RSS

اهو ڄامشورو


( اهو ڄامشورو! )


رفــاقتــن جــا ڏينهن گزرنــــدا وڃن ٿا،
جدائـي جـي سرحـد کي ملندا وڃن ٿا،


ڇڏي ســـــــاٿ ســــــاٿي اڏاڻـــــا وڃن ٿا،
هـي محبـت جا مينــار ۽ راڻــا وڃن ٿا،


پريــن پيــار جا پل هي ناهن مدامــي،
هنن مست تنهنجي نگاهن جا ساٿــي،


پکيـــن جــي پـرن تي ويـا پــل اڏامـي،
وري يـــار جانــــي ملـــڻ ڪون ٿينــدو،


۽ تــن جي پيشانـــي ڏسڻ ڪون ٿيندو،
وري زلــــف جــانـــا ڇهـــڻ ڪون ٿيندو،


سويـــري سويـــري هي مهتابي چهرو،
ڪڏهن هاڻ پنهنجو ڏسڻ ڪون ٿيندو،


ڪڏهن هاڻ پنهنجو رهڻ ڪــون ٿيندو،
مگر يــــار ماضــــــي جڏهـــن يــــاد ايندو،


تڏهـــن روح پنهنجــو تہ بيتـــاب ٿينــدو،
جڏهن يـــاد پنهنجي پيــــارن جي اينـــدي،


تڏهن يـــاد تــن جي روئــــاري تـہ ويندي،
وڃون ٿا حسينن جون شامون ڇڏي اڄ،


عقابـــــي شرابــــــي نگــــاهون ڇـــــڏي اڄ،
۽ مخمـــور ســـاريون هوائـــون ڇڏي اڄ،


ڇڏي ٿا هلــون اڄ حسـن جو هنـــدورو!
اهو ڄامشـــــــــورو، اهو ڄامشـــــــــورو.!

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on جولاءِ 12, 2015 in Poetry, Sindhi Poetry

 

تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي

تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
(استاد بخاري)

Ustad Bukhari


تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
ڇو تہ هر تير لڳو ٺيڪ، گٿو ڪو ڪونهي.


عشق جي آڳ ڪچهري کي بنايو آوي
جو هتي آ سو پڪو آهي ڪچو ڪو ڪونهي


سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي
ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي.


ڪو ڳري پيو، ڪو ٻري پيو، ڪو ڪري پيو آهون
تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي.


عشق جو آند نڪو پاند ٻڌون ٿا استاد
سونهن جي ذات نہ ڪا پات پتو ڪو ڪونهي.

 
 

The Great Dictator’s Speech


The Great Dictator
(Charlie Chaplin)

The-Great-Dictator

I’m sorry, but I don’t want to be an emperor. That’s not my business. I don’t want to rule or conquer anyone. I should like to help everyone – if possible – Jew, Gentile – black man – white. We all want to help one another. Human beings are like that. We want to live by each other’s happiness – not by each other’s misery. We don’t want to hate and despise one another. In this world there is room for everyone. And the good earth is rich and can provide for everyone. The way of life can be free and beautiful, but we have lost the way.

 

Greed has poisoned men’s souls, has barricaded the world with hate, has goose-stepped us into misery and bloodshed. We have developed speed, but we have shut ourselves in. Machinery that gives abundance has left us in want. Our knowledge has made us cynical. Our cleverness, hard and unkind. We think too much and feel too little. More than machinery we need humanity. More than cleverness we need kindness and gentleness. Without these qualities, life will be violent and all will be lost….

Read the rest of this entry »

 
2 رايا

Posted by on جون 26, 2014 in Mixed

 

رهجي ويل منظر ـ طارق عالم ابڙو

Tariq Alam Abro


ان زماني ۾ نظر آئي هئينءَ جڏهن شرٽ جا مٿيان بٽڻ
بند ڪرڻ سدائين وساري ويهندو هئس. جڏهن مان ’ڪلين
شيؤ‘ هوندو هئس، ۽ جڏهن مون وٽ رڳو ٻه پينٽس ۽ چار
شرٽس هونديو هيون.


توکي تنهنجو ڪلاس فيلو ۽ تنهنجي پيءَ جو اسسٽنٽ،
فيڪلٽي گهمائي رهيو هو. هن چيو هو:


’هي پوليٽيڪل سائنس جو ڊپارٽمينٽ اٿئي.‘


تنهنجي آڏو اچي ويو هئس؛ ان مهل مون سان نصير به
هو. تو ڪنڌ کڻي مون ڏانهن نهاريو هو ۽ مون ڪنڌ
جهڪائي. تنهنجين سنهين فريمن واري نظر جي عينڪ
پٺيان وشال پر اداس نيڻ منهنجي چهري مٿان ’اسٽاپ
فريم‘ ٿي ويا هئا. قد ۾ مون کان ڇهه انچ ننڍي
هوندينءَ. تنهنجن ’يو‘ شيپ وارن ۾ بي انت ’ڪروز‘
هئا. مون کي ياد آهي ته توکي سائي رنگ جو پهراڻ
پيل هو. جنهن مان تنهنجون ٻانهون ڪلهن تائين
ڌنڌليون پئي نظر آيون.
Read the rest of this entry »

 
2 رايا

Posted by on جون 24, 2014 in Novels

 

سنڌ کي انارڪيءَ کان بچائڻ جي ضرورت! – جامي چانڊيو

سنڌ کي انارڪيءَ کان بچائڻ جي ضرورت!
(جامي چانڊيو) 

jami_Chandio2

عوام جو شعور جڏهن سياسي عمل يا ڌارا ۾ سموئجي، تبديليءَ جو ذريعو نه بڻجي سگهندو آهي يا عوام کي رياست ۽ سياست مان اتساهه ناهي ملندو يا گهربل نتيجن جي اميد ناهي هوندي ته پوءِ سماج انارڪيءَ يعني نراجيت جي ڌٻڻ ۾ ڪِرڻ لڳندا آهن. موجوده سنڌي سماج جي ڪيفيت به ڪجهه اهڙي نظر پئي اچي ۽ ان تي نه رڳو سنجيدگيءَ سان غور ڪري ان جي پرک ۽ پروڙ ڪرڻ جي گهرج آهي پر ان لاءِ گهڻ طرفي حڪمت عملي پڻ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ مان ٽن نقطن تي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهران ٿو ته جيئن سنڌي سماج کي انارڪيءَ جي وَبا کان بچائي سگهجي. اهي ٽي اهم اشو يا نقطا هيٺين ريت آهن:

(1) هنن چونڊن ۾ ماڻهن ۾ ڪو وڏو اتساهه نظر نه ٿو اچي، سياسي پارٽين به عوامي سطح تي ڪا وڏي مهم نه هلائي آهي ته ان جا پنهنجا سبب آهن پر اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌي عوام ۾ هن ڀيري ڪو وڏو جوش، اتساهه يا تحرڪ نظر نه ٿو اچي. ان جو سبب اهو آهي جو ڪجهه قومپرست، وطن دوست ۽ عوام دوست اميدوارن کي ڇڏي باقي مجموعي طور پارلياماني پارٽين طرفان اهو ئي طبقو چونڊن ۾ بيٺو آهي،

Read the rest of this entry »

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on مئي 2, 2013 in Articals

 

دنيا جون مختلف لنڊا بازارون – الطاف شيخ

دنيا جون مختلف لنڊا بازارون
(الطاف شيخ)

3280924990_dc2595749a_z

اسانجو ڊرائيور مون کان اڌ ڏينهن جي موڪل وٺي پنهنجي ڇهن سالن جي پٽ لاءِ صدر مان اسڪول بئگ وٺڻ لاءِ ٿي نڪتو ته، مون چيومانس، ”آچر بازار مان ڇو نٿو وٺين، جتان توکي سستو به ملي ويندو ته مضبوط به.“

”نه سائين آئون لُنڊا جي شئي نٿو وٺڻ چاهيان.“ هن وراڻيو.

”پر اڄڪلهه ته وڏا وڏا ماڻهو ۽ فارينر لُنڊا جون شيون خريد ڪندي نظر اچن ٿا.“ مون کيس چيو پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو. اسانجو هڪ مائٽ آچر بازار مان فقط ڀاڄي ۽ ميوا وٺندو آهي، ڪڏهن به ڪا قميص، مفلر، جوراب يا سئيٽر خريد نه ڪندو آهي، چاهي اُهي شيون نيون وڪامجي رهيون هجن. هن جو چوڻ آهي ته، اهي ڪپڙا جيڪي ولايت مان اچن ٿا، انهن ۾ جراثيم ٿين ٿا، اتفاق سان ڪو رُومال يا جوراب وٺندو ته، اهو ٻه ٻه دفعا ڌوئي پوءِ استعمال ڪندو. حيرت ان ڳالهه جي آهي جو اهڙين آچر يا جمعي مارڪيٽن مان هزارين ماڻهو خريداري ڪندا رهن ٿا، جن ۾ مقامي ماڻهن کان علاوه اهي پاڪستاني به آهن، جيڪي ولايت ۾ رهن ٿا ۽ ڪجهه عرصي لاءِ موڪل تي وطن آيا آهن. ڪيترن کي ته آئون سڃاڻان جيڪي هنن مارڪيٽن مان خريداري ڪري ولايت کڻي وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊفينس جي آچر مارڪيٽ ۾ ته آئون ڏسندو آهيان ته ڪيترائي فارينر به هوندا آهن.

Read the rest of this entry »

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on April 28, 2013 in Articals

 

هن بحران جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو؟ – جامي چانڊيو

هن بحران جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو؟
(جامي چانڊيو)

پاڪستان جو مجموعي رياستي بحران ۽ سياسي حالتون هاڻي شايد وڌيڪ خوفناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيون آهن، گهڻ-طرفي سياسي بحران جو ڦَٽُ هاڻي ناسور بڻجي پنهنجي زهر کي سڄي ملڪ جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي رڳن ۾ داخل ڪري رهيو آهي. اڳ پاڪستان ۾ معاشري جا مخصوص حصا غير محفوظ هوندا هئا، پر هاڻي هن ملڪ ۾ ڪو به محفوظ ناهي رهيو، ويندي اُهي به نه، جن کي وردي پاتل آهي. اڳوڻو آمر پرويز مشرف ملڪ جي بحران کي ان سطح تي وٺي ويو هو، جو ماڳهين پاڪستان جو وجود هڪ سواليه نشان بڻجي ويو هو، ان ڪري پرويز مشرف جي دورِ حڪومت، ملڪ کي هڪ ٻه واٽي تي آڻي بيهاريو هو ۽ کانئس پوءِ آيل حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ وٽ اهو موقعو هو ته هو ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي واٽ وٺن يا ان کي وڌيڪ وڌائڻ جي! محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ ٿيل ’چارٽر آف ڊيموڪريسي‘ جو معاهدو ان ئي تناظر ۾ طئيِ ٿيو هو، جنهن ۾ نظر اهو ٿي آيو ته ملڪ جي ٻنهي ملڪي سطح جي اڳواڻن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته هي قصو ائين نه هلندو ۽ جي بنيادي سڌارا نه آيا ته ملڪ جو ڍينگو ڍيري ٿي ويندو. ان معاهدي ملڪ جي سياسي ميدان تي هڪ جزوي اميد پيدا ڪئي هئي ته شايد دور انديشي ۽ فضيلت جو عنصر ملڪي پارلياماني سياست ۾ داخل ٿي سگهي.

Read the rest of this entry »

 
پنهنجو رايو ڏيو

Posted by on January 15, 2013 in Articals