RSS

Monthly Archives: May 2011

G.M Syed-Mehran Miandad Shar

جي ايم سيد

مهراڻ ميانداد شر
mehran.miandad@gmail.com


سنڌ ۾ سائين لفظ جو استعمال ڪنهن استاد يا ڪنهن معزز ماڻهو لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جي ايم سيد کي سائين جو لقب ان ڪري مليو جو هن روايتي سيدن، وڏيرن ۽ جاگيردارن واري روين کان پاڻ کي بلڪل پاسيرو رکي سنڌ ۽ عالم انسان جي امن، آزاديءَ ۽ خوشحالي جي خواب جي ساڀيان لاءِ پاڻ پتوڙيو. سنڌ جي هن سچي عاشق جڏهن پاڪستان جي ٺهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي سنڌ کي ان جا جائز حقن نه ملڻ ڪري هن فيڊريشن کان ڌار ٿي هن ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جو راز فاش ڪري عوام کي آگاهه ڪيو ته هن تي غدار، تعصب پرست ۽ ڪافر جهڙا لقب ڏئي الزام لڳايا ويا.

بي رحم تيز گذرندڙ وقت اڄ 58 سال اڳ سائين جي ايم سيد جي سنڌ ۽ ملڪ جي مظلوم قومن بابت ڪيل اڳڪٿين کي درست ثابت ڪيو آهي. ايتري قدر جو سيد جي سخت ترين مخالف وفاق پرستن به اڄ اهي حقيقتن واريون ٻوليون ڳالهائڻ شروع ڪيون آهن، ته پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب مظلوم قومن تي حاڪم آهي سنڌ ۽ ٻيا صوبا محڪوم آهن. سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ ڪري ان جي حقن تي ڌاڙا لڳايا پيا وڃن. عوامي احتجاج ۽ اسيمبلين جي ٺهرائن باوجود هن وقت ڪالاباغ ڊيم جي نالي تي سنڌو درياهه تي قبضو ڪري سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن کي اُڃون مارڻ لاءِ منصوبا جوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. جيئن پنجاب چاهي ٿو تيئن پيو ٿئي، انگريزن جي دلالن ۽ پنجاب اسٽيبلشمينٽ مظلوم قومن کي ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور تي غلام بڻايو آهي. اهو شعور سائين جي ايم سيد ئي ڏنو جنهن 1940 جي ٺهراءُ تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ عوام کي آگاهه ڪندي منافق ۽ لٽيرن جي ٽولي کان پنهنجا رستا ڌار ڪيا. سنڌ لاءِ سيد جي جدوجهد هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي جنهن تي پڻ اسان کي فخر آهي.

اها ٻي ڳالهه آهي ته سائين جي ايم سيد جو نظريو اڃان تائين سنڌ جي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ان جا پيروڪار مڪمل ڪامياب ناهن ٿيا پر سيد جيڪا شعور جي روشني واري چڻنگ ٻاري آهي، ان کي روشن رکڻ لاءِ روزانو ان جي فڪر کي سمجهڻ وارن ماڻهن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو جنهن ۾ رڪاوٽ اهي عنصر به آهن جيڪي سائين جي ايم سيد جو نالو استعمال ڪري بڇڙائي وارا ڪم ڪندا پيا اچن.

ڪک پتي مان لک پتي بڻجندڙ ۽ قوم جو خير خواهه سڏرائيندڙ انهن قوم دشمن نام نهاد ليڊرن ۽ ڪجهه شر پسند ماڻهن جو سنڌ جو عوام هڪ ڏينهن ضرور گهيراءُ ڪندو ۽ پنهنجن، پراون، خير خواهن ۽ دشمنن جي پرک ڪندي جنهن ڏينهن رڳو سيد جا اهي چيل لفظ ته ”اسان غلام آهيون“ کي سمجهندو ان ڏينهن سنڌ جي حالت تبديل هوندي.

سنڌ جي موجوده حالت بنائڻ ۾ جيترو ڪردار سامراج جو آهي ان کان وڌيڪ پنهنجن غدارن جو به آهي اڄ سائين جي سالگرهه جي خوشي واري ڏينهن تي جيڪڏهن اسان موجوده صورتحال تي نظر وجهنداسين ته پوءِ اسان جي سامهون حقيقتون ڪجهه واضع ٿي اينديون هن وقت حڪمرانن سنڌ جي سخت مخالفت باوجود ٿل ڪئنال جي اڏاوت شروع ڪرائي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت تي زور ڏئي رهيا آهن ان ۾ سنڌ جا ڪيترائي غدار پنهنجي اقتدار، ڪوڙي چڱ مڙسي ۽ ڪرسي کي بچائڻ لاءِ سنڌ دشمن منصوبن جي حمايت ڪن ٿا جن ۾ شهيد سورهيه بادشاهه، ڪامريڊ عبدالحميد جتوئي جا پٽ سرفهرست نظر اچي رهيا آهن جن جي اهڙي منفي روين ۽ ڪردار تي پوري سنڌي قوم ۽ سنڌ جا سڄڻ حيرت زده ۽ ڪاوڙيل آهن جن جو رد عمل فطري هوندو.

هن وقت سنڌ جي خير خواهن کي پنهنجن غدارن ۽ ٻين سنڌ دشمن عنصرن خلاف جنگ جوٽڻي آهي جنهن جنگ جي شروعات هن ملڪ جي حڪمرانن شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ڪجهه اهڙا شاطر دماغ به سرگرم آهن جيڪي قومپرستي توڙي سنڌ جي سڄڻائپ جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن جن ۾ متحده قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم ) سرگرم عمل آهي جنهن جي سياست جا بنياد بليڪ ميلنگ تي رهيا آهن. هنن جي ماضيءَ جو ريڪارڊ گواهه آهي ته هنن رڳو اقتدار ۽ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ حڪمرانن سان ٺاهه ڪندي اقتدار جي نشي خاطر سنڌ خلاف هر سازش ۾ ڀاڱيڀائيوار بڻيل رهندا پيا اچن. هينئر ڪالاباغ ڊيم ۽ بلوچستان ۾ آپريشن بابت حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو تازو چتاءُ ساڃاهه وند ماڻهن جي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ ان بابت ڪجهه اڳواڻ واضع ڪري چڪا آهن ته هنن کي سنڌ جي گورنري واري سيٽ جي مضبوطي ۽ سينٽ جي امڪاني چونڊن ۾ پنهنجي اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ اهو ٽوپي ڊرامو ڪيو آهي جيتوڻيڪ هو عام اٻوجهه سنڌ جي ماڻهن کي وقتي طور بيوقوف بنائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن پر سنڌ جا باشعور ماڻهو سندن چالن کي سمجهن ٿا.

تازو سنڌ جي قومپرست پارٽين پاران سنڌ قومي اتحاد جوڙڻ وارو عمل انتهائي وقتائتو ۽ سٺو عمل آهي پر ان ۾ ڪجهه ماڻهن جو ماضي ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ واري ڪردار پڻ شڪ شبها ۽ خدشا پيدا ٿيڻ جي گنجائش ڇڏي آهي خدا ڪري ائين نه ٿئي ته اهي ماڻهو اتحاد کي متاثر نه ڪن ۽ شامل ٿيلن جو سنڌ جي گڏيل مفاد پورو ڪرڻ وارو ايمان برقرار رهي ان حوالي سان فرنٽ اڳواڻ ممتاز ڀٽو بابت اتحاد جي ٺهڻ دوران اخبار ۾ مضمون جي شڪل ۾ خدشو ظاهر ٿيو هو ته هو حڪمرانن کي سنڌ جو پريشر گروپ اتحاد جي شڪل ۾ ڄاڻائي ٻيهر حڪمراني حاصل ڪرڻ خاطر عمل نه ڪري؟ اسان چاهيون ٿا ته خدا ڪري اهو به خدشو عملي شڪل اختيار نه ڪري.

جيڪڏهن سنڌ جي قومپرست پارٽين جو اهو گڏيل سنڌ قومي اتحاد مضبوطي سان هلي طاقتور احتجاجي تحريڪ هلائي ته اهو سنڌ لاءِ هڪ بهتر واٽ ثابت ٿيندو، ڇو ته اها ڳالهه واضع ٿي چڪي آهي ته ڪا به هڪ پارٽي اڪيلي سر سنڌ لاءِ هن وقت ڪو خاص رد عمل يا طاقتور تحريڪ ان وقت تائين نه ٿي هلائي سگهي جيسيتائين سنڌ جي سمورين سنڌ دوست پارٽين ۽ تنظيمن کي گڏ ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي شامل نه ٿو ڪيو وڃي.

پاڪستان جي حڪمران خود 1940 جي ٺهراءَ تي عمل نه ڪندي خاص طور ٽن صوبن جا حق ڦٻائي عوام کي بک بدحالي، بيروزگاري ۽ بدامني جا عذاب ڏئي ملڪ کي ٽوڙي چڪا آهن هنن لاءِ رڳو هڪ صوبو يعني پنجاب سڀ ڪجهه آهي.

سڄي سنڌ هن وقت به سنڌ دشمن رٿائن خلاف سراپاءَ احتجاج بڻيل آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سنڌ جا سمورا خير خواهه سنڌ دشمن سازشن ۽ عملن خلاف هڪ آواز بلند ڪري سنڌ جي دشمنن سان اکين ۾ اکيون ملائي سنڌ جي خودمختياري واري حيثيت جي بحالي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون جيئن سنڌ جي محسن سائين جي ايم سيد جو سنڌ جي آزادي، خوشحالي ۽ سنڌ کي ذريعو سمجهندي دنيا جي انسانن لاءِ عالمي امن، ڀائيچاريءَ ۽ ترقيءَ جون راهون هموار ڪرڻ وارو خواب پورو ٿي سگهي.

 
Leave a comment

Posted by on May 28, 2011 in Articals

 

Peace for World.! – G.M Syed

امن دنيا لاءِ: سائين جي ايم سيد


(1952ع ۾ ويانا ۾ عالمي امن ڪانفرنس ٿي هئي. جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ پاڪستاني وفد پڻ شريڪ ٿيو هو. هيٺ ڏنل تقرير پاڻ اتي وفد جي اڳواڻ واري حيثيت ۾ ڪئي هئائون.)

جناب چيئرمين ۽ اجلاس ۾ شريڪ ساٿيو!


پاڪستان کان آيل هڪ عيوضي جنهن جي حيثيت ۾ توهان سان مخاطب ٿيندي آءُ تمام گھڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي عمر پنج سال مس آهي انڪري آئون ڪوشش ڪندس ته توهان کي ان جي باري ۾ ڪجھه ٻڌايان.

14آگسٽ 1947 کان اڳ پاڪستان برصغير جو هڪ حصو هو ۽ ممڪن آهي توهان منجهان ڪيترن کي ان جي قيام جي سببن ۽ تاريخ جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ نه هجي. ان امڪان جي مد نظر آئون ضروري ٿو سمجھان ته ان نئين مالڪ بابت ڪجهه حقيقتون توهان جي آڏو رکان. برصغير هند ۾ ٻه تمام وڏا مذهبي گروهه رهندا هئا، هڪڙو هندو ۽ ٻيو مسلمان. هندستان ۾ انگريز راڄ قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ان جي اڪثر علائقن تي مسلمان حڪومت ڪندا هئا. انگريزن پنهنجي سامراجي پاليسي تحت مسلمانن کي دٻائڻ ۽ هندن کي همٿائڻ شروع ڪيو ۽ هندو، تعليمي، اقتصادي ۽ سياسي طور تي طاقتور ٿيڻ لڳا. طاقت اچڻ سان فطري طور انهن ۾ قومي معاملن تي دسترس حاصل ڪرڻ جو جذبو جاڳڻ شروع ٿيو. (ان وقت) انگريزن پنهنجي پاليسي ۾ فوراً تبديلي آندي ۽ مسلمانن جي سرپرستي ڪرڻ شروع ڪئي. واضع رهي ته مسلمان تعداد جي لحاظ کان هندن جي چوٿين حصي جي برابر هئا. انگريزن جي ان پاليسي جو لازمي نتيجو اهو نڪتو ته ٻنهي گروهن جي وچ ۾ مذهبي تعصب ۽ سياسي اختلافن جنم وٺڻ شروع ڪيو ۽ اها ڪشيدگي ڏينهن به ڏينهن وڌندي رهي تان جو هڪ اهڙو مرحلو آيو جو ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ کان سواءِ ڪو چارو نه رهيو. هڪ حصي يعني پاڪسان ۾ اقتدار مسلمانن جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ کي ڏنو ويو ۽ ٻئي حصي يعني ڀارت ۾ اقتدار انڊين نيشنل ڪانگريس جي حوالي ڪيو ويو.

آگسٽ 1947ع واري ان فيصلي جي وقت اهي توقعات هيون ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان سمورا مذهبي اختلاف ختم ٿي ويندا ۽ ٻنهي برادرين جا ماڻهو ترقيءَ ۽ باعزت قومي بقا جي راه تي پنهنجو پرامن سفر جاري رکي سگھندا. پر افسوس، اهوئي ورهاڱو فرقيوارانه هنگامن جي باهه ڀڙڪائڻ جو سبب بڻيو ۽ ان سان ٻنهي برادرين لاءِ ڏکن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو.

خواتين و حضرات! انهن ڏکن جو اندازو انهن حقيقت منجھان لڳائي ٿا سگھو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي حيرت انگيز هجرت دوران اٽڪل ڏهه لک ماڻهن کي نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن کي پنهنجا صدين جا اباڻا ڪک ڇڏي مختلف علائقن ڏانهن هجرت ڪرڻي پئي. تقريباً اڍائي لک عورتن کي اغوا ڪيو ويو. ڪروڙن رپين جون ملڪيتون لٽيون ويون يا تباهه ڪيون ويون يا (مالڪن کي) ڇڏڻيون پيون. ڪيترن ماڻهن کي اها اميد هئي ته اهڙي زبردست تباهي کان پوءِ ماڻهون ڪجهه سبق حاصل ڪندا ۽ امن ۽ گڏيل ترقي لاءِ ڪوششون ڪندا. پر مون کي نهايت ڏک سان اهو تسليم ڪرڻو ٿو پوي ته قومي زندگي ۾ ڪنهن به قسم جي ترقي ڪرڻ جي بجاءِ اسان ٻنهي ملڪن جا ماڻهو اڃان تائين جھيڙن ۾ ڦاٿا پيا آهيون. اهو امن جنهن لاءِ اسان منجھان گھڻين کي آس هئي سو اڃان تائين حاصل نه ٿي سگھيو آهي. اهڙا ڪيترائي مسئلا جيڪي اصل ۾ سمورن اختلافن ۽ دشمنين جو سبب آهن انهن جو اڃان تائين معقول حل نه ٿي سگھيو آهي. مهاجرن جي بحالي، آبادڪاري، درياهي پاڻي جو مسئلو، ڇڏي ويلن جي ملڪيت جو نيڪال، مواصلات جي پر امن ۽ عام رواجي بحالي ۽ واپار جھڙا مسئلا اڃان تائين حل نه ٿي سگهيا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو ۽ منجھيل ڪشمير جو مسئلو آهي جنهن ۾ خطرو آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ تباهه ڪن جنگ ۾ ڦاسي سگھن ٿا. انهن مسئلن جي موجودگي ٻنهي حڪومتن جي عقل تي پردو وجھي ڇڏيو آهي ۽ اهي چرين وانگر پنهنجا پنهنجا قومي خزانا دفاع جهڙي اجائي ڪم تي وڃائي رهيا آهن. نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن اختلافن سبب ئي ملڪ سامراجي طاقتن جي منصوبن جو شڪار بڻجي رهيا آهن جيڪي ٻين ملڪن جي تڪليفن مان فائدو وٺڻ جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃائيندا آهن. خير جناب چيئرمين ايترو چوڻ کان پوءِ آئون هتي موجود ٻڌندڙن جي آڏو پنهنجي ملڪ جي ڪجهه حقيقتن بابت وضاحت ڪندس.

پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهايل هڪ ملڪ آهي ٻنهي حصن جي وچ ۾ اٽڪل 1500 ميلن جو فاصلو آهي ۽ اهو سڄو سارو فاصلو مملڪت ڀارت ۾ آهي. مشرقي پاڪستان ورهاڱي کان اڳ واري صوبي بنگال جي هڪ حصي ۽ آسام جي ضلعي تي مشتمل آهي. ان ايراضي 53920 چورس ميل ۽ آبادي41930000 آهي. ورهاڱي کان اڳ واري پنجاب جو حصو، سنڌ جو صوبو، صوبو سرحد، بلوچستان ۽ ڪجهه هندستاني رياستون گڏجي مغربي پاڪستان کي ٺاهن ٿا. اسان جي ملڪ ان جي حصي جي پکيڙ 13298 چورس ميل ۽ آبادي 23710000 ماڻهن تي مشتمل آهي. ملڪي آبادي جو 52 سيڪڙو زراعت تي دارومدار رکي ٿو ۽ مٽيءَ ۽ ڪکن جي جھوپڙن ۾ رهي ٿو. 88 سيڪڙو اڻپڙهيل آهن. پاڪستان ۾ 3461870 شاگرد پرائمري اسڪولن ۾ 1014348 سيڪنڊري اسڪولن ۾ ۽ 41028 ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا. اسان وٽ هر پنجاهه هزار ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر اسي هزار ماڻهن لاءِ هڪ نرس آهي. اسان جي 364218 چورس ميل ايراضي لاءِ رڳو ڏهه هزار ميل روڊ ۽ چار هزار ميل ريل آهي. اسان جي ماڻهن جي ماهانه في ڪس آمدني چار رپيا آهي. اسان جي ملڪ ۾ تقريباً هڪ ڪروڙ اهڙا ماڻهو آهن جن جو ڪو به مستقل اَجھو ناهي.

جناب چيئرمين! ورهاڱي وقت انگريزن حڪومت مسلمانن جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي مسلم ليگ کي منتقل ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين اقتدار انهن وٽ آهي. پنجن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر اڃان تائين اسان جي ملڪ ۾ نه ته آئين ٺهيو آهي نه اسيمبلي لاءِ چونڊون ٿيون آهن. مسلم ليگي حڪمران سمجھن ٿا ته مذهبي عقيدن جي ڪري هڪ قوم آهن ۽ خدا مسلمانن کي دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جو ڪم سونپيو آهي. دنيا ۾ رڳو سرمائيدار ۽ سوشلزم جا ٻه نظريا ڪونهن پر عالمي اهميت رکندڙ هڪ ٽيون نظريو به آهي ۽ اهو آهي اسلامي نطريو، ان ئي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي قرارداد مقاصد پاس ڪئي جنهن ۾ چيل آهي ته:

”شروعات الله جي نانءَ سان جيڪو مهربان ۽ رحم وارو آهي.“

جيئن ته سموري دنيا تي اختيار الله تعالي جو آهي ۽ اختيار جيڪو هن پاڪستان جي رياست ڏانهن ان جي عوام جي معرفت منتقل ڪيو آهي ته جيئن (اختيار) کي سندس (الله) ٻڌايل حدن اندر استعمال ڪيو وڃي، سو هڪ مقدس امانت آهي. جتي اسلام جي ٻڌايل جمهوريت، آزادي، برابري، رواداري ۽ سماجي انصاف جي اصولن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو. جتي مسلمانن کي اهي موقعا فراهم ڪيا ويندا ته اُهي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي پنهنجون زندگيون اسلام جي تعليم ۽ گھرجن مطابق بڻائي سگهن جھڙي نموني قرآن شريف ۽ سنت ۾ ٻڌايو ويو آهي. جتي مناسبت بندوبست ڪيو ويندو ته جيئن اقليتن جا ماڻهو آزادانه نموني پنهنجي پنهنجي مذهبن مطابق عبادت ڪري سگھن ۽ پنهنجي ثقافتن کي ترقي وٺرائي سگھن. جيڪي، علائقا هيئنر پاڪستان ۾ شامل آهن يا ان سان گڏ آهن ۽ اهي پڻ جيڪي آئيندا پاڪستان ۾ شامل ڪيا ويندا يا ان سان گڏبا اُهي گڏجي هڪ اهڙو وفاق ٺاهيندا جنهن ۾ وحدتون خودمختيار هونديون پر سندن اختيارن تي اهڙيون پابنديون هونديون جن جو تعين وقت به وقت ڪيو ويندو. جتي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو جن ۾ حيثيت ۽ موقعن جي برابري، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي انصاف، قانون ۽ عوامي مفادن جي دائري ۾ رهندي سوچ، اظهار، عقيدي، عبادت ۽ تنظيم سازي جي آزادي هوندي. جتي اقليتن، پوئتي پيل ۽ دٻايل طبقن جي مفادن جي تحفظ لاءِ مناسب گنجائش رکي ويندي.

جتي عدليه جي آزاديءَ کي مڪمل طرح يقيني بڻايو ويندو. جتي وفاق ۾ شامل علائقن جي سالميت، ان جي آزادي ۽ زمين سمنڊ ۽ هوا تي ان جي خودمختياري سميت سمورن علائقن امن، ترقي ۽ انسانيت جي خوشي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھي.

موجوده وقت ۾ پاڪستان جي قيادت اهڙن ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪي انگريزن واري سيڪيولر جمهوريت ۾ يقين رکن ٿا پر جن اصولن جي بنياد تي پاڪستان ٺاهيو ويو ۽ اهي اصول جن مسلمانن جي علحده قوم وارو فيصلو ٻڌل ۽ ان سان گڏوگڏ قرارداد مقاصد جا لفظ ۽ روح انهن سڀني گڏجي لازمي طور مسلم ليگ جي اندر ۽ ان کان ٻاهر ماڻهن جا اهڙا گروهه پيدا ڪيا آهن جيڪي صاحب اقتدار ماڻهن تي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن جن جو لازمي نتيجو هڪ بنياد پرست ۽ ڀارت سان جنگ جي صورت ۾ نڪرندو. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته هن وقت تائين اهي رجعت ٽولا پنهنجن ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا آهن ۽ صاحب اقتدار انهن جي آڏو جھڪيا ناهن. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عام عوام جي غربت ۽ نظر انداز ٿيڻ سبب، وڌندڙ بيروزگاريءَ سبب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ بدگمانين ۽ اختلافن سبب عوام صورتحال مان خوش ناهي. تمام گھڻا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي حڪومت طرفان کينل غيردانشمندانه قدمن کان مايوس آهن. ان ڳالهه جو تمام گھڻو امڪان آهي ته رجعت پسند ۽ نيم مذهبي گروه ان صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪن ۽ ٿي سگھي ٿو ته (ان سان) اهي اقتدار ۾ اچي وڃن. ان جو مطلب ٿيندو ته اسان ترقيءَ بجاءِ تنزلي ڏانهن وينداسين . جيڪي ماڻهو مذهب جي نالي مان فائدو وٺن ٿا انهن مان اڪثريت جو خيال آهي ته اسان کي قانون ۽ انصاف جا رومن ۽ انگريز ـ آمريڪي طريقا ترڪ ڪرڻ کپن ۽ انهن جي جاءِ تي قانون جو هڪ پراڻو ۽ مدي خارج سسٽم رائج ڪرڻ گھرجي جنهن مطابق چورن جا هٿ وڍيا ويندا، زانين کي سنگسار ڪيو ويندو ۽ مذهبي معاملن ۾ اختلاف رکندڙن کي قتل ڪيو ويندو. حڪومت جو واڳون نام نهاد الله جي ٻانهن ـ ملن جي هٿن ۾ هونديون ۽ ان کي مذهبي ڪتابن جي تشريح مطابق هلايو ويندو. جمهوريت ۽ راءِ جي آزادي لاءِ ان مذهبي جوڙجڪ ۾ ڪابه جڳهه ڪانه هوندي. مذهب بابت سندن تشريح مطابق اهي اڳ ۾ ئي زمينداري ۽ قومي دولت جا غير مساوي ورهاست ۽ طبقاتي فرق کي جائز ڏئي چڪا آهن. اهي چاهين ٿا ته موجوده سمورين عدالتن کي ختم ڪيو وڃي ۽ خصوصي عدالتن هٿان انصاف مهيا ڪيو وڃي. بئنڪن کي ختم ڪيو ويندو. اسلام تي بالادستي ۽ دنيا جي اڳواڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوششش ۾ اُهي جهاد جي ڳالهه ڪندا ۽ مسلمانن جي هڪ هلڪڙي ۽ شاونسٽ قسم معاشري ۾ تبديل ڪيو ويندو. اهي سموريون بين الاقوامي پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جي پاڻ اسلام ازم ۽ وچ اوڀر جي ايڪتا کي همٿائي رهيون آهن سي دراصل انهن مذهبي گروهن جي اميدن ۽ خواهشن کي هٿ ڏئي رهيون آهن جيڪي اسان جي قومي زندگي کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. اسان سڀئي ڄاڻون ٿا ته بين الاقوامي سطح تي اهڙيون قوتون به آهن جيڪي مسلمانن ۽ مسلم ملڪن کي ان ايندڙ جنگ ۾ صرف هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا سندن خيالن ۾ نه رڳو اڻٽر آهي پر سندن سامراجي مقصدن جي ڪاميابي لاءِ شايد ضروري پڻ.

مونکي نهايت ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ کي پڻ دنيا جي مسلم ليڊرن جي چمڪندڙ واعدن تي هرکايو ٿو وڃي ۽ انهن غير ملڪي طاقتن جو آله ڪار بڻايو پيو وڃي جن کي مسلمان ملڪن ۾ سياسي ۽ اقتصادي غلبو حاصل آهي. جيئن آئون اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته اسان جا حڪومتي اڳواڻ اڃان تائين انهن مذهبي گروهن جي آڏو ناهن جھڪيا پر خوف آهي ته پاڻ اسلام ازم جي مطالبن سان ۽ قرارداد مقاصد جي پاس ٿيڻ سان رجعت پسند جي پروپئگنڊا پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ۽ اهي نام نهاد مذهبي گروپ پنهنجي انهن مطالبن ذريعي صاحبِ اقتدار همراهن کي ڊيڄاري ۽ جھڪائي وجھن ۽ کين پنهنجي مقصدن تي هلائڻ لاءِ مجبور ڪري وجھن.

جناب چيئرمين! هن ڪانفرنس جو مقصد دنيا ۾ امن جي قيام کي هٿي ڏيڻ آهي ۽ آئون هن ڪانفرنس جي عيوضين کي عام طور ۽ برطانيه ۽ آمريڪا جي عيوضين کي خاص طور اها ڳالهه چوندس ته مسلمانن ملڪن کي انهن جي نام نهاد مذهبي عقيدن جي بنياد تي گڏ ڪرڻ وارين برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتن جون ڪوششون خطرناڪ امڪانن سان ڀريل انهن کي معلوم هجڻ کپي ته طاقتن جي سرپرستي جي ڪري ئي مذهبي تعصب، ڪٽرپڻي ۽ فاشسٽ رحجانن کي هٿي ۽ تقويت ملي رهي آهي ۽ اها ئي سرپرستي آهي جنهن جي ڪري وچ اوڀر جا ملڪ جمهوريت ۽ هڪ منظم سماج جي تصور کان ڏينهن به ڏينهن پري ٿيندا وڃن. مون کي اهو چوندي پڻ تمام گھڻو افسوس ٿو ٿئي ته ڪيترائي مسلمان ملڪ سامراجي طاقتن جي فوجن لاءِ پنهنجي ملڪ جا اڏا وڪڻي رهيا آهن. اسان جي ”قومي حڪومتن“ جي اهڙن معاهدن جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا تنهن جو اندازو ڪرڻ ڪو گھڻو مشڪل ڪونهي. ڌارين طاقتن جي فوجن جي سندن سرزمين تي اچڻ سان اسان جا اهي ملڪ بي وس ٿي ويندا ۽ سندن قومي خودمختياري ختم ٿي ويندي. اسان کي اهو ڏسي تمام گھڻو شرم ٿو محسوس ٿئي ته اسان جي ملڪن جون حڪومتون قومي عزت ۽ وقار جو سودو ڪري رهيون آهن.

بهرحال، خواتين وَ حضرات! انهن سمورن رجحانن جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته اسان جا حڪمران ملڪ ۾ آئيني حدن اندر مخالفت جي به اجازت نٿا ڏين. اهڙن خيالن ۽ جذبن جي اظهار جي پاداش ۾ ماڻهن کي جيلن حوالي ڪيو ٿو وڃي جيڪي حڪمرانن جي (خيالن جا) مخالف آهن ۽ جيڪي نام نهاد مذهبي گروهن جي ناراضگي جو سبب بڻجي سگھن ٿا. ان ڏس ۾ سڀ کان اهم مثال صوبي سرحد مان عبدالغفار خان ۽ بلوچستان مان عبدالصمد خان اچڪزئي جا آهن جيڪي پنجن سالن کان بغير ڪنهن ڪيس جي جيل ۾ سڙي رهيا آهن.

جناب چيئرمين ۽ شريڪ ساٿيو! آءُ توهان کي ياد ڏيارڻ چاهيندس ته اهي ئي ماڻهو آهن جن سالن تائين انگريزن سامراج سان ٽڪر کاڌو ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾ اهي صفِ اول جا رهنما هئا.. ۽ ڌارين حڪمرانن جي هٿان هنن کي ڪيڏيون نه مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون!!

اسان جو ملڪ پنهنجي زندگي جي ڏکي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اسان کي دنيا جي امن پسند قومن جي همدردي ۽ مدد جي ضرورت آهي. آئون هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني عيوضين کي گذارش ڪندس ته مذهب جي نالي ۾ گڏ ٿيندڙ اونداهه جي طاقتن خلاف مهاڏو اٽڪائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن.

خواتين وَ حضرات! امن جو ڪاميابيون جنگ جي ڪاميابين کان ڪنهن به طرح گھٽ ناهن. هيءَ امن ڪانفرنس دنيا جي قومن جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل آهي. آئون پنهنجي ملڪ جي امن پسند ماڻهن پاران تعاون جو يقين ڏياران ٿو.

امن زنده باد

 
Leave a comment

Posted by on May 6, 2011 in Mixed