RSS

Slavery

05 جون

هو غلاميءَ کان انڪار ڪري ٿو، چوي ٿو ته اسين سنڌي ڇا جا غلام آهيون؟
آرام سان ڪل ڪوڪڙيءَ جي هوٽل تي ويهي شهپر وٽي، نرڙ تي ٽوپي رکي، ڪي ٽي اين تي اسد قريشيءَ جا هيانءُ ڦاڙيندڙ ڊائلاگ ٻڌان ٿو، پوءِ به چوين ٿو ته اسين غلام آهيون؟
ان هوٽل جي اڳيان هڪ ايمبولنس ڪوڪٽ ڪندي گذري ٿي ۽ شهيد سميع الله ڪلهوڙي جو رت ڳاڙيندڙ ۽ فوجي بوٽن سان چچريل لاش لهي ٿو، شهپر وٽي، نرڙ تي ٽوپي رکي، چانهن جو چسڪو وٺي منهنجو سنڌي ڀاءُ چوي ٿو، ڪير چوي ٿو ته اسين غلام آهيون…؟ سنڌ جي شهرن ۾ لکنوءَ جو لوڌيل لوٺيو، وات ۾ پان وجهي پچڪاريندو وتي ٿو، ڪابل ۽ قنڌار جو ڪرائي تي هلندڙ اتل ڏندن ۾ نسوار چنبڙائي “سنڌ همارا ڀي هي” چئي ڀؤنڪندو رهي ٿو، لاهور جا لوسي، گجرات جا غنڊا ۽ راولپنڊيءَ جي رنڊين جا پٽ سنڌ کي پنهنجي ملڪيت سمجهي لٽن ۽ ڦرن پيا، ۽ تون چوين ٿو ته اسين غلام ناهيون؟
هڪ هيروئن جو واپاري جيڪو چنگيز جي اولاد آهي ۽ هڪ هٿيارن جو سمگلر جيڪو هلاڪوءَ جو پٽ آهي، ساڍا ٽي سال اڳ سنڌ ۾ اسلامي ڀائيچاري جي نالي تي ڏتڙيل بڻجي پناهگير ڪيمپن ۾ آيو ۽ ۱۹۷۳ جي آئين هيٺ اڄ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيل آهي ۽ وفاقپرست سنڌ جو دلال اهو چوي ٿو ته اسين غلام ناهيون؟
سنڌ ڌرتيءَ جي آزاديءَ لاء وڙهندڙ شهيد روپلي ڪولهيءَ جي روح کي رنجائي اڍائي ڏينهن جي اقتدار جي لاء مٺيءَ جو هڪ ڪارو ڪتو سنڌ جا ٻيٽ وڪڻي ويو ۽ تون چوين ٿو ته اسين غلام ناهيون؟
سنڌ جي تصوف جي ساک ڀريندڙ سائين شڌارام ۽ ڀڳت ڪنور رام جي گهوٽڪيءَ کي غليظ ڪندڙ ڪچ کدڙي وڏيرو ست نياڻيون ڪاريون ڪري ٽي سئو مڙس مارائي، پنج ڪروڙ ۾ فيصلو ڪري، سائي جهنڊي واري گاڏيءَ ۾ ڏند ڏيکاري ٿو، ۽ تون چوين ٿو ته اسين غلام ناهيون؟ توهانکي هن ڳالھه جي خبر هوندي ته مرگهيءَ جو مريض اهو مڃڻ لاء تيار نه هوندو آهي ته کيس مرگهي آهي، ته پوءَ ڇا سندس مرگهيءَ جو علاج نه ڪجي…؟
غلاميءَ جو مرض مرگهيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي، جيڪڏهن منهنجيءَ سنڌ جا ڪجھ مفاد پرست ماڻهو پنهنجي ذاتي جهالت ۾ سنڌ جي غلام هجڻ کان انڪار ڪن ته ڇا انهن جي ان مرض کي بغير علاج جي ڇڏي ڏجي…؟

ليکڪ: نامعلوم

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on جون 5, 2011 in Articals

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: