RSS

Raja Dahir

20 آگس


راجا ڏاھر بن راجا چَچ
(برھمڻ گھراڻو سنڌ)

سورھيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وھم وسار،
ھڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيخ ترار، مار ته متارو ٿئين.

(شاھ)

سرزمين سنڌ دنيا جي قديم مھذب ۽ متمدن ملڪن مان ھڪ آھي،ان دنيا جي عام دستور موجب گھڻا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن. ان جي قديم عظمت جا نشان، آمري ، ڪوٽ ڏيجي ۽ موھن جي دڙي جي يادگارن ۾ اڃان تائين موجود آھن. ان تي ڪجھ وقت ملڪي حاڪمن جي حڪومت پئي رھي آھي ته ڪو وقت ڌارين جي قبضي ھيٺ اچي ان کي ڏکيا ڏنھن ڏسڻا پيا آھن. ان جي تاريخ جي پوريءَ طرح خوجنا نه ٿي سگھي آھي،پر نزديڪ سنڌي تسلط جو دور راءِ سھلسي ۽ چچ گھراڻي حڪومتن جو ھو.

چچ گھراڻي کي برھمڻ حڪومت به سڏين ٿا.ان گھراڻي جو آخري حاڪم راجا ڏاھر چچ جو ننڍو فرزند ھو. راجا چچ 52 ھ مطابق 672ع تي وفات ڪئي. ان بعد راجا چندر ، سنڌ جو والي ٿيو. جنھن اَٺ سال حڪومت ھلائي 60ھ مطابق 680ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ راجا ڏاھر سنڌ جي حڪومت گاديءَ تي ويٺو ، جنھن نھايت دانشمندي ، ھمت ۽ خوش اسلوبيءَ سان 32سال حڪومت ڪئي. جنھن کان عرب بنو اميه سامراج جي سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي جي نياڻي محمد بن قاسم حڪومت وٺي سنڌ تي ڌاريون تسلط قائم ڪيو.

راجا ڏاھر حڪومت جي واڳ وٺندي ھڪ سان اندر چئو طرف حڪومت کي مظبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. سندس گاديءَ جو شھر لور ھو.اتان ھن پھرين اڀرندي سنڌ ڏي برھمڻ آباد ۾ اچي سندس ڀاءُ ڏاھر سين کي مڪاني حڪومت سپرد ڪري پوءِ مڪرار طرف روانو ٿيو، جتي مڪاني حاڪم سان لاڳاپا قائم ڪري موٽي الور آيو. اھڙي طرح ھن سندس پيءُ راجا چچ جي ڏينھن واري ساري سلطنت تي ملتان سوڌو تسلط قائم ڪري ورتو. سندس دور حڪومت ۾ سنڌ اندر مضبوط حڪومت قائم ٿي ۽ امن امان رھيو.

ان وقت عرب ۾بني اُميه گھراڻي جي حڪومت ھئي،جن جي ھڪ حاڪم يزيد بن معاويه رسول صلعم جي ڏھٽي امام حسين عليه السلام کي شھيد ڪرائي ان جي لاش گھوڙن کان چٿرائي سندس سر مبارڪ نيزي تي چاڙھي مھينن تائين ملڪن ۾ گھماريو ھو.امام حسين عليه جي فرزند ۽ خاندان جي عورتن کي قيد ڪرائي دمشق گھرايو ھو.انھئَ گھراڻي عبدالله بن زبير کي حرم ڪعبه ۾ قتل ڪرايو ھو،از انسواءِ ڪيئي ظلم ڪيا ھئا.

راجا ڏاھر جي ڏينھن ۾ انھئَ گھراڻي جو حاڪم عبدالملڪ بن مروان عرب جو بادشاھ ھو. ان جو سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي وڏو ظالم ، قاتل ۽ بي رحم ھو جنھن اھل بيت رسول تي اڪيچار ظلم ڪيا ھئا ۽ بيشمار مسلمانن جو سندس ھٿان خون وھيو ھو.انھن ڳالھين کا تاريخ دان بخوبي واقف آھن.

امام حسين عليه السلام جي شھادت کان پوءِ جي مڪاني رد عمل پيد ٿيا تن کي سختيءَ سان دٻائڻ بعد جڏھن بني اُميه گھراڻي جو تسلط ساري عرب تي ويھي ويو ته ھنن سندن سامراج کي وڌائڻ لاءِ چئوطرف حملا ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا.

عربستان جو گھڻو حصو ريگستاني آھي،اتي جا رھاڪو سواءِ ٻن مکيه شھرن مڪي ۽ مديني جي بدويانه زندگي گذاريندا ھئا. ان ۾ رھندڙ قبيلا اڪثر پاڻ ۾ وڙھندا رھندا ھئا. ان ڪري جنگجويانه ذھنيت سندن سرشت ۾ سمايل ھئي. اتي جا رھاڪو گھڻو ڪري قديم قبيلائي مذھبن جا پوئلڳ ھئا جن جي خدائيءَ جا بت ڪعبي ۾ رکيل ھئا .پر ڪي منجھانئن ڪرستان ۽ يھودي ھئا.ضرورت زندگيءَ لاءِ ھو شام ۽ عراق سان قافلن ذريعي واپار ڪندا ھئا.

رسول مقبول صلعم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ به ھنن مان روم ۽ ايران جي شھنشاھن طرفان جنگي لشڪر لاءِ ڀرتي ٿيندي ھئي.ھتي جي رھاڪن جو زياده تر گذران مال چارڻ تي ھوندو ھو.سندن زندگي اڪثر ڪري تنگ گذرندي ھئي.رسول مقبول جي پيدا ٿيڻ تي ھنن کي نئين مذھب جي نالي ۾ متحد ڪري ھڪ مرڪزي حڪومت ھيٺ منظم ڪيو ويو.جنھن ڪري ھنن جي طاقت ۽ حوصلو وڌي ويو.

حضرت رسول ڪريم جن جي رسالت جا ٻه مقصد ھئا:

ھڪ: ماڻھن جي ذھني تربيت ، نفسياتي اصلاح ۽ اخلاقي درستئَ جو ھو.
ٻيو: امن امان رکڻ ، ملڪي نظام ۽ ماڻھن جي گذراني مسئلن جي حل ڪرڻ جو ھو.

پيغمبر خدا جي موجودگئَ ۾ ٻئي ڪم خوش اسلوبئَ سان سرانجام ٿيندا رھيا ان جي انتقال کانپوءِ سندس پوئلڳ ٻن راين ۾ ورھائجي ويا.

ھڪڙي جو رايو ھو ته مٿين ذڪر ڪيل پھرئين مقصد کي جو مذھب جو بنيادي متو ھو ترجيح ڏني وڃي.
ٻين جي راءِ ھئي ته عرب جا ماڻھو اڃا سندن بدويانه عادتون،قبيلائي اختلاف پراڻا اعتقاد ۽ رسم رواج پوريءَ طرح بدلائي نئين مذھب جي عقيدن ۽ دستور سان مانوس نه ٿي سگھيا ھئا. تاريخ ۾ پھريون دفعو انھن ۾ اتحاد ۽ مرڪزيت قائم ٿي ھئي جنھن جي قائم ڪرڻ ۾ طاقت جي استعمال کي گھڻو دخل ھو ان ڪري سڀ کان زياده توجھ ٻي مقصد جي سرانجامئَ طرح ڏيڻ گھرجي. پھرئين جو واسطو مستقبل جي ڳالھين سان ۽ ٻئي جو حال سان ھو. مستقبل جو مدار حال تي رھي ٿو،ان ڪري ٻئي گروھ کي ڪاميابي حاصل ٿي.

عرب جا ماڻھو غريب ھئا ، انھن جي يڪشت رکڻ ۽ قبيلائي اختلافن کان سندن توجھ ھٽائي ٻئي طرف ڪرڻ لاءِ راءِ جي ڪارڪنن ضروري ڄاتو ته ڀر وارن آباد ۽ سرسبز ملڪن کي قبضي ۾ آڻي انھن جي سرمائي سان ھتي جي رھاڪن جي گذران جو انتظام ڪجي.

نئين مذھب انھن ۾ اتحاد ۽ جذبه جنگ اڳي پيدا ڪيو ھو از انسواءِ ٻين سرسبز ملڪن جي ملڪيت ۽ پيدائش گذران لاءِ ھٿ ڪرڻ جي خيال منجھن ٻاھرين ملڪن فتح ڪرڻ جي خواھش پيدا ڪئي. حضرت عمر رضه جي ڏينھن ۾ ڀروارا سکيا ملڪ شام،عراق،مصر ۽ ايران فتح ٿي چڪا ھئا.

انھن فتحن عرب جي تنگدست ماڻھن کي سکيو ھڪ طرف بنايو ته ٻئي طرف ھنن جي جنگي قوت ، قومي وقار ۽ عزت جو ڌاڪو وھاري ڇڏيو. پھرين ٻن خليفن جي ڏينھن ۾ ڪي اخلاقي معيار ۽ رسول مقبول سلعم جي روايات قائم رکڻ جي ڪوشش ٿي . ليڪن مل ۾ ناراضگي ايتري وڌي جو ان مان ھڪ خليفو قتل ٿي ويو.

پئسا ، ملڪيت ۽ گذر جي فراواني جيڪڏھن زندگيءَ کي سھل بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته انھن جي ڪري ڪي خرابيون به پيدا ٿين ٿيون. نتيجو اھو نڪتو ته حضرت علي عليه السلام جي شھادت کان پوءِ قبيلائي اختلافن ۽ اقتدار جي حصول عربن ۾ خانه جنگي پيدا ڪري ڇڏي. نيٺ بني اُميه خاندان ٻين سڀني گروھن کي زور سان دٻائي سمري طاقت جو مالڪ بنجي ويٺو.

شيخ سعدي عليه الرحمته چيو آھي ته :

ھفت اقليم ازبگيرد بادشاھ ، ھم ڇنان در بند اقليم دگر،
نيم نان گر خورد مرد خدا،بزدل درويشان کندنيم دگر.
(معنيٰ : بادشاھن جي ستن ملڪن فتح ڪرڻ بعد به طمع جھڪي نٿي ٿئي ۽ وڌيڪ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو،ليڪن درويش ھڪ مانئَ مان اڌ کائي ٻئي لاءِ اڌ بچائي رکي ٿو.)

عبدالملڪ جي ڏينھن ۾ خانه جنگي گھٽ ٿي اندروني انتظام درست ٿيڻ بعد ھن بني اُميه سامراج کي وڌائڻ لاءِ رٿون رٿيون. نالو اسلام جو ھو ، مقصد فتح ڪرڻ ،ڦر لُٽ ڪرڻ ملڪيت ھٿ ڪرڻ جو ھو. ڪن مسلم تاريخدانن جو چوڻ آڳي ته رسول مقبول کان پوءِ خلافت ۽ اسلامي حڪومت ئي ڪانه ٿي آھي. پر ڪن جو چوڻ آھي ته خلفاءِ راشدين جي ڏينھن ۾ ٿورو گھڻو رسول مقبول جي روايات کي خيال ۾ رکيو ويندو ھو.ان کان پوءِ حڪومتون اسلامي نه رھيون.بلڪ نالي ۾ سلطان بادشاھن جي ھٿن ۾ پئي رھيون جن سندن شخصي ، قبيلائي ۽ گروھي مفاد لاءِ پئي حڪومتن کي ھلايو.

عبدالملڪ جي دور ۾ ان پوئين گروھ جي مفاد خاطر حڪومت ھلي رھي ھئي،تاريخدانن کي پتو آھي ته سندن سپھ سالار حجاج بن يوسف جيڪي ظلم ۽ قتل عام ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، آزاد ماڻھن کي غلام بنائڻ جا ڪيا ھئا.

ٻئي گروھ جو چوڻ ھو ته اسلام ھڪ نئون مڪمل عالمگير دين ٿي آيل ھو.ان جي اچڻ بعد ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا ھئا ھن نئين دين جا مکيه متا توحيد،نماز،حج ،زڪوات ۽ روزو ھئا. انھن متن ۾ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوريءَ دنيا ۾ ماڻھن مٿان مسلط ڪرڻ ھو جنھن عمل کي جھاد جي نالي سان سڏيائون ٿي ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙھائي ڪري خونريزي ڪرڻ ، ان تي قبضو ڪرڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري ٻڪرين وانگر وڪڻڻ وغيره ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي.

انھن ٻن گروھن مان پوئين جي عقيدن ۽ ڪارگذاري کي ڏسي غير مسلم عالمن ۽ تاريخ دانن اسلام کي ڊاڪن،لٽيرن،عيش پرستن جو مذھب ظاھر ڪيو ٿي. ھنن جو چوڻ ھو ته ماڻڳو ان ۾ تلوار جي آڌار تي زور زبردستئَ سان داخل ٿيا ھئا ورنه ان مذھب ۾ ڪھڙي سٺي ڳالھ ھئي جو اھڙي مذھب ۾ شامل ٿين ھا.ان قسم جي غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ مسلم عالمن ۽ درويشن ظاھر ڪيو ته صحيح اسلام اھو آھي جو پھرئين گروھ ٿي ظاھر ڪيو. پوئين دور ۾ سر سيد احمد خان ۽ خواجه ڪمال الدين جا ڏنل جواب پڙھڻ جي لائق آھن. سندن چوڻ ھو ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪونه ٿيو ھو بلڪ تاليف قلوب،بھترين اصولن ڪري اھو ماڻھن قبول ڪيو ھو. مسلمان حاڪمن طرفان جيڪا ملڪ گيري ، ڦرلٽ ۽ ٻيا ظلم ٿيا ھئا انھن جو اسلام سان تعلق ڪونه ھو.ملا جي اسلامي تشريح صحيح نه ھئي.

اڃان تائين مسلمان ساڳئَ طرح ٻن راين ۾ ورھايل آھن. جن مان ھڪ کي ملا جو گروھ ۽ ٻئي کي در ويشن جو گروھ سڏجي ٿو.اسان جو واسطو درويشن جي گروھ سان آھي تنھن ڪري محمد بن قاسم جي ڪارنامن کي اسلام سان واسطو رکندڙ نٿا تسليم ڪريون نه ان کي عازي نه اسلام جو علمبردار سڏڻ لاءِ تيار آھيون. بلڪ ان کي غاصب،سنڌين جي آزادي ، عصمت ، مال ،ملڪيت جو دشمن ۽ لٽيرو سمجھون ٿا.جنھن نه صرف سنڌ جي مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري وڪرو ڪيو ۽ ملڪيت ڦري ملڪ تي زوريءَ قبضو ڪيو پر اھلبيت رسول جو دشمن ، عياش،اسلام جي بنيادي اصولن جي خلاف ۽ مسلمانن جو قتل عام ڪرائيندڙ ھو.

اسان رسول مقبول صلعم کي رحمته العالمين سمجھون ٿا. ان جا ٻه قول اسان جي ڪنن ۾ اڃان تائين گونجي رھيا آھن .

ھڪ ! ” حب الوطن من الايمان“ وطن جي محبت ايمان جو جزو آھي.
ٻيو ته ” سنڌ جي طرف کان کيس ٿڌي ھير ٿي لڳي.“

ڇا ان تعليم ھوندي اسان سنڌ جي محبت کي جائز ٺھرائيندي ان تي ڌارين جي تسلط ۽ ٿيل ظلمن کي جائز قرار ڏئي سگھون ٿا؟

اسان ان راءِ جا آھيون ته ھر ماڻھوءَ لاءِ وطن جي حب لازمي آھي ، جو وطن دوست نه آھي سو بي ايمان آھي ، ايمان کان سواءِ صحيح مسلمان ئي نه ٿي سگھبو.

سنڌ پنج ھزار ورھين کان تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھي آھي، رسول مقبول جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ ھڪ به مسلمان ڪونه ھو بلڪ سڀ ماڻھو ھندو ۽ ٻڌ ھئا.پوءِ به سندن اظھار ته ان مان کيس ٿڌي ھير ٿي آئي ڪا ته معنيٰ رکندڙ آھي.

اھڙي حالت ھيٺ اسان ڪھڙي طرح ان ملڪ جي ماڻھن تي زوريءَ قبضو ڪري انھن جي آزادي سلب ڪرڻ اُتي جي مردن ۽ عورتن کي غلام بنائڻ ڪروڙھا روپين جي ملڪيت کي لٽي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪم کي صحيح اسلام مطابق جائز سمجھي سگھون ٿا.

جيڪڏھن ڪي ماڻھو سندس اھڙن ڪمن کي عين اسلام سمجھن ته مرضئَ جا مالڪ آھن. ھر ڪنھن جي سندن راءِ جو حق آھي. آخر ڪي اھڙا ماڻھو به ھئا ۽ اڃا تائين آھن جي امام حسين عليه السلام کي ناحق تي ۽ يزيد کي حق تي سمجھن ٿا. اھي ماڻھو يزيد ۽ انھئَ گھراڻي جي ھر ڪارروائي عين اسلام سمجھن ٿا. ان گروھ ۾ نه صرف ان زماني جا عالم ۽ حافظ قرآن شامل ھئا پر آڄ ڪلھ به ڪيئي ماڻھو ملي سگھن ٿا.

کين اھڙيءَ راءِ رکڻ جو ھر ڪو حق آھي ليڪن اسان کي به پنھنجي راءِ رکڻ جو اھڙو ئي حق ھئڻ گھرجي جھڙو ھنن کي ڏيڻ گھرون ٿا. اسان محمد بن قاسم جي حملي کي صحيح اسلامي تشريح جي خلاف ۽ غاصبانه سمجھون ٿا سنڌ جو جيد عالم ۽ بزرگ مولانا ابو الحن به ڏاھري سڏائڻ ۾ عيب نه سمجھندو ھو. اسان کي اعتراض نه آھي . سنڌ ۾ محمد بن قاسم گروھ جا طرفدار ڀلي پاڻ کي يزيدي سڏائين . ماڻھو نطفه مان پيدا ٿئي ٿو جو رت مان جڙي ٿو،رت کاڌي مان ٺھي ٿو.کاڌو اناج ، ڀاڄين ۽ گوشت مان ٺھي ٿو. اھي سڀ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ملڪي زمين ۽ پاڻيءَ جي پيدائش آھن.

مثال طور کڻي ڏسنداسين ته ھڪ ان جي داڻي زمين ۾ پوکڻ بعد سوھا داڻا پيدا ٿين ٿا. جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان ٺھن ٿا.تنھن ڪري ھر شيءَ ملڪ جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿئي ٿي. ھر ماڻھوءَ جي حقيقي ماءُ پيءُ آھن.

قرآن شريف به شاھدي ڏي ٿو ته:

” ولقد خلقنا الانسان من سلالهّ من طين.“
(معنيٰ : تحقيق اسان ماڻھن کي مٽئَ جي جوھر مان پيدا ڪيوآھي.)

انھي نقط نگاھ کان جيڪو ماڻھو وطن سان وفادار نه آھي سو حلالي ٻار نه آھي.انھئَ کي مدنظر رکندي آءُ راجا ڏاھر کي سنڌ جي آزادي، عزت ۽ ناموس لاءِ لڙي سر ڏيندڙ کي شھيد اول سڏڻ کان نٿو ڇرڪان ، پوءِ ڀلي ڪن يزيدي گروھ جي طرفدارن کي مرچون لڳن.

اھڙن ماڻھن جي دشمنئَ کان امام حسين عليه السلام نبي صلعم جو ڏھٽو ڇُٽي نه سگھيو آھي ، آءُ ته ان جي در جي خاڪ مثل آھيان.

ڪي ماڻھو راجا ڏاھر تي بھتان رکي سندن غازيءَ جي برن ڪارنامن لاءِ جواز پيدا ڪن ٿا. اچو ته انھن چند بھتانن جي جاچ ڪريون. ان مان مکيه ھيٺيان آھن:

1 ـــ ھن ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئي.
2 ـــ ھن عربن جي ڪن ماڻھن کي قيد ڪيو ۽ ڦريو لُٽيو ھو.
3 ـــ ھن ٻُڌ ڌرم ۽ غير برھمڻن سان ظلم ڪيا ھئا.

(3) ٽين ڳالھ ھن جي خلاف اھا چئي وڃي ٿي ته ھن ٻُڌ ڌرم ۽ ٻين غير ھندن تي ظلم ڪيا ھئا، ان ڳالھ جو ثبوت ڪونه ٿو ملي. اھا تاريخي حقيقت آھي ته راجا چچ جو ڀاءُ راجا چندرسين جڏھن تخت تي ويٺو ته ھن ٻُڌ ڌرم کي زور وٺائڻ طرف رخ رکيو. ھن ٻُڌ جي بڪشن ۽ پوڄارين سان خاص رعايتون ڪيون ھيون، ھر ھڪ کي معلوم آھي ته برھمڻن جو مذھبي تعصب ملن جي تعصب کان به ڪي رتيون ڪٽر آھي. سندن انھئَ پاليسئَ ڪري ٻُڌ ڌرم مرڳو ھندستان مان نڪري ويو. پر اھو سنڌ جو ملڪ ئي ھو جتي ھن راجا جي ڏينھن ۾ ٻُڌ ڌرم پوري زور تي ھو. جن جي موجودگي بنسبت ٻين ھندو حاڪمن جي راجا ڏاھر جي رواداريءَ جو ثبوت ڏي ٿي.سندس دور حڪومت ۾ ٻه گورنر ٻڌ ڌرم جا ھئا نه رڳو ايترو پر ھڪ مسلمان عرب محمد علافي نالي ساري قبيلي سان بني اُمين جي ظلم کان لڏي سنڌ ۾ اچي راجا ڏاھر جي پناھ ھيٺ رھيو. ان سان راجا ڏاھر اھڙو سلوڪ ڪيو جو سندس سڪي جي ٻي طرف ھن جي نالي اڪيرڻ جي اجازت ڏني . اھڙي رواداري جو سلوڪ تاريخ ۾ ڪو ڇڊو نظر ايندو.

اھڙي منصف مزاج راجا تي متعصب ھئڻ جو بھتان اھڙن ماڻھن طرفان لڳائڻ جن جي تاريخ جو ڪيترو حصو تعصب ۽ ڪٽرپڻي سان گريو پيو ھجي. بدديانتئَ کان سواءِ ڪجھ نه آھي.

(4) چوٿون بھتان راجا ڏاھر تي اھو لڳايو ٿو وڃي ته ھو عياش ۽ ظالم حاڪم ھو. خبر نه آھي انھن لفظن مان بُھتان لڳائيندڙ ماڻھو جو مقصد ڪھڙو آھي. ڇا راجا ڏاھر جي ٻن نياڻين جيڪي بادشاھ لاءِ تحفو ڪري موڪليون ويون ھيون جن سان زنا ڪرڻ جي جرم ۾ سزا کائيندڙ ماڻھو راجا جي زال ، ڇوڪرين جي ماءُ سان زوريءَ شادي ڪندڙ ، سنڌين جي عورتن کي ٻانھيون بنائي بنا نڪاح جي انھن سان صحبت ڪرڻ کي جائز ڄاڙڻيدڙ ھزارھا سنڌي عورتن ۽ مردن کي وڪرو ڪندڙ زياده گناھگار آھي يا وطن جي حفاظت لاءِ سِر ڏيئي سرھو ٿيندڙ ڏوھاري آھي؟

راجا ڏاھر 92 ھجري مطابق 712ع تي سنڌ خاطر لڙي شھيد ٿيو . ھر ھڪ سچي سنڌيءَ کي ان جي ڪارنامي تي فخر ٿيڻ گھرجي . ان لاءِ آءُ کيس سنڌ لاءِ سِر ڏيندڙ سورھين جي قطار ۾ پھريون ھيرو شمار ڪريان ٿو.

ان کان پوءِ سنڌ 340ورھيه غيرن جي غلامئَ ھيٺ رھي جيسيتائين ڪه سنڌ جي ھڪ سومري گھراڻي 1351ع ۾ وري سنڌ ۾ خالص سنڌي حڪومت قائم ڪئي.

ڀڳو آءُ نه چوان ، ماريو سين وسھان،
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،
ته پڻ لڄَ مران جي ھونسِ پُٺ ۾ …

(شاھ)

ڪتاب: سنڌ جا سورما
سائين جي ايم سيد

 
5 رايا

Posted by on آگسٽ 20, 2011 in Personalities

 

5 responses to “Raja Dahir

  1. Junaid

    April 2, 2012 at 1:01 AM

    I like this

     
  2. SANGHAR THEBO

    جولاءِ 29, 2012 at 1:53 AM

    i SALUTE U FAISAL SAHB

     
  3. Dr ASif

    آگسٽ 22, 2012 at 12:27 AM

    good work Bro ..

     
  4. Sorath Sindhi

    ڊسمبر 22, 2013 at 11:00 PM

    behtreen .. kep it up

     

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: