RSS

Monthly Archives: September 2011

Shah Abdul Latif Bhitai-Kalyan Adwani.

شاھ صاحب جي زندگيءَ جو

احوال
(شاھ جو رسالو)

شاھ عبدالطيف ڀٽائي سنه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلع جي ھلا تعلقي ۾ ، ھالا حويليءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. شاھ عبدالطيف ، سيد حبيب الله شاھ جو پٽ ، سيد عبدالقدوس شاھ جو پوٽو ۽ سيد جمال شاھ جو پر پوٽو ھو. سيد جمال شاھ، شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ٽيون پٽ ھو. شاھ ، تاڃيءَ پيٽي سيد ھو. سندس والده به مخدوم دياني جي خاندان مان ھئي. مخدوم دياني جو مقبرو، پراڻن ھالن جي اڀرندي طرف آھي. شاھ جي ڄمڻ کان ٿورو ئي پوءِ، شاھ حبيب ھالا حويليءَ مان لڏي ، وڃي ڪوٽڙيءَ ۾ رھيو. ھالا حويلي، ڀٽ کان نوَ ڪوه پري آھي ۽ ڪوٺڙي ٻه ڪوه . ٻئي ڳوٺ ھاڻ ويران پيا آھن.
چون ٿا ته شاھ حبيب، پنھنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشھور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو. وائيءَ جو ڳوٺ، ڀٽ کان ڇھ ۽ اُڏيري لعل کان ٻه ڪوه پري آھي. چون ٿا ته شاھ (الف) اُچاري (ب) چوڻ کان نابري واري. شاھ صاحب اُمي (اڻ پڙھيل) ھو يا نه، تنھن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آھن. ڪن صاحبن جو رايو آھي ته ھو ھڪ يگانو عالم ھو، ۽ ڪن صاحبن جو رايو آھي ته مٿس “ علم لدني ” نازل ٿيل ھو، جو ڌڻيءَ جي طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آھي.
شاھ صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ھمراه ھوندا ھئا. قرآن شريف ، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو.
اِنھن ڪتابن تي ڪنھن به ھنڌ ڪجھ لکيل ناھي ، جنھن کي شاھ جو دستخط چئجي. مير علي قانع ٺٽوي ، جو شاھ جو معتقد ھو ۽ سندس ئي زماني ۾ رھندو ھو. سو پنھنجي ڪتاب ( تحفت الڪرام ) ۾ لکي ٿو ته:
”اگرچه حضرت شاه عبدالطيف اڻ پڙھيل ھو ته به ساري عالم جو علم، سندس دل ۾ لڪل تختيءَ تي لکيل ھو.“ ”تحفت الڪرام“ ، شاه صاحب جي وفات کان صرف سورنھن سالن پوءِ، يعني 1768ع ۾ لکيل آھي. اِنھيءَ ڪري ڪي عالم ، اُن کي ھڪ اھم سند ٿا سمجھن . حقيقت ۾ ، عارفن ۽ اوليائن جو ذڪر ڪندي ، مير علي شير وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آھي. سندس دفتر مان ڪو خاص تواريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي.
روايت آھي ته شاه ويھنن ورھين جو ھو ته کيس مجازي محبت جا ڪان لڳو. چون ٿا ته ڪوٽڙيءَ جي مرزا مغل بيگ جو شاه حبيب ۾ ڪامل ويساه ھو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنھنجي گھر ۾ وٺي ويندو ھو. ھو اَرغون ھو ۽ سندس گھر ۾ سخت پردو ھوندو ھو. سندس گھر ۾ ڪو اَگھو ٿي پوندو ھو ته مرشد کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ويندو ھو. قضا سان، ھڪ دفعي سندس نياڻي بي چاڪ ٿي پيئي . اتفاق سان ، ساڳئي وقت شاه حبيب جي طبيعيت به ناساز ھئي. اِنھيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي ، پنھنجي پُٽ عبدالطيف کي ساڻن وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. شاه ، مغل جي دختر جو حسن ڏسندي بيخود ٿي ويو، ۽ سندس آڱر پنھنجي ھٿ ۾ جھليندي ، چيائين : “ جنھنجي آڱر سيد ھٿ ۾ ، تنھن کي لھر نڪو لوڏو.”
اِھي سخن سڻي، مرزا ۽ سندس عزيز غضي ۾ لال ٿي ويا، پر ٻاھرين صبر اختيار ڪيائون. اُن کان پوءِ اندران ئي اندران ، سيدن کي اھڙو تپائي کنيائون جو ھو لاچار ٿي ، ڪوٽڙي ڇڏي، اُتر طرف ڪجھ مفاصلو پري، وڃي ڌار حويليءَ اَڏي ويٺا.
عشق جي ڪان لڳڻ کان پوءِ ، شاھ ھرڻ ۽ ھما وانگر ، صحرائن ۽ بيابانن ۾ سرگردان ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو ھو. ھڪ دفعي ته ٽي ڏينھن سانده ، ھڪ ھنڌ غش ئي غش پيو ھو. سندس جسم تي واريءَ جا تھه چڙھي ويا ۽ رڳو سندس ھڪ ڪپڙي جو پلاند ٻاھر پئي ڏٺو. قضا سان ھڪ پنوھار جي وڃي مٿس نظر پيئي، جنھن سارو احوال وڃي شاه حبيب کي سڻايو. شاھ حبيب اُڏامندو اَچي اُنھيءَ ھنڌ پھتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين:
”لڳي لڳي واءُ ، ويا اَنگڙا لٽجي.“
شاھ بيخوديءَ جي حالت مان ڇڙڪ ڀري اُٿيو ۽ ٺھه پھه جواب م چيائين:
”پيئي کڻي پساه ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“
ڪي شعوري ماڻھو ان خيال جا آھن ته ھن شعوري زماني ۾ ، اَھڙي روايت کي “ ڏند ڪٿا ” ڪري شمار ڪرڻ جڳائي ۽ انھي کان گريز ڪرڻ يا ڪنارو ڪرڻ واجب آھي.
ھڪ ڏينھن ، شاه ، اوچتو ئي اوچتو ، بنا ڪنھن کي ٻڌائڻ چتائڻ جي ، جوڳين جي سنگ ۾ ، ھنگلاج ڏانھن ھليو ويو. ڏسجي ٿو ته ساڻن گنجي ٽڪري واري واٽ وٺي ويو ھو ، ۽ سندس صحبت ۾ ٽي ورھيه سفر ۽ سياحت ۾ رھيو. جوڳين جي صحبت ۾ ، جيءَ کي اَنيڪ جفائون ڏنائين، جھاني تجربا پرايائين ۽ املھه آتمڪ خزانا ھٿ ڪيائين. ھنگلاج ڏانھن ويندي جيڪي ھنڌ ۽ مڪان ڏٺائين ، تن جو ذڪر سسئي وارن سرن، کاھوڙي ، رامڪلي وغيره ۾ ڪيو اٿس. ھنگلاج کان موٽندي ، شايد ٺٽي کان سنڌو نديءَ وارو پتڻ اُڪري ، مغلين، لکپت ، ھالار، دوراڪا، پوربندر، جھونا ڳڙھ، گرنار ۽ کنڀاٽ گھميو آھي. چون ٿا ته ٺٽي ۾ مخدوم معين ۽ ٻين عالمن فاضلن سان به رھاڻيون ڪيائين. مخدوم معين کي ” مخدوم تارو“ به چوندا ھوا. وطن ڏانھن ورندي، جلسمير ۽ ٿر به گھمندو آيو ٿو ڏسجي. ” سر مارئي “ ۾ ٿر جي نظارن ۽ ٿرين جي زندگيءَ جو اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس. ممڪن آھي ته جليسمير کان پنج ڪوه پري ، لڊاڻو ٽڪري ۽ ان سان لڳل ڪاڪ ڪنڌي به ڏسي آيو ھجي. ” سر مومل راڻو“ اھڙي شاھدي ڏئي ٿو.
ساري ڏج، سيد چئي ، لڊاڻي تان لاه.
ننگر ٺٽي ڏانھن ورندي ، ھڪ غار ۾ ھڪ شخص کي ڏٺائين ته ھيءَ مصرع ، نھايت دردناڪ نوع ۾ پيو چوي:
ھيڪليائي ھيل ، پورينديس پنھونءَ ڏي.
پُڇڻ تي معلوم ٿيس ته ھو ھڪ جت ھو، ھالن جي ڀرسان لنگھندي ، فقيرن جي واتان اِھا مصرع ٻڌي ھوائين. شاه چيس ته ” جي چاھين ته بيت جون باقي ٻه مصراعون به سڻاياءِ.“ انھيءَ تي جت خوشي ڏيکاري. شاھ تنھن تي ٻي مصرع چئي ٻڌايس:
آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل
ٻي مصرع ٻڌندي ئي ، جت وجد ۾ اچي ويو ۽ ٽي مصرع ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿيو، جنھن تي شاه ٽي مصرع چئي ٻڌايس:
ته ڪري ٻيلي آھن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.
شاھ جو بيت ختم ڪرڻ ۽ جت جو فوت ٿيڻ. شاه جي ارمان ۽ عجب جي حد نه رھي. پوءِ جت کي اُتي دفن ڪيائين. اُنھيءَ جت جي قبر اڃان تائين واٽھڙن کي ڏسڻ ۾ ايندي آھي. شاھ اڪثر چوندو ھو ته ” انھي جت جھڙو درد وارو انسان، مون ڪڏھن ڪونه ڏٺو.“
شاه حبيب ، پٽ جي فراق ۾ بيحال ٿي پيو ھو ، ۽ رات ڏينھن ، پيو ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو ھو، ته سندس پٽ کيس وري سلامت اچي ملي.
مخدوم نوح جي درگاھ به ، ھر روز اِھائي دعا پنندو ھو. ھڪ ڏينھن اوچتو ئي اوچتو ، شاھ عبدالطيف اچي پنھنجي گھر سھڙيو. پيءُ جون اکيون ٺري پيئون، ورھين جو وڇوڙو ھڪ کن ۾ لھي ويو.
شاھ جي گھر موٽي اچڻ کان سست ئي پوءِ ، مٿس شاديءَ جو ٻنڌن پيو. جنھن جي ڪارڻ، گھڻو وقت بي تاب ٿي، جھنگ واديون ۽ رڻ ڦريو ھو، تنھن سان ئي قدرت سندس ناتو جوڙيو. اھا ھئي مرزا مغل بيگ جي نياڻي، بيبي سيده بيگم ، جنھن کي شاھ صاحب جا مريد، پوءِ اَدب وچان، تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ) سڏيندا ھئا.
شاھ جي شادي ڪيئن ٿي، سا به ھڪ حيرت جھڙي ڳالھ آھي . ھڪ ڏينھن اتفاق سان ائين ٿيو جو ڪي دَل ذات جا رھزن ،مردن جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، مرزا مغل بيگ جي گھر ڪاھي آيا، سارو قيمتي سامان ٻھاري رمندا رھيا. پوءِ مغل ھٿياربند ماڻھو ساڻ ڪري، ڌاڙيلن جي ڪڍ لڳا، ۽ اچي شاھ جي پاڙي مان لانگھائو ٿيا. اھا روئداد ڏسي ، شاھ سچي نيت سان پنھنجون ۽ پنھنجن ماڻھن جو خدمتون آڇين، پر مرزا، ان کي حقارت سان ٿو ڪاري ڇڏيو. شاھ کي انھيءَ تان ڏاڍو رنج رسيو. چون ٿا ته سندس زبان مان بي اختيار بد دعا نڪري ويئي ، مرزا پنھنجن ماڻھن سميت شاھينگن ھٿان مارجي ويو. اھو حادثو 1124 ھه مطابق سنه 1813ع ۾ ٿيو. مغلن جي زالن، سيدن جي رنج مٽائڻ لاءِ اچي کانئَن معافي ورتي. پوءِ مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ جي شادي شاھ سان ڪرايائون. بيبي صاحبه ھڪ نھايت پاڪ دامن، پارسا ۽ نيڪ اطوار عورت ھئي. شيخ سعديءَ جو فرمودو آھي:
زن نيک و فرزانه وپارسا ــــــــ کنند مرد درويش راپادشا.
يعني: نيڪ ،سياڻيءَ عورت ، فقير مرد کي به بادشاھ بنائي ٿي ڇڏي،ھنجي سڳوريءَ صحبت ، شاه کي ھڪ روحاني بادشاھ بنائي ڇڏيو ته ڪھڙو عجب! ھوءَ پاڻ سان پنھنجو ننڍو ڀاءُ گولو وٺي آھئي ھئي. جو جلدئي گذاري ويو.
شاھ کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو. چون ٿا ته بيبي صاحبه کي ھڪ وار اميدواري ٿي ھئي ، پر پوءِ ڪيھاءِ ٿي پيس. انھيءَ جو ڪارڻ ، ھن ريت ڄاڻايل آھي: ھڪ ڏينھن شاه پنھڻجي ھڪ فقير کي پري کان سھڪندو ايندي ڏٺو، پڇڻ تي معلوم ٿيس ته بيبي صاحبه کي پلي تي دل ٿي ھئي، ۽ اھو فقير ، ڊوڙندو وڃي گھڻي پنڌ تان پلو ھٿ ڪري آيو ھو. اھو حال ڏسي، شاه چيو ته ” اھڙو اولاد ئي گھوريو، جو ڄمڻ کان اڳي ئي منھنجي فقيرن کي ٿو رُلائي.“ شاه ھميشه چوندو ھو ته ” ھي فقير ئي منھنجو اولاد آھن، جنجون دليون عشق کان گھايل آھن.“
تحقيق ، درويشن جا مريد سندن نوري پٽ آھن.
ھاڻ شاه جي زندگيءَ ھموار ۽ موزون نموني ۾ گذرڻ وقت ، رياضت ،عبادت ، شعر گوئي ۽ قدرت جي جمال پسڻ ۾ صرف ڪندو ھو. قدرت جا من موھيندڙ نظارا ، کيس وجد ۾ آڻي ڇڏيندا ھئا. اڪثر اونھي ويچار ۾ گذاريندو ھو. ” انسان ڇا آھي؟ عالم ڇا آھي؟ حق ڇا آھي؟ “ جي باريڪ مسئَلن تي غور ڪندو ھو. ويدانت ۾ به انھن ئي باريڪ نڪتن تي ويچار آيل آھن: ” جيو ، جڳت ۽ ايشور ڇا آھن؟“
شاه جي ٻاجھاري طبيعت ، نيڪ اطوارن ۽ پاڪدامنيءَ ڪيترن ئي انسانن کي مٿس مفتون ڪري ڇڏيو. ھڪ ھو اڳيئي سيد ،ٻيو سڀاءُ جو ھو سٻاجھو سو ته باقي به ماڻھن کي موھي وڌائين. شاه پاڻ پوڄائڻ کان پري ھو، پيري ۽ شيخي، دل کي نه وڻندي ھيس:
پوڄا ڪَرم پاڻکي، جوڳي! رکج جوڳ،
خلق خادم جئَن ڪرين، اي راول! وڏو روڳ.
پر خلق خود ڏانھنس ڇڪجي ٿي آئي. ماڻھن وٽ شاھ جي ايڏي عزت ، آسپاس جي پيرن ۽ ميرن کان سٺي نٿي ويئي. مطلب ته سمورو حسد پيريءَ مخدوميءَ تان ھو. شاھ ذاتيءَ طرح پاڻ به ان جي خلاف ھو، پر جنجي اکين ۾ موريسر ، سي ڪئَن سچ ڏسن! سڀني پنھنجي پر ۾ ، کيس تنگ ۽ پريشان ڪرڻ سان گھٽايو ڪين. بلڪ، ميان نور محمد ته کيس صفحه ھستيءَ تان اڏائڻ جي به ڪوشش ڪئَي ، پر شاه جي مڙيئَي دشمن کيس ذرو به ضرر رسائي نه سگھيا.
شاه کي اچي خيال ٿيو ته شاه عبدالڪريم جو مقبرو جوڙايان ، سو ڪاشيءَ جي سرن آڻڻ ڪاڻ ، ملتان ڪھي ويو . موٽندي جڏھين خدا آباد پھتو ، تڏھين ڪئَين ماڻھو سندس قدم بوسيءَ لاءِ آيا. ميان نورمحمد ڪلھوڙي ھڪ معجون جي دٻلي نذراني طور ڏياري موڪليس . شاه ، دٻلي وٺندي درياه ۾ اڇلي ڇڏي ۽ چيائين ته ” ڀل ته سارو عميق ، ھن معجون جو فيض وٺي.“ معجون ۾ زھر قاتل ملايل ھو. چون ٿا ته پاڻيءَ ۾ اوڏي مھل ئي ، مئل مڇيون ترندي نظر آيون . ٻئي دفعي وري دعوت ڏيئي . ھڪ سرڪش گھوڙي ، سونن سنجن سان سينگاريل ، تحفه طور ڏنائينس .شاه لغام کي پري اڇلي ، گھوڙيءَ کي اڙي ھڻي اتان طوفان جيان نڪري ويو . ۽ ٿوري وقت کان پوءِ صحيح سلامت ساڳي منزل تي موٽي آيو. ميان نورمحمد ڪلھوڙي پنھنجي ڪئَي تي ڏاڍو پيشمان ٿيو ۽ دشمن مان ڦري سندس معتقد ٿي پيو . چون ٿا ته ميان نور محمد کي ميان غلام شاه ڪلھوڙو شاھ جي دعا سان ڄائو.
شاه کي ھاڻ خلوت جي عشق ، ڪوٽڙيءَ ۾ آرام نه ڏنو . پنھنجي سير جي دوران ۾ ، نون ھالن کان ٻن ڪوھن جي مفاصلي تي ، ڪڙار ڍنڍ نزديڪ ، ھڪ دٻن ۽ دٻين جي وچ ۾ بيٺل ، ۽ ڪرڙن ۽ ڪنڊن ۾ ويڙھيل ، واريءَ جو دڙو چتائي ڇڏيو ھوائين . سندس نظر ۾ ، اِھو سڃھرو ، عبادت لاءِ ھڪ آدرشي آستان ھو. نھايت ڪشالي ۽ محنت سان انکي پنھنجي محبوب ” ڀٽ “ جي صورت ڏنائين. فقيرن سان گڏ ،انھيءَ واريءَ جي دڙي مٿان چيڪي مٽي وڌائين ۽ پوءِ پنھنجي لاءِ ھڪ جھوپڙو اڏيائين . ھڪ ننڍڙي مسجد ۽ پنھنجي اَبي ۽ اَمڙ لاءِ ھڪ حويلي به اڏرايائين ، ۽ فقيرن کي به رھڻ لاءِ حدون مقرر ڪري ڏنائين . مينھن جي موسم ۾ ، ڀٽ ، ھڪ رونقدار ويس پھريندي ھئي . شاھ ” سر سارنگ “ ۾ اُن رونق ڏانھن ڪي اِشارا فرمايا آھن.
چون ٿا ته شاه عبدالڪريم، ھڪ لڱا انھيءَ ھنڌان لنگھندي ، اتي نماز پڙھي ھئي ۽ پڻ فرمايو ھوائين ته ” اسانجي اولاد مان ھڪ ولي ۽ وڏو شاعر ، ھن ھنڌ پنھنجو آستانو جوڙيندو.“ اُن وقت شاه عبدالڪري ، ھالن واري مخدوم نوح کي ملڻ لاءِ وڃي رھيو ھو ڇو ته مخدوم صاحب ۽ شاه عبدالڪريم پاڻ ۾ گھرا دوست ھوندا ھئا.
شاه اڃان ڀٽ کي تيار ڪرڻ ۾ ئي لڳل ھو ته پنھنجي والد سڳوري جي سخت بيماريءَ جي خبر مليس . شاه حبيب قاصد ھٿان پٽ ڏانھن ھي نياپو ڏياري موڪليو:
ڪنھن جنھن نينھن ننڌاه ، جي مون واجھائيندي نه ورو،
جيڪي مئَي ڪنداه ، سو جانب ڪريو جيئري.
شاه پنھنجي والد کي آخرين طرح گڏجڻ لاءِ بيحد بيتاب ٿيو ۽ قاصد کي جواب ۾ ھي بيت ڏنائين.
متان ٿئين ملور ، ڪين اڳاھون آھيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور ، حد ٻنھي جي ھيڪڙي.
شاه حبيب کي پٽ جو نياپو مليو ته اندر کي آرام اچي ويس . شاه نياپي موڪلڻ کان ترت ئي پوءِ پنھنجي والد سڳور کي ملڻ لاءِ روانو ٿيو. افسوس جو سندس پھچڻ کان اڳيئي شاه حبيب جو روح وڃي حق سان ھڪ ٿيو. پيءُ جي وفات ڪري شاه کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ھو ڪيترا ڏينھن ماتم ۾ رھيو.
شاھ حبيب جي وفات کانپوءِ کيس شاه جي ھدايت موجب محمود فقير جي سيرانديءَ کان دفن ڪيائون. ھاڻي مقبري مٿان گنبذ ٺھيل آھي. اِھو گنبذ شاه صاحب جي مقبري کان اتر طرف اَٺن نون وکن جي مفاصلي تي آھي. شاه حبيب سنه 1842ع ۾ وفات ڪئي. اھا تاريخ محمد صادق نقشبنديءَ جي عربي مصرع مان نڪري ٿي: اَلموت جسر يوصل الحبيب لييٰ لقاءِ الحبيب“ يعني: موت ھڪ پل آھي، جنھن تان ھڪ دوست لنگھي وڃي ٻئي دوست کي ملي ٿو.
شاھ صاحب ، پيءُ جي وفات کان پوءِ رڳو ڏھ وريھه زنده رھيو. پيءُ جي گذرئي کان پوءِ اٽالي سميت ، ڪوٽڙي ڇڏي وڃي ڀٽ تي رھيو. سندس ھاڪ ، ھينئَر ماڳين پکڙجي ويئي ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻھو سندس ديدار لاءِ آيا ٿي.
وٽس سارو ڏينھن سرود ۽ سماع جاري ھوندو ھو. دھليءَ جا ٻه مشھور گويا ، اَٽل ۽ چنچل به اَچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. راڳ ، شاه صاحب جي جان ھو، موسيقي يا گائن وديا جو ڪامل ڄاڻو ھو. پاڻ به پنھنجو چيل ڪلام ڳائيندو ھو. چون ٿا ته وفات کان ٿورو اڳ گھڻو ڪري ھيٺين ڪافي چوندو رھندو ھو. ” سر سھڻي“ جي پھرئين داستان کان پوءِ اَچي ٿي.
ڪھڙي منجھ حساب؟ ھئَڻ منھنجو ھوت ري لا!……
حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اچي سڪ ٿيس ته ڪربلا جي زيارت ڪري اچان . قضا سان واٽ ۾ ھڪ خدا رسيدو مريد گڏيس . جنھن چيس ته ” سائين سڳورا! اوھين ماڻھن کي چوندا آھيو ته اوھانجو ڪفن دفن ڀٽ تي ٿيندو. پوءِ ھينئَر ڪئين پڇاڙيءَ جي وقت ھيڏي سفر تي نڪتا آھيو؟.“ شاه جي دل ۾ ، اِھي سخن تير مثل پيھي ويا ۽ ڪربلا شريف جي زيارت جو خيال ترڪ ڪري ، ڀٽ ڏانھن واپس وريو. ڀٽ تي پھچڻ سان ڪارو ويس ڪري ، امامن جي ماتم ۾ ” سر ڪيڏارو “ چيائين. پورا ايڪيھين ڏينھن ايڪانت ۾ رھيو. ۽ اُنھيءَ عرصي ۾ ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائين. جڏھن ٻاھر نڪتو ، تڏھين غسل ڪري ھڪ چادر مٿان وجھي، مراقبي ۾ ويھي رھِو. پوءِ سرود ۽ سماع جو اِشارو فرمايائين. ٽي ڏينھن برابر فقيرن جو راڳ روپ پئي ھليو. آخر راڳ ختم ٿيو، پوءِ شاه صاحب جي ويجھو ڇا وڃي ڏسن ته سندس روح مبارڪ پرواز ڪري وڃي رب سان مليو ھو! شاھ صاحب صفر مھيني جي چوڏھين تاريخ سنه 1125ھ مطابق 1752ع ۾ جھان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس عمر حضرت محمد صلعم ۽ حضرت عليءَ جي عمر جيتري ٿي يعني 63 ورھيه.
شاھ صاحب جو لاش مبارڪ سندس وصيت موجب ڀٽ تي ، محمود شاه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. ميان غلام شاه ڪلھوڙي پنھنجي خرچ سان سندس تربت مٿان سنه 1754ع ۾ ھڪ عاليشان مقبرو وقت جي نامياري عيدن رازي کان جوڙائي راس ڪرايو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ مير نصير خان ، انھيءَ مقبري ۽ مسجد جي عمدي مرامت ڪرائي. سندس سوٽ مير محمد خان، قبي کي چانديءَ جو دروازو وجھايو. جو اڄ تائين قائم آھي . دروازي مٿان توڙي ديوارين تي ڪيترائي سھڻا فارسي بيت نقش ڪيل آھن جن مان شاھ صاحب جي وفات جي تاريخ ملي ٿي.
شاه حبيب جي تربت سڳوري، ھينئَر عام و خاص لاءِ ھڪ زيارتگاھ آھي. اُن جو ديدار قلب کي آرام ڏيندڙ آھي.
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
اُن جي عبدالطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙيين ڪن سلام ، آڳھ اچيو اُن جي.
ھر جمع رات ڀٽ شريف تي فقير شاھ صاحب جو ڪلام ڳائيندا آھن ، ڪلام رات جو ڏھين بجي ڌاري شروع ٿيندو آھي ۽ صاف صبوح تائين ھلندو آھي.
شاھ جو رسالو ڪلام وجد واري حالت ۾ چيل آھي. شاه صاحب جڏھين انھيءَ حالت ۾ ايندو ھو. تڏھين ويندو ھو شعر چوندو. جو سندس فقير بروقت قلم بند ڪندا ويندا ھئا. ھڪ روايت آھي ته وفات کان ٿورو وقت اڳ ، سارو رسالو ڪراڙ ڍنڍ ۾ داخل ڪري ڇڏيائين ، ڇو ته اھو خيال اچي ٿيس ته متان ماڻھو سندس رمزون نه سمجھي وڃي گمراھيءَ ۾ پون. چون ٿا ته شاه جي ائين ڪرڻ تي فقيرن کي ماتم وٺي ويو، ۽ پاڻ مٿن رحم آڻي ، ھڪ مريدياڻي مائي نيامت (نعمت) کي فرمايائين ته فقيرن کي اھو لکرائي ڇڏي ، چون ٿا ته اِنھيءَ مائي کي شاھ جي ڪلام جو ڳچ حصو ياد ھو. پوءِ انھيءَ نئين سر تيار ٿيل رسالي ” گنج “ ڪري سڏيائون ۽ تمر فقير جي حفاظت ۾ ڇڏيائون. فقير جا پويان اڃا تائين اُنجي حفاظت ڪندا اچن.
شاه جو ڪلام سندس سيرت جو آئينو آھي. جن ۾ گڻن کي پنھنجي ڪلام ۾ واکاڻيو اٿس. تن مڙني جو مجسم ھو. سندس متو ھو ھر حال ۾ تواضع ۽ خاڪساري ڪرڻ ۽ ” سڀني سين ، من ماري ميڻ “ ڪرڻ. جيڪي خاڪ ۾ ڏٺائين ، سو عالم جي ٻي ڪنھن به شي ۾ نه ڏٺائين: سو نه ڪنھن شي ۾ ،جيڪي منجھ تراب. شاه صاحب جي واٽ ، نيستيءَ واري ھئي ، نه ھستي واري. نيستيءَ ۾ ھستي ۽ نابوديءَ ۾ بود ڏٺائين.
شاھ صاحب کائيندو پيئندو ۽ پھريندو سادو ھو. اِلاھي محبت ۾ رڱيلن جي ، نه ڪڏھين پوشاڪ سان پيئي آھي نه خوراڪ سان. شاھ صاحب جي ظاھري لباس ، سينڌ سرمي ۽ ٺاه ٺوه سان نه پوندي ھئي.
شاھ صاحب جي پوشاڪ، ڪاري ڌاڳي سان سبيل ھڪ گيڙوءَ رتي ڪفني ھوندي ھئي. مٿي تي سفيد رنگ جي وڏي ٽوپي يا ڪلاه ۽ اُن جي مٿان ڪاري رنگ جي ڪپڙي جو ٽڪر ويڙھيل ھوندو ھوس. ھٿ ۾ جوڳين جي بيراگڻ جھڙي لٺ کڻدو ھو. کاڌي پيتي لاءِ ھڪ ڪشتو يا ڪشڪول ھوندو ھوس. اھي شيون اَڃان تائين ڀٽ شريف تي پوري حفاظت ۾ احترام سان ساڍيل آھن. پور ھوندو ھوس ته جتي پائيندو ھو، نه ته پيرن اگھاڙو پنڌ ڪندو ھو. اوچي بستري تي نه ، پر ھڪ پراڻيءَ کٿائينءَ گودڙي تي سمھندو ھو. ڪڏھين به ڪنھن دنيوي فرحت کي اوڏو نه ويو. ننڊ به نھايت ٿوري ڪندو ھو. جھڙيون رياضتيون شاه صاحب ڪڍيون ، تڙيون ڪنھن ورلي ڪڍيون ھوندو. سمھندو به ھڪ صندل تي ھو ، جو اڃان تائين موجود آھي. شاه لاطمع به ھڪڙو ئي ھو. ڪڏھين به ڪنھن جو ٿورو کڻڻ نه چاھيندو ھو. پاڻي به پنھنجن ھٿن سان ڀري پيئندو ھو، ڇو جو ڪنھن کي پاڻي آڻڻ جو چوڻ به سندس خيال ۾ سوال ۾ داخل ھو.
چون ٿا ته سندس ھڪ مريد، ھر سال جڏھين زيارت لاءِ ايندو ھو تڏھين ھڪ کٿو پاڻسان نذراني طور آڻيندو ھو. ھڪ سال ، مسڪينيءَ سببان ويچارو کٿو ڳنھي نه سگھيو. تنھنڪري شاه صاحب وٽ لڄ وچان آيو ئي ڪين. ٻئي سال دستور موجب کٿو کڻي، شاه صاحب وٽ آيو. شاه صاحب پڇيس ته ” پر سال ڇو نه منھن ڏيکاريءَ ؟“ جواب ڏنائين ته ” پر سال توفيق نه ھيم جو سائين جن لاءِ کٿو کڻي اچان، چيم ته ھٿين سکڻو ڪئين اچان“. اِنھيءَ تي شاه صاحب فرمايو ته ” اھو کٿو ئي گھورو ، جو دوست کي دوست کان سڪائي.“
شاه صاحب جو قلب نھايت ڪومل ھو. نه رڳو انسان ذات لاءِ ، پر پکين ۽ پسن سان اٿاه قرف ھوس. حياتيءَ ۾ ڪڏھن ڀُلئي ڀُلائي به ڪنھن پرندي ۽ پسونءَ کي ڪو ڏک نه رسايائين. شڪارين کي اَجل جي يادگيري ٿو ڏياري ، جئن ويچارن گگدامن کي مارڻ کان باز اچن( اھا ، عام اِنسانن لاءِ به ھڪ ھدايت آھي.)
شڪار تون شھباز جو تون تان منجھ شڪار!
ڪونجڙين کي شڪار ٿيندو ڏسي ، سندس ھردو درد کان رجيو ٿي. اُنھي معصومڙين جي ھردي مان ڄڻ پيھي نڪتو ھو. ماريءَ جي ڄار ۾ ڦاسڻ وقت ، اَندر ۾ اُھو ئي وڍ پيو پوين ، ته سندس پٺيان ، سندس ٻچا ڪئَين ڪندا.
ڪونجيون ٿيون ڪڻڪن ، جيڪسن ھلڻ ھاريون،
ٻچا پوءِ اُٿن وڃن وانڌا ڪنديون.
ڪونجڙين کي اندر ۾ وڍ پوندا ڏسي ، سندس اندر جا به چاڪ ٿي چڪيا. اُنھن جي فراق وارين دانھن سندس فراق جا ڦٽ آلا ٿي ڪيا:
ڪونجڙي ڪالھ لنئَين سڄڻ وڌم چت،
آئون جنھن ريءَ ھت، گھنگر گھاريان ڏينھڙا.
دل ايتري قدر ته نرم ھيس جو ڪھل وچان ٻن ڪتن کي پنھنجي ھٿن سان پاليو ھوائين . ڇو ته انھن جي ماءُ، کين نڌڻڪي حالت ۾ ڇڏي ويئي ھئي، اُنھن مان ھڪ کي ” موتي“ ۽ ٻي کي ”کينھو“ ڪري سڏيندا ھئا.
شاه صاحب نھايت پرھيزگار ۽ پاڪدامن ھو. مجازي عشق ڪمايائين ، پر اُن ۾ اَٽڪي بيھي نه رھيو. شاديءَ کان پوءِ پنھنجي تڙ ڏاڏي شاه عبدالڪريم وانگر ، ڇڙائيءَ جي واکان ڪندو ھو. راڳ تي ايتري قدر ته مفتون ھو ، جو وصال به راڳ ٻڌندي ڪيائين. سارو وقت وٽس سرود ۽ سماع لڳو ئي پيو ھوندو ھو. سماع ھلندي ، سر جي سمڪ نه ھوندي ھيس، تندن جي تانن ۾ روحاني راز پروڙيائين.
تان نه آھي تند جو ، رون رون ڪري راز.
راڳ جو سچو قدر ” سر سورٺ “ ۾ ڪيو اَٿس . راڳ جي عشق جي لحاظ کان راءِ ڏياچ شاه پاڻ آھي.
شاه صاحب وڏي ڏيا ۽ حشمت جوصاحب ھو. سندس حضوريءَ ۾ ڪنھنکي به ڪا گستاخي ڪرڻ جي مجال نه ھئي. ھميشه ڳورو ۽ ڳنڀير گذاريندو ھو. البت ، وڳند يا ورو فقير سان ، وقتي چرچا گھٻا ڪندو ھو. ”سر بلاول“ ۾ انھي ”جسم جي جڏي“ فقير سان چڱو مذاق ڪيو اَٿس. شاه صاحب جي ھن جڏڙي سان اھڙي ڪا خاطر ھئي ، جو ھنجي صدقي ظريفاڻو شعر به چيو اَٿس. وڳند کي گھڻن ئي مذاقي لفظن سان ياد فرمايو اَٿس. ” نسورو ئي نرڳ، ”بي نماز“ ، ڪلاٺ، ”نرڳي“. ھنجي گدائيءَ ۽ پيٽوڙ پائيءَ تي چڱائي چرچا گھٻا ڪيا اٿس. اھو فقير ڪوٽڙيءَ جو ئي ھو، ٻيا فقير ، جي شاه صاحب جي مريدن ۾ داخل ھئا، سي ھوا: تمر فقير سندس خاص خليفو جنھنجو اولاد اڄ ڏينھن تائين سندس درگاھ جو مجارو آھي، محمود شاھ جو اَميري ترڪ ڪري فقير ٿيو ھو ۽ جنھن لاءِ شاه صاحب کي ايڏي عزت ھئي جو پنھنجي تربيت ھنجي پيرانديءَ کان ڪرڻ جي وصيت ڪئي ھئائين. شاھ عنايت ، ھڪ وڏي زميندار جو پٽ ، ميون ھاشم علوي ريحان جو پوٽو ، جو راڳيندڙ به ھو ۽ لکپڙه جو ڪم به ڪندو ھو، بلال ، جنھن سان ايڏي محبت ھيس ، جو ڪڏھين ڪڏھين ھنجي ملاقات لاءِ ھنجي ڳوٺ ڪھي ويندو ھو.
شاه کي ڪامل درويشن سان رھاڻين ۽ ملاقاتن ڪرڻ جو شوق ھو ۽ اڪثر پاڻ وٽن ڪھي ويندو ھو.شاھ جي زماني ۾ سنڌ ۾ گھڻيئي ڪامل فقير ھئا. شاھ صاحب پنھنجي حياتيءَ جي عرصي ۾ گھڻن ئي الله لڪن سان ملاقاتون ۽ رھاڻيون ڪيون ، ڦوه جوانيءَ جي زماني ۾ شاه عنايت جھوڪ واري سان ملاقات ڪيائين چون ٿا ته شاھ عنايت کيس ڏسندي ئي ھيٺيون بيت چيو. ان ۾ سالڪ کي طريقت جي واٽ وارين مشڪلاتن جو شير دليءَ سان مقابلو ڪرڻ بابت ھدايت فرمايل آھي.
ڏسي ڏونگر ڏار ، متان ھلڻ ۾ ھيڻي ٿئين،
ڪي مجازاڻيون موٽيون ، سڻي پنڌ پچار ،
پويون پائج پرينءَ کي حقيقت جو ھا،
سِگھي لھندءِ سار ، آريچا عنايت چئي.
شاھ صاحب جواب ۾ ھيٺيون بيت فرمايو:
پسي ڏونگر ڏاه! جم ھلڻ ۾ ھيڻي وھين،
لانچي لڪ ، لطيف چئي پٺيءَ ڪيچين ڪاه،
پڇي پورج ، سسئي! بلوچاڻي باه،
اِن وڙائتي ور جي ، آسر ھڏ م لاه،
جو اکنئَون اوڏو آه ، سو پرين پرانھون م چَئو.
شاه عنايت شھيد جي شھادت وقت ، شاه ايڪٽيھه سالن جو ھو. خواجه محمد زمان لواريءَ جي ملاقات لاءِ به پاڻ ڪھي ويو ھو . جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ کان خواجه صاحب ، شاه صاحب کان گھڻو ننڍو ھو. شاه صاحب خواجه صاحب جي ڪماليت کان اھڙو ته متاثر ٿيو ھو ، جو جڏھين به وٽس ھن صاحب جو ذڪر نڪرندو ھو، تڏھين ازخود زبان مان ھي بيت ڇٽي نڪرندو ھو:
مون سي ڏٺا ماءِ ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
ڪري نه سگھان ڪاءِ، اُنين سندي ڳالڙي.
شاھ صاحب مخدوم محمد معين ، ٺٽي جي مشھور عارف وٽ گھڻو ايندو ويندو ھو. مخدوم صاحب جو ”اويسيه“ نالي رسالو لکيو . سو به شاھ صاحب جي اِستدعا تي ڇو جو شاه صاحب جو اويسي طريقي سان خاص پيوند ھو. بلڪ اِئين چئجي ته شاھ صاحب پاڻ ھڪ اويسي عارف ھو. شاه صاحب جي مرشد جي ڪل ڪنھن کي به نه رھي آھي، ھو صاحب رياضتن ۽ ڪشالن جي ذريعي ئي روحاني ڪماليت کي رسيو.

”تحفت الڪرام“ ۾ آيل آھي ته جڏھين مخدوم صاحب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏھين شاه صاحب پنھنجي فقيرن کي فرمايو ته ” ھلو ته پنھنجي دوست سان پڇاڙيءَ جي ملاقات ڪري اچون.“ فقيرن اُتي پھچي سماع شروع ڪيو. مخدوم صاحب تي سماع جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو ھو ذوق ۽ حال ۾ اچي، پنھنجي حجري ۾ ھليو ويو، ۽ ساعت کان پوءِ سندس روح وڃي حق سان ھڪ ٿيو.
شاه صاحب جي ، سچل فقير جي ڏاڏي ميان صاحب ڏني سان به ملاقات ٿي. ھن صاحب اُن وقت کٻڙن جي ويڙھه ۾ لڪائي ويٺي رياضت ڪڍي. شاه صاحب کيس ڏسي فرمايو ته ” يار کي لڪائڻ نه گھرجي، پر ھنکي ٻاھر آڻجي.“ اِنھي تي ھُو صاحب ٻاھر نڪري آيو. وري ٻئي دفعي جڏھين درازن ۾ آيو تڏھين پنجن ورھين جي ٻالڪ سچل کي ڏسي فرمائائين ته ” اسان جيڪو ڪنو چاڙھيو آھي، تنھن جو ڍڪڻ ھي لاھيندو.“
چون ٿا ته مخدوم دين محمد صديقي سيوھاڻيءَ جي به شاھ صاحب سان گھٽائي دوستي ھوندي ھئي. انھيءَ ڪري شاه صاحب جو گھڻيئي دفعا سيوھڻ ۾ وڃي ٿيو. ٻنھي جي پاڻ ۾ ايڏي ته محبت ھئي جو ھڪ لڱا پاڻ ۾ دستارون بدلائي پڳ مٽيا يار بڻيا ھئا.
شاھ صاحب جي مدن ڀڳت سان به گھاٽي پريت ھئي. مدن صاحب ڪوٽڙي مغل جو ويٺل ھو، ۽ وڏي پھچ وارو فقير ھو، شاھ صاحب ھن ھندو صوفيءَ سان به چڱيون رھاڻيون ڪيون.
شاھ جو روحاني طريقو ڪھڙو به ھجي، سندس ڪلام مان ظاھر آھي ته ھو مذھبي اِختلاف کان مٿي ھو، ھر شئيءَ ۾ حق جو جلوو پسندڙ ھو.
ڏسڻ ڏسين جي ، ته ھمه کي حق چوين.
شاھ صاحب نڪي ھو شيعو، نڪي ھو سني. ھڪ لڱا ، سوال پڇيو ويس ته ” سائين اوھين سني آھيو يا شعيا؟“
جواب ۾ فرمايائين ته ”آھيان به اھو ڪي ڪين.“
پڇيو ئي جان دوست ، تان پاسي ڪر پرھيز کي ،
جنين ڏٺو ھت ، تن دين سڀيئي دور ڪيا.
اگرچه باطن ۾ ھڪ صوفي عارف ھو، ته به ظاھر طرح ، ماڻھن جي صحيح ھدايت لاءِ شريعت جا سڀ حق پوريءَ ريت بجا آڻيدو ھو. باطن ۾ توڙي ظاھر ۾ ، ھڪ ڪامل ھادي ۽ رھبر ھو. سندس ھدايت آھي.
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
ھنئون حقيقت ھير تون، ماڳ معرفت ماڻ،
ھوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالھو رھين.

Advertisements
 
Leave a comment

Posted by on September 10, 2011 in Personalities

 

Sufi Shah Inayat Shaheed – Sain G.M Syed

صوفي شاھ عنايت الله عليه شھيد: جھوڪ شريف


اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين ،
آديسي اُٿي ويا مڙھيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا.
( شاھ سائين )

سنڌ پيغمبر خدا حضرت رسول مقبولﷺ جو پيارو مُلڪ آھي . ان کان کيس ٿڌي ھِير آئي ھئي. اھو ملڪ ڪيترن ئي بھترين روايتن جو حامل آھي. محبت ، سلامتي ۽ عالم جي آبادي اُن جا خاص پيغام رھيا آھن . نفرت ، فساد ، بدخواھيءَ کان ان جا رھاڪو اڪثر پاسي رھيا آھن.
سنڌ ھڪ مردم خيز ملڪ آھي ، ان جي سرزمين ڪيئي بزرگ پيدا ڪيا ، جن جون مزارون ۽ مقبرا ، سماڌيون ۽ آشرم اُن جي گوشي گوشي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪو به وقت اھڙو به ھو جو ھِتي جا درويش ۽ عالم لاھور ، دھلي ، برھانپور ، گجرات بلڪ عرب تائين وڃي پيغام حق جو آواز بلند ڪندا ھئا. پر اڄ اُھي مڙھيون ۽ مڪان خالي نظر اچن ٿا. شاھ لطيف رح اھڙي حالت کي ڏسي فرمايو آھي :
ويا سي وينجھار، ھيرو لعل ونڌين جي ،
تنين سندا پويان، شيھي لھن نه سار،
ڪٽين ڪٽ لھار، ھاڻي انھين ڀيڻين. (شاھ)

انسانذات جي رھبري ۽ ھدايت ، اتحاد ۽ امن ، ترقي ۽ تھذيب لاءِ جي راھون ۽ رستا رٿيا ويا آھن ، مذھب جو انھن ۾ مکيه درجو آھي . ليڪن مذھب جون به ٻه جدا تشريحون پئي ڪيون آھن.
ھڪڙي جو واسطو.
عام ماڻھن جي ضروريات ، حالات ۽ نفسيات جي بنياد تي رٿيل رسم ۽ رواج ، عبادت ۽ دستورن سان پئي رھيو آھي جنھن کي مسلمانن ۾ عام طور شريعت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
ٻي تشريح جو لاڳاپو.
رموز حقيقت ۽ اسرار ڪائنات جي کوجنا ، اتحاد انساني ، امن عالم جي مقاصد ۽ ماڻھن جي ذھني صلاحيت ۽ نفسياتي اصلاح سان پئي رھيو آھي ، جنھن کي عام طور طريقت يا تصوف جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھن پوئين سمجھاڻي جا ڄاڻو ھر ملڪ جي رھاڪن ، ھر قوم جي ماڻھن ۽ ھر مذھب جي پوئلڳن اندر موجود پئي رھيا آھن . جن جا مقصد ۽ مُرادون ساڳيا ھئا.
انھيءَ تشريح جي ڄاڻن اڪثري محدود دائري اندر ڳُجھي نموني سينه سينه رازن ذريعي انھيءَ تعليم کي ( گيانوان) راسخ العلم ، اھل نظر ۽ صاحبِ دل ماڻھن ۾ پئي پکيڙيو آھي. مسلمانن جي انھيءَ گروھ کي صوفي سڳورن جي نالي سان پئي ڪوٺيو آھي.
اھڙن بزرگن جا ھر مُلڪ ۽ زماني ۾ ادارا (Institutions) ھئا. سنڌ ۾ به اھڙا ادارا يا آشرم رھيا آھن. رواجي طرح ته ساري سنڌ درويشن جي درگاھن سان ڀري پئي آھي . جن جون درگاھون اڄ تائين عام خاص جون زيارت گاھون پئي رھيون آھن.
پر ھتي آءُ صوفي ادارن جو ذڪر ڪريان ٿو . ھي ادارا منھنجي نظر ۾ بين الاقوامي اتحاد ۽ اَمن جي پرچار جا مرڪز پئي رھيا آھن. جن جو وجود ھر ملڪ ۽ زماني ۾ پئي رھيو آھي . انھن جا قِسم ۽ مَتا ساڳيا رھيا آھن. ليڪن طريقه ڪارعلحده ھئن.
ھڪڙن علم ۽ گيان کي ترجيح ٿي ڏني ، ته ٻين عشق ۽ ڀڳتيءَ کي رھبر راھ ٿي بنايو.
ھتي آءُ شاھ عنايت الله عليه صوفيءَ جھوڪ واري جو ذڪر ڪريان ٿو. جنھن صوفياني تعليم جي چوٽ تي کُليو کُلايو ان دور ۾ ظاھر ڪيو جڏھن اڃا اورنگزيبي ڪٽرپڻو مُلا جو زاد راه ھو. ان ڳالھ جي ھن پرواھ نه ڪري حق جو آواز بلند ڪندي سر ڏيئي سرھو ٿيو. ھن جي پيغام ۽ تعليم جي احوال ڪرڻ کان اڳ سندس شخصي زندگيءَ جو ذڪر ڪريان ٿو.
شخصي زندگي: شاھ عنايت الله عليه جي والد جو نالو مخدوم فضل الله ھو جو سنڌ جي مشھور بزرگ مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاھ عليه جي اولاد مان ھو.
ھي بزرگ ميران پور جي ڳوٺ ويجھو موجوده جھوڪ تعلقه مير پور بٺوري ۾ رھندو ھو. سندس سنه ولادت ۽ مفصل احوال محفوظ نه ٿيڻ ڪري ملي نٿو سگھي. ان ڪري سندس احوال چند پراڻن ڪتابن جھڙوڪ تاريخ تحفته الڪرام، مقالات شعرا ۽ ٻين ڪتابن ۽ ڏند ڪٿائن مان جيڪو ملي سگھيو آھي سو پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
ھن بزرگ ظاھري علم ڪٿي ۽ ڪھڙن عالمن کان پڙھيو ان جو پتو نه آھي، البت سندس سلسله طريقت جو احوال ملي ٿو ته ھي مخدوم عبدالملڪ ولد شاھ عبيدالله برھانپوريءَ جو مريد ھو. اھو بزرگ سلسله قادريه سان واسطو رکندڙ ھو.جنھن بابت مختلف روايتن جو ذڪر مون سندس سجاده نشين سائين ميان عبدالستار صاحب جي زندگيءَ جي احوال ۾ پنھنجي تصنيف ” جنب گذاريم جن سين “ ۾ ڏنو آھي. جنھن کي ھتي دھرائڻ مناسب نٿو ڄاڻان. ھي ۽ صاحبڏنو فقير درازن وارو ھڪ ئي چشمه فيض مان سيراب ٿيا ھئا. جنھن جي اولاد مان سچل سرمست پيدا ٿيو .
ھن جڏھن پيغام حق پکيڙڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُنڊ مان ڪيئي طالب اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. انھيءَ وقت سنڌ تي مغل گورنرن جو راڄ ھو جي ٺٽي ۾ رھندا ھئا. اورنگزيب جي ڏينھن ۾ پيدا ٿيل تعصب جو اثر اڃا تائين مُلن تي قائم ھو . ان کانسواءِ ڀر وارا پِير جھڙوڪ: ميان عبدالواسع شاھ عبدالڪريم جي سجاده نشين ۽ زميندار جھڙوڪ: حمل جت ، وڏيرو نور محمد پليجو ٻيلي وارو. مُلن ھن جي تعليم ۾ سندن مستقل مفاد کي نقصان پھچڻ جو امڪان ڏسي مغلن جي نواب اعظم خان جي ڌيان تي شاھ عنايت الله عليه جي خلاف غلط خبرون ٻڌائي برخلاف ڪيو . ان دھليءَ جي مغل بادشاھ فرخ سير کي رپورٽ موڪلي صوفي صاحب خلاف قدم کڻڻ لاءِ اجازت گھري. ان تي ھن ميان يار محمد ڪلھوڙي،مير شھداد خان ۽ ڀر وارن زميندارن کي ، صوفي صاحب کي قيد ڪري وٺي اچڻ لاءِ حڪم ڪيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته فقيرن ڇھن مھينن تائين مقابلو ڪيو. جن شھيدن جا گنج اڃان تائين صوفي صاحب جي درگاھ ڀرسان يادگار ٿيا بيٺا آھن. نيٺ صوفي صاحب ماڻھن کي وڌيڪ خونريزي کان بچائڻ خاطر حڪومت جي ڪارندن جي وعدن ۽ انجامن تي ساڻن گڏجي نواب صاحب وٽ آيو. کيس خبر ھئي ته ساڻس ڇا ٿيڻ وارو آھي . نواب صاحب مُلن کي گھرائي ھن سان بحث مباحثا ڪرائي انھن کان سندس قتل لاءِ فتويٰ وٺي 17 صفر 1130ھ تي شھيد ڪرائي ڇڏيو ، قتل ٿيڻ مھل پاڻ فرمايائون:

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گر ان بود ادا شد چه بجا شد.

معنيٰ: حق جي راھ ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگيءَ جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمون لھي وڃي ٿو.

سندس سلسلي طريقت جا ھيٺيان معتقد يا طالب رھيا آھن.

1. سيد جان الله شاھ رضوي روھڙيءَ وارو.

2. روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو.

3. فقير قادر بخش ” بيدل “ روھڙيءَ وارو.

4. سيد رکيل شاھ صوفي فتح پور گنداواھ.

5. صادق فقير صوفي عمر ڪوٽ

6. سيد قطب شاھ صوفي جھانيان حيدرآباد.

7. نواب ولي محمد خان لغاري تاجپور.

8. دريا خان فقير ھيسباڻي.

9. دلپت صوفي روھڙيءَ وارو ۽ ٻيا.

سندس مزار جھو جي ڳوٺ ۾ آھي جتي 17 صفر ھر سال سندس ورسيءَ تي ميلو لڳندو آھي. سندس مقبري تي لکھا روپيا خرچ ڪري يادگار قائم ڪيو ويندو آھي . ليڪن افسوس اھو آھي ته اھڙن بزرگ جي تعليم ، ملطوظات ۽ پيغام جي ھٿ ڪري پکيڙڻ طرف پورو توجھ نه ڏنو ويو آھي.

وقتي است که آوازه، منصور که ن شد،
من از جلوه دھم، دارو رسن مارا.
وانگر وقت آيو آھي ته انجي پيغام کي نئين سر ظاھر ڪري ملڪ مان نفرت ڪٽر پڻي ، مذھب جي غلط تشريح جي پاڙ پَٽڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي، ھي سنڌ جو منصور ھو.
سندس تعليم ۽ پيغام: ھن جي بنيادي تعليم جا مَتا ھيٺيان آھن.

1. وحدت الوجود جو اظھار.

2. وحدت انسانيءَ جو پرچار.

3. وحدت مذاھب جو ذڪر اذڪار.

4. ظاھري شريعتن واري دين منظمن جي اھميت کان انڪار.

پھريون متو: وحدت الوجود:
ھن نظريي کي ويدانيت ۽ پئنٿيزم جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. ان نظريي مطابق ذات حقيقيءَ جي وجود کانسواءِ ٻي ڪنھن به وجود کي نٿو مڃيو وڃي. ان موجب ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي. ان نظريي کي مڃڻ ڪري دوئي گم ٿيو وڃي ھر ھنڌ ساڳي ذات جو ظھور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس سلسلي جو طالب دلپت صوفي فرمائي ٿو ته:
ھر شي دي وچ تونھين وسدا، اپنا آپ ڇپائيه ڪيون،
اندر ٻاھر تونھين وسيا ، بانورا لوڪ ڀلائيه ڪيون.
شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ تي صريحاَ صوفي صاحب جو اثر نمايان آھي جڏھن چوي ٿو ته:
جي تڙتک تنوار، وڻ ٽڻ وائي ھڪڙي،
سڀئي سي ٿيا، سوريءَ سزوار،
ھم منصور ھزار ، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھين.

ٻيو مَتو: وحدت انساني:
سندس تعليم جو ٻيو اصول وحدت انساني جي سڃاڻپ جو ھو . جو در حقيقت اسلام جو بنيادي پيغام ھو ، جنھن مطابق ماڻھن جي وچ ۾ مذھبن ، رنگن ، قومن ، نسلن ۽ نظرين جي نالن ۾ کڙي ڪيل نفاق جي ديوارين کي ٽوڙي اتحاد انساني پيدا ڪرڻو ھو.
قرآن ان لاءِ صاف لفظن ۾ فرمايو آھي ته ” کنتم امته واحدته“ معني : انسان اصل ۾ ھڪ ئي جنس ھئا. شيخ سعدي ان جي وڌيڪ تشريح ھيٺين طرح ڪئي آھي:
بني آدم اعضائي يک ديگر اندر ، که در آفرنش زيک جو ھراند،
چويک عضويٰ بدرد آورد روزگار ، ھم عضوھا رانماند قرار ـ
معني: انسان ذات اصل ۾ ھڪ جوھر مان پيدا ٿيل ھڪ جنس ۽ جسم وانگر آھي.
ان جو مثال اھڙو آھي جيئن ھڪ عضوي ۾ درد ٿيڻ ڪري سمورو جسم بي قرار ٿيو پوي.
ان تعليم کي وساري مُلن شريعت جي نالي ۾ ماڻھن ۾ فرق پيدا ڪري ڇڏيا ھئا جن اسلام جو بنيادي مقصد ختم ڪري ٿي ڇڏيو . ان جي رد ۾ صوفي صاحب جي پوئلڳن ھيئن ظاھر ڪيو ته:
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو ، ڪُفر ۽ ايمان،
مظھر مولا پاڪ جو ، ھندو مسلمان ،
تارا ڪيا تا لان ، سورج سندي سوجھري.
”بيدل“
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو ، اڇو ۽ ڪارو،
نينھ ھنيو نعرو ، ھر مظھر ۾ ھڪڙو.
” بيدل “

ٽيون مَتو: وحدت مذاھب :
سندس ٽيون اصول سڀني مذھبن پويان بنيادي وحدت جو پرکڻ ھو. وحدت الوجود ۽ وحدت انساني ۾ اعتماد رکڻ بعد مذھبن جي ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت جو ظھور ظاھر ٿيو پوي.
صوفي ان ڪري لاڪوفي ٿئي ٿو . ھن جي مذھب جا مقصد اتحاد انساني ، امن عالم ۽ ماڻھن جي روحاني ۽ جسماني ترقي ٿين ٿا. انھيءَ مقصد کي مدنظر رکندي روحل فقير فرمائي ٿو:
ڪُفر ۽ اسلام ۾ ٿا ، ڀرين اُبتا پَير،
ھڪ ھندو ٻيا مسلمان ، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اونڌن نه لھي، تن کي سچ چوندو ڪير،
روحل راھ پرين جي ، گھمي ڏٺوسين گھيڙ،
ته ربُ مڙني ۾ ھڪڙو ، تنھن ۾ ڦند نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پَير ، جا ستي ڪعبته الله ۾.
” روحل “
بحر عميق ۾ جوئي پوئسي ، دين ڪفر دا دفتر ڌوئسي. ” بيدل “

چوٿون مَتون: دين منظمن جي اھميت کان انڪار:
صوفي عشق کي رھبر راھ بڻائي ٿو . جنھن ۾ حُسن ، حق ۽ خير جي ڳولا جو بي انتھا جذبو ۽ خواھش رھي ٿي . سچي عاشق جي نظر ۾ خدا حَسين آھي ۽ اُن جي پيدا ڪيل ھر شيءَ ۾ حُسن ازلي سمايل آھي . ھو ذات کان سواءِ ٻئي ڪنھن وجود کي نٿو مڃي . ھن وٽ ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي ، ھو ھر مظھر ۾ حُسن ڏسي ٿو . ان ڪري وٽانس ڪاري ۽ گوري ، چڱي ۽ مَدي ، ڀَلي ۽ ڍلي ، ڪُفر ۽ اسلام جا تفاوت مٽجي وڃن ٿا.
نه منجھه ڪُفر نه دين ، عشق لڳئي ته ڪر آمين . ” بيدل “
ھن تان ظاھر جا اختلاف مٽجيو وڃن ، دوئي ختم ٿيو وڃي . سڀ جاءِ تي پرينءَ جو مظھر پيو پسي ، ھو مُلن ۽ پنڊتن جا مذھبن جي نالي ۾ کڙا ڪيل تفاوت نٿو مڃي . مذھب کي ماڻھوءَ جي تابع ڄاڻي ٿو نه ماڻھوءَ کي مذھب جو محتاج ڪرڻ گھري ٿو . ھو مذھبي شريعتن کي موجوده دور ۾ وحدت انساني جي راھ ۾ رڪاوٽ ڄاڻي انھن جي پوئلڳي کان انڪاري ٿي لاڪوفي (نان الائينڊ ) بڻجي غير جانبدار رھي ٿو.
صوفي صاحب جون اھي سڀ ڳالھيون مُلا جي تشريح واري مذھب جي خلاف ھيون . مُلن انھن ڳالھين کي سندن مستقل مفاد خلاف ڄاڻي بغاوت ڄاتو. صوفي صاحب جماعتي دستور ۽ پابندين کي ماڻھن جو محتاج ڄاڻي جمھور جي مفاد جي مدنظر انجي اصلاح ڪرڻ گھرجي ٿي . ان کي جڏھن ھن صحيح سمجھيو ته حڪومت ۽ مستقل مفاد جو خوف ھن کي راھ کان روڪي نه سگھيو ، ۽ سندس تعليم جو کليو اظھار ڪيو.
ھي عشق جي ايڏي اُتاھين مناري تي بيٺل ھو جتان مذھب ، حڪومت ، جماعتي دستورن جا سنڌا ميٽجي ويا ٿي . ھم اوست جي عالم ۾ غرق ٿيڻ ڪري مُلا جا مقرر ڪيل ڪوڙ ، سچ ، گناھ ثواب جا معيار ئي وٽس بدليل نظر ٿي آيا . ھي محويت جي عالم ۾ رھڻ ڪري ڪنھنجو مخالف نه ھو . ھي ظاھرن بي ضرر ۽ مونن ۾ منھن وجھي عذارڻ وارو ھو ليڪن منجھانس منظم مذھب جي مدارالمھامن ،مُلن،حاڪمن، پِيرن سندن مستقل مفاد خلاف خطرو ٿي محسوس ڪيو.
جيڪڏھن شاھ شھيد جي زندگيءَ تي غور سان نظر ڪبي ته ھن سنڌي (معاشره) سوسائٽي ۾ اھو ذھني انقلاب آڻڻ ٿي گھريو جي راءِجو ان وقت جي قبول ڪيل مذھبي عقيدن ، دستورن ۽ مستقل مفاد (Vested Interest) جي پاڙ پَٽي ڇڏي ھا. انڪري ھنن گڏجي سندن مخالفت ڪئي.
صوفي صاحب خلاف منھنجي نظر ۾ مخالفن جا ھيٺيان ڪارڻ بڻيا.

1. انھيءَ وقت اورنگزيبي طرز تي پيدا ٿيل مذھبي ڪٽرپڻي ۽ مذھبي تعصب جي پاڙ پٽجي ٿي ويئي جنھن مان مُلا ، پِير ، حاڪم جي مستقل مفاد کي خطرو ھو.

2. جملي مذھبن پويان بنيادي وحدت جي پرچار دين منظم ۽ اثر کي ختم ڪري ٿي ڇڏيو.

3. سندس جماعت جو رنگ گيڙو ڪپڙو ھو . جو ھندستاني سنياسي ۽ ٻڌ بڪشن جو رنگ ھو ان مُلا کي ناراض ڪيو ٿي.

4. ھن جي راءِ موجب مذھبي عقيده بندي ۽ خدا جي وچ ۾ شخصي معاملو ھو ان ۾ ٽياڪڙ کي دست اندازي ڪرڻ جو اختيار نه ھئڻ گھربو ھو. جنھن ڳالھ مذھب ۽ سياست کي علحده ڪري مُلا ۽ حاڪم جي مذھب تي ھڪ ھٽي (Monopoly) کي ڪڍي ٿي ڇڏيو.

5. ھن مُلا جي نقطي نگاه واري مسلمانن جي جدا قوم کي تسليم نه ڪري انکي غلط ، فرسوده ۽ غيراسلامي سمجھيو ٿي . ھن وٽ ھر صالح ماڻھو بنا تفاوت مذھب جي مومن ھو ۽ ھر غير صالح ماڻھو بي راھ ھو. ھن زماني ۾ انسانيت جي مذھب جو پرچار ٿي رھيو آھي. صوفي انجو باني ھو. ھن سنڌ ۾ آزاد خيالي، انساني دوستي ، محبت ، وحدت الوجود ۽ وحدت مذاھب جو پايو وڌو . اھڙي ڪلمي حق جي پاداش ۾ شھيد . ھو نفرت ، نفاق ، دوئي ، تعصب جو پاڙ پٽو ھو. جيستائين سنڌ سلامت آھي انجو آواز ان جي ھر ڪُنڊ ۾ گونجندو رھندو. اُن کي ڪابه شيءِ مِٽائي نه سگھندي.
ھن کان پوءِ سنڌ جي تصوف پوري شڪل اختيار ڪئي. ھن جيڪي چيو ان کان وڌيڪ ھن سائنس ۽ علم جي دور ۾ به چئي نٿو سگھجي. ھو لاڪوفيت (نان الا ئنمينٽ ) ۽ رواداري (Co existence) جي جديد نظرين جو ايجاد ڪندڙ ھو . ھي سنڌ جي پنجن ھزارن ورھين جي تعليم ۽ تھذيب جو پيغام رسان ھو. جيئن پيغمبر خدا کي خاتم النبي سڏجي ٿو . تئين ھنکي خاتم پيغام سنڌ سڏيون ته ھرج نه آھي.

ڪتاب : سنڌ جا سورما
ليکڪ : سائين جي ايم سيد

 
Leave a comment

Posted by on September 4, 2011 in Personalities