ان ڪري آخري ڏينهن ۾ هو اياز جي ان نظم تي سڏڪا ڀري رنو هو ته:

هو مون کان ڇا لاءِ ڊڄن ٿا
مون وٽ پيار سواءِ ٻيو ڇاهي؟

ڪالهه هو پاڻ ٻين شخصيتن جي حوالي سان اها شڪايت ڪندو هو ۽ اڄ خود هن لاءِ اها شڪايت ڪرڻي ٿي پوي ته هن جبل جهڙي انسان جي مٿان تر جيتري تحقيق به نه ٿي آهي. جيتوڻيڪ هن جي وفات کانپوءِ جلال محمود شاهه هن جي شخصيت کي ميڙي سهيڙي اجاڳر ڪرڻ جو ذمو کنيو هو پر هن کي اٿندي ئي پاور پاليٽڪس جي ٽافين جي اهڙي عادت پئي جو هن کان اهو بنيادي ۽ بيحد ضروري ڪم وسري ويو. اسان جا دانشور ڪرسي _ ڪريز ۾ مبتلا آهن. انهن کي ڪو پتو ڪونهي ته جي ايم سيد جي ذات جي ڪهڙن پهلوئن ۾ پتوڙ ڪري سگھجي ٿي، باقي هڪ پروگرام جو پوسٽر نه لکي سگھندڙ ڪارڪنن تي ڪهڙو معيار!. هاڻي پاڻ حڪومت کان نه اهو مطالبو ڪرڻ کان رهياسين ته سرڪار جي ايم سيد جي شخصيت جي اوک ڊوک ۽ اوچائي لاءِ ڪو ادارو قائم ڪري. اهڙي ريت کيرٿر جهڙي شخصيت اڻڄاڻائي جي جھڙ جي اوٽ ۾ آيل آهي. جڏهن سنڌ ۾ واعدن وارو سج اڀريو ته ڪيترن ئي چٽي ٿيل منظرن مان جي ايم سيد جي اداس جهنگ جو به هوندو.

اهو جي ايم سيد جنهن منصور ۽ ميڪاولي جي وچ ۾ ميلاپ ڪرائڻ جي بي نيازي ڪوشش ڪئي. نه ته تصور ۽ سياست جي وچ ۾ ڪهڙي هڪ جھڙائي؟. پر هن جو فقيراڻو خيال نهايت جدلياتي بنياد رکندڙ هو. جي ايم سيد پنهنجي نياري نظريي جا بنياد بيحد مضبوط ۽ حقيقي رکيا پر هن سان الميو اهو ٿيو ته هن کي اهڙي ٽيم نه ملي سگھي، جهڙو هو پاڻ هو.

ائين ناهي ته جي ايم سيد اڪيلو رهجي ويو ۽ هن کي ماڻهو نه ملي سگھيا، شيخ اياز کان وٺي جمن دربدر تائين سنڌ جا سمورا شاعر، حفيظ قريشي کان وٺي مير عالم مري تائين سمورا مقرر، آريسر کان وٺي آصف بالادي تائين سنڌ جا سمورا دانشور ۽ وڏن ڦڏئين کان وٺي ننڊن ڦڏائين تائين سنڌ جا سمورا ڏنگا ڪردار هن سان ساڻ رهيا. اڄ به سنڌ جي هر ستين گھر ۾ جي ايم سيد جي تصوير موجود آهي. هو سن تائين محدود هجڻ باوجود پوري سنڌ سان تعلق ۾ آيو. سنڌ جي قومپرستي جي سڃاڻ بڻيل، اهو انسان گمنامي ۾ نه گذاري ويو، پر هن کي پاڻ جهڙو هڪ به ماڻهو ملي نه سگھيو ۽ نه هو پنهنجي فڪري ۽ سياسي پورهئي سان ڪو هڪ به جي ايم سيد جوڙي سگھيو. اهو هاڃو صرف جي ايم سيد سان لاڳاپيل ناهي پر عالمي اتهاس جي اڪثر قدآور شخصيتن پنهنجي پويان پنهنجو تسلسل جاري رکڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪيو آهي. اڄ چين ۾ ڪو مائو ڪونهي، ائين جيئن روس ۾ ڪو لينن ڪونهي، بوليويا ۾ ڪو چي گويرا ۽ انڊيا ۾ ڪو گانڌي ڪونهي، اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪو جي ايم سيد ناهي. ڪو اهڙو انسان جنهن جي سنڌ سان محبت هر شڪ، هر لالچ ۽ هر خوف کان بلند هجي. ان ڪري سنڌ جو مشن به ٻين عالمي انقلابن وانگر اڪيلو ٿي، بي اثر بڻجي، ميسارجي رهيو آهي.

اصل ۾ فقط پاڪستان ڊاهڻ ۽ سنڌو ديش ٺاهڻ جو نعرو هڻڻ سان ڪوئي قومپرست جي ايم سيد نه ٿو بڻجي. جي ايم سيد ٿيڻ لاءِ وجود جي گرجا گھر ۾ جبر ۽ خوف جي سموري رات دوران جلڻ ضروري آهي. جي ايم سيد جو جيون، جل جل شعل، جل جل، جيان هيو.

جي ايم سيد جي سنڌوديشي تصور کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته اڳ ۾ خود جي ايم سيد کي سمجھيو وڃي ته هو ڇا هو؟ هن وٽ عالمي ادب، فڪر ۽ اتهاس لاءِ وڏو احترام هو. هو بائيبل کان وٺي برٽرانڊ رسل جي ڪتابن تائين اولهه جي سموري قلمي پورهئي کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو هو پر هن جو روح فقيري رمزن سان ريجھيل هو هن کي سنڌ جي غريب ۽ مسڪين صوفي فقيرن ۾ اهڙي ڏيا ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سان هن کي لڳو ته هڪ حسناڪ جھان جوڙي سگھجي ٿو. پر ان جهان جي جوڙجڪ جي ايم سيد نالي اڪيلو انسان ڪيئن ڪري ٿي سگھيو. ان ڪري هن پاڻ جهڙن ماڻهن جي تلاش ڪئي پر ان تلاش دوران هن کي هميشه مايوسي ملي. سنڌ جي خاموش ڪنڊ سن ۾ ويهي، هن سنڌ لاءِ جيڪا گھري ميڊيٽشين ڪئي، ان ۾ هن کي محسوس ٿيو ته سنڌ جي فقيرن جي گودڙي ۾ امن ۽ محبت جا جي املهه موتي موجود آهن، جيڪي جهان جي جوهرين جي آڏو اعتماد سان رکي سگھجن ٿا. پر افسوس ته هن جي ڪتابن جا اردو ترجما به هن جي وفات کانپوءِ ٿيا. جيڪڏهن هن جي فڪر جو فهم اولهه واسين تائين پهچي وڃي ها ته جي ايم سيد ايترو نظر انداز نه ٿئي ها. هن پنهنجي اظهار لاءِ سنڌ جي مٽي جي مهڪ کي ڪتب آندو، سنڌ هن جي آواز ذريعي پنهنجا سور اورڻ لڳي. سنڌ ۾ پاڻ جهڙا سنڌوديشي مسافر ڪٺا ڪرڻ ئي هن جي جيون جو مشن هو. اهو ئي سبب هو ته جڏهن هن کان سنڌوديش جي قيام جو سن پڇيو ويندو هو ته هو اڪثر شاه جي اها سٽ جھونگاريندو هو ته:

جي قيام مڙن، ته به اوڏا ڀائنج سپرين!

جي ايم سيد ڪيترائي ڀيرا ان حقيقت جو اظهار ڪيو ته اسان جو مقصد صرف ۽ صرف سياسي معنيٰ ۾ سنڌو ديش جي حاصلات ناهي پر ان راهه تي هلندي پنهنجي ذات کي اجاگر ڪرڻ ئي اسان جو مقصد هجڻ گھرجي.

هونءَ ته ڪاميابي ۽ ناڪامي جو فلسفو نهايت پيچده آهي. ڇو ته ڪڏهن عارضي ڪاميابي مستقبل ناڪامي جو ڪارڻ بنجي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن عارضي ناڪامي ابدي سوڀ جو سبب ٿي اڀرندي آهي پر جي ايم سيد جي جيون کي سامهون رکي نهايت محبت سان تجزيو ڪبو ته اهو معلوم ٿي سگھندو ته هن جون سموريون قلمي ۽ زباني ڪهچريون هن جي قافلي کي تصوف جي رنگ ۾ نه رنگجي سگھيون. جي ايم سيد بنيادي طور تي سنڌ جي صوفي سلسلي جو سڄاڻ ۽ سوبر تسلسل هو. هن سنڌوديش جي نالي سان ان تسلسل کي برقرار رکندي، کيس بين الاقوامي افق تي اڀارڻ ٿي چاهيو. هن کي معلوم هو ته انساني ذات جي اصل عظمت تصوف ۾ آهي. تصوف انسان کي خسيس پڻي جي سطح تان مٿي کڻي کيس اشرف ۽ اعليٰ بڻائي ٿو. ان ڪري هن مسلسل سنڌ جي صوفي فقيرن جي سڃاڻ تي زور ڏنو. پيغامِ لطيف هن جي سياست جو بنيادي منشور هو. پر هن جو سمورو علمي پورهيو ٻين جي لاءِ نه پر خود هن جي پنهنجي ساٿ لاءِ هو. جي ايم سيد جي سڀ کان وڏي خواهش اها هئي ته هن جي ساٿ ۾ اهڙا ماڻهو هجن جن کي ڏسي ۽ ٻڌي لطيف جا بيت ياد اچڻ لڳن. هن کي انهي حقيقت جي پروڙ هئي ته جيسيتائين قومپرست ڪارڪن سنڌوديش جي سفيرن جيان سياست جي اسٽيج تي نه ايندا تيسيتائين سوڀ جي صورت نروار نه ٿيندي. انهي مقصد جي حاصلات لاءِ هميشه هن کي دک ڏيندي رهي. جي ايم سيد جي جيون ۽ سياست جو پيچرو کيرٿر پهاڙن جي خوبصورت پس منظر ۾ هڪ صوفي وادي طرف ويندڙ هو، هو انهي پيچري جو اڪيلو مسافر هو. جڏهن هن جي ساهن جو سفر پورو ٿيو ته انهي پس منظر مان هن جي وجود جو اهو منظر مٽجي ويو، جنهن کي مائو انهن لفظن ۾ پيش ڪيو هو. منهنجي نظر ۾ جي ايم سيد سنڌ جو اهو درويش صفت صوفي انسان هو، جيڪو سياست جي سڀ کان ڏکئي پيچري تي سچائي جي تلاش ۾ نڪتل هو. هن جي مٿان ملامتن جو تيز مينهن وسندو رهيو ۽ هن جي ڇٽي به ڦاٽل هئي جنهن سبب هو ننهن کان چوٽي تائين ڀڳل هو، پر هن جي پهراڻ جي آلاڻ کي نپوڙي فرشتا وضو ٿي ڪري سگھيا. ان جي ايم سيد جي پڄاڻان هن جي تصورن جو ڀنڀور اجڙيل آهي.

اڄ سنڌ جو سياسي جھنگ هن مجنونءَ پڄاڻان ڪيترو اداس آهي؟ ان سوال جو جواب عبدالواحد آريسر کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ڏئي سگھي!!؟.

تعميرِ سنڌ، خميس 25 اپريل 2002ع

 
2 رايا

Posted by on آڪٽوبر 16, 2011 in Articals

 

2 responses to “G.M Syed (The Great Personality)

  1. Masroor Pirzado

    January 19, 2015 at 11:08 AM

    Thank you for your services… well done… Can i see/ read more columns of Aijaz Mangi???

     

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: