RSS

چرٻٽ ۽ هڪ نرس

03 جون

چرٻٽ ۽ هڪ نرس

امر جليل


اسڪول کان موٽندي دير ٿي وئي.

پويون پيرڊ ڊرل جو هو، ڊرل ماستر کي عرض به ڪيم: شائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آهيان، ڊينڊو آهيان، پريڊ ڪندي ڪندي اجايو گسي ويندس، مونکي وڃڻ ڏيو. پر ڊرل ماستر نه مڙيو. چيائين: اصل نه ڇڏيندومانءِ چربٽ. هٿ ٻڌي ليلايومانس: سائين. اڄ فٽ بال ميچ به کيڏڻي آهي. مونکي وڃڻ ڏيو. ڊرل ماستر بندوق جهڙو سخت، نرم نه ٿيو. چيائين: اسان کي جنگ لاءِ تيار رهڻو آهي. چرٻٽ. اول جنگ، پوءِ فٽ بال ميچ.

اسان کي موڪل نه ملي. سڄي اسڪول کي موڪل ملي ويئي. ڇوڪرا ڪلاسن مان نڪرندا، ڊوڙندا، مٽي اُڏائيندا هليا ويا. ڊرل ماستر ااسان جي ڪلاس کي موڪل نه ڏني، ۽ ڪاٺ جون ڪوڙيون بندوقون ڪلهي تي رکائي. اسان کي اسڪول جي ميدان تي پريڊ ڪرائيندو رهيو.

پريڊ ڪندي مون ڦندڻ کي چيو: يار موڪل کان وڌيڪ سٺي شيءَ دينا ۾ ٻي ڪابه ڪونهي. پڇائي: ۽ قلفي؟. قلفي به سٺي آهي، پر موڪل سڀني کان سٺي آهي، مون وراڻيو. ان وقت اسان مارچ ٽائيم ڪري رهيا هئاسين. مارچ ٽائيم هيئن ٿيندو آهي، جو ماڻهو هڪ جاءِ تي بيٺو هوندو آهي ۽ زور زور سان ڌرتي کي لتون هڻندو آهي. اسان زور سان ڌرتي کي لتون هڻي رهيا هئاسين ۽ مارچ ٽائيم ڪري رهيا هئاسين. ڦندڻ چيو: يار چرٻٽ، منهنجي بوت جو ترو ڇڳل آهي، مونکي ته وري ٻيو بوٽ به ڪونهي ني، منهنجي ماءُ غريب آهي. مارچ ٽائيم ڪندي وراڻيم، پرواهه نه ڪر ڦندڻ، اسان کي جنگ لاءِ تيار رهڻو آهي؛ اول جنگ، پوءِ بوٽ جڳو ڇڳل ترو.

ان ڏينهن ڊرل ماستر ڏاڍي جوش ۾ هو. سانجهيءَ تائين اسان کي پريڊ ڪرائيندو رهيو. پوءِ جڏهن پاڻ ٿڪجي پيو، تڏهن چيائين؛ ٻارو هاڻي توهان ٿڪجي پيا هوندو تنهنڪري توهان کي موڪل ڏجي ٿي. اسان سڀني کي ڏاڍي خوشي ٿي. بندوقون ڀت سان رکي، ڌرتيءَ تان ڪتاب کڻي، ڇنڊي، ڪڇ ۾ ڪياسين، ڦنڊڻ چيو: يار چرٻٽ، تون ته بندوق کان به بندرو آهين. مونکي ان جو افسوس آهي، ڦندڻ، کيس جواب ڏنم. ۽ پوءِ سڌو وڃي ڊرل ماستر جي سامهون بيٺس. جيڪو سهڪي رهيو هو، ۽ رومال سان پنهنجي ڪاري ٿلهي ڪنڌ تان پگهر اگهي رهيو هو. چيومانس: سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آهيان، مهرباني ڪري مونکي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو. سائينءَ وراڻيو: تون نه فقط بندرو آهين چرٻٽ. پر ڪجهه ڪجهه بيوقوف به آهين، هاڻي گهر وڃ ۽ منهنجو مٿو نه کاءُ.

مون ماستر صاحب جو مٿو نه کاڌو ۽ ٻاهر نڪري، آنڪ جا ڇولا کاڌم، ڇولا کائي، ڦندڻ سان هٿ ملائي گهر آيس. ٿڪل هوس، سوچيم ته ڪنهن سان به نه ڳالهائيندس. سمهي پوندس.

انور سڏ ڪيو، ”چرٻٽ“

”نه يار، اڄ مان ٿڪل آهيان.“

”هڪڙ ي ڳالهه ته ٻڌ.“

”نه ادا نه. اڄ مان تنهنجي تقرير نه ٻڌندس. الا. ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.“

منهنجو ڀاءُ انور اسٽوڊنٽ ليڊر آهي. ڪڏهن بک هڙتال ڪندو آهي ۽ ڪڏهن تقرير. پر جڏهن کان سندس ڪاليج کي وئڪيشن ملي آهي، تڏهن کان روز مونکي تقرير ٻڌائيندو آهي. تقرير ٻڌڻ جي عيوض مان کانئس قلفي کائڻل لاءِ ٻه آنا وٺندو آهيان. ٻه آنا منهنجو تريءَ تي رکي انور هڪ دم تقري شروع ڪندو آهي. هڪڙو ڪو ملڪ آهي ويٽنام. اتي جنگ لڳي آهي. بس پنهنجي تقرير ۾ ويٽنام ويٽنام ڪندو آهي ۽ آمريڪا کي گاريون ڏيندو آهي. هڪ ڏينهن پڇيومانس: يار اهو ويٽنام وري ڪٿي آهي؟ انور ساهه منجهائي، تقرير روڪي. اڌ ۾ ڳالهايو هو: ويٽنام اتر ڏکڻ ايشيا ۽ جنوب مشرق آفريڪا جي وچ ۾ آهي. پر ياد رک چرٻٽ، وري وچ ۾ ڳالهائيندين ته ٻه آنا نه ڏيندومانءِ. چريا، تقريرون ٻڌبيون آهن. تقرير جي وچ ۾ ڳالهائبو ناهي. پوءِ انور ڏاڍي جوش ۾ تقرير ڪئي. آمريڪا کي گاريون به ڏيندو رهيو ۽ هوا ۾ مڪون ۽ ٺونشا به ڦيرائيندو رهيو. اوچتو هڪ مڪ مون کي به ٺڪاءُ ڪري ڏنائين. مونکي سخت ڪاوڙ آئي: چيومانس: اڙي مان آمريڪا ٿوروئي آهيان، جو مونکي مڪ ٿو هڻين. ساري چرٻٽ انور منهنجي ٽڪڻ تي هٿ گهمائيندي چيو هو. مون به ضد ٻڌو: ٻه آنا تقرير ٻڌڻ جا ۽ ٻه آنا ٺونشو کائڻ لاءِ به ڏي. ان ڏينهن انور مونکي چار آنا ڏنا هئا ۽ مون اسپيشل قلفي کاڌي هئي.

اسڪول کان موٽيو هوس ڍير سان. ٿڪل هوس انور کي انڪار ڪري ڇڏيم.

انور ڏاڍي رازداريءَ ۾ چيو، ”تقرير ناهي چرٻٽ، ٻيو ڪم آهي.“

”رڌڻي مان ماني چورائڻي ته ناهي؟“

”نه نه، ٻيو ڪم آهي.“

”پرائيويٽ ڪم آهي.“

مون انور کي جاچي ڏٺو. پڇيومانس، ”ڇا کارائيندين؟“

”قلفي“

”خوش رهه، ڪڍ ٻه آنا.“

انور مونکي ٻه آنا ڏنا. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، پتلون جي کيسي مان گلابي لفافو ڪڍي مون کي ڏنائين. چيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ جيڪا ڪرستان نرس آهي نه_“

”ها ها. ڪار بيني.“

”اڙي اها نه.“

”ته پوءِ ڪهڙي؟“

”جنهن تنهنجي ڪن ۾ دوا وڌي هئي، سوزي، سوزي.“

”بس بس. سمجهي ويس.“

”شاباس. هي خط سوزي کي ڏيئي اچ.“

مون خط وٺي کيسي ۾ وڌو. وڃڻ کان اڳ انور کان پڇيم، ”پنهنجي ڪاليج جي مئگزين کي پڙهڻ لاءِ ڏيندين نه؟“

تون اڃان ٻار آهين. تون ڪاليج مئگزين ڪيئن پڙهي سگندين!“

”مان مئگزين جو سنڌي حصو پڙهندس.“

”نه چرٻٽ نه. ڪاليج مئگزين ۾ ٻارن لاءِ ڪابه شيءِ نه هوندي آهي.“

”يار هڪ دفعو پڙهڻ لاءِ ڏيجانءِ نه.“

”ادا احمد کان مار کارائيندين ڇا.“

”مان لڪي لڪي پڙهندس. ڪاڪوس ۾ وڃي پڙهندس.“

”نه چربٽ، نه.“

”ته پوءِ مان به تنهنجو خط نٿو کڻ وڃان.“

”ائين ته نه ڪر.“

”تون منهنجي ڳالهه ڇو نٿي مڃين.“

”چڱو چڱو. پڙهجانءِ. هاڻ وڃ سوزي کي خط ڏيئي جلدي موٽي اچ.“

مون ٻه آنا کيسي ۾ وڌا ۽ ٺينگ ٺپا ڏيندو. ليڊي ڊفرن اسپتال پهتس. سوزي هڪ مريض کي سُئي هڻي رهي هئي. مون کيس ”شي شي“ ڪري سڏ ڪيو ۽ اچڻ جو اشارو ڏنو هوءِ سئي هڻي، ورانڊي مان ٻاهر هلي آئي. مون کيس انور وارو گلابي لفافو ڏنو. هوءَ اتي ئي لفافي مان خط ڪڍي پڙهڻ لڳي. مان پاسيرو ٿي اک ٽيٽ ڪري کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. هڪ دفعي گهڻو اڳ. جڏهن منهنجي ڪن ۾ مونگهڻ گهڙي ويو هو ۽ مون کي ڪن ۾ هوائي جهاز هلڻ جا آواز ايندا هئا. مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجهرائڻ لاءِ ليڊي ڊفرن اسپتال ويندو هوس. سوچيندو هوس، منهنجي ڪن ۾ سدائين هوائي جهاز هلندا رهن ۽ مان زوز سوزي کان ڪن ۾ دوا وجهائڻ لاءِ اسپتال ويندو رهان. پر افسوس هڪڙي ڏينهن منهنجي ڪن مان مئل مونگهڻ نڪري آيو. هوائي جهاز هلڻ بند ٿي ويا. تڏهن کان مون کي سوزي ڏاڍي وڻندي هئي.

سوزي جڏهن خط پڙهي رهي. تڏهن منهنجي پٺي ٺپيندي پڇائين، ”تم انور کا دوست هے؟”

”اڙي نو نو، هم تو وڙي ٽارزن اور قلفی والے کا دوست هے”

هن پنهنجي نرم نرم، اڇو اڇو، لسو لسو هٿ اڳتي ڪري، پنهنجين ڪونئري ڊگهين آڱرين سان منهنجي ڳٽي تي پيار منجهان ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”تم بهوت اچھا لڑکا هے.”

”تم ڀي وڙي بوت اڇا هے“ مون گد گد ٿيندي چيو، ”هم تم ڪو قلفي کلائينگا.“

هوءَ کلڻ لڳي مان کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ مون کي ڏاڍي وڻي. دل چاهيو ته سندس اُگهاڙين پنين تي چهنڊڙي پائي ڀڄي وڃان. پر ائين نه ڪيم. اجايو ناراض ٿي وڃي ها ۽ منهنجي قلفي به نه کائي ها.

مون کيس سلام ڪيو ۽ ٻه قدم پوئتي ٿي وري کيس سلام ڪيم، ٻه قدم وري به پوئتي هٽيس ۽ پوئتي ٿيندو، ڪاريءَ ٿلهيءَ، بينيءَ نرس وٽ وڃي بيٺس. پوءِ مون خوشي مان ٽارزن جهڙي رڙ ڪئي. بيني نرس کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪرندي ڪرندي پاڻ سنڀالي ورتائين.

اسپتال مان ٻاهر آيس. ڏاڍي خوشي ۽ بدن ۾ ڪتڪتائي پئي محسوس ڪيم، دل چاهيو ته سڄي واٽ ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو وڃان. پر خيال آيو ته اجايو ڪتا ۽ شريف ماڻهو ناراض ٿيندا. پوءِ سوچيم ته کِلان. کِلي کِلي اونڌو ٿي ڪري پوان. اوچتو خيال آيو ته ماڻهو چريو سمجهي پٿر هڻندا. مان وڏو ٿوروئي آهيان، جو ماڻهو مون کي مست سمجهن.

نيٺ ڳائڻ جو فيصلوڪيم. وات تي هٿ رکي، گوين وانگر واڇ چٻي ڪري ڳائڻ شروع ڪيم: ” اڃان ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان“. گانو ڳائيندو، جهومندو وڻن جا پن پٽيندو، سڌو قلفي واري وٽ اچي بيٺس.

”اڄ ته ڪا اسپيشل قلفي کاراءِ يار،“ مون چيو ۽ ڳائڻ لڳس، ”اڃا ته قلفي وارا مان ننڍو آهيان. اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان__نيٺ وڏو به ٿيندس، نيٺ ٽارزن به ته ٿيندس.“

”ڇو! اڄ ڏاڍو خوش ٿو ڏسجين؟“

”ڳالهه نه پڇ يار.“

”اسڪول جي ڪا ڇوڪري ته نه و ڻي ويئي اٿئي؟“

”ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين مولائي،“ مون وراڻيو ۽ قلفي واري کي حيران پريشان ڇڏي، قلفي چوسيندو اڳتي هليو ويس. قلفيءَ واري به عجيب انسان آهي. ڀلا اسڪول جون ڇوڪريون به ڪي وڻڻ جهڙيون هونديون آهن! مون کي پاڻ جيتريون ننڍڙيون اسڪولي ڇوڪريون اصل ڪونه وڻن. ڪنيون جڏهن ڏسن نڪ ۾ آڱريون پيون گهمائينديون. اکين مان چپيون پيون ڪڍنديون، رئي جي ڪنڊ جي وٽ ٺاهي، ڪن مان مر پيون ڪڍنديون، گدليون هٿ مس ۾ نيرا، اجايو سجايو هڪ ٻئي سان کج کج ڪنديون. منٽ ۾ رسنديون، منٽ ۾ پرچنديون سڄو ڏينهن چٽڻي ۽ گدامڙي کائينديون رهنديون آهن. اهي ننڍڙيون بندريون، متيرن جيتريون ڇوڪريون مون کي بنهه ڪونه وڻن، چٻيون، جهڙيون جنڙيون.

مون کي بس سوزي نرس وڻندي آهي، ان ڏينهن مون کي ڪجهه ڪجهه ڏک به ٿيو هو ته مان سوزيءَ کان ڪيترو ته ننڍڙو هوس، بندرو، مشڪل سان سوزيءَ جي ٽنگ جيترو مس هوس، پر تڏهن به مان خوش هوس، بيحد، گهڻو، ڏاڍو.

پرنسيس اسٽريٽ کان رامسواميءَ تائين ماڻهن کي ڌڪيندو، پري ڪندو، ڳائيندو ويس ته: ”اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان__نيٺ وڏو به ته ٿيندس“. بوهرا پير وٽ منهنجي پوئتان ڪنهن ٿلهي آواز ۾ ڪنو ٽهڪ ڏنو. بلڪل اهڙو ٽهڪ، جهڙو پاڪستاني فلمن ۾ بدمعاش هيرو ي ٺونشو هڻڻ ان اڳ ڏيندو آهي. ڪاوڙ مان منهن ورائي پوئتي ڏٺم. هڪ گوڏر پنهنجين واهيات، جهينگن جهڙين مڇن تي هٿ ڦيرائي کلي رهيو هو.

پڇومانس، ”ڇو ٿو ڙي کلين؟“

مڇوءَ جواب نه ڏنو. کلندو رهيو.

”اڙي وري کلين ٿو!“ مون خارن مان چيو، ”خبر اٿئي. مان ليڊي ڊفرن اسپتال مان پيو اچان.“

گهگي آواز ۾ چيائين، ”ڀيٽو وري الله وٽان ته نه آيو آن ني.“

”الله وٽان به آيو آهيان. امان چوندي آهي، ته مان الله وٽان آيو آهيان.“

”جي ماڻهين چوندي آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي. پر جي پڻهين کان اها خبر ٻڌي اٿئي ته پوءِ ڀيٽو غلط اٿئي.“

”منهنجو پيءُ مري ويو آهي.“

”ته پٽ، تون به وڏو ٿي ڦاڙها ماريندين.“

”ڦاڙها ته منهنجو دوست ٽارزن ماريندو آهي.“ ٽارزن جي ڳالهه ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ”ٽارزن شينهن، چيتي ۽ واڳوءَ کي به ماريندو آهي.“

هو ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳو. چيائين. ”چئه، اڃا ته ايٽ مان ننڍڙي آهيان. ننڍِڙي، ننڍڙو نه.“

”ٽارزن تو جهڙي درياهي گهوري کي به ماريندو آهي.“ مون کانئس پري ٿيندي چيو. ”خچر، مڇو. جهينگا.“

مون مڇو کي آڱوٺو ۽ چڀ ڏيکاري، ۽ ڊوڙندي ڀڄي ويس، اجايو وري چڙهي وڃانس ها ته ماستر صاحب وانگر ماري ماري لاهه ڪڍي ڇڏي ها.

رستو ٽپندي ڳائڻ شروع ڪيم. اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان. اڃا ته ايٽ مان ننڍڙو آهيان. نيٺ وڏو___. الا ڪٿان اوچتو ئي اوچتو. موٽر رڪشا منهنجي سر تي اچي ڪڙڪي، ڊرائيور زور سان بريڪ ڏنو ۽ رڪشا ڏامر جي رستي تي ليڪا ڪڍندي منهنجي ڀرسان اچي بيهي رهي.
پٺاڻ ڊرائيور خارن مان ڳاڙهو ٿي ويو. ان وقت مونکي آلو بخارا ياد آيا. هو رڪشا مان لهي آيو. مان ٽپ ڏيئي فٽ پاٿ تي چڙهي بيٺس. لالي پٺاڻ، ٻانهن وڌائي، ڀر ڪري جون ٿڦڙ وهائي ڪڍي ۽ چيائين. ”خوچه خنزير ڪا بچه.“

ٿڦڙ کائڻ کان اڳئي مان فٽ پاٿ تي ويهي رهيس. ڊرائيور جو وار گسي ويو. ۽ چماٽ منهنجي پويان ايندڙ ٻئي ماڻهوءَ کي ٻوٿ ۾ وڃي لڳي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ٻکجي ويا. مان اتان ڀڄي ويس.

ڀلا هي ڪراچي ڪو شهر آهي! رستن تي هر وقت موٽرون.لاريون، ٽرامون، رڪشا ڊوڙندا رهندا آهن ٻيو ڪو ڪم ڪونهين، چرين وانگر ڊوڙندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن بس لاري کي خار ايندا آهن ته رستو ڇڏي، فٽ پاٿ تي چڙهي ڪنهن دڪان يا گهر ۾ گهڙي ويندي. ڪڏهن ڪڏهن بسون پاڻ ۾ وڙهي پونديون آهن. پر سڀني کان خوفناڪ آهن رڪشا، جن جا ڊرائيور به خوفناڪ هوندا آهن.

مون سوچيو آهي ته وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس، گهر بدران وڻن تي رهندس. بسون ۽ لاريون گهرن ۾ گهڙي اينديون آهن. پر اڄ تائين ڪابه بس يا موٽر لاري وڻ ته چڙهي نه سگهي آهي. مان وڻ تي رهندس ۽ دوستي پکين سان رکندس، (افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ ٽارزن جي ملڪ وانگر جانور وڻن تي نٿا رهن) مان وڻ تان هيٺ لهي ڪنهن به جانور سان دوستي نه رکندس.

سيٽيون وڄائيندو، ڀتين تان پوسٽر ڦاڙيندو، راڳ ڳائيندو گهر آيس.

انور منهنجي انتظار ۾ ڏاڪڻ وٽ بيٺو هو ۽ ڪو غمگين فلمي گانو ڳائي رهيو هو. مون کي ڏسندي ئي گانو ڳائڻ بند ڪري ڇڏيائين.

مونکي ٻانهن کان ڇڪيندين پڇيائين، ”ڪيئن چرٻٽ، ڪم ته ٺيڪ ٿي ويو نه؟“

مون اول کيس ڪاري بيني نرس واري ڳالهه ٻڌائي.

چيائين: ”پراين عورتن سان مستي نه ڪندو ڪر. اهڙيون حرڪتون شريف ٻار نه ڪندا آهن، ۽ ڀلا__“

مون کيس ڳالهائڻ نه ڏنو ۽ مڇوءَ جي ڳالهه ٻڌائيمانس.

چيائين، ”پاڻ وڏن سان ادب سان ڳالهائبو آهي. تو کي عقل الاهي ڪڏهن ايندو چرٻٽ. ۽ ڀلا_“

مون سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪپي ڇڏي ۽ کيس رڪشا ڊرائيور جي ڳالهه ٻڌايم.

چيائين. ”رستي تي وائڙن وانگر نه هلندو ڪرل. اول ساڄي، پوءِ کاٻي پاسي ڏسي رستو پار ڪندو ڪر، ۽ ڀلا هو خط سوزي کي ڏنئه؟“

”اول پنهنجي ڪاليج جي مئگزين ڏي، ته پوءِ ٻڌائيندومانءِ.“

”مئگزين نه ملندءِ.“

”ته پوءِ مان ڳالهه به نه ٻڌائيندومانءِ.“

”مار کائيندين چرٻٽ.“

”ماري تي ڏيکار! هون،“ مون چيو، ” مان سڀ ڪجهه امان کي ٻڌائي ڇڏيندس ته تو هڪ نرس کي__“

”ٺهيو بابا، ٺهيو،“ انور منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيو. ڊوڙندو ويو ۽ پنهنجي ڪمري مان ڪاليج مئگزين کڻ آيو.

مئگزين ڏيندين چيائين، ”هاڻي ته کڻي ٻڌاءِ. چريا چرٻٽ ڪجهه چيائين.“

”ها. چيائين ته تم بوت اڇا لارڪا هے؟

”ٻيو ڪجهه؟“

”ڪجهه به نه.“

انور خيالن ۾ گم ٿي ويو. پنهنجي ساءِ مرڪڻ لڳو.

پڇيومانس. ”کيل ٿي ويندوء ڇا؟“

”ها.“

”ڪهڙي تي؟“

”بدنام حسينه عرف بيرحم گهوڙيسوار.“

”هون! اها به ڪا فلم آهي! ٽارزن ۽ خوفناڪ چيتو وڃي ڏسو نه.“

”اها فلم ٻارن لاءِ آهي. چرٻٽ،“

”اڙي نه نه.“ مون خوش ٿيندي چيو، ”ان فلم ۾ ٽارزن هڪ ڇوڪريءَ کي لو love)) هڻي ٿو.“

ٻيشرم، بداخلاق.“ انور ڪاوڙجي ويو. ”وڏي ڀاءَ سان اهڙيون واهيات ڳالهايون ڪندي شرم نٿو اچيئي.“

”اچي ٿو.“

”ته پوءِ هتان ڀڄي وڃ،“ انور چيو، ”مئگزين به لڪائي پڙهجانءِ.“

”تون خيال نه ڪر.“

”۽ سوزي واري ڳالهه به ڪنهن سان نه ڪجانءِ.“

”قلفي کارائيندين؟“

”ها.“

”ته پوءِ ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس.“

انور ڪپڙا مٽي عذرا جي ڪمري ۾ ويو. عذرا منهنجي ڀيڻ آهي. نڪ پڪوڙي جهڙو. ڏند مترڪي جهڙا ۽ اکيون فٿل انگورن جهڙيون اٿس.

مونکي هر هفتي هڪ دفعو مار ڏيندي يا کارائيندي آهي.

انور پٻن تي هلندو عذرا جي ڪمري ۾ گهڙي ويو. ان وقت عذرا هڪ اردو ناول پڙهي رهي هئي. ۽ زور زور سان ٽنگون لوڏي رهي هئي. هوءَ بالڪونيءَ ۾ ويٺي هئي.

انور عذرا کان اک بچائي، ڊريسنگ ٽيبل مان سينٽ جي شيشي ڪڍي پنهنجن ڪپڙن تي هاري ڇڏي. مان کيس در جي وٿيءَ مان جاچي رهيو هوس. مون تي نظر پيس ته مونکي اک هنيائين. جنهن مان سمجهيم ته خاموش رهان. انور پير پير پائي، ڪمري مان نڪري ويو.

مان ٻاهرين ڌر تائين انور جي ڪڍ آيس. ٻاهرين در وٽ ترسي. هٿ جي اشاري سان پڇيائين ته ڇاهي. مون پريان ئي کيس ساڄي هٿ جون ٻه آڱريون ڏيکاريون. ۽ کاٻي هٿ جو اڱوٺو وات ۾ وجهي ڇڏيم. جنهن مان منهنجو مطلب هو ته مونکي ٻه آنا ڏي ته مان هڪ قلفي کاوان. انور پنهنجي واچ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ڪنڌ لوڏي هليو ويو. مون به کيس وڃڻ ڏنو. رات جا نو ٿي رهيا هئا. اجايو دير ٿي وڃيس ها ۽ سوزي کي به تڪليف ٿئي ها.

سوزي! سوزي! اوهه مان جيڪر وڏو هجان ها. انور جيڏو هجان ها ۽ انور مان جيترو ننڍڙو ۽ بندرو هجي ها. مان خط لکان ها ۽ انور سوزي کي ڏيئي اچي ها. ۽ پوءِ سوزي ۽ مان فلم تي وڃون ها. پر مان ته جيڪر سوزي کي ٽارزن جي فلم ڏيکاريان ها. اردو فلمن ۾ هيروئن ۽ مايون ايڏو ته روئينديون آهن، جو منهنجي دل به ٻاگها ڦاڙي روئڻ چاهيندي آهي.

هڪ دفعو مان، امان، عذرا ۽ پاڙي جون عورتن سان گڏ هڪ فلم جو زنانو شو ڏسڻ ويو هوس (مان ننڍڙو آهيان ۽ بيحد بندرو آهيان، تنهنڪري مون تي زناني شو ۾ عورتن سان ويهڻ جي جهل پل ڪونهي) ان فلم ۾ ويچاري هيروئن کي سندس مڙس مار ڏيئي، گهر مان ڪڍي ٿو ڇڏي. ساڳيو مڙس هڪ ٻيءَ فلم ۾ ساڳي هيروئن جو پيءَ ٿيو هو. اهو ڏسي مون سخت اچرج ٿيو ۽ جڏهن عذرا کان پڇيو هيم ته اهو ساڳيو ٿلهو بدمعاش هڪ فلم ۾ ساڳي هيروئن جو پيءُ ٿيو هو ۽ هن فلم ۾ وري مڙس ڪيئن ٿي پس! ته عذرا مونکي ڇڙٻ ڏيندي چيو هو: موئا چپ ڪر، چريا چرٻٽ، مون ماٺ نه ڪئي ۽ اڻ تڻ لڳي پئي هئي، سو چپ ڪيئن رهان ها! پنهنجو وات عذرا جي ڪن وٽ آڻيندي چيو هيم: ٽارزن جي فلمن ۾ ته ائين نه ٿيندو آهي. جانور هر فلم ۾ جانور رهندا آهن، ماڻهو ٿي نه پوندا آهن. عذرا پنهنجو سڪل، ڪارو هڏائون هٿ منهنجي وات تي رکي ڇڏيو هو ۽ عجيب آواز ۾ چيو هئائين: بس ڪر، موئا مرين. ۽ پوءِ رئي جي ڪنڊ وات ۾ وجهي روئڻ لڳي هئي. مون سندس هٿ تي هٿ رکي چيو هو: مونکي معاف ڪر منهنجي ڀيڻ (نياڻي ست قرآن هوندي آهي، ڪيئن ناراض ڪيانس ها!) اوچتو امان ۽ پاڙي جي عورتن به روئڻ شروع ڪيو. مون اڳتي پوئتي منهن ورائي ڏٺو. منهنجي حيرت جي حد نه رهي هئي. جڏهن ڏٺو هيم ته سڄي سئنيما هال جون عورتون روئي رهيون هيون. اکيون ڦاڙي پڙدي ڏانهن ڏٺو هيم، ۽ سڀني جي روئڻ جو سبب منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو هو. پردي تي هيروئن جا حال بڇڙا هئا. هوءَ ريل جي پٽن جي وچ ۾ ڊوڙي رهي هئي. ڪجهه نانگ، بلائون. وڇون وغيره هيروئن ڏانهن وڌي رهيا هئا. پريان ريل گاڏي اچي رهي هئي ۽ هيروئن ويچاري ٻئي ٻانهون مٿي ڪري، ٻاگها ڦاڙي هڪ گانو ڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. مون سوچيو، يار چرٻٽ سڀ روئن ٿا_ امان روئي ٿي، هيروئن روئي ٿي، توکي به روئڻ گهرجي. پوءِ مون به منهن بڇڙو ڪري، واڇ ڇٻي ڪري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ شروع ڪيو هو. ان دفعي مان ڏاڍو رنو هوس. ڀلا اهڙي فلم ۾ سوزي کي ڪيئن وٺي وڃي روئاري اچان ها؟“

منهنجي ننڍڙي ميڄالي ۾ وڏا وڏا خيال اچڻ اُڀرڻ لڳا.

مون ڪاليج مئگزين، جاگرافيءَ جي جرنل ۾ لڪائي ڇڏي. پنهنجي ڪتابن جي ميز وٽ ڪرسي وجهي ويهي رهيس ۽ سڀني کان اک بچائي ڪاليج مئگزين جو سنڌي حصو پڙهي ويس. عجيب عجيب ڳالهيون ۽ آکاڻيون لکيل هيون مئگزين ۾.

هر هڪ آکاڻي ۾ سماج نالي ڪنهن شيءِ جو هزارين دفعا ذڪر ڪيل هو. هر هڪ آکاڻي ۾ سماج ڪانه ڪا گڙٻڙ ڪئي هئي. مونکي سماج تي ڏاڍا خار آيا. پوءِ مون مئگزين بند ڪري، سماج جي بار ي ۾ سوچڻ شروع ڪيو. وڏو ڪو بدمعااش آهي سماج! اها پڪ هيم ته سماج ڪنهن جانور جو نالو ڪونهي، ڇو جو ٽارزن اڄ تائين چيتي، رڇ، بگهڙ، واڳون ۽ درياهي گهوڙي وغيره سان وڙهيو آهي. پر اڃان تائين سماج سان مقابلو نه ڪيو اٿائين. گهڻو سوچڻ کانپوءِ به سماج منهنجي سمجهه ۾ نه آيو ۽ مون سماج جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏنو.

ڇائي پائي سماج. پوءِ مون مئگزين ۾ لکيل ڳالهين جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. ان ڏينهن، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مونکي خبر پئي ته ماڻهو وڏو ٿي ڪيئن ڳالهائيندو آهي__ڪيئن محبت ڪندو آهي. فيصلو ڪيم ته مان به وڏو ٿي ائين ڪندس، ائين ڳالهائيندس، اوچتو منهنجي ذهن ۾ ٻيهر سماج بدمعاش جو خيال اُڀري آيو_وڏو شودو آهي سماج_ڪڏهن هيروئن جو پيءَ ته ڪڏهن مڙس!

مان سماج، محبت ۽ سوزي جي باري ۾ سوچيندو سمهي پيس.

امان الاءِ ڪهڙي مهل مونکي ننڊ جاڳائي چيو: ڀاڻهين نان ڪباب آندا آهن، اٿي کاءُ، مان هن وقت بدمعاش سماج جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان، وراڻيم ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيم.

سوزي سرڪاري باغيچي ۾ شترمرغ جي پڃري وٽ هڪ بئنچ تي ويٺي هئي، ۽ وڻ جي ٽاريءَ تي اُلو ويٺو هو. سوزي کي ڪپڙا پرين جهڙا پاتل هئا ۽ سندس ٽنگون به اُگهاڙيون نه هيون. کيس پرين جهڙا اڇا اڇا، سهڻا سهڻا کنڀ هئا. ان وقت مان ۽ منهنجو جگري دوست ڦندڻ ڏيڏرن کي پٿر هڻڻ لاءِ باغيچي ۾ ويا هئاسين. مون ڦندڻ کي چيو: يار ڦندڻ، تون هن تلاءَ وٽ ويهي نڪ مان گينگها به ڪڍ ۽ ڏيڏر به ڏس، مان منٽ ۾ سوزيءَ سان ملاقات ڪري موٽي ٿو اچان ۽ اچي ڏيڏرن کي پٿر ٿو هڻان. ڦندڻ تلاءَ جي ڪپ تي ويهي رهيو ۽ چيائين: ايندي ايندي گدامڙي پٽي اچجانءِ.

تلاءَ جي سامهون ٻوٽا هئا. ۽ ٻوٽن جي ٻئي پاسي، سائي ڇٻر جي پرئين ڪنڊ وٽ، هڪ اڪيلي بئنچ تي سوزي اُداس ويٺي هئي.

هڪ ڇال سان ٻوٽا اڪري ويس. پوءِ سوچيم ته ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو، وڻن جي ٽارين تي لٽڪندو، سوزيءَ جي ڪن ۾ وڃي ”هو“ ڪيان. پر خيال آيو ته نه ٻيلي، ڪاليج مئگزين ۾ ائين لکيل ڪونه هو. مونکي ائين ڪرڻ گهرجي، جيئن مئگزين ۾ لکيل هو.

مون قميص جا ٻه بٽن کولي ڇڏيا. وار منهن ۾ وجهي کاٻو چپ لٽڪائي ڇڏيم. ائين ڪرڻ سان ڪجهه دير لاءِ پاڻ کي اُٺ محسوس ڪيم.

پوءِ جئين ئي سوزي ڏانهن وک وڌائيم ته اهو ڏس منهنجي حيرت جي حد نه رهي ته مان هڪدم انور جيڏو وڏو ۽ قداور ٿي ويو هوس. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي.

مان تڪڙو تڪڙو سوزيءَ ڏانهن وڌي ويس. هن مونکي ڏٺو ۽ اچرج نه کاڌائين.

چيائين، ”مان تنهنجو ئي انتظار ڪري رهي هيس، بالم“

”بالم! ڪٿي آ بالم.“

”اوه! سمجهيم.“

”مان صدين کان تنهنجو انتظار ڪري رهي آهيان.“

”صدين کان! نه نه. چرچا ته نه ڪر. تون ڏاڍي حوا جيڏي ته ناهين.“

”تون نٿو سمجهين منهنجا محبوب“

”محبوب! ڪهڙو محبوب؟ فلم ڊائريڪٽر محبوب.“

هوءَ وڌيڪ اُداس ٿي ويئي. چيائين، ”منهنجي ڀرسان اچي ويهه. منهنجا پريتم.“

”مان پريتم نه آهيان، پريتم داس اسان جي ڪلاس جو مانيٽر آهي. اسان جي ماستر جو چمچو آهي.“

هن مونکي ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي چيو، ”منهنجي ڀرسان ويهي رهه منهنجا ساجن.“

”ساجن!“ مون سندس ڀر ۾ ويندي چيو. ”تو موکي شايد سڃاتو ناهي سوزي، اڙي مان چرٻٽ آهيانءِ.“

”دنيا لاءِ ڀل تون ڪجهه به هجن. پر منهنجي لاءِ ديوتا آهين.“

”ديوتا!“ مون کي ڪجهه ڪجهه ڪاوڙ لڳي، ”هي دئوس ديوتا وري ڪير آهي! مان توسان محبت ڪيان ٿو سوزي. تون پنهنجي دل مان دئوس ديوتا، ساجن، پريتم، بالم وغيره جو خيال ڪڍي ڇڏ.“

سوزيءَ ٿدي آهه ڀريندين چيو. .تون ڏاڍو معصوم آهين.“

معصوم چيائين ته مونکي ڏاڍو شرم آيو. مان اڳ جيترو بندرو ۽ ننڍڙو نه هوس، وڏو ٿي ويو هوس ۽ ماڻهو وڏو ٿي معصوم ٿورو ئي رهندو آهي!

چيم، ”مان معصوم ٿورئي آهيان. مان ته جوان آهيان. تو جيترو آهيان ۽ سوزي_۽ سوزي مان تون سان محبت ڪندو آهيان.“

”مان به توکي دل جي گهراين سان چاهيندي آهيان، توسان محبت ڪندي آهيان.“

”سچ!“

”ها، هن اُداس لهجي ۾ ڳالهايو، پر تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ سماج جي ديوار آهي.“

”ڪٿي آ سماج ۽ سماج جي ديوار،“ مان خوفناڪ رڙ ڪري بئنچ تي چڙهي بيٺس.

اُلو وڻ جي ٽاري تان اُڏامي ويو.

”ڪٿي آ سماج، سوزي. مان غنڊي سماج جا ڏند ڀڃي ڇڏيندس.“ مونکي سماج تي ڏاڍي ڪاوڙ آهي. مون ڏند ڪرٽيندي، مٺيون ڀڪوڙي چئني طرف نهاريو. پري پري تائين مونکي سماج ڏسڻ ۾ نه آيو.

مون رڙ ڪئي، ”بدبخت سماج، ويجهو آءُ. تو ڪاليج مئگزين جي محبت ڪرڻ وارن کي ستائي ڏٺو آهي. اچ، اچي مون سان وڙهه، داداگير سماج اڄ مان تنهنجو ٽِٽُ ڪڍي ڇڏيندس.“

اوچتو وڻن ٻوٽن ۾ ٻاڪر ڪٽو مچي ويو. مان سماج سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سينو ڦوڪي تيار ٿي بيٺس.

باغ جو مالهي ڏنڊو کڻي ڊوڙندو آيو.

پريان ئي رڙ ڪندي چيائين، ”باگيچي ۾ بوبڙي ڪُري لاءِ ٿو مارين.“

مونکا اڳ سوزي بئنچ ڇڏي ڀڄي ويئي. مالهيءَ مونکي ڊوڙائڻ شروع ڪيو. مان ڇٻڙ لنگهي، ٻوٽا ٽپي، ڦندڻ ڏانهن ڊوڙندو رهيس.

مالهي رڙيون ڪندو، گاهه پٽيندو. منهنجي ڪڍ ڌوڪيندو آيو.

مان ڏيڏرن جي تلاءِ وٽ پهتس، ڦندڻ غائب ٿي ويو هو. مان حيرن پريشان بيٺو هوس، جو مٿان اچي مالهي نڪتو. مونکي جهلڻ لاءِ ٻئي ٻانهون اڳتي ڪري جهٽ ڏنائين. مان پري ٿي ويس ۽ مالهي سڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪريو. شپڪو ٿيو. ڏيڏرن ٽپا ڏنا ۽ پاڻ جا ڇنڊا منهنجي منهن تي اچي پيا. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪجهه وڌيڪ ڇنڊا پيا ته مون ٻوٽيون اکيون اول مهٽيون ۽ پوءِ کولي ڇڏيون. ڪيڏانهن وئي سوزي ۽ ڪيڏانهن ويو باغ جو مالهي!

مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس. صبح ٿي ويو هو. منهنجي مٿان انور بيٺو هو. غسلخاني مان وهنجي نڪتو هو ۽ سندس وارن مان پاڻي منهنجي اکين تي ٽمي رهيو هو.

انور منهنهجي ڀرسان هنڌ تي ويهي رهيو. آهستي پڇيائين، ”لفافي ۽ سوزي جي ڳالهه دل رکي اٿئي نه؟“

”ها،“ مون وراڻيو، ”پر جي قلفي لاءِ ٻه آنا نه ڏيندين ته سڀني کي ٻڌائي ڇڏيندس.“

”صبح صبح جو قلفي! هون چريا چرٻٽ،“ انور کلڻ لڳو، چيائين، ”ڀل وڃي ٻڌاءِ. هاڻ تنهنجي ڳالهه تي ڪير اعتبار ڪندو؟“

”دوکو!“

انور کلندو، ٽوال سان وار اُگهندي بالڪونيءَ ڏانهن هليو ويو.

 
1 رايو

Posted by on جون 3, 2011 in Stories

 

One response to “چرٻٽ ۽ هڪ نرس

  1. Hotchand

    آگسٽ 21, 2012 at 11:28 AM

    Thanks Faisal for put online contents of great novelists’ novel. I appreciate your effort.
    Can you please also share Amar Jalil’s great novet “Sard Lash Jo safar”.
    Again Thanks for great job.

    Cheers,
    Hotchand
    Freelance Web Engineer
    Karachi

     

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

 
%d bloggers like this: