RSS

Category Archives: Stories

خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون – نجم عباسي

خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون
نجم عباسي

شمشاد جي ذهني ڪيفيت اها آهي جا هڪ سڄاڻ سنڌي نوجوان جي هوندي آهي، جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ سَنَدن وارو هوندي به روزگار کان وانجھو رکيو پيو وڃي. هن جي ڪهاڻي به اهائي آهي جا هزارين لکين سنڌين جي آهي. مسڪين مائٽن ميڙي چونڊي خرچ ڪري، پاڻ کي هر چيز کان سِڪائي، قرض کڻي ۽ بُکون ڪاٽي، پنهنجي ٻار کي پڙهائي ڊگريون پاس ڪرايون. پوءِ ان پڙهيل نوجوان جو ڏهاڙي اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار جاچڻ، هر کاتي ۽ ڪمپنيءَ ۾ درخواست ڏيڻ ۽ شهر شهر ۾ انٽرويو لاءِ پنڌ ڪرڻ ۽ نتيجو اهو ڏسڻ ته نوڪري پنهنجن کي ڪٿي ڪانه ٿي ملي، پر اهي جڳهون ٻاهرين سان ڀريون وڃن ٿيون، جي ڊگري توڙي لياقتن ۾ اسان کان گھڻو گھٽ هوندا آهن.

شمشاد سوچي سوچي ٿڪجي پوي ٿو. هن کي خيال اچي ٿو ته هنن حالتن هيٺ هڪ لائق، حساس ۽ سڄاڻ نوجوان مولن ۾ منهن وجھي ويهي ته نه ٿو سگھي. ڇا ڌاڙيلن ۾ وڃي شامل ٿجي؟ مون جھڙو ماڻهو گھٽ ۾ گھٽ هنن ڄٽن جي کوپريءَ ۾ اهو سمائڻ جو جتن ڪري ٿو سگھي ته پنهنجن کي نشانو بنائڻ بدران، قومي ويرين ۽ طبقاتي ويرين ۾ غير سلامتيءَ جو احساس پيدا ڪجي يا مون جھڙن بيروزگارن جي ملڪ گير تنظيم ٺاهجي ۽ سامراجيت خلاف گڏيل احتجاج ڪجي، يا اهڙي سرگرم تحريڪ جو سرگرم بنجي، جا سامراجين جا اسان جي ڌرتيءَ تان پير اکوڙڻ ۾ عملي طرح سرگرم هجي . . . ورنه ويٺي مائٽن جا ميهڻا ٻڌڻا پوندا، بک مرڻو پوندو، ٿي سگھي ٿو ته مُنجھيل ذهن ۽ بيقرار روح کي دٻائڻ لاءِ چرس، آفيم يا هروئن جو موالي ٿيڻو پوي ۽ حياتي تباهه ڪرڻ جي شاهي راهه تي پهچي وڃان. هڪ ڏينهن هو پنهنجي پسند جي ساهتڪار کي خط لکي ٿو: . . . . سائين! ڪالهه ذهن ڏاڍو منجھيل ۽ وکريل هو. دماغ سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏل هو. ڏاڍي پريشاني، بي آرامي ۽ تنهائي ٿي محسوس ڪيم. عادت موجب سنڌي ڪتاب کڻي پڙهڻ ويٺس. توهان کي اهو ٻڌايان ته اڄڪلهه روز رات جو گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪلاڪ ڪو سنڌي ڪتاب پڙهندو آهيان. اهو ڪتاب اوهان جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”دارو هن ديواني جو“ هو. ڪتاب پڙهندي دماغ جي ٿڪاوٽ دور ٿيندي وئي ۽ سوچ چٽي واٽ وٺندي وئي ۽ ذهن وري هڪ وار انهي راءِ تي بيٺو ته ”اسان وٽ جيڪڏهن اهڙا ليکڪ موجود آهن، جيڪي پنهنجي قلم سان پنهنجي قوم جي ترجماني ڪن ٿا ۽ قوم جي ناسورن جو ڏس ڏين ٿا ته اها قوم جلد ئي ماڳ تي رسندي ۽ ضرور پنهنجا مقصد ماڻيندي.“

ڪتاب پڙهندي سائين ميلهارام منگترام وساڻيءَ جي ڪتاب ”گلستا“ جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ذهن تي تري آيون: ”ڪنهن به قوم جي اخلاق، تهذيب ۽ ترقيءَ جو پتو سندس علم ۽ ادب سان پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته قوم جا بيدار مغز عالم ۽ اڳواڻ، فيلسوف ۽ شاعر پنهنجا خيال ۽ تجربا قلمبند ڪرڻ سان ئي قوم جي رهنمائي ڪن ٿا.“

ان سان گڏ پروفيسر ليکراج ماڙيوالا ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”سامي“ جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ياد اچڻ لڳيون: ”هر ڪنهن قوم جي سڀيتا جو سڀاءُ، ان جي علم ادب مان پوي ٿو. ان جي ترقيءَ جو مدار به ان جي ادبي فهم، احساس ۽ شناس تي آهي. جا قوم پنهنجي ساهتڪ ذخيري کي سانڍڻ ۽ وڌائڻ جو اُدم نه ٿي ڪري، سا جھٽ زبون ۽ اجڙ ٿيو وڃي.“

سچ ته اوهان جي ڪتاب پڙهڻ سان دماغ روشن ٿي ويو ۽ نئون اتساهه جاڳيو. اميد ته اڳتي به وک وک تي اوهان پنهنجين لکڻين ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا.

اڄڪلهه آءُ پنهنجي روزگار جي تلاش ۾ آهيان. ان ڪري انٽرويو جي بهاني جدا جدا شهرن جا ٿاٻا پيو کانوان، ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن حيدرآباد ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو شهر. مطلب ته کوڙ انٽرويو ڏنا اٿم. ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس، انٽر فرسٽ ڪلاس ۽ بِي. اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي اٿم. پر اڄڪلهه نوڪري ملڻ محال آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪري وٺڻ واسطي ٻه ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. هڪ رشوت، جا گھٽ ۾ گھٽ ڏهه هزار رپيا آهي ۽ ٻي پهچ. اهي ٻئي مون وٽ نه آهن. آءٌ ته هڪ غريب خاندان جو ڀاتي آهيان، جنهن جو سنڀاليندڙ هڪ ماستر آهي. توهان پاڻ سمجھي سگھو ٿا ته هن جي ايتري پهچ ڪٿي جو اولاد کي نوڪري وٺي ڏئي، يا هن وٽ ايترو پئسو ڪٿان اچي جو هو ڇوڪر لاءِ روزگار حاصل ڪري سگھي. هن دور ۾ پيٽ جي پورت ڪرڻ ئي هماليه جبل جيڏو مسئلو آهي . . .

ڳالهه ڪٿان اچي ڪٿي نڪتي. من تي مڻين بار هئڻ سبب اهو سڀ ڪجھه لکي ويس. سوچيم ته پنهنجي حال کان سائينءِ کي واقف ڪري، پنهنجي من جو بار هلڪو ڪريان. اهڙي ڪيفيت جي عالم ۾ جيڪڏهن اوهان جي لکڻين جو ڪو مجموعو هٿ اچي ويندو آهي ته وري ذهن ۽ دماغ ٻئي هڪ نئين سوچ سان ڀرپور ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اوهان جون لکڻيون اسان جو ئي ته آواز آهن.

سو ڳالهه ٿي ڪيم ته رات اوهان وارو ڪتاب پڙهندي منهنجو جوش تازو ٿيو ۽ فيصلو ڪري ورتم ته سرگرم تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ٿي، پوري سرگرميءَ سان حصو ٿو وٺان. ذهن اول ئي تتل هو، هاڻي پير به تپي ويا ۽ تتل پير وهڻ نه ڏيندا آهن . . . ـــــــــــــــ شمشاد.

خط پڙهي، ليکڪ کي پهريون ويچار اهو ٿو اچي ته بيروزگاريءَ جي واندڪائيءَ ۾ پڙهيل ڳڙهيل نوجوان قومي ساهت پڙهن ٿا ۽ ان سان گڏ هنن جي روزگار لاءِ معاشي جاکوڙ، اسان جي اڳ ۾ ئي هلندڙ قوي سجاڳيءَ جي جاکوڙ ۽ غيرطبقاتي سماج لاءِ جاکوڙ جو بنياد بنجندي وڃي.

ليکڪ پاڻ کان پڇي ٿو: ڇا هيءَ بيروزگاري باروت ۾ بدلجي رهي آهي؟ . . . . بغاوت جو باروت! .
 
Leave a comment

Posted by on April 3, 2012 in Stories

 

ڪافر – نسيم احمد کرل

ڪافر
نسيم احمد کرل

جنهن ڏينهن سيتل اوڏ ۽ سندس گھر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو ھو، ان ڏينهن مسيت ۾ نماز تي ايترا ته جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي ته ڀرجي وئي، پر ٻاھر پڌر ۾ ٻه ٽي صفون بيھجي ويون. ھن کان اڳ ايتري جماعت يا ته عيدن تي ٿيندي ھئي، يا جڏھن ڪو سرنديءَ وارو ماڻھو پنهنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جي ديڳ لاھيندو ھو. ڳوٺ واري مسيت جي پيش امام، مولوي اميد عليءَ به ان ڳالھ جي چڱي مشھوري ڪئي ھئي ۽ اوطاق ۾، قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾، ھن موقعي جو عيدن کان به وڌيڪ مبارڪ ھجڻ ثابت ڪيو ھئائين. ڳوٺ جا ماڻھو به ھروڀرو ايترا بي دين ڪو نه ھئا ۽ جنهن مڙس پڳ جو ور ورايو ھو، سو اچي حاضر ٿيو ھو. مولوي صاحب پاڻ به ھن موقعي تي چڱي شان مان سان آيو ھو. مٿي تي موڱي سائي دستار، بدن تي ھرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾ سيم جي نئين جتي ۽ ھٿن ۾ جنڊيءَ جي عصا، جنهن جي ھيٺئين ڇيڙي ۾ لوھي ڪلي لڳل ھئي، جا محراب جي ڀرسان ڪچي فرش ۾ ائين کوڙي ھئائين، جيئن دين جو جھنڊو کوڙيو ھجيس. ان ڏينهن ھن جيڪو خطبي جو ڪتاب آندو ھو، سو به نئون ھو. ھو جڏھن آيتون پڙھي سنڌي ابيات جي ان حصي تي پھتو، جتي چئن اصحابن سڳورن جي ثنا ھئي:
پھريون يار ھو صديق اڪبر،
ڀلارو ڀرجھلو صديق اڪبر،
رفيق غار ھو صديق اڪبر،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
ٻيو يار عادل عمر ھو،
سدائين ڪفار جو قاتل عمر ھو،
شجاعت ۾ قوي ڪامل عمر ھو،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
نبي جو دادلو عثمان اعليٰ،
جمع قرآن ڪيو عثمان اعليٰ،
سخاوت جو صاحب عثمان اعليٰ،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
جياريو دين ۽ ايمان حيدر،
پيغمبر تان سدا قربان حيدر،
خدا واکاڻيو ھر آن حيدر،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
- ته جماعتين جون اکيون اھڙا سريلا ابيات ٻڌي ٻوٽجي ويون ۽ ھر ڪنهن جي دل گھرڻ لڳي ته اھو خطبو ھلندو رھي. فرض ۾ به مولوي صاحب ننڍين آيتن بجاءِ سورت الرحمان شروع ڪئي، جنهن ۾ ”فباي آلاءِ ربکما تکذبان“ جي تڪرار، نماز ۾ وڌيڪ سواد پيدا ڪري ڇڏيو. نماز کان پوءِ مولوي صاحب ٿوري تقرير ڪئي ۽ ڳوٺ جي ماڻھن کي اھڙي مبارڪ موقعي ۾ شريڪ ٿيڻ جي مبارڪ ڏنائين. پوءِ ھڪ پنج-وقتي نمازيءَ کي موڪلي سيتل ۽ سندس گھر واريءَ کي گھرايائين، جي غسل ڪرڻ کان پوءِ نون نڪور ڪپڙن ۾ اوطاق ۾ ويھاريا ويا ھئا. جڏھن سيتل مسيت ۾ ويٺو، تڏھن مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو: ”بابا، تون ۽ مائي ٽلي، دين محمدي قبول ڪرڻ گھرو ٿا؟“
”ھا مولبي صاحب.“
”پنهنجي رضا خوشي سان يا زور زبردستيءَ سان؟“
”پنهنجي رجا سان، سائين.“
”تون به مائي ٽلي؟“
”ھا سائين.“ ھڪ نويڪليءَ ڪنڊ ۾ ويٺل مائي ٽليءَ جواب ڏنو. مولوي صاحب اھو ٻڌي ڏاڍيان جماعتين کان پڇيو: ”ٻڌو ٿا برادران؟“
”ھا ٻڌون ٿا.“ گھڻن جماعتين جواب ڏنو.
مولوي صاحب اشھد آڱر ڇت ڏانهن کنئي ۽ ٽي ڀيرا بلند آواز سان چيائين: ”اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ.“ ائين چئي مولوي صاحب وري سيتل کان پڇيو: ”روزا به رکندين ۽ نماز به پنج وقت باجماعت پڙھندين؟“
”ھا سائين، روجا به رکندس ۽ نماج به پڙھندس.“
”سونهاري به شرعي حد تائين رکائيندين.“
”رکائيندس.“ سيتل، صدق دل سان چيو.
اوچتو مولوي صاحب جي نظر سيتل جي ڪنن تي پئي، جن ۾ سونيون ڪيوٽيون پيون ھيون. مولوي صاحب ھڪدم کيس چيو: ”اھي سونيون ڪيوٽيون لاھي مائي کي ڏي. اسلام ۾ مردن کي سون پائڻ حرام آھي.“
سيتل تڙ تڪڙ ۾ ڪيوٽيون لاھي مائي کي ڏنيون، جنهن اھي وٺي رئي جي پلاند ۾ ٻڌيون. مولوي صاحب اڳلو سوال پڇيو:
”جوا نه کيڏندين، دارون نه پيئندين؟“
”نه سائين.“
”مسلمانن وانگر ختنو به ڪرائيندين؟“
”ھا سائين.“ سيتل انهيءَ صدق سان چيو.
”جزاڪ الله، جزاڪ الله!“ مولوي صاحب کيس شابس ڏني. وڌيڪ ٻين سوالن پڇڻ جي به ضرورت نه سمجھيائين ۽ کيس چيائين: ”ٿورو سري منهنجي ويجھو اچي ويھ.“
سيتل رڙھي وڃي سندس ڀرسان ويٺو ته مولوي صاحب کيس چيو: ”چؤ لا الــــٰـه.“
سيتل چڱيءَ طرح چئي نه سگھيو ۽ چيائين: ”لائيلا.“
”ائين نه، چؤ لا – الاھ.“ مولويءَ لفظ لفظ ھوريان ھوريان ائين چيو، جيئن کتابين کي پڙھائيندو ھو.
”لا – اِلاھ.“ سيتل چيو، ھن ڀيري برابر.
”اِ – لل – لاھ.“ مولوي صاحب اڳتي وڌيو.
”اِ – لل – لاھ.“
”م – حم – در.“
”م – حم – در.“
”رسول الله.“
”رسول الله.“
ھاڻي چڱيءَ طرح سڄو ڪلمو ائين پڙھ، جيئن مان پڙھان.“
”ھا سائين.“
چؤ: ”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“
”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“ سيتل چڱيءَ طرح چئي ويو. سڀ جماعتي ھڪ بي دين کي الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيندو ڏسي خوشيءَ ۾ پر ٿي ويا ۽ مولوي صاحب کي مبارڪ ڏئي وري سيتل کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. ھڪ ديندار ته تڪبير جو نعرو ھنيو، جنهن جو جواب جماعتين ايترو ته زور سان ڏنو، جي ڪي گھڙيون مسيت جي قبائين ڇت ۽ ڀتيون، اھي اکر ورجائينديون رھيون. ان کان پوءِ مائي ٽليءَ کان به ساڳيءَ ريت ڪلمو پڙھايو ويو. ان کي به مبارڪون مليون. پوءِ مولوي صاحب سيتل ڏانهن منهن ڪري چيو:
”اڄ کان تنهنجو اسلامي نالو عبدالله ٿا رکون.“
”ھا سائين.“
وري مولوي صاحب ٽليءَ ڏانهن منهن ڪري چيو: ”۽ مائي، تنهنجو نالو فاطمه.“
”ھا سائين.“
ڪي جماعتي اٿڻ لڳا ته مولوي صاحب کين ھٿ جي اشاري سان جھليو ۽ چيائين: ”ترسو، اڃا ھنن جو نڪاح پڙھڻو آھي.“ اھا ڳالھ ٻڌي ھرڪو پنهنجي جاءِ تي ويھي رھيو. مولوي صاحب ٻنهي کان رضا پڇي، آمنت بالله پڙھڻ شروع ڪئي.
ھوڏانهن ڳوٺ جي ٻاھران اڏيل اوڏن جي پکن ۾ باگھيارو متل ھو. زائفن زنبن جدا ٽولو ٺاھي پئي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاڙ گھوڙا ڪئي ته مرد وري پنهنجي مکيءَ ڦڳڻ مل جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ ھئا. مکيءَ ڦڳڻ مل به ڪڏھن ڪڏھن خار ۾ سٿرن تي زور سان ھٿ ھڻي پئي ان ڳالھ جو ارمان ڪيو. ھن کي پھرين پھرين اھا خبر پئي ھئي ته ھن سيتل کي ايلاز منٿون ڪيون ھيون، گيتا جا واسطا وڌا ھئا ۽ آخر ۾ سڄي پنچائت جي سامھون پنهنجي مکيائپ جو ڪيسري رنگ جو پٽڪو به سندس پيرن تي رکيو ھو، پر سيتل کيس کلي ڀلو جواب ڏنو ھو ۽ چيو ھو: ”مکي، تون کڻي ڇا به ڪرين، مان مذھب ضرور مٽائيندس.“
”پر تون مذھب ڇو ٿو مٽائين؟“
”منهنجي مرضي.“
”نيٺ به؟“
اتي مس مس سيتل کليو ھو ۽ چيو ھئائين: ”مون کي پنهنجو مذھب نٿو وڻي.“
”گھوڙا ڙي، تو کي ڇو نٿو وڻي پنهنجو مذھب؟“
”چڱو مکي، ٻڌاءِ اسين ڪير آھيون؟“
”اسين ھندو آھيان.“
”ڀلا ھندو لاش چتا تي چاڙھيندا آھن، اسين ڇو پوريندا آھيون؟“
”اھا اسان جي رشم آھي.“
”چڱو اسان ڇيلو ڇو حلال ڪري کائيندا آھيون؟“
”اھا به اسان جي رشم آھي، ابن ڏاڏن کان.“
”پر اھي ته مسلمانن جون رشمون آھن.“
”انهن جون به آھن ته اسان جون به آھن.“
”پوءِ ڪيئن ٿو چئين ته اسين ھندو آھيون؟“
”نه ته ڇا ھيون ڙي؟“
”اڌ ھندو اڌ مسلمان. ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري.“
مکي ڦڳڻ مل ان سوال ۾ لاجواب ٿي ويو، پر ھن ڳالھ بدلائي چيو: ”کڻي ڇا به ھجون پر مذھب ڇو بدلايون؟“
”مون کي مسلمانڪو مذھب وڻي ٿو.“
”اسان جو مذھب ڪوڙو آ؟“
”ھا ڪوڙو آ.“ سيتل دليريءَ سان چيو ھو.
ان ڳالھ تي پنچايت ۾ ويٺل اوڏن جي رت ڦري وئي. موتي ۽ ٻيا ٻه-ٽي ڄڻا ته کيس ٿڪ چنبي ھڻڻ لاءِ اڳتي وڌيا، پر مکيءَ ھٿ ٻڌي کين جھليو ۽ چيائين: ”پئنچو مارڻ ڪٽڻ مان ڪجھ نه ورندو. ھن کي مسلن تاويج پياريا آھن.“
اھا ڳالھ سندن دل ۾ ائين کپي وئي، جيئن سندن تکي ڪوڏر آلي زمين ۾ کپي ويندي ھئي. مولوي برابر تعويذن لکڻ ۾ مشھور ھو ۽ پري پري کان سوالي پنڌ ڪري کانئس تعويذ لکرائي ويندا ھئا. اٿي بيٺل اوڏ پنهنجن پنهنجن جاين تي ويھي رھيا ۽ اھا ڪاوڙ حقي مان زور سان وزم ھڻي لاھڻ لڳا. مکي سڀني کي ماٺ ۾ ڏسي وري سيتل ڏانهن منهن ڪيو ۽ کانئس پڇيو: ”تو کي مسلمانڪو مذھب ڇو ٿو وڻي؟“
”مسلمان پاڻ ۾ ڀائرن وانگر گڏجي کائن ٿا. اسان ھندن ۾ ڪي اوڏ ته ڪي اڇوت، ڪي برھمڻ ته ڪي کتري.“ مکيءَ کي ڪو جواب نه سجھيو. اھا ڳالھ ته برابر ھئي ته برھمڻ اڇوتن ۽ اوڏن کي پنهنجي ويجھو به اچڻ نه ڏيندا آھن، ھڪ ٿالھي ۾ کارائڻ ته پري رھيو. مسلمان ته اھڙو ڪو ويڇو ئي نه ڪن. اتي مکيءَ ٻي طرح ڍارو اڇليو:
”سيتل، تون مسلو ٿيندين ته پوءِ اسان سان ڪو واسطو ڪو نه رھندءِ!“
”ڀلي نه رھي.“
”اسين تو کي پاڻ وٽ اچڻ به ڪو نه ڏينداسين، ولر وٽ به ڪو نه!“
مکيءَ سيتل کي دڙڪو ڏنو. ولر جي گھر واري، سيتل جي سڳي ڀيڻ ھئي.
”ڀلي نه اچڻ ڏجو. مان مسلمان ڀائرن سان اٿندس ويھندس. ڀيڻ به مئي سھايم.“
ھن مھل تائين مکيءَ ٿڌو پئي ڳالھايو. ھن کي پڪ ھئي ته سيتل ڪٿي نه ڪٿي کٽي پوندو ۽ سندس دام ۾ ڦاسي پوندو، پر ھن جو ڪنهن به ڳالھ کي چخي نه ڪئي ۽ ڀيڻ کي به جيئري ماري ڇڏيائين ته مکيءَ کي جڪ اچي ويا. ٿورو گرم ٿي چيائين: ”ياد ڪجانءِ سيتل، گڏھن کي کڻي پنج سنجيون پارائي گھوڙن سان بيھاربو ته به گڏھ ئي ھوندا، گھوڙا ڪونه ٿيندا.“ پئنچايت جي اٿڻ کان پوءِ مکيءَ ولر کي سمجھايو ھو ته سيتل کي پنهنجي منهن پٽڪا ميڙيون ڪري سمجھائيندو رھي، پر سيتل، ولر ۽ ڀيڻ جي ايلازن تي به ڪو نه مڙيو ۽ مولوي اميد علي سان ٻڌل موقع موجب، جمع جي ڀلاري ڏينهن، گھر واريءَ کي وٺي سڌو مسيت ۾ ويو ۽ ڪلمو پڙھيائين. پوئتان اوڏن ۾ باگھيارو متل ھو. زائفن زنبن جدا ٽولو ٺاھي پنهنجي ٻولي ۾ پئي ڌاڙا گھوڙا ڪئي ته مرد پنهنجي مکيءَ جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ ھئا. مکي ڦڳڻ مل به ڪڏھن ڪڏھن خار ۾ ٻئي ھٿ زور سان سٿرن تي ھڻي پئي ان ڳالھ جو ارمان ڪيو.
مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سيتل، ھڪدم بدلجي ويو. اڳي ٻئي ٽئين ڏينهن ڏاڙھي ڪو نه ڪوڙائيندو ھو ته آرام ئي ڪو نه ايندو ھوس، پر پوءِ باقاعدي سونهاري ڇڏي ڏنائين، جا روز بروز وڌندي سندس منهن جي نور کي جرڪائيندي پئي وئي. نماز ۾ ايندو ته مولويءَ کان به اڳ ھو، پر جي دير ٿيندي ھيس ته به ايتري جو مولوي بانگ ڏئي اڃا دڪيءَ تان لھندو ھو ته سندس ھڪ پير مسيت جي در جي چائٺ ٽپندو ھو. مسيت جي سيوا، ٻهاري، نکن ويڙھڻ ۽ مٽين ڀرڻ ۾ به سڀني جماعتين کان اڳرو ھو. قرآن شريف پڙھڻ ۾ اھڙو شوق رکيائين جو مھيني ڏيڍ ۾ باب نامو پڄائي وڃي سيپارو شروع ڪيائين. پنهنجي گھر ۾ اسر جو ۽ سومھڻي جو وڏي سر سان پيو ذڪر ڪندو ھو. مطلب ته خدا کيس اھڙي ھدايت ڏني ھئي، جو شل ساري جڳ جھان کي ڏئي. مولوي صاحب کي به اڳ ڪنهن بي دين کي مسلمان ڪرڻ جي سعادت نصيب ڪا نه ٿي ھئي، ان ڪري کيس پنهنجي آخرت جو توشو سمجھي، ڏسي ڏسي پيو ٺرندو ھو ۽ آئي وئي سان ھن جي تعريف ڪندو ھو؛ ”ابا، ھي اسان جو عبدالله ڪنهن ڊگھي منزل نه رسي ته مون کي ڏٺي نه کيڪارجو!“
ڪڏھن ڪڏھن مولوي صاحب ڪن بي نمازين کي خدا، رسول ۽ آخرت جا ڀو ڏيندو ھو ۽ ھن جو مثال ڏئي کين چوندو ھو؛ ”اڙي نماز پڙھو، دور ڪيو، نه ته قيامت جي ڏينهن ھي اوڏ توھان کي شڪي ڪندو.“ عبدالله جو نماز، صلوات ۽ درود ۾ شوق ڏسي مولوي صاحب کيس دلداري ڏيندو ھو ۽ چوندو ھو؛ ”عبدالله، نه گھٻرائجانءِ. رب سائين تنهنجا سڀ گناھ معاف ڪندو. ڀلو ڀلو ڀاڻ ايندو آھي ته ڀلو نه چئبو آھي.“
عبدالله وري ان ڳالھ تي عاجزي سان مولوي صاحب کي عرض ڪندو ھو ته ھو خدا جي پيارن ٻانهن مان آھي، ان ڪري خدا جي درٻار ۾ عرض ڪري ته سندس اڳيان گناھ معاف ٿين، قبر جي عذاب ۾ آساني ٿئي ۽ قيامت موچاري ٿئي. مولوي صاھب ھڪدم ھٿ کڻي دعا گھرندو ھو ۽ پھرين صلوات شريف ۽ ٻه-ٽي آيتون پڙھي وڏي سر ۽ عاجزيءَ سان ھيءَ دعا پڙھندو ھو:
عرض سڻ اسان عاصين جو، مصطفيٰ جي واسطي،
ھٿ کڻڻ آھي شرم، پر وس نه توريءَ واھ ٻي،
سوال سڻ صديق اڪبر دل صفا جي واسطي،
سخت آ سرڪار تنهنجي اسان ڏوھي ٿا ڏڪون،
فضل ڪر فاروق اعظم بي ريا جي واسطي،
نفس واري جنگ ۾، تون اسان کي فتح بخش،
حل ڪر مشڪل اسان جي، مشڪل ڪشا جي واسطي.
ان وچ ۾ عبدالله ھڪ ھڪ بند کان پوءِ آمين چوندو ويندو ھو ۽ سندس اکين مان ڳوڙھا ڳڙي ڳڙي سندس سونهاري ۾ جذب ٿيندا ويندا ھئا.
ھڪ ڏينهن ٽپھري جي نماز کان ٿورو اڳ، ولر جو پٽ ٻاٻيھو وٽس ڀڄي اچي پھتو ۽ پنهنجي ماءُ جي بيماريءَ ۾ کيس ياد ڪرڻ جو ٻڌايائين. عبدالله کي اڳ ۾، ھِن ھُن جي واتان اھا خبر پئي ھئي، پر مکيءَ ڦڳڻ مل سان ڪيل فيصلي موجب ھو ڪو نه ويو ھو. ڀيڻ جي بيماريءَ جو ٻڌي ھن کي جھٻو ته گھڻو آيو، پر ٻاٻيھي کي چيائين: ”مان اوڏانهن ڪو نه ھلندس، مکي ڪاوڙ ڪندو. تون گاڏي تي ھيڏي کڻائي اچينس.“ ٻاٻيھي مامي جو اھو عذر ٻڌي کيس چيو؛ ”ماما، تون ان ڳالھ جي ڳڻتي نه ڪر. بابي مکي جي پيرن تي پٽڪو رکي تنهنجي ٿوري گھڙي کن لاءِ موڪل ورتي آھي.“
ان موڪل ملڻ کان پوءِ، عبدالله کي ٻيو ڪھڙو اعتراض ھو. ھو ٻاٻيھي سان گڏجي اوڏانهن ھليو ويو.
ٽپھريءَ جي نماز تي جو مولوي صاحب عبدالله کي نه ڏٺو ته حيران ٿي ويو ۽ جماعتين کان پڇيائين. ھڪ جماعتي جنهن پري کان عبدالله کي ٻاٻيھي سان گڏ ويندي ڏٺو ھو، تنهن اھا ڳالھ مولوي صاحب کي ٻڌائي. مولوي صاحب پريشان ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو؛ ”کيس وڃڻ نه گھربو ھو. جيتري دير ڪافرن جي صحبت ۾ ويھندو، سندس ايمان ۾ ڪتر پوندي. ڪو وڃي کيس وٺي اچي.“
مولوي صاحب جو حڪم ٻڌي فتح ناريجو اٿيو ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي وڃي اوڏن جي پکن وٽ پھتو. اتي لوڙھي جي ٻاھران بيھي سڏ ڪيائين: ”عبدالله، او عبدالله!“
مکي ڦڳڻ مل جو پکو لوڙھي جي ڀرسان ھو. ھن ان وقت ٻاھران آيل مزمانن سان چوپڙ راند پئي ڪئي. ھو سڏ ٻڌي اٿيو ۽ پکي کان ٻاھر نڪري فتح کان پڇيائين: ”ڇا ھي فتح؟“
”اسان جو عبدالله توھان وٽ آيو آھي، ان کي مولوي ٿو سڏائي.“
مکيءَ کي ان ڳالھ تي ٿوري چڙ آئي. عبدالله جو سندن ھڏ، رت، پت مان ھو ۽ جو سندن بکن ۾ ڄائو نپنو ھو، سو وري فتح وارن جو ٿي ويو ھو؛ پنهنجي بيمار ڀيڻ کي ڏسڻ آيو ھو ته پوئتان ماڻھو ڀڳو آيو. مکيءَ شوخائيءَ سان پڇيو: ”عبدالله توھان جو آ فتح؟“
”ھا، اسان جو آ.“
”توھان ھن جا وارث آھيو؟“
”ھا، اسان جو مسلمان ڀاءُ آھي، اسين ھن جا وارث آھيون.“
ان وچ ۾ عبدالله کي به ڪنهن سڏ جو ٻڌايو ۽ ھو ڀيڻ جي پکي مان نڪري اچي وٽن بيھي رھيو. مکيءَ فتح کان پڇيو: ”چڱو فتح، ھڪ ڳالھ ٻڌاءِ. سڀان جو ھي مري وڃي ته جوڻس کي ته لوڌي ڪڍندؤ نه؟“
”ڇو لوڌي ڪڍنداسونس.“
”توھين مسلمان ساڻس نڪاح ڪندؤ.“
”جي مالڪياڻي راضي ھوندي ته ان ۾ ڪو عيب ڪونهي.“
”گريان نه ايندو؟“
”ڇو ايندي گريان مسلمان کان!“
عبدالله مکيءَ کي سوالن جوابن ۾ مئل ڏسي مشڪڻ لڳو. مکي ڦڳڻ مل کيس پاڻ تي کلندو ڏسي، پنهنجي دماغ کي ائين ٿڦوليو جيئن ھو راند ۾ ڪنهن جي ڳوٽ مارڻ لاءِ ڍاري کي گھڻي دير تائين کڙڪائي کڙڪائي گھربل داءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. اوچتو ھن پڇيو: ”چڱو فتح، جي جوڻس مري وڃي ته کيس پاڻ وٽان پرڻائيندؤ؟“
مکيءَ جو سوال ٻڌي فتح جو منهن ڳاڙھو ٿي ويو. سندس اکيون لال ٿي ويون. ھڪ خسيس اوڏ کيس گار ڏني ھئي، حالانڪ اوڏ کي خبر ھئي ته ٻهراڙي ۾ ڪو پنهنجي ذات کان ٻاھر سَڱ نه ڏيندو آھي. ناريجا ناريجن ۾ ڏيندا آھن ته ڪلھوڙا ڪلھوڙن ۾ ڏيندا آھن. فتح ڪاوڙ مان مکيءَ کي دڙڪو ڏيندي چيو؛ ”مکي، زبان سڀال. اڳتي حرف نه ڪڇجانءِ نه ته…..“ پر مکي ھيسجڻ بجاءِ رھندو مرڪڻ لڳو ۽ فتح کي چيائين؛ ”اھو ڪھڙي قانون ۾ لکيل آھي جو توھان وٺندؤ باقي ڏيندؤ ڪو نه. توھان جي مذھب ۾ ته سڀ مسلمان ڀائر آھن ۽ ڪو ويڇو ئي ڪونهي.“
”اھا اسان جي رسم آھي، ابن ڏاڏن کان.“ فتح ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو.
مکي ڦڳڻ مل، پنهنجو گھربل داءُ وٺي، مرڪيو. عبدالله جي منهن مان رت ڇڏي ويو. ھن جا چپ ڏڪڻ لڳا. اکين جي الائي ڪھڙين ڪنڊن مان ڳوڙھا نڪتا، جن سندس ماڻڪيون آليون ڪري ڇڏيون. جيسين اھي ڳوڙھا ڇپرن ۽ پنبڻين جو بند ڀڃي ڳلن ڏانهن وڌن، ھو مکي جي چنبي ۾ چنبو ڏيئي، مسيت ڏانهن وڃڻ بجاءِ پنهنجي اباڻن پکن ڏي موٽيو.
ٻئي ڏينهن عبدالله پئنچايت ۾ ڏنڊ ڀري رکيل ڏاڙھي ڪوڙائي ۽ سونيون ڪيوٽيون ڪنن ۾ پائي، سائو گھاري ۾ وھنجي، پاڻ کي اوڏن جي رسم موجب ”پاڪ“ ڪيو ته ھوڏانهن ڳوٺ واري مسيت ۾ ٽپھري جي نماز کان پوءِ، ھڪ جماعتيءَ مولوي صاحب کي چيو: ”مولوي صاحب، ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.“
ٻئي چيو: ”سائين گڏھ کي پنج-سنجيون پارائي، گھوڙن سان بيھاربو ته ڪو گھوڙو ڪو نه ٿي پوندو!“
آخر ۾ مولوي اميد علي پنهنجي سونهاريءَ کي ھٿ سان سنواريندي چيو: ”ھا ابا! سچ ٿا چئو، ڪافر نيٺ ڪافر!“

 
Leave a comment

Posted by on April 1, 2012 in Stories

 

بدمعاش ـ جمال ابڙو

بدمعاش
جمال ابڙو

هو وڏو بدمعاش هو، پهرئين نمبر جو. ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو هن جي ڏائي هٿ جو کيل هو. چپٽين ۾ ڏوهه ڪري وٺندو. حرام جو قياس پويس. خار ۾، ڇپ ڪيو، بيٺو ڏسندو. هڪ ڀروون هيٺ، اک چُنجهيل، ٻيو ڀروون مٿي، ڏند ڏندن سان مليل. ناسون ڦوٽاريون، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيون بيٺو هوندو. بس بس ڪري، وٺي حملو ڪندو، آنڊا ٻاهر.
ڏائڻ جهڙي ڪهاڙي ڪلهي تي کنيو، شينهن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو هو. شل نه ڪير کيس للڪاري. ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جهلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين، ٻه ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگهه وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو. ڪهاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.
چيلهه سنهي، سينو ويڪرو، ڪلها اڀا. مڇن کي تاءُ ڏيو اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾، مست ٿيو وتندو. ڪنهن تي فلڪ نه آڻيندو.
ننڍي کان ئي نئود هو. پڻس ڪُٽي، هڏ گڏ ڀڃي رکندو هوس. حرام، جو سڌو ٿئي. ٻرڙاٽ پيا پوندس. لتون، مڪون، چنبا، گهل گهلان، هجيس ماءُ، ته ڇڏائيس! نيٺ رڙيون ڪرڻ بند ڪندو. پيو مار کائيندو، ڪڇندو نه، ڀانئيندو ته پيءُ جي ڏاڙهي پٽي رکي، پر ڏاڍو هوس. اوڙو پاڙو تپائي ڏنائين، پاڻ جيڏن کي سٽيو ڪٽيو، ڀڳو هليو ويندو. ٻارن جا ماءُ پيءُ، رڙيون ڪندا ايندا. هٿ ايندن، ته ڪٽي رکندس. پنهنجو ٿورو ئي هئن! نه ته به پڻس کي دانهن ڏيندا. پڻس، پاڻ مان ئي ڪَڪ. سڀ سور ساڙ، هن مان ڪڍندو هو. ڏوهه ٻين جو، مار هن تي. ”ڪو اُنهين ئي ته ڪو نه آيو هو.“ اهڙو ساڙ ٿيندو هوس، اهڙو ساڙ ٿيندو هوس…. ڏاڍو ساڙ ٿيندو هوس. چوندو هو، ”بيهه وڏو ٿيان!“
ڪيئن ته واڻئي جي چلڪڻي ڪپڙي کي هٿ لاٿو هئائين! واڻئي چماٽ وهائي ڪڍيس. پڻس به کڻي چنبو هنيس، پيءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ”ڀيڻسان، سوئر!“ ننڍو هو، سور پي ويو.
ڇورو ڇنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو، اَن لپ ڪا نه جو شيءِ وٺي. ٻيا ٻار جهولي جهلي ڀريو، چوس چوس ڪيو گُگهڙا وٺيو، پيا پُوريندا هئا. هي اڪيلو، مٿي تي ٻانهن رکيو، اکيون ڦاڙيو، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو چنڊ، ٺڪر جي گاڏي، ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان، دل چوندي هيس ته هٿ لائي ڏسان، پر ڪير ٿو ڪنهن کي هٿ لائڻ ڏئي. نڪ جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي وينديس. وٺي هڪ پاسي ڀڄندو، ڪنڊ ۾ منهن ڪري، ڀت تي ليڪا پائيندي، پيو چَپَ ڪڍندو ۽ سنگهه اگهندو.
سڪي سڪي رانديڪو چورايائين. پيو سانڍيندو هوس، لڪي لڪي راند ڪندو هوس. ننڍڙو ڪافور جو گڏڙو وڏين اکين سان ڄڻ ته ڀاءُ هوس. ڪيئن ته پڻس کَسي ورتس! سڏڪا ڀريندي ڀريندي، مار کائيندي کائيندي، ٽپا ڏيئي ڏيئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو، پڻس جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويو. هن ڏاڍيون رڙيون ڪيون، پيءُ کي ”حرامي“ به چيائين. پڻس لتون به هنيس. ان ڏينهن ڏاڍو رنو. ٽُڪڙا ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، پاري ۾ وجهي ڇڏائين. ڏينهن اهو ٿيو، وري نه رنو.
پيءُ ته ڏٺي نه وڻندو هوس. ڀلا لڱن جو ڪهڙو ٽڪر هوس، جنهن تي پڻس جا پادر نه وسيا هئا. وڏو ٿيو، ته لٺ کڻي کنيائين. چي؛ ”متان آيو آهين!“ پڻس سمجهي ويو، وري نه ڪڇيو. ٻين ماڻهن سان ازلي وير هوس، ڀلا ڪير ساڻس چڱيان هليو هو!
اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون. ساهه ساهه سان، نفرت ڦوڪون ڏئي نڪرندي هيس. ماڻهن کي ماريندي، ڦريندي، چيچلائيندي، ڪجهه خيال نه ٿيو هوس. ”ساڻس ڪو گهٽايو هئائون!“ نفرت سان ٽمٽار، ڪيتري به ڪڍي، ته به اوتري جي اوتري، نه گهٽجي نه وڌي.
کيس هڪ ڪتو هو. گُلر ڪري پاليو هئائين. اهو مئو، ته روئي ويٺو. هڪ وار جهلجي پيو. گهلي آيس ٿاڻي تي. اڃا ڪچو هو. ڊڄي ويو. چي، ”الله سائين هن ڀري ڇڏاءِ، ته توبه ڪيم!“ پر جڏهن کيس مرچ وڌائون ۽ مُٽ پياريائون، تڏهن ڊپ لهي ويس. اهو ئي هڪ ڀِروون هيٺ، اک چنجهي، ٻيو ڀرون مٿي.
پوءِ ته ڪئين ڀيرا جهليو. لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نهاري ته ساهه سڪيو وڃي. جهڙي تهڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس.
چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جهليو. پوليس تي بار پيا. چيائونس؛ ”مال موٽاءِ!“ وٺي آيس گهر، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، چي؛ ”وار پٽينس“.
ڪيس مان ڇٽي نڪتو، ڀيڻ جي منهن نه چڙهيو. چڱي مڙس کي ماريائين. اهي پوليس جا آفيسر ماريائين. روپوش ٿي ويو. ڪهڙو روپوش؟ اتي ئي هو، پر پوليس کان ڏاڍو هو.
ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيائين. ماڻهو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏهن ماڻهن جي ڳچين مان رت ٺينديون ڪري وهندو هو، جڏهن ڪٽيل نڙگهٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا هئا. جڏهن وڍيل رڳن مان رتُ، ڇاٽيون ڪري نڪرندو هو ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙهيون هڻندا، بل کائيندا هئا، تڏهن هو بيهي ڏسندو هو. هڪ ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
ڄڃون ڦريائين. گهوٽ ڪنوار ماريائين. نوٽن جون ڍڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيهي ڏٺائين. هڪڙو ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
هڪ دوست تي ڪاوڙيو، هڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس. ٽڪر ٽڪر ڪري وڍيائينس. پوءِ وٺي ڪوڪون ڪيائين. اٺ پهر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي، فاتحا پڙهيائينس. مڇون هيٺ لڙڪي آيس. رت لڳل ڪهاڙي کڻي خون واريءَ جاءِ تي پوري ڇڏيائين. ڄڻ ته پنهنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين…… ۽ پوءِ……
جهلجي پيو، هڪ ڪيس نه بيٺس. سئو ڏهين ۾ ڏنائونس، اڙجي ويو. مٽيءَ جي ماني. موبل ۾ رڌل دال. چرس ڀنگ جو واپار، بچي بازيءَ تي جهيڙا. سڀ ٻٽ، قيدي توڙي ڪامورا. گار جي رئي. ڪُتي واري ڪار. هو گڏهه وانگر وهندو رهيو. گُهنڊ هنيو، چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪيو پيو گهمندو هو. ڏينهن ئي ٻه چار گذريا. جيل کان ٻاهر، پٿر ڀڃندي، هروڀرو جمعدار صاحب ڏنڊيون وهائي ڪڍيس. هن ڪنڌ ڦيري، ڀِروون ڇڪي، ڏانهس ڏٺو، جمعدار صاحب تي زهر چڙهي ويو. گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنائين. چي؛ ”ڏسين ڇا ٿو؟“ هن جون ٻئي اکيون چنجهيون ٿي ويون، ڏند ڪرٽجي ويس، وٺي گجگوڙ ڪيائين. ٽپو ڏئي ڪڙڪي پيو. جمعدار جي ٻانهن ڪڍي وڌائين. هنگامو مچي ويو، قيدين جي ٻيگهي متي. سپاهين جون بندوقون ڇڏائجي ويون، هو ڀڄي ويو.
هن وڃي پنهنجي ڪهاڙي کوٽي ڪڍي. چتائي ان کي ڏٺائين. ڄڻ ته انساني مٿن جا گيها ٿي ڳڻائين. سندس واڇ چٻي ٿي، نڪ گهنجيو ۽ اک چنجهي ٿي، ڌڪار مان مشڪيو. ڪهاڙيءَ کي مٿي ڪري چمي ڏنائين. سندس ڦر جي تک کي آڱوٺي سان جاچيائين.
نئين سر ڪوس شروع ٿي ويا. ستلن کي ماريائين. بي ڏوهن کي ڪٺائين، گهر ساڙيائين. زائفن جا پار، ٻارن جو رودن، باهه جون لاٽون. ڏسندو ڏسندو، هليو ويندو. وري وري مُڙي ڏسندو. نه خوشي، نه خار. اها ئي چنجهي واڇ لڙيل، ڀِروون هيٺ مٿي. پچڪ ڪري، کڻي ٿُڪ اڇليندو.
هڪ لڱا ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هنيائين. سڄي ڳوٺ کي کڻي مُٺ ۾ ڪيائين. جو جتي سو تتي. هيسيل ۽ چپ. هي ڳاٽ اوچو ڪيو، ڀروون تاڻيو پئي آيو ۽ ويو.
اڱڻ ۾ هلندي، پير هيٺان ڪو رانديڪو اچي ويس. اڍائي سالن جي ٻار، ماءُ جي ڪڇ تان دانهن ڪئي: ”ڪنو حلامي!“ هن مُڙي ڏٺو. ماءُ جهٽڪو ڏيئي، ٻار جي وات تي هٿ ڏنو. کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايائينس. ويچاريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٻار کي اڃا به ڇاتيءَ سان سوگهو ڪيائين. اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريائين. ڇا ته هو ماءُ جي اکين ۾! هو پنڊ پاهڻ ٿي ويو. ٻار کي ڏٺائين. ڀڳل رانديڪي کي ڏٺائين. ماءُ جي ڀاڪر کي ڏٺائين. ڪيئن ته ٻارڙو، ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورايو، ٺنڀ هنيو پيو هو. هو ڏسندو رهيو. هن جا ڇڪيل ڀروون، هوريان هوريان، سڌ ۾ اچي ويا. هن جهڪي ڀڳل رانديڪو کنيو. ٽڪر ميڙي اڳتي وڌيو. وڃي مائيءَ جي هٿن ۾ ڏنائين.
انهيءَ ئي ڌاڙي ۾ هو جهليو. سندس ڪي ساٿي ماريا، ڪي مٿس باڪو ٿيا. مائيءَ شاهدي ڏني. ڀڳل رانديڪو پيش ٿيو. کيس جنم ٽيپ آئي.
هو ماٺ هو صفا ماٺ. سندس ڀروون سڌ ۾ هئا. اکيون هڪ-ڪريون هيس. ڄڻ ته پري پري پئي ڏٺائين. مائيءَ کي، ٻارڙي کي، سندن ڀاڪر کي…. ۽ پاري ۾ پيل گڏڙي کي. سندس ڪنن ۾ آواز اچي رهيا هئا – ”ڪنو…. حلامي… “
کيس سينٽر جيل تي موڪليو ويو. لُولو جمعدار جيلر بڻجي چڪو هو، هن کيس کنڀي ٻڌايو. کيس اگهاڙو ڪرايو ۽ کيس ڏنڊي لنگهائي. هن کي اونڌو ڪري سينٽر جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. صبح جو هو مري ويو. کيس لاٿو ويو. سندس ڏنڊي ڪڍي وئي. رت وهي هليو. چيائون ته؛ سوري هيس. لولي جيلر کيس ٿڏو هنيو. چيائين؛ ”بدمعاش!“

 
Leave a comment

Posted by on April 1, 2012 in Stories

 

تاريخ جو ڪفن ـ امر جليل

تاريخ جو ڪفن
امر جليل


عيد نماز شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ هڪ ڪارو ڪوجهو شيدي، جنهن جا وار اڻڀا، اکيون ڏرا ڏنل، ڏيل ڏٻرو ۽ لٽا ليڙون هئا، سو نمازين جي پوئين قطار مان اُٿي کڙو ٿيو. هو اڌڙ عمر وارو قداور مڙس هو. ڪلها صليب وانگر سڌا، ۽ سينو ويڪرو هوس. زندگيءَ جو ٻوجهه کڻندي، سهندي پٺيءَ جو ڪنڊو ڪمان ٿي ويو هوس. هن وڏو ساهه کڻي، هڪ اڏامندڙ نگاهه عيد گاهه تي وڌي.
سمورو عيدگاهه ڪراچيءَ جي قسمين قسمين ماڻهن سان سٿيو پيو هو. قطارون انت کان ٻاهر، نمازي بي انداز! ڪن جا وڳا نوان، ڪن جا ڌوتل، ڪن جا اُجرا! رنگ ايترا، ڄڻ آسمان مان رنگن جي انڊلٺ زمين تي لهي آئي هئي. عيد نماز شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه گهڙيون وڃي بچيون هيون. ملان بيحد عقيدت، ۽ تمام جوش سان اسلامي تاريخ جا ورق ورائي رهيو هو. هو ڪنهن وقت ٻانهون کولي، ۽ ڪنهن وقت هيٺ ڪري! آواز چاڙهي، ۽ ڪڏهن لاهي، ڪڏهن سڌو ۽ ڪڏهن سـُـر ۾ ڳالهائي، ماڻهن ۾ ايمان جو ستل جذبو جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ماڻهو ادب سان ويٺا هئا ۽ وعظ دوران ڪنهن ڪنهن وقت جهوٽا کائي رهيا هئا. سندن نگاهون مصلحن آڏو رکيل بوٽن تي کتل هيون. ڪجهه بوٽ نوان، ڪجهه پراڻا، ۽ ڇڳل هئا. بوٽن، سليپرن، سپاٽن ۽ چمپلن جا ترا، ترن سان مليل هئا ۽ سجدي واري هنڌ کان انچ کن پري رکيا هئا. جن نمازين پاڻ سان دُلدُل وانگر سينگاريل ٻار آندا هئا، تن جي هڪ اک بوٽن ۾، ٻئي ٻارن تي کتل هئي. صحتمند ملان، صحتمند آواز ۾ وعظ ڪري رهيو هو، ۽ ماڻهن کي الله سائين جي رحم ۽ ڪرم بدران، الله سائينءَ جي قهر ۽ قبر جي عذاب جون ڳالهيون ٻڌائي، ڊيڄاري رهيو هو. ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ جوش ۾ لائوڊ اسپيڪر ڦاڙي وجهندو.


“اڙي ويهي رهه.” ڪنگال قسم جي هڪ سنهڙي شخص شيديءَ کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو: “بيٺو ڇو آهين. ڀولي ڇڏائجي ويئي اٿئي ڇا!”
شيديءَ کيس جواب نه ڏنو. سـَـٽَ ڏيئي، ٻانهن ڇڏائي، هو پوئين قطار مان نڪري اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اڙي پري ڪر پنهنجا دانگيءَ جهڙا پير.” شيديءَ کي ٺونٺ هڻندي هڪ جهرڪيءَ جيتري نوجوان چيو: “ماڻهو آهين يا ڏامر!”
شيديءَ کيس جواب نه ڏنو، نه ئي ڪنڌ ورائي ڏانهن ڏٺو. هو ان قطار مان نڪري، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اوهو! وڏو ڪو ڀوڪ آهين. اڇن اُجرن ڪپڙن واري هڪ شخص ڪاوڙ وچان شيديءَ ڏانهن ڏسندي چيو: “شرم نه آيئه منهنجي ڪوري پاجامي جي پانئچي تي پير ڏيندي!”
شيديءَ جي اُداس اکين ۾ پراسرار روشني اُڀري آئي هئي. هن ڪاوڙيل شخص جي جملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هو وک وڌائي اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
“خبردار!” فرشتن جهڙي هڪ شخص شيديءَ کي ٽنگ ۾ چهنڊڙي وجهندي چيو: “لاحول والله! دُبئي جو مصلحو هڻي ميرو ڪري ڇڏيئه. ماڻهو آهي يا ابن ابليس!”
شيديءَ چهنڊڙيءَ جي پرواهه نه ڪئي، ۽ نه ئي فرشتن جهڙي شخص جي جملي جي. سندس اداس اکين ۾ پراسرار روشني وڌندي ويئي. هو وک وڌائي، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اڙي او بن مانس!” هڪ نوجوان، جنهن وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ کانپوءِ پنهنجي چلڪندڙ نرڙ تي وار سينگاري ڇڏيا هئا، تنهن شيديءَ کي حقارت آميز لهجي ۾ چيو: “باغيچي مان پڃرو ڀڃائي نڪتو آهين ڇا؟”
پاسي ۾ ويٺل ڪجهه ايڪٽر ڇاپ نوجوان ٽهڪ ڏنو. هڪ ٽيڏي نوجوان اداڪارن جهڙي لهجي ۾ چيو: “ڀانئجي ٿو، آفريڪا مان هجرت ڪري آيو آهي.”
ايڪٽر ڇاپ نوجوانن جي ٽولي ٽهڪ ڏنو.
هڪ ڪرڙوڍ، جنهن جهوٽا پئي کاڌا، سو ٽهڪ ٻڌي سجاڳ ٿيو. مومن مان منهن ڪڍي، نوجوانن ڏانهن ڏسندي چيائين: “اڙي ٽرڙا نه ٿيو. وعظ ٻڌڻ ڏيو.”
“بس ڪر، ابابيل جا پٽ.” هڪ نوجوان ٺهه ٺهه کيس وراڻي ڏني. هو ٻوٿ ڀيلڙو ڪري ويهي رهيو.
ان وچ ۾ شيدي اُها قطار ڇڏي، اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اڙي اڳتي ڪيڏانهن پيو اچين!” چئن پنجن ڄڻن کيس بيهاري ڇڏيو. هنن سندس ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۽ ڏٻري ڏيل ڏانهن ڏسندي چيو: “هتي مٺائي پئي ورهائجي ڇا!”
شيديءَ ڪو جواب نه ڏنو. هن جون اکيون اڳئينءَ قطار تي کتل هيون.
“پوئتي وڃ، دانگي جهڙا.”
“پري ٿيءُ.”
“ٽري وڃ.”
“خبردار جو اڳتي آيو آهين.”
شيديءَ کين جواب نه ڏنو: نه ئي ڪنڌ ورائي هنن ڏانهن ڏٺو. پراسرار روشني تمام چٽي نموني سندس اکين ۾ چمڪي رهي هئي. هو اڳتي وڌي ويو. ٻرانگهون کڻندو، ڇال ماريندو، هو نمازين جون ٻه – چار قطارون لتاڙي ويو.
ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. جن جهوٽا پئي کاڌا، سي سجاڳ ٿي ويٺا. جيڪي سجاڳ هئا، ۽ ڪنن سان وعظ ٻڌي رهيا هئا، ۽ اکين سان پنهنجي بوٽ ۽ ٻارن جي پرگهور لهي رهيا هئا، سي شترمرغ وانگر ڪنڌ ڦيرائي شيديءَ ڏانهن ڏسڻ لڳا. جڏهن گوڙ ٻڌائون، تڏهن هڪدم جهٽ ڏيئي پنهنجا پنهنجا بوٽ کڻي ورتائون ۽ ٻارن کي ڇڪي هنج ۾ ويهاري ڇڏيائون
ڪجهه حشمت ڀريل، بهادرن، بيڊپن هيکلي شيديءَ کي قابو ڪري ورتو.
“پڪڙيوس.”
“نه ڇڏجوس.”
“وٺ ڪجوس.”
گوڙ گهمسان وڌي ويو. ملان وعظ بند ڪري ڇڏيو ۽ ممبر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي چڙهي تماشو ڏسڻ لڳو. سڄيءَ خلق جو ڌيان شيديءَ ڏانهن ڇڪجي ويو.
قسمين قسمين ماڻهوءَ طرحين طرحين جا لهجا، ڀانت ڀانت جون ٻوليون- پر مفهوم سڀني جو ساڳيو-
“چور آهي.”
“چور ناهي. ڳنڍڇوڙ آهي.بشني آهي.”
“برابر.”
“ضرور ڪنهن مومن جو کيسو خالي ڪيو اٿائين.”
“شڪل مان ئي چور، چور جو پٽ ٿو ڏسجي.”
“بوٽن جو چور آهي.”
“قابو ڪجوس.”
“جهلجوس.”
“ڀڄڻ نه ڏجوس.”
“وارو ڪجوس.”
“چور آهي.”
“بشني آهي.”
“بدمعاش آهي.”
“شودو آهي.”
هڪ شخص هجوم مان واٽون ڪندو، ڌوڪيندو، اڳتي هليو آهي. هن جا چپ سنهڙا، ۽ سڪل، اکيون، چنجهيون، ۽ بيرونق ۽ سندس مٿي جا وار کـُـٿل هئا. هن وڏي واڪ ماڻهن کي چيو: “مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. هيءُ نه چور آهي، نه بشني آهي، ۽ نه ئي شودو آهي. هيءُ فقط شيدي آهي.”
جنهن نيڪ شخص جو هٿ شيديءَ جي ڪنڌ ۾ هو، تنهن هڪ نگاهه ۾ سندس جائزو وٺڻ کانپوءِ، چٿر ڪندي کانئس پڇيو: ““ تون ڪير آهين؟”
هن وراڻيو: “مان مامون خان موچي آهيان.”
“ڀڄي وڃ موچي: تون وڃي ڇڳل بوٽن جي مرمت ڪر.” نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت شخص چيو: “اسين پاڻئي هن جي خبر چار وٺنداسين.”
مامون خان موچي ڌڪجي، ٿڏجي، منظر مان غائب ٿي ويو.
“ پوءِ ڪيتري دير تائين وڏي واڪ جملا هڪٻئي سان وچڙندا رهيا-
“ماريوس.”
“ڪٽيوس.”
“اول تلاشي وٺوس.”
“نماز ۾ رُخنو نه وجهو.”
“وڻ سان ٻڌي ڇڏيوس.”
“نماز کانپوءِ سندس منهن ڪارو ڪري، گڏهه تي ويهاري جلوس ڪڍبو.”
“هيءُ پاڻ دانگيءَ جهڙو ڪارو آهي. هن جو منهن ڪهڙي ڪارنهن سان ڪارو ڪبو!”
“برابر. اهو تمام وڏو ۽ اهم مسئلو آهي.”
“منهن تي ڪارنهن بدران چوني جي پوچي ڦيرائينداسينس.”
“هرگز نه. چور جو منهن هميشه ڪارو هوندو آهي.”
“ان مسئلي تي ماڻهن کان ووٽ ورتو وڃي.”
“ووٽ وٺڻ جو وقت ڪونهي.”
ماڻهو پاڻ ۾ بحث، مباحثو ڪرڻ لڳا. هو هڪٻئي سان وڙهڻ مرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. گوڙ گهمسان وڌي ويو. شيديءَ جي حشر بابت ماڻهو ڪنهن به هڪ فيصلي تي پهچي نه سگهيا.
پهرين صف ۾ ملڪ جي نامي گرامي، ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت، هر دلعزيز، مشهور ۽ معروف جناب محمود صاحب موجود هو. ماڻهن کي محمود صاحب جي حفاظت جو اونو ورائي ويو. هو محمود صاحب لاءِ فڪرمند ٿيڻ لڳا. هجوم مان ڪنهن وڏي واڪ رڙ ڪندي چيو: “ڪارو شيدي پهرين قطار ڏانهن وڌي رهيو آهي. هيءُ بدبخت ضرور ڪنهن دشمن ملڪ جو ايجنٽ آهي. ۽ محمود صاحب کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.”
نئين انڪشاف تي ماڻهو وائڙا ٿي ويا.
اوچتو، شيديءَ ڇال ڏنو. هو چيتي وانگر اڇل کائيندو، وڏين ٻرانگهن سان ٽپ ڏيندو، ماڻهن، مصلحن، بوٽن ۽ چمپلن جون ڪيتريون قطارون لتاڙي ويو.
پهرين صف ۾ محمود سان گڏ شهر جا قابل ڪامورا، صنعتڪار، واپاري ۽ بينڪر ڪلهوڪلهي سان ملائي ويٺا هئا. هو ڪنڌ هيٺ ڪري، پلٿي ماري ويٺا هئا ۽ اخباري فوٽو گرافرن کان فوٽا ڪڍرائي رهيا هئا. پهرين صف جي عين پٺيان، ٻئي صف ۾، محمود صاحب جي حفاظت لاءِ سادن ڪپڙن ۾ حفاظتي عملي جا برجستا ۽ طاقتور ڪارڪن ويٺا هئا. هو بظاهر نماز پڙهڻ، ۽ الله جي عظمت آڏو سجدو ڪرڻ آيا هئا، پر اصل ۾ هو محمود صاحب جي حفاظت لاءِ اُتي موجود هئا، ۽ نئين صورتحال سبب چوڪس ٿي رهيا هئا. سندس وَرَ ۾ موتمار هٿيار لڪايل هئا. تنهن ڪري هو ويهڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا هئا.
شيدي جڏهن اُڇل کائيندو ۽ ڇال ماريندو، ٻئي صف ٽپي پهرين صف ڏانهن وڌڻ لڳو، تڏهن حفاظتي عملي جي عقابن جهٽ هڻي کيس قابو ڪري ورتو. اک ڇنڀ ۾ هو کيس لتون، مڪون، ۽ ٺونشا هڻندا عيدگاهه کان ٻاهر ڪڍي ويا. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو.
لائوڊ اسپيڪرن مان ملان جو آواز گونجڻ لڳو. هو ٻئي هٿ عرش ڏانهن کڻي، عاجزيءَ، انڪساريءَ، سريلي نوع ۾ الله سائين کان محمود صاحب لاءِ وڏي ڄمار جي دعا گهرڻ لڳو.
ماڻهن جو خيال مٽجي ويو. هو شيديءَ کي وساري اول محمود صاحب لاءِ وڏي ڄمار جون دعائون ۽ پوءِ وعظ ٻڌڻ لڳا. هنن پنهنجا نوان، پرانا بوٽ ۽ چمپل سجدي واري هن کان انج کن پري رکي ڇڏيا.
عيدگاهه ٻاهران، هڪ نويڪلي جاءِ ۾ حفاظتي عملي جي هڪ وڏي آفيسر بيد جي لڪڻ جو وسڪارو ڪندي شيديءَ کان پڇيو: “ٻڌا”. جواب ڏي. ڪهڙي نيت سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين.”
مڪن، چماٽن ۽ ٺونشن لڳڻ سبب شيديءَ جو سمورو چهرو رتورت ٿي ويو هو. هن جو وات رت سان ڀريل هو. هو ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيو.
“جواب ڏي.” وري لتون، مڪون، منهن ۾ ٺونشا، ۽ پنين تي لانگ بوٽن جون ٺوڪرون لڳس، “جواب ڏي. ڪنهن جو ڇاڙتو آهين؟ ڪهڙي نيت سان اڳتي وڌي رهيو هئين؟”
شيديءَ جي نڪ مان رت ٺنڊيون ڪري وهڻ لڳو. پيٽ ۽ ڪکين ۾ لتون لڳڻ سبب سـَـنڌ سـَـنڌ ساڻو ٿي پيو. اکين آڏو اوندهه اچي ويس.
“پهرين قطار ڏانهن ڇو، ۽ ڪهڙي نيت سان وڌي رهيو هئين؟” عملدار کيس پيٽ ۾ لت، ۽ ڪنڌ تي مڪ هڻندي پڇيو: “جواب ڏي. ڪهڙي ارادي سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين؟”
شيديءَ رت جي گرڙي ڪري، وات ڦاٽل قميص جي ٻانهن سان اُگهي ڇڏيو. سندس چيريل چچريل چپ ڪنبڻ لڳا. هن جهيڻي آواز ۾ چيو: “مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.”
حفاظتي عملي جا برجستا جوان شيديءَ جو جواب ٻڌي ڪجهه ڪجهه وائڙا ٿي ويا. پوءِ، هو سندس هيڻا حال، ۽ ڪوجها ڪال ڏسي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڪنهن چيو: “اڙي! تون پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندين!”
منجهانئن هڪ ڄڻي زوڪاٽ ڪري شيديءَ جي نرڙ ۽ نڪ وٽ ٺونشو وهائي ڪڍيو، ۽ چيو: “تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.”
سمورو ماحول شيديءَ جي نگاهن ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. سيني ۾ دل ڌڙڪڻ بدران ڦٿڪڻ لڳس. ساهه منجهڻ لڳس. نڪ، وات ۽ ڪنن مان رت وهندو رهيس. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو: “مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.”
حفاظتي عملي جي هڪ جانٺي عمدار شيديءَ کي ڀرپور قوت سان سيني تي مڪ وهائي ڪڍي. ۽ پوءِ کيس گار ڏيندي چيائين: “ڊرامو ٿو ڪرين، سوئر جا پٽ. اسين توکي سڃاڻي ويا آهيون. تون غير ملڪي ايجنٽ آهين.”
“مان ايجنٽ نه آهيان.” شيدي اُجهامڻ لڳو. ڀڄندي ڀرندي چيائين: “مان پهرين صف ۾ نماز پڙهندس.”
“اڙي ڀولا!” هڪڙي جانٺي کيس چماٽ وهائيندي چيو: “عمر ۾ ڪڏهن آئينو ڏٺو اٿئي! پٽ هليو آهي پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهڻ!”
شيديءَ جي ساهه جو سلسلو سندس نڪ مان وهندڙ رت سان وچڙڻ لڳو. چيائين: “مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.”
“اڙي اُٺ جا پٽ.” جانٺيءَ عملدار چيو: “شهر جا معزز ماڻهو محمود صاحب سان گڏ نماز پڙهڻ لاءِ پهرين صف ۾ موجود آهن. تون وري پهرين صف ۾ نماز ڪيئن پڙهندين”
شيديءَ جهيڻي آواز ۾ چيو: “مان به پهرين صف ۾ محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهندس.”
حفاظتي عملي جي پگهاردارن خوب ٽهڪ ڏنا. هڪڙي ڄڻي چيو: “مغز جائيتو ڪونهيس.”
“ٻهروپيو آهي.” وڏي عملدار پنهنجي عملي کي حڪم ڏيندي چيو: “پڇوس ته ڪير آهي، ۽ محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ جو ڍونگ ڇو ڪري رهيو آهي.”
پوءِ، جيڪا جٺ سندن ڄاڻ ۾ هئي، سا جٺ شيديءَ سان ڪيائون. لتون، مڪون ۽ ٺونشا هڻي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيائون. شيدي وڃي پٽ تي پيو. کيس وري کنڀي کڻي ورتائون. کيس منهن ۾ پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندائون. شيديءَ رت هاڻيون اکيون کولي حفاظتي عملي ڏانهن ڏٺو.
برجرستي عملدار سندس وارن ۾ مٺ وجهندي پڇيو: “ٻڌاءِ. تون ڪير آهين. محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ ڇو ٿو چاهين؟”
شيدي اُجهامڻ لڳو. هڪ لمحي لاءِ پراسرار روشني سندس اُداس اکين ۾ موٽي آئي. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو: “مان اياز آهيان. مان هڪ ئي صف ۾ بيهي محمود سان گڏ نماز پڙهندس.”

 
Leave a comment

Posted by on April 1, 2012 in Stories

 

مٽي جا ماڻهو ـ امر جليل

مٽيءَ جا ماڻهو
امر جليل

جمعي جو ڏينهن هو. صبح جو وقت هو. مان موڳي مغز سان اخبارن جا صفحا ڏسي رهيو هوس. سموري رات مون خواب ۾ پاڻ کي اُڏامندي ڏٺو هو. صبح جو اُٿيس ته مٿو جائيتو نه هو. اخبارن جي رنگين صفحن تي ڏنڊن مشٽنڊن پهلوانن، بدمعاشن، چورن، ڦورن، قاتلن، ڌاڙيلن، دانشوورن، سڌن سياستدانن ۽ اَڻ سڌن سياستدانن جا رنگين فوٽا ڏسي مان الله سائينءِ جي قدرت جو قائل ٿي رهيو هوس. جڏهن کان عورتن جي ناپاڪ فوٽن کان اخبارن کي پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو آحي، تڏهن ان نهايت ڀوائتن ۽ هيبتناڪ مردن جا رنگين فوٽا اخبارن جي سونهن سوڀيا ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.

مان غور سان هڪ نهايت خوفناڪ ۽ خيبث پوڙهي ٺوڙي جي تصوير ڏسي رهيو هوس، جنهن اَسي سال جي عمر ۾ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. اخبار جي صفحن تان ڪنوار جي تصوير غائبب هئي، ۽ پوڙهي گھوٽ جي تصوير نمايان هئي، جنهن پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار، ۽ ڪياڙيءَ تي ڇڏيل وارن جي جھَتَ ڪنهن ظالم جي دل وانگر خضاب سان ڪاري ڪري ڇڏي هئي. اُن وقت اوچتو ٻاهريون در کڙڪيو.

مون چيني کي چيو: ”يار چينا، سمجھان ٿو، پاڙي وارا قرض جي وصولي ڪرڻ آيا آهن.“

چينو مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهي رهيو هو. پڇيائين: ”در کوليان ڇا؟“

”هڪ ٽيليويزن ڊرامي جا پيسا مليا آهن.“ چيم، ”در کولي ڇڏ؛ اڄ قرض لاهينداسين، ۽ ڪجھه يارن کي قرضن ۾ مبتلا ڪنداسين.“

چيني چيو: ”ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ فِٽ ڪري هڪ منٽ ۾ در ٿو کوليان.“

چينو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي. ڏهن سالن جو آهي، بيحد ذهين آهي. ڏک سُک ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي آهي. مون کي ملول ٿيڻ نه ڏيندو آهي. مان ڪنهن ڪنهن وقت چيني لاءِ ڏاڍو اُداس ٿي پوندو آهيان. مون کي خبر آهي ته چينو هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي ذهانت سبب مارجي ويندو. اسان جو معاشرو سطحي سوچ وارن لاءِ نهايت موزون ۽ مناسب معاشرو آهي. اسان جي معاشري ۾ ذهين ذهن لاءِ ملامت ۽ موت کان سواءِ ڪجھه نه آهي. ڪجھه عرصي کان چينو مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لڳو آهي. سندس ٺاهيل ماڻهو مائيڪل اينجيلو ۽ شاڪر عليءَ جي ٺاهيل ماڻهن کان مختلف هوندا آهن.

ٻيهر در کڙڪيو.

چيني ماڻهوءَ جو منهن نڪ بنا ڇڏي ڏنو. ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ ڀريل هئس. ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيائين: ”ٽينا جو پيءُ هوندو. راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي آيو هوندو.“

ٽينا ۽ ٽينا جو پيءُ اسان جا پاڙيسري آهن. ٽينا هڪ پرائيوٽ فرم ۾ اسٽينوگرافر آهي. وچولي قد بت واري سانوري سلوڻي ڇوڪري آهي، ۽ ڏاڍي سٺي آواز ۽ انداز سان ڳالهائيندي آهي. سندس پيءُ وڪٽر ڊسوزا رٽائرڊ ريلوي گارڊ آهي. پنهنجي وقت جو مشهور ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي جوانيءَ ۾ ڪراچي ڪرسچين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو، ۽ تمام تيز بالنگ ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس گھر تي پارٽيون ٿينديون آهن، جن ۾ ٽينا جي فرم جا ملازم شامل ٿيندا آهن، ۽ رات جو دير تائين هُل هنگامو ڪندا آهن. صبح جو اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ٽينا جو پيءُ وڪٽر ڊسوزا راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي اسان وٽ ايندو آهي. هُل هنگامي لاءِ معذرت ڪندو آهي، ۽ صبح جو چانهه اسان سان پيئندو آهي. وڪٽر ڊسوزا جي چيني سان پڪي دوستي آهي. هو چيني کي مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لاءِ طرحين طرحين جون صلاحون ۽ مشورا ڏيندو آهي. هو چيني کي چوندو آهي: ”ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو به ٺاهيندو ڪر، جن کي منهن تي ڪنن بدران سوئر جا وَڄ هجن.“

چيني در کوليو. در ٻاهران وۡڪٽر ڊسوزا بدران اسان جو ٻيو پاڙيسري سومار چانڊيو بيٺو هو. در مان مون کي اڱڻ ۾ اخبار پڙهندي ڏٺائين ته هڪدم اندر هليو آيو. سهڪي رهيو هو. ان کان اڳ جو کانئس حال احوال وٺان، سومار چانڊئي چيو؛ ”ولوءَ جو وري مغز خراب ٿي پيو آهي. کيس کٽ سان ٻڌي هيڏانهن آيو آهيان.“

پڇيومانس؛ ”دورو پيو اٿس ڇا؟“

روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين: ”ها.“

سومار چانڊيو هڪ سرڪاري آفيس ۾ پٽيوالو آهي. سندس وڏو پٽ ولو ميٽرڪ جو شاگرد آهي. ڏينهن جو اسڪول ويندو آهي، ۽ رات جو هڪ واشنگ واري جي دڪان تي ڪپڙا استري ڪندو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته ولو يا ته اَڌ چريو آهي، يا مٿس جن ڀوت جو اثر آهي. پر، ولو اسان کي چريو نه لڳندو آهي. هو اسڪول جو سٺو شاگرد آهي، ۽ اسڪول جي والي بال ٽيم جو ميمنبر آهي. بس، ڪنهن ڪنهن وقت دورو پوندو اٿس. سڄو جسم اول ڪنبڻ لڳندو اٿس، ۽ پوءِ پگھر ۾ شم ٿي ويندو آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ هو گھر کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ فقط هڪ جملو ورجائي ورجائي وات مان ڪڍندو آهي؛ ”مان سڀ سمجھان ٿو، مان سڀ سمجھان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“

مائٽ مٽ ڏاڍو سمجھائيندا اٿس ته بابلا، سچ ڳالهائڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي؛ ۽ هونءَ به اسان مسڪين جو ڀلا سچ سان ڪهڙو واسطو ــــــــــ ڇو ٿو سچ جو نالو کڻي اسان سڀني کي مصيبت ۾ وجھين.

پر دوري دوران ولوءَ کي ڪجھه سمجھه ۾ نه ايندو آهي. هڪ ئي وائي وات هوندي اٿس، ته مان سڀ سمجھان ٿو، مان سمجھان ٿو؛ مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.

سومار چانڊئي کي ڪجھه سياڻن صلاح ڏني هئي، ته پنهنجي پٽ جو علاج ملڪ جي مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن جمعي خان کان ڪراءِ ــــــــــ مغز ۽ ميڄالن جو ماهر ڊاڪٽر آهي، ۽ مٿي مان خلل ڪڍي ڇڏيندو آهي. سومار چانڊئي حامي ڀري هئي. پر پوءِ، جڏهن ڊاڪٽر جمعي خان جي في ۽ جناح اسپتال جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جي ڪل پيس، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چيو هئائين: ”ايندڙ هڪ صديءَ ۾ به مان پنهنجي پٽ جو علاج ڪنهن اسپيشلسٽ کان ڪرائي نه سگھندس.“

ولوءَ ۽ پاڙي جي ٻين ٻارن جي مون سان ڀائپي آهي. هو منهنجي ڳالهه سمجھي سگھندا آهن، ۽ مان هنن جي ڳالهه سمجھي سگھندو آهيان. منهنجي جيڪڏهن شادي ڪيل هجي ها، ۽ مون کي پنهنجا ٻار هجن ها، ته هو پاڙي جي ڪيترن ٻارن کان عمر ۾ وڏا هجن ها. تنهن هوندي به ٻارڙا مون کي ”ادا وڏو“ ڪري سڏيندا آهن. ولو منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهي. منهنجي ڳالهه نه ٽاريندو آهي. چيني سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهي. کيس جڏهن به دورو پوندو آهي، سندس پيءُ سومار ڊوڙندو ايندو آهي. مان هجان ته مون کي، يا چيني کي پنهنجي گھر وٺي ايندا آهيون. پوءِ، جڏهن سامت ۾ ايندو آهي، تڏهن کيس گھر ڇڏي ايندا آهيون.

هيءَ جنهن جمعي جي ڳالهه آهي، تنهن ڏينهن سومار وڌيڪ پريشان نظر آيو. چيائين؛ ”کٽ جي پائي سان مٿو هڻي مٿو ڦاڙي وڌو اٿائين، رت ٺينڊيون ڪري پيو وهيس، پر پٽي ٻڌڻ نٿو ڏئي.“

ڏنڊن ڏوٽن مشٽنڊن مرن جي هيبتناڪ تصويرن سان سينگاريل اخبارون کٽ تي رکي، مان سومار چانڊئي سان گڏ سندس گھر ويس.

ولو کٽ سا ٻڌو پيو هو. نرڙ مان رت وهي رهيو هوس. رڙ مٿان رڙ پئي ڪيائين؛ ”مان سڀ سمجھان ٿو، مان سڀ سمجھان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“

مون تي نظر پيس ته ماٺ ٿي ويو. مان سندس پاسي کان ويهي رهيس. روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين؛ ”ڏسين ٿو نه ادا وڏا. مون کي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو اٿائون.“

سندس رسيون کوليندي چيم: ”غلط ڪيو اٿائون، منهنجا پٽ، منهنجا ٻڄڙا.“

مون ولوءَ کي رسين کان آزاد ڪيو. هو پنهنجو رت هاڻو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي سڏڪڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو: ”مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“

سندس نرڙ تان رت اُگھندي چيم؛ ”ان باري ۾ پاڻ چيني سان هلي صلاح ڪنداسين. جيڪڏهن چيني صلاح ڏني، ته پوءِ تو کي چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ ۾ ڀرپور مدد ڏبي؛ ۽ پوءِ تو کي سچ ڳالهائڻ کان ڪو به روڪي نه سگھندو.“

ولوءَ کي مٿي تي پٽي ٻڌي مان کيس پنهنجي گھر وٺي آيس. چينو ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ لڳائڻ ۾ اڃا ڪامياب نه ٿيو هو. ولوءَ جي مٿي تي پٽي ڏسي چيني ولوءَ کان پڇيو: ”مٿي مان ميڄالو ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪيئه ڇا؟“

ولوءَ جي خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي.

مون چيني کي چيو: ”هيءُ اسان جو سنگتي، ولو، چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“

چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. سوچ ۾ گم ٿي ويو. اسان سڀني محسوس ڪيو آهي ته چينو پنهنجي طبعي عمر کان تمام گھڻو ذهين آهي. سنڌوءَ هڪ دفعي چيو هو؛ ”چيني جي روپ ۾ ڪنهن ذهين يوناني ديوتا ٻيهر جنم ورتو آهي.“

چيني ٽهڪ ڏيندي چيو هو؛ ”مان وتائي فقير جو وارث آهيان.“

سنڌوءَ اُٿي کيس پيار ڪيو هو. پوءِ هوءَ هلي ويئي هئي، تڏهن چيني مون کي چيو هو؛ سنڌو تنهنجي لاءِ ميري هيسڪل آهي. هوءَ تنهنجي هڪ هڪ تحرير تي حاوي رهندي، پر خليل جبران ۽ ميري هيسڪل وانگر توهان ٻنهي جي به پاڻ ۾ شادي ٿي نه سگھندي.“

مون کي لڳندو آهي ته چينو اڻ لکيل تاريخ جي آئيني ۾ ڏسي سگھندو آهي. هو ايندڙ وقت جو امين آهي. هن هڪ دفعو ولوءَ کي چيو هو؛ ”تون ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين! ڇا جي باري ۾ ــــــــــ ڌرتيءَ جي باري ۾، آسمان جي باري ۾، انسان جي باري ۾، عقيدي جي باري ۾، محبت جي باري ۾، زندگي جي باري ۾، موت جي باري ۾ ـــــــــــ تو ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين!“

تڏهن ولو منجھي پيو هو. وائڙو ٿي ويو هو.

گذريل جمعي تي چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. ڪجھه دير تائين ولوءَ ڏانهن ڏسندو رهيو.

”ڏسينس ڇا ٿو!“ چيم؛ ”ولو چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آه.“

چينو ڳوٿل متي ۽ اَڌ ٺهيل مجسمن ڏانهن هليو ويو.

نڪ بنا ماڻهوءَ جو مجسمو کڻي آيو. نڪ بنا ماڻهو ڏاڍو عجيب پئي لڳو.

”تون، مان ۽ ادا چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائي نه سگھنداسين. اسان لاءِ سچ جو دؤر گذري ويو.“ چيني مٽيءَ جي ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو؛ ”هن ماڻهوءَ جي منهن تي جڏهن نڪ لڳي ويندو، تڏهن هيءُ ماڻهو چونڪ تي بيهي اسان سڀني پاران سچ ڳالهائي سگھندو.“

چيني جو آخري جملو ٻڌي مون کي پنهنجي بدن ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي. مون ڊڄندي ڊڄندي آئيني ۾ پنهنجي عڪس ڏانهن _ڏٺو ــــــــــ پڪ ڪرڻ لاءِ، ته منهنجي منهن تي نڪ آهي، يا نه آهي!

 
Leave a comment

Posted by on February 14, 2012 in Stories

 

Mehboob – Maksim Gorky

محبوب
ميڪسم گورڪي

هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان شاگرد جي حيثيت سان ماسڪو ۾ رهندو هوس. جنهن جاءِ ۾ مان ڪمرو ڪرائي تي ورتو هو، اها آڳاٽي دؤر جي ڀڳل ڀريل ماڙي هئي، هن ۾ آساني بس اها هُئي ته ڪمري جو ڪرايو ڏاڍو گھٽ هيو.

منهنجي سامهون واري ڪمري ۾ هڪ ڇوڪِري رهندي هئي، جنهن کي عورت چوڻ جيڪر وڌيڪ مناسب ٿيندو، هوءَ ڪجھ اهڙي قسم جي عورت هئي، جنهن کي . . . . منهنجو مطلب آهي، ڪنهن جي ڪردار متعلق ڪجھ چوڻ ڪا سٺي ڳالهه نه آهي، اوهان پاڻ سمجھي وڃو. هوءَ پولينڊ جي رهواسڻ هئي، سڀ ان کي ٿريسا جي نالي سان سڏيندا هئا. ڳاڙهن وارن ۽ ڊگھي قد واري ٿريسا جي مکڙي تي ڪشش سان گڏ هڪ عجيب ڪشمڪش به هوندي هئي. جهڙوڪر سندس مکڙو سخت پٿرن مان تراشي ٺاهيو ويو هجي. هن جي اکين ۾ سدائين گَھرُ ڪري ويٺل چمڪ، ٽيڪسي ڊرائيورن وارو ڍنگ ۽ سندس شخصيت مان نظر ايندڙ توانائي، اهي سڀ ڳالهيون مون منجھه ڊپ پيدا ڪنديون هيون.

سندس در منهنجي در جي بلڪل سامهون هو، جڏهن به مون کي يقين هوندو هو ته هوءَ گھر ۾ موجود آهي ته مان پنهنجو دَرُ ڪڏهن به کليل نه ڇڏيندو هوس، پر ائين ڇٺي ڇماهي ئي ٿيندو هو. ڏينهن جو ڪمري ۾ مان نه هوندو هوس رات جو هوءَ ٻاهر هلي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڪڻين تي ساڻس سامهون پئجي ويندو هوس ته سندس چپن تي مرڪ اچي ويندي هئي، پر نه ڄاڻ ڇو مون کي سندس اها مرڪ طنزيه محسوس ٿيندي هئي.

ٻه ٽي دفعا مون کيس نشي ۾ الوٽ ڪمري جي در وٽ بيٺي ڏٺو، سندس وار کليل هوندا هيا اکين ۾ اداسي ۽ ويراني ۽ چپن تي ساڳي مڪروهه مرڪ، اهڙن موقعن تي هوءَ مون کي ڪجھه نه ڪجھه ضرور چوندي هئي: ” ڇا خيال آهي مهربان شاگرد؟“ ۽ پوءِ سندس احمقاڻو ٽهڪ گونجڻ لڳندو هو، جيڪو، سندس لاءِ منهنجي دل ۾ موجود نفرت ۾ واڌارو ئي آڻيندو هو.

ان قسم جي ملاقاتن ۽ جملن کان بچڻ لاءِ مان پنهنجو ڪمرو مٽائڻ لاءِ به تيار هوس پر ڏکيائي بس اها هئي ته ڪو ٻيو ڪمرو موجود نه هو ۽ ٻيو ته منهنجي ڪمري جي دري کان ٻاهر جو حسين منظر پري پري تائين نظر ايندو هو، اها سهولت هر ڪمري ۾ موجود نه هئي. ان ڪري مان دل اندر ڪڙهندي ٻرندي به خاموشيءَ سان برداشت ڪندو رهندو هوس.

هڪ ڏينهن کٽ تي ستي ڪمري جي ڇت کي گھوري رهيو هوس ۽ ڪلاس کان گسائڻ جو بهانو به ڳولهڻ ۾ مصروف هوس ته در کليو ۽ ٿريسا جھٽ پلڪ ۾ اندر داخل ٿي.

” بادشاهيون برقرار جناب شاگرد “ هن پنهنجي سخت آواز ۾ چيو.

” ڇا ڳالهه آهي “ مان اٿي ويهي رهيس سندس مک تي مون کي اڻ تڻ ۽ ڪا اندروني ويڙهاند ڏسڻ ۾ پئي آئي. اهي سندس مهانڊي جي حساب سان ڏاڍا عجيب غريب تاثر هئا.

” ڏسو“ ٿريسا لفظ چٻاڙي چٻاڙي چيو ” مون کي . . . . مون کي . . . . مان هڪ عرض کڻي آئي آهيان.“

مان کٽ تي ويٺي کيس ڏسندو رهيس. مون سوچيو ”يا منهنجا مولا هي ته منهنجي پاڪيزه ڪردار تي ٿيڻ وارو ڪو حملو آهي. همٿ ڪر نوجوان، همٿ کان ڪم وٺ .“

ٿريسا اتي ئي در تي بيٺي بيٺي چيو: ” مان هڪ خط موڪلڻ چاهيان ٿي، منهنجو مطلب آهي هڪ خط لکرائڻ چاهيان ٿي، بس ايترڙي ڳالهه آهي.“ سندس آواز حيرت انگيز حد تائين نرم، هيسيل ۽ عاجزانه هيو. مون دل ئي دل ۾ مٿس لعنت وڌي ۽ بنا ڪجھه ڳالهائڻ جي اٿي لکڻ واري ميز جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس.

” اچ “ مون چيو ” ويهه ۽ لکراءِ “ هوءَ خاموشيءَ سان هلندي آئي ۽ ٻي ڪرسيءَ تي احتياط سان ويهي رهي. ان کان پوءِ هن مون ڏانهن اهڙي نموني ڏٺو جيئن ڪو ٻار غلطي ڪرڻ بعد شرمساريءَ سان ڏسندو آهي. مون چيو: ”ڪنهن جي نالي لکرائڻو آهي؟“

”بورس ڪارپوف جي نالي “ هن چيو، ”هو وارسا ۾ رهندو آهي ، ٽين مرڪزي روڊ جي فليٽ نمبر ٽي سؤ ٻارهن ۾ . . . .“

”جي . . . .چئو، ڇا لکرائڻو آهي. “

” منهنجا پيارا بورس “، هن ڳالهائڻ شروع ڪيو: ” منهنجي جان، منهنجا محبوب مولى توکي پنهنجي امان ۾ رکي . . . اي سون جي دل رکڻ وارا ! تو گھڻي وقت کان ڪو نينهن نياپو ڇو ڪونه موڪليو آهي ؟ ڇا توکي پنهنجي ننڍڙي اداس ڪبوتري جي ياد نه ٿي اچي.. فقط تنهنجي ٿريسا.“

مون وڏي مشڪل سان پنهنجو پاڻ کي ٽهڪ لڳائڻ کان روڪيو. ’ ننڍڙي اداس ڪبوتري ‘ . . . . يعني اوهان پاڻ سوچيو، ڇا ڪبوتريءَ جو قد ڇهه فوٽ ٿي سگھي ٿو؟ ان جا هٿ پٿرن وانگي سخت ٿي سگھن ٿا، مهينن جا مهينا وهنجڻ کان پرهيز ڪرڻ واري اهڙي ڪبوتري ٿي سگھي ٿي جنهن جو آکيرو وڻن بجاءِ ڪنهن گھر جي چمنيءَ ۾ هجي.؟!“ پر مون پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکندي کانئس پڇيو ته ” اهو بورس ڪير آهي؟“

”بورس ڪارپوف “ هن سخت لهجي ۾ وراڻي ڏيئي جهڙوڪر مون کي سڄو نالو وٺڻ جي هدايت ڪئي. ”هڪ نوجوان“

”. . . . نوجوان ؟“

”ها پر تون حيران ڇو آهين . . . ؟ ڇا مون جهڙي ڇوڪريءَ جو ڪو نوجوان محبوب نه ٿو ٿي سگھي ڇا؟“

مون کيس غور سان ڏٺو، هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڇوڪري چوڻ تي بضد هئي، ان جو ڀلا ڪهڙو علاج هيو. مون چيو ” نوجوان محبوب ٿي سگھي ٿو ڇو ڪونه ٿو ٿي سگھي. “

هن چيو: ”مان اوهان جي دل سان شڪرگذار آهيان، هي خط لکي تو مون تي احسان ڪيو آهي، جيڪڏهن توکي منهنجي ڪنهن به قسم جي خدمت جي ضرورت هجي ته بنا هٻڪ . . . “

” نه نه . . . . “ مون چيو ” وڏي وڏي مهرباني “.

هن چيو ته ” اگر ڪنهن چولي جو بٽڻ لڳرائڻو هجي يا ڪا سلائي وغيره ڪرائڻي هجي . . . .“ مون پنهنجو منهن شرم کان ڳاڙهو ٿيندي محسوس ڪيو ۽ سختيءَ سان کيس چيم ته مون کي اهڙي قسم جي ڪنهن به خدمت جي ضرورت نه آهي.

هوءَ هلي ويئي.

ٻه هفته گذري ويا.

هڪ ڏينهن شام جو وقت هيو. مان دري وٽ بيهي ٻاهر جي نظاري ڪرڻ سان گڏ سير لاءِ ٻاهر وڃڻ جي همٿ ڪرڻ جو سوچي رهيو هوس. حقيقت هي هئي ته مان ڏاڍو بيزار هوس، موسم خراب هئي، ٻاهر وڃي به سڪون حاصل ڪرڻ جو ڪو امڪان نه هو. ان ذهني ڪشمڪش جو ڳچ وقت کان تجزيو ڪري رهيو هوس، اهو هڪ الڳ بيزار ڪندڙ ڪم هيو، پر ان وقت ٻي ڪا مصروفيت به نه هئي.

ان وقت دروازو کليو ڪو اندر هليو آيو.

” مهربان شاگرد توکي ڪا مصروفيت ته نه آهي. . . .؟“ مان مڙي ٿريسا کي ڏٺو سندس انداز ۾ ساڳي نرمي ۽ اهائي عاجزي هئي ، مون چيو ” نه . . . . مصروفيت ته ڪابه نه آهي . . . . ڪهڙو ڪم آهي؟ “

” مان چاهيان ٿي ته تون . . . . هڪ ٻيو به خط لکي ڏي. “

” جي بورس ڪارپوف جي نالي. . . ؟ “

” نه هن دفعي هيءُ خط ان جي طرف کان آهي. . . ؟ “

” . . . ڇا . . . ؟“

” مان به ڪيڏي نه احمق آهيان“ ٿريسا چيو، ”اهو خط . . . منهنجي لاءِ نه آهي مهربان شاگرد، مان معذرت ٿي چاهيان، اهو منهنجي هڪ دوست جي طرفان آهي . . . دوست نه پر هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري طرفان آهي، هن جي به مون جهڙي يعني ٿريسا جهڙي هڪ محبوبه آهي . . . سمجھين پيو نه . . . هو ان کي خط لکرائڻ چاهي ٿو، ڇا تون ان ٻي ٿريسا جي نالي خط لکي ڏيندين ؟ “

مان کيس غور سان ڏٺو . هن جي چهري تي پريشاني هئي ۽ سندس هٿ ڏڪي رهيا هيا ، هوريان هوريان ڪجھه ڪجھه منهنجي سمجھه ۾ اچڻ لڳو.

” ٻڌ مائي “ مون چيو ” هي چڪر ڇا آهي ؟ . . . . مون کي يقين آ ته تون حقيقي ڳالهه مون کي نه پئي ٻڌائين، ۽ هاڻ ته مون کي گمان آهي ته هي بورس ۽ ٿريسا ڪٿي به نه آهن، مون کي ان گورک ڌنڌي کان معاف رکندا، اميد آهي ته منهنجي ڳالهه ڀَلي ڀت اوهان سمجھي ويا هوندؤ . . . مان تو سان دوستي هرگز وڌائڻ نه ٿو چاهيان. “

منهنجي ڳالهه ٻڌي هوءَ خوفزده ٿي ويئي، اڳتي وڌڻ يا واپس وڃڻ جي اڻ تڻ ۾ گرفتار، ڪجھه چوڻ ۽ نه چوڻ جي ڇڪتاڻ ۾ ورتل . . . نه ڄاڻ هاڻ ڇا ٿيئڻ وارو هيو، شايد مون کي اندازي لڳائڻ ۾ ڪا غلطي ٿي ويئي هئي، شايد ڳالهه ڪجھه ٻي هئي.

” مهربان شاگرد . . . .“ هن چيو ۽ پوءِ اوچتو خاموش ٿي ويئي، هن پنهنجو مٿو ڌوڻيو، مڙي دروازي ڏانهن هلڻ لڳي، در وٽ پهچي گھڙي پلڪ بيهي رهي ۽ پوءِ ٻاهر نڪري هلي ويئي.

مان ڪاوڙ ۽ شرمساري جي ڪيفيت ۾ گرفتار بيٺو رهيس. ٻاهر گيلريءَ مان سندس در کلڻ ۽ ڌماڪي سان بند ٿيڻ جو آواز آيو. هوءَ يقينن سخت ڪاوڙ ۾ هئي. مون دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪئي ۽ وٽُس وڃي کيس پرچائي واپس پنهنجي ڪمري ۾ آڻي سندس مرضيءَ موجب خط لکڻ جو فيصلو ڪيم.

سندس ڪمري جو در کولي خاموشيءَ سان اندر ويم.

هوءَ ڪرسيءَ تي منهن جھڪائي ويٺي هئي.

” ٻڌ “ مون چيو

منهنجو آواز ٻڌندي ئي هوءَ ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهي پوءِ تيزيءَ سان مون طرف آئي، سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي رهيون هيون، هن ٻئي هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي تند تيز سرگوشيءَ سان چيو:

” مان نه ٻڌنديس تون ٻڌ ، هو بورس ڪٿي به نه هجي ۽ هيءَ ٿريسا مان به ڪٿي نه هجان ان سان توتي ڪهڙو فرق ٿو پوي، ڇا ڪاڳر تي قلم وهائڻ تولاءِ مشڪل ڪم آهي! ٻڌاءِ . . . . . فرض ڪري وٺ ته ڪوئي بورس آهي نه ئي ڪا ٿريسا آهي، ان کان جيڪڏهن توکي خوشي ٿي ملي ته خوش ٿي وٺ .“


مان حيرت وچان وات پٽيو کيس ڏسندو رهيس.

” معاف ڪندا “ مون چيو ” هيءَ سڀ ڇا آهي ! ڇا تون چئين ٿي ته نه ڪوئي بورس آهي . . . . ؟ ۽ نه ئي ڪا ئي ٿريسا آهي “

” ٿريسا ته مان آهيان “

منهنجي سمجھه ۾ ڪجھه به نه پئي آيو . مان سندس مکڙي کي گھوريندي سوچڻ لڳو هوس ته الائي اسان ٻنهي مان چريو ڪير آهي!

هوءَ ٿڙندي ٿاٻڙندي هڪ طرف ٿي ويئي ۽ ميز جو خانوکولي ڪجھه ڳولهڻ لڳي، پوءِ هوءَ هڪ ڪاڳر ٽڪرو کڻي مون طرف آئي.

” تولاءِ منهنجي خاطر بورس کي خط لکڻ ايترو ئي مشڪل ڪم هيو ته هي وٺ “ هن اهو ڪاڳر جو ٽڪڙو منهنجي منهن تي ڦهڪائي هنيو. ” هيءُ اهوئي خط آهي جيڪو تو بورس جي نالي لکيو هيو مان ڪنهن ٻئي کان لکرائي وٺنديس “

مان سُڪل ساهه سان کيس ڏسندو رهيس ، پوءِ مون چيو ” ڏس ٿريسا انهن سڀني ڳالهين جو مطلب ڇا آهي ، تون ڪنهن ٻئي کان خط ڇو لکرائيندي، جڏهن ته مان بورس جي نالي خط لکي توکي ڏئي چڪو آهيان ۽ تو ان کي موڪليو به نه آهي “

” ڪٿي ناهي موڪليو“ هن چيو ” بورس کي “ ” ڪوئي بورس ناهي “ هن رڙ ڪري چيو، ”پر مان چاهيان ٿي ته هو هجي، مون بورس جي نالي خط لکرايو ته ان مان ڪنهن کي ڪهڙو نقصان پهتو، جيڪڏهن هو هن دنيا ۾ ڪٿي به موجود نه آهي ته ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي !“. هن وحشت جي عالم ۾ چيو، ”مان ان جي نالي خط لکرائيندي آهيان ته مون کي لڳندو آهي ته هو ڪٿي موجود آهي ۽ پوءِ مان هڪ خط ان جي طرف کان پاڻ لاءِ ٿريسا کي لکرائيندي آهيان ۽ پوءِ ان جو جواب لکرائيندي آهيان. “

سندس اکين مان نير وهي رهيا هيا ” تون بورس جي طرف کان اهو خط لکي ڏين ها، مان ڪنهن ٻئي کان اهو پڙهايان ها ۽ پوءِ سوچيان ها ته بورس منهنجو محبوب ڪٿي موجود آهي، اهي خط لکبا رهن ها ۽ انهن کي ٻڌي ۽ لکي ڪري ۽ پنهنجي اندر ۾ هڪ نئين دنيا آباد رکي ڪري هن مڪروهه ۽ بدصورت دنيا جون تلخيون گھٽ ٿي وڃن ها ته ان ۾ تنهنجو يا ٻئي ڪنهن جو يا هن دنيا جو ڇا بگڙي ها. . . ؟ “

مان ڪنڌ جھڪائي بيٺو رهيس. جيئن ڪو ملزم عدالت جي سامهون بيٺو هوندو آهي ۽ مان اکڙين ۾ تري آيل آب کي روڪڻ جي به ڪائي ڪوشش نه ڪئي.

 
Leave a comment

Posted by on February 11, 2012 in Stories

 

ٽئين دنيا ـ امر جليل

ٽئين دنيا
امر جليل


(تنهنجو غم، ۽ منهنجو غم ساڳيو آهي، نه تون مونکان سواءِ مڪمل آهين،
۽ نه مان توکان سواءِ مڪمل آهيان.)

مان ٽئين دنيا ۾ پنهنجي ٽئين درجي جي مسواڙي جاءِ جي نهايت سوڙهي ۽ واهيات اڱڻ ۾ ويٺو هوس، ۽ ٽئين دنيا جي هڪ ٽئين درجي جي سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالي مان هڪ معمو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. معمو مشڪل هو، ۽ مشڪل ڪشا جي مدد کانسواءِ حل ٿيڻ جوڳو نه هو. مان معمو حل ڪري هڪ لک رپيا هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ ذري گھٽ چريو ٿي پيو هوس. ڇت ڪتائيءَ سبب مان ٽئين دنيا جي سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالي کي خارن مان چڪ پائي رهيو هوس.

ٽئين درجي جي مسواڙي جاءِ جي واحد ڪمري مان مون پنهنجي زال جو آواز ٻڌو. وڏي واڪ چيائين: ”ٻڌين ٿو.“

ان وقت صبح جو وقت هو، جمعي جو ڏينهن هو، ۽ هڪ پاڙيسري ريڊيو تان اڱڻن ۽ عجيبن جوڪلام ٻڌي رهيو هو. مون پنهنجي زال کي چيو: اڱڻن ۽ عجيبن کان وڌيڪ عجيب هيءُ معمو آهي، جيڪو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان ٽئين دنيا کان چوٿين دنيا ڏانهن سفر ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهيان.“

نهايت ناگوار لهجي ۾ چيائين: ”معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو آهين.“

”ڪجھه يقين سان چيئي نه ٿو سگھان ته چريو ٿي پيو آهيان، يا سڄو آهيان.“ چيم؛ ”پر، ياد رک بختاور، هيءُ معمو حل ٿيڻ کان پوءِ اسان جا وارا نيارا ٿي ويندا.“

”چوانءِ ٿي هڪدم اندر آءُ.“ سخت ڪاوڙ وچان دريءَ مان منهن ڪڍندي چيائين: ”دودي جي نڙيءَ ۾ ڪجھه اٽڪي پيو آهي. ڳالهائي نٿو سگھي.“

مون کي ان شيءِ تي سخت ڪاوڙ آئي، جيڪا بيوقت دودي جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي هئي. دودو منهنجو پٽ آهي. پنجن سالن جو آهي.

چيم، ”بختاور، ٽئين دنيا جي هڪ رسالي مان معمو حل ڪري رهيو آهيان. چرچي جي ڳالهه ڪونهي.“

”پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.“ منهنجي زال مون کان ٿلهي آهي، رئڻهارڪي آواز ۾ چيو؛ ”اچي ڏسينس ته سهي. دودو ڳالهائي ڇو نٿو.“

”آچار کارائي ضرور سندس ٽرانسميٽر خراب ڪري ڇڏيو اٿئي.“ معمي تي ڌيان ڏيندي چيم؛ ”في الحال دودو هڪ هفتي تائين ڳالهائي نه سگھندو. هفتي کن کانپوءِ ٽرانسميٽر ٺيڪ ٿيندس ته انشاءِ الله تعالى وري ڳالهائڻ شروع ڪندو ۽ ابراهيم کير واري کي ست سريون ٻڌائيندو.“

”خبردار جو بابا جو نالو کنيو اٿئي.“ منهنجي زال هڪدم جذباتي ٿي ويئي. ابراهيم سندس والد صاحب جو نالو آهي، سندس والد صاحب کير جو واڙو هلائيندو آهي. چيائين؛ ”دودو ست سريون ٻڌائيندو ٿلهي محمودان کي ــــــ بابا ويچاري کي ڇو ٻڌائيندو!“

محموده جو نالو ٻڌي مان ڇرڪي پيس. ٽئين دنيا جو سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالو عجيبن جي اڳڻ ۾ رکي مان ٽئين دنيا ۾ مسواڙ تي ورتل ٽئين درجي جاءِ جي واحد ڪمري ۾ داخل ٿيس، جيڪو اسان لاءِ ڊرائينگ روم، ڊائينگ روم، بيڊ روم، ڪچن ۽ باٿ روم جو ڪم ڏيندو آهي.

ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيم؛ ”توکي لک دفعا چيو اٿم ته دودي کي ڪڪڙ نه کارائيندي ڪر. نڙيءَ ۾ ضرور ڪڪڙ جي هڏي ڦاسي پئي اٿس. ايلزبيٿ ٽيلر کي به نڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي هڏي اٽڪي پيئي هئي.“

”اها رن به توسان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي ڇا!“ اکيون ڦوٽاريندي چيائين؛ ”محمودان کان اڳ هئي، يا پوءِ!“

ڊڄي، وک کن کانئس پري ٿي بيٺم. چيم؛ ”ايلزبيٿ ٽيلر انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪندي آهي.“

دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺم. بختاور کي چيم؛ ”هيءُ ته کلي پيو!“

”ها، کلي پيو.“ بختاور چيو؛ ”پر ڳالهائي نٿو سگھي.“

مون دودي کان پڇيو؛ ”يار دودا نڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي هڏي ته نه ڦاسي پئي اٿئي.“

بختاور چيو؛ ”گذريل پنجويهن ڏينهن کان گھر ۾ دال چڙهي آهي. ڪڪڙ جي هڏي وري ڪٿان ڦاسندس!“

دودو وري کلڻ لڳو ــــــ پر عجيب نموني.

بختاور روئڻ لڳي.

”نڙيءَ ۾ ڇا ڦاٿو اٿئي دودا؟“ دودي کان پڇيم؛ يار ڳالهائين ڇو نه ٿو!“

دودو عجيب نموني کلڻ لڳو.

بختاور کي چيم؛ ”سمجھان ٿو، دودي جي نڙيءَ ۾ هاٿي ڦاسي پيو آهي.“

”هاٿي!“ بختاور کان ڇرڪ نڪري ويئي. چيائين: ”ٽئين دنيا جو معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو آهين!“

”اڙي سچ پچ جو هاٿي نه.“ چيم؛ ”مون ڪالهه دودي کي پلاسٽڪ جو هاٿي آڻي ڏنو هو.“

بختاور هيٺ جھڪي، هٿ وڌائي، کٽ هيٺان پلاسٽڪ جو هاٿي ڪڍي ورتو. چيائين؛ ”اچي وٺ، پنهنجو پلاسٽڪ جو هاٿي.“

معاملي جي نزاڪت اوچتو گنڀير ٿي ويئي. مون دودي کي چيو؛ ”يار دودا تون ڳالهائين ڇو نه ٿو! فقط کلين ڇو ٿو! ۽ کلين به اهڙي نموني ٿو، ڄڻ اسان تان ٺٺولي ڪري رهيو آهين!“

بختاور چيو؛ ”هڪدم دودي کي ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃ.“

”اڄ جمعي جو ڏينهن آهي.“ چيم؛ ”جمعي بازار ۾ سڀ ڪجھه ملندو آهي، پر ڊاڪٽر ۽ قسمت جو حال ٻڌائڻ وارا پروفيسر نه ملندا آهن.“

بختاور چيو؛ ”جمعي ڏينهن ڊاڪٽر خادم حسين منجھند تائين مريضن کي مفت ڏسندو آهي، ۽ دوا ڏيندو آهي.“

”هو نه مفت مريضن کي ڏسندو آهي، ۽ نه مفت دوا ڏيندو آهي.“ چيم؛ ”ڊاڪٽر خادم حسين وڏو پلستر آهي. هو علاج معالجي لاءِ ماڻهن کان پيسن بدران واعدا وٺندو آهي.“

”ڇا جا واعدا؟“ بختاور پڇيو.

”ته جڏهن به چونڊون ٿينديون، اسين پنهنجو ووٽ خادم حسين کي ڏينداسين ۽ مان ان قسم جو ڪو به واعدو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“

”ڇو!“ بختاور اکيون ڏيکاريندي پڇيو؛ ”تون پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ڏيندين!“

”ڪير محموده! ڪهڙي محموده!“ مٿو کنهندي چيم؛ ”مان ڪنهن به محموده کي نه سڃاڻان.“

”هاڻي ٺهيو! اجايو معصومڙو نه ٿيءُ.“ بختاور چيو؛ ”اهائي ٿلهي محمودان جيڪا تو سان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، ۽ جنهن سان تون . . . . “

ان کان اڳ جو بختاور پنهنجو جملو پورو ڪري، دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

”ٻار جي سامهون اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪر.“ چيم؛ ”محموده چونڊن ۾ حصو نه وٺندي، شادي ڪرڻ کان پوءِ، هوءَ تيزيءَ سان ملڪ جي آباديءَ ۾ اضافو ڪري رهي آهي، ۽ هن وقت تائين خدا جي فضل سان پندرهن ٻار ڄڻي چڪي آهي.“

”هوءَ رَن چونڊن ۾ حصو وٺي يا نه وٺي، تون ته پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ئي ڏيندين.“ بختاور چيو؛ ”وٺي وڃ دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن جو دل ۾ قوم جو درد رکندو آهي.“

دودو وري کلڻ لڳو، پر بلڪل ٻئي نموني! منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. مون بختاور کي چيو؛ ”مان دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن وٺي ٿو وڃان. دودي جي حالت ڪا چڱي نه آهي. معاملو سيريس آهي.“

دودي کي هنج ۾ کڻي مان ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال پهتس. اسپتال جي ٻاهران، ۽ اسپتال جي اندر مريضن جو هجوم هو. هر ڪو مريض زندهه رهڻ جي آرزوءَ ۾ طرحين طرحَين قسم جا واعدا ڪري رهيو هو.

ڊاڪٽر خادم حسين مون کي سڃاتو، ۽ هٿ جي اشاري سان هڪ ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.

ڊاڪٽر خادم حسين پڇيو: ”تنهنجي انجمن جو ڪهڙو حال آهي؟“

”انجمن جي شادي ٿي ويئي آهي، ڊاڪٽر صاحب، ۽ هينئر هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي.“ مون ٿڌو ساه کڻندي چيو؛ ”مون به شادي ڪري ورتي آهي. ابراهيم کير واري جي ڌيءَ سان. هيءُ منهنجو پٽ دودو آهي. هن جي نڙيءَ ۾ ڪجھه اٽڪي پيو آهي. ڳالهائي نٿو سگھي.“

ڊاڪٽر خادم حسين دل آويز مرڪ منهن تي آڻيندي چيو: ”ڀاءُ، مان تنهنجي انجمن دال روٽي زندهه باد جي باري ۾ پڇا ڪري رهيو آهيان.“

دودو کلڻ لڳو.

مون کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو. هڪدم چيو؛ ”اُها انجمن ولايتي دالين جي قيمت معلوم ڪرڻ کانپوءِ هڪدم ڪلعدم ٿي ويئي آهي.“

دودو وري کلڻ لڳو.

ڊاڪٽر خادم حسين چيو؛ ”تنهنجو پٽ ته ڏاڍو کلڻو آهي.“

”ها، ڏاڍو کلڻو آهي.“ چيم؛ ”پر اڄڪلھه بولتي بند اٿس.“

دودو وري کلڻ لڳو.

”هُوبهو مون تي ويو آهي.“ چيم؛ ”مان به جڏهن پنجن سالن جو هوندو هوس، تڏهن ڏاڍو کلندو هوس. هينئر مان کلندو آهيان ته ماڻهو روئيندا آهن، ۽ جڏهن روئيندو آهيان ته ماڻهو کلندا آهن.“

ڊاڪٽر خادم حسين منهنجي پٽ دودي جو معائنو ڪيو. لوهي چمٽو دودي جي نڙيءَ ۾ لاهڻ کان پوءِ، هن ٽارچ ٻاري دودي جي نڙيءَ جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو. ڪافي دير کانپوءِ ڊاڪٽر خادم حسين چيو؛ ”تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾ ڪجھه به ڦاٿل نه آهي.“

دوود ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. ڊاڪٽر خادم حسين کي دودي جو کلڻ پسند نه آيو. مون کان پڇيائين؛ ”تنهنجو پٽ ٺٺولي پيو ڪري ڇا!“

چيم؛ ”مان سمجھان ٿو، دودو تاريخ تان ٺٺولي ڪري رهيو آهي.“

”تون پنهنجي پٽ کي وٺي وڃ.“ ڊاڪٽر خادم حسين چيو؛ ”تنهنجو پٽ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي.“

چيم؛ ”منهنجو پٽ فقط ٺاڪ آهي! ٺيڪ نه آهي.“

”نيڪسٽ“ ڊاڪٽر خادم حسين اشاري سان ٻئي مريض کي سڏ ڪيو.

دودي کي هنج ۾ کڻي، ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال مان مايوس ٿي ٻاهر نڪتس. اسپتال جي ٻاهران وليداد عرف ولو ملي ويو. هن مون کان حال احوال ورتو. ڪو وٺيس، يا نه وٺيس وليداد عرف ولو مشورا جام ڏيندو آهي. چيائين؛ ”تون پنهنجي پٽ کي ڪنهن ماهر نفسيات ڏانهن وٺي وڃ. مونکي ته تنهنجو پٽ نفسياتي مريض ٿو لڳي.“

دودي هٿ وڌائي وليداد عرف ولوءَ جي ٺوڙهه تي ٺونگو هنيو.

”تنهنجو پٽ بدتميز قسم جو نفسياتي مريض آهي.“ وليداد عرف ولوءَ چيو؛ ”هن کي هڪدم ماهر نفسيات ڏانهن وٺي وڃ.“

چيم؛ ”ماهر نفسيات کي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجھه نه آهي ـــــ نه دمڙي، نه چمڙي.“

”ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.“ وليداد عرف ولوءَ چيو؛ ”تون پنهنجي بدتميز پٽ کي دماغي مرض جي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عبدالجبار ڏانهن وٺي وڃ. تازو تازو آمريڪا مان ڊاڪٽري ڪري آيو آهي. دماغي ۽ نفسياتي مريضن جو انتظار ڪندي ڪندي ويچارو پاڻ به نفسياتي مريض ٿي پيو آهي.“

چيم؛ ”پر، في ته وصول ڪندو هوندو.“

”اهوئي ته ڪمال آهي، جو في نه وٺندو آهي.“ وليداد عرف ولوءَ چيو؛ ”هو پنهنجو علم آزمائڻ لاءِ مريضن جو منتظر آهي ــــ ۽، في وٺڻ بدران مريضن کي ويندي مهل ٻه ٽي روپيا خرچي ڏيئي ڇڏيندو آهي.“

دماغي ۽ نفسياتي مرضن جي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڏس پتو وٺي، دودي کي هنج تي کڻي، مان سڌو ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال پهتس. هو ڏسڻ ۾ ٺاهوڪو جوان هو، پر پيٽ ڪم خراب ڪري ورتو هوس. سندس پيٽ بيحد وڏو هو، ۽ مٿي جا چڱا چوکا وار کٿل هئس. نهايت تفصيل سان مون عبدالجبار کي دودي جي باري ۾ ٻڌايو، ته ڪيئن هو ڳالهيون ڪندو هو ـــ ٺٺوليون ڪندو هو ـــــ کُنڊين عورتن جي اَهل ڪندو هو ـــــــ پنهنجي ناني ابراهيم کير واري سان ته بنهه نه ٺهندو هو ــــ سندس نڪ ۾ دم ڪندو هو ــــــــ پر اڄ صبح کان خاموش ٿي ويو آهي ـــــ بولتي بند اٿس، بس کلڻ تي زور اٿس.

دودو، ڊاڪٽر عبدالجبار جي بيحد وڏي پيٽ ڏانهن ڏسي کلڻ لڳو.

عبدالجبار ڏاڍي پاٻوهه مان دودي کان پڇيو: ”يار، ڪيئن آهين؟“

دودي وات کولي، آڱر سان پنهنجي وات ڏانهن اشارو ڪيو.

عبدالجبار مون کان پڇيو؛ ”ڇا ننڍپڻ ۾ دودي کي ڪو سخت ذهني صدمو پهتو هو.“

”ڪهڙي قسم جو صدمو!“ مون عبدالجبار کان پڇيو.

ڊاڪٽر عبدالجبار چيو؛ ”ڪو اهڙو صدمو، جيڪو دودي جي تحت الشعور مان ٿيندو سندس لاشعور ۾ شامل ٿي ويو آهي.“

”مان دودي جي تحت الشعور ۽ لاشعور کان بنهه بي خبر آهيان.“ چيم، ”مون کي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجو پٽ ڏاڍو باشعور آهي.“

چيم؛ ”منهنجو پٽ ٽيليويزن تي سگريٽ جي اشتهار ۾ سيٽسفڪشن سان نظر ايندڙ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو آهي.“

دودو هاڪار ۾ مٿو ڌوڻڻ لڳو.

ڊاڪٽر پڇيو؛ ”هڪ سخت ۽ جابر پيءُ وانگر ڇا تون ان شاديءَ جي حق ۾ نه آهين!“

”منهنجي حق ۾ هئڻ، يا نه هئڻ جو مسئلو نه آهي.“ چيم؛ ”اها شادي نه ٿي سگھندي.“

”ڇو نه ٿي سگھندي!“ ڊاڪٽر ڇڙٻ ڏيندي مون کان پڇيو.

مون دودي ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”دودو هينئر فقط پنجن سالن جو آهي. دودو جڏهن شاديءَ لائق ٿيندو، تڏهن سيٽسفيڪشن واري ڇوڪري پوڙهي کک ٿي چڪي هوندي، ۽ سنڌن جي سور ۽ مٺن پيشابن جي مرض ۾ مبتلا هوندي ـــــ يا ان وقت تائين وڃي مالڪِ حقيقي کي ملي هوندي.“

”اوه! آءِ سي!“ ڊاڪٽر جبار سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجھه دير کان پوءِ هن پڇيو؛ ”هيءُ جڏهن ننڍو هو، تڏهن سندس ماٽيجي ماءُ جو ساڻس ڪهڙي قسم جو رويو هوندو هو.“

”هيءُ ته هينئر به ننڍڙو آهي ــــــ فقط پنجن سالن جو آهي.“ چيم؛ ”هن جي ماءُ ابراهيم کير واري جي ڌيءَ آهي. ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي مرڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. دودي لاءِ ماٽيجي ماءُ ڪٿان ايندي!“

دودو ڏاڍي زور سان کلڻ لڳو، ۽ کلي کلي کيرو ٿي پيو.

عبدالجبار جي منهن ۾ گھُنڊ پئجي ويو. هن غور سان دودي ڏانهن ڏسندي پڇيو؛ ”هيءُ ڪٿي ڪو ڄامڙو پوڙهو ته نه آهي، جيڪو ناڪام محبت جا صدما سهندي سهندي تحت الشعور ۽ لاشعور جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو آهي!“

جھٽ ڏيئي مون دودي کي کڻي ورتو. ان کان اڳ جو ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال مان نڪري وڃان. ڊاڪٽر عبدالجبار منهنجي کيسي ۾ ڏهن رپين جو نوٽ وجھي ڇڏيو.

دودي کي هنج ۾ کڻي، مايوسيءَ جي عالم ۾ مان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس. ۽ پوءِ، هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي بي انداز ڏينهن گذري ويا، ۽ بي انداز راتيون گذري ويون. دودي جي نڙيءَ ۾ بدستور ڪا پُراسرار شيءِ ڦاٿل رهي، ۽ هن جو ڳالهائڻ بند رهيو. بظاهر کيس ڪا به تڪليف نه هئي، بس، هن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. دودي جي خاموشيءَ سبب مان پريشان رهڻ لڳس.

هڪڙي ڏينهن منهنجي پهلوان سهري، ابراهيم کير واري چيو؛ ”اڙي ڀولا، بيمار ڇو ٿي پيو آهين! ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جو پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.“

”تمام وڏي ڳالهه آهي، بابا سائين.“ چيم؛ ”ڳالهائيندو نه، ته پوءِ راڳ درٻاريءَ جو وڏو ڳائڻو ڪيئن ٿي سگھندو!“

”اڙي ڀولا، دودي کي ميراثي ڪندين ڇا!“ منهنجي سهري اُلر ڪندي پڇيو؛ ”پٽ کي ڳائڻ وڄائڻ ۾ هڻندي ڇا!“

”ڳائڻ وڄائڻ نه، سائين بابا.“ چيم؛ ”مان دودي کي فقط راڳ درٻاريءَ جي تربيت ڏياريندس.“

منهنجي سهري کي ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. چيائين؛ ”اڙي ڀولا، مٿو ته جائيتو اٿئي!“

”منهنجو مٿو جائيتو آهي، سائين بابا.“ چيم؛ ”دودو راڳ درٻاريءَ کانسواءِ دنيا ۾ ترقي ڪري نه سگھندو.“

”وڏو ٿي ڦاڙها ماريندو ڇا؟“ منهنجي سهري پڇيو.

”جيستائين دودو وڏو ٿيندو، تيستائين ملڪ مان ڦاڙها ختم ٿي ويندا.“ چيم؛ ”تڏهن دودو پاڻ ڦاڙهو ٿي پوندو، ۽ شڪاريءَ کان جان بچائڻ لاءِ کيس راڳ درٻاري ڳائڻو پوندو.“

منهنجو سهرو، ابراهيم کير وارو، کير جو دٻو کڻي، مون کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو هليو ويو.

مون دودي کي پيار ڪندي چيو؛ ”پيارا پٽ دودا، ٽئين دنيا ۾ زندهه رهڻ لاءِ تو کي راڳ درٻاريءَ جو فنڪار ٿيڻو پوندو. اهو لازمي آهي. هينئر، راڳ درٻاريءَ کانسواءِ، اسان جھڙن انسانن لاءِ دنيا ۾ جيئڻ ممڪن نه آهي.“

دودو کلڻ لڳو.

۽ پوءِ، دودي جي خاموشيءَ جي خبر اوڙي پاڙي ۾ پکڙجي ويئي. ڪجھه کک ڪراڙين، جن کي وات ۾ ڏند نه هو، فتوى ڏيندي چيو ته دودي تي جنن جو واسو آهي، ۽ جنات سندس نڙيءَ ۾ ڪا پراسرار شيءِ اٽڪائي، سندس ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.

پاڙي جي کُنڊين پوڙهين جي صلاح تي مان دودي کي هڪ بنگالي پروفيسر ڏانهن وٺي ويس، جنهن جو جنن سان سڌو ۽ اڻسڌو واسطو هو. بنگالي پروفيسر سنهڙو سيپڪڙو هو، ۽ هوبهو سڪل ڇوهاري جھڙو نظر پئي آيو. مون کان دودي متعلق سربستو احوال وٺڻ کانپوءِ هن دودي کي هڪ ميز تي سمهاري ڇڏيو، ۽ سمجھ کان ٻاهر جملا وات مان ڪڍڻ لڳو. اوچتو، ڪڏهن ٻانهون آسمان ڏانهن ڪري، ۽ ڪڏهن دودي جي اکين ۾ اکيون وجھي هو بي معنى جملا وات مان ڪڍندو رهيو.

بنگالي پروفيسر جون حرڪتون ڏسي دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

بنگالي پروفيسر جنتر منتر پڙهڻ کان پوءِ؛ ”تنهنجي پٽ تي ڪوهه ڪاف جي هڪ پري عاشق ٿي پئي آهي. هن پنهنجي مٺ تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾ وجھي ڇڏي آهي.“

”وڏي ڪا بيوقوف آهي، ڪوهه ڪاف جي پري!“ چيم؛ ”مون کي ڇڏي منهنجي پٽ تي عاشق ٿي پيئي آهي!“

”اِها ڪا چرچي جھڙي ڳالهه نه آهي.“ بنگالي پروفيسر چيو؛ ”ڪجھه پريون اصل ۾ جنن کان وڌيڪ خطرناڪ هونديون آهن.“

چيم؛ ”پر دنيا جي ڪابه پري ابراهيم کير واري جي ڌيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ نه هوندي.“

بنگالي پروفيسر پڇيو؛ ”ابراهيم کير واري جي ڌيءَ ڪير آهي، ۽ تنهنجو هن سان ڪهڙو تعلق آهي؟“

”ابراهيم کير واري جي ڌيءَ منهنجي زال آهي.“ چيم؛ ”هوءَ منهنجي پٽ دودي جي ماءُ آهي. پروفيسر صاحب، دنيا جي ڪا به پري ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي پٽ تي قبضو ڪري نه سگھندي.“

بنگالي پروفيسر سان وڌيڪ مٿو مارڻ بيڪار سمجھيم. دودي کي هنج تي کڻي سندس آفيس مان نڪري ويس.

پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته شهر ۾ هڪ درويش آيو آهي، جيڪو دلين جي راز تان پردو کڻندڙ، ۽ ماضي، حال ۽ مستقبل تي دسترس رکندڙ آهي ــــ پهتل ۽ الله لوڪ شخص آهي. مان دودي کي درويش ڏانهن وٺي ويس.

درويش جون اکيون بند هيون. هو گھري سوچ ۾ گم هيو. معتقد ۽ سوالي ڪنڌ جھڪائي خاموش بيٺا هئا.

ڪجھه دير کانپوءِ درويش اکيون کوليون ۽ پنهنجيون نگاهون دودي جي چهري تي اٽڪائي ڇڏيون. دودي تان نگاهون پري ڪندي، ۽ مون ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”تنهنجو پٽ سڄي عمر هڪ عورت جي چاهت ۾ ڦٿڪندو رهندو، پر ان عورت سان پنهنجي بيپناهه محبت جو اظهار ڪري نه سگھندو.“

مون تعجب وچان اول دودي ڏانهن، ۽ پوءِ درويش ڏانهن ڏٺو.

”تنهنجو پٽ ڪُل جڳ ۾ عشق جو امام ٿيندو.“ درويش چيو؛ ”هو سڄي عمر فرهاد وانگر خوابن جا ٽڪر ڪٽيندو پر تعبيرن ۾ پنهنجي شيرين کي حاصل ڪري نه سگھندو.“

مون ڏٺو، دودو تمام غور سان درويش جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو.

درويش چيو؛ ”ست سُرَ تنهنجي پٽ جي وجود ۾ سنگيت جي ڪائنات کي جنم ڏيندا، پر پيار جا گيت سندس چپن تي اچڻ کان اڳ خاموش ٿي ويندا.“

مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون دودي کي هنج ۾ کڻي پيار ڪيو.

مون درويش کان پڇيو؛ ”پر هن ڳالهائڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“

درويش پنهنجو منهن مونن ۾ وجھي ڇڏيو. ڪجھه دير کانپوءِ، هن منهن مٿي ڪيو، ۽ چيو؛ ”تنهنجو پٽ جڏهن جوان ٿيندو، تڏهن دنيا جو رنگ ڍنگ نرالو هوندو. هو معاشري جي روش مطابق ڪوڙ جا ڪوٽ کڙا ڪري نه سگھندو. هو ڪوڙ کي سچ، اوندهه کي روشني، ۽ ظلم کي انصاف چئي نه سگھندو.“

مون وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺو.

درويش ٻانهون وڌائي دودي کي منهنجيءَ هنج مان کڻي ورتو. هن دودي کي پيار ڪيو. دودو خاموشيءَ سان درويش ڏانهن ڏسندو رهيو.

دودي کي منهنجيءَ هنج ۾ ڏيندي، درويش چيو؛ ”تنهنجي پٽ پيار جي پيالي مان خاموشيءَ ۽ صبر جي زهر جو ڍُڪ ڀري ورتو آهي. هو سڄي عمر صبر جي علامت ٿي جيئندو، ۽ خاموش رهندو.“

 
Leave a comment

Posted by on February 11, 2012 in Stories

 

Shetaan – Khalil Jibran

شيطان
خليل جبران

پادري سمعان کي ماڻهو پنهنجو روحاني ۽ مذهبي پيشوا سمجھندا هئا، ڇاڪاڻ ته هو صغيره ۽ ڪبيره گناهن جي باري ۾ مفصل راءِ ڏيندو هو ۽ انهيءَ کان علاوه جنت، دوزخ ۽ مقامِ ڪفاره جي باري ۾ ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ڏيندو هو.

پادري سمعان اُتر لبنان جي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۾ ويندو هو ۽ ماڻهن جي روحاني بيمارين جو علاج ڪندو هو ۽ وڏي ڪوشش ڪندو هو ته ويچارا ماڻهو شيطان جي دام ۾ نه ڦاسن.

هي بزرگ پادري شيطان جي خلاف مسلسل جنگ ۾ مصروف هو. ماڻهو هن روحاني پيشوا جو ڏاڍو احترام ڪندا هئا. هن جون ڳالهيون ۽ دعائون، سون ۽ چانديءَ جي عيوض به خريد ڪندا هئا. جڏهن پوک پچي ويندي هئي ته انهيءَ پادريءَ جو به ان ۾ حصو هوندو هو.

ــــــــــ ـــــــــ ــــــــــ ـــــــــ

سرءُ جي هڪ شام هئي.


پادري سمعان ڪنهن ڏوراهين ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هو، جبلن جي وادين مان لنگھي رهيو هو ته اوچتو هڪ هنڌ، رستي جي پاسي کان دردناڪ رڙ ٿي. هُن جي قدمن کي ڄڻ بريڪ لڳي ويو. هُن ڏٺو ته هڪ اگھاڙو شخص پٽ تي پيو آهي ۽ هن جي زخمن مان رت وهي رهيو آهي. زخمي التجائيه انداز ۾ مدد لاءِ پڪارڻ لڳو:

”مون کي بچاءِ ـــــــ منهنجي دد ڪر ــــــ ادا! مون تي رحم کاءُ ـــــــــ آئون مري رهيو آهيان.“

پادري سمعان انهيءَ زخمي شخص کي ڏسي پريشان ٿي ويو. پنهنجو پاڻ ئي چوڻ لڳو:

”ڪهڙي خبر هي شخص ڪو ڌاڙيل هجي ــــــــ هن واٽهڙوئن کي ڦُرڻ جي ڪُشش ڪئي هوندي ۽ اُهي کيس زخمي ڪري ويا هوندا. جيڪيڏهن هي شخص مري پيو ته متان آئون ڦاسي پوان.“

اهو سوچي هو اڳتي وڌيو ـــــــ پر مجروح وري پڪاريو: ”مون کي هن حالت ۾ ڇڏي نه وڃ، آئون مري رهيو آهيان.“

پادري انهي سڏ تي وري بيهي رهيو ۽ ڪجھه سوچڻ لڳو ۽ اِهو سوچي ته هُو ڪنهن مستحق شخص جي مدد کان انڪار ڪري رهيو آهي، هن جا چپ ڏڪڻ لڳا ۽ هو وري پاڻ کي چوڻ لڳو:

”ادا! ٿي سگھي ٿو ته هي شخص انهن چرين مان هجي جيڪي جھنگن ۽ ويرانن ۾ رهندا آهن. مون کي هن جا زخم ڏسي خوف محسوس ٿي رهيو آهي . . . ۽ روحاني پيشوا جو اهو ڪم ته ڪونه ته هو جسماني زخمن جو به علاج ڪري.“ ائين چئي پادري وري اڳتي وڌيو.

موت جي ويجھو پهتل انهيءَ شخص، هڪ اهڙي ته دردناڪ دانهن ڪئي جو جبل به لُڏي ويا.

”منهنجي ويجھو اچ پادري . . . . اسين ته پُراڻا دوست آهيون . . . . آئون تو کي سڃاڻان ٿو . . . تون سمعان پادري آهين . . . هڪ نيڪ ماڻهو، ۽ آئون نه چور آهيان ۽ نه پاڳل آهيان . . . . منهنجي ويجھو اچ ۽ مون کي هن ويراني ۾ مرڻ لاءِ اڪيلو نه ڇڏ ــــــ اچ ــــ اچ . . . ته آئون تو کي ٻڌائيندس ته آئون ڪير آهيان.“

پادري انهيءَ شخص جي ويجھو ويو ۽ جھُڪي کيس غور سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته هن شخص جو حُليو ڪيڏو نه عجيب آهي. ذهانت سان گڏ مڪاري، سونهن سان گڏ بدنمائي ۽ بدي سان گڏ نيڪيءَ جا آثار ظاهر هئا.

پادري پوئتي هٽي پڇيو: ”تون ڪير آهين؟“

زخمن کان چُور ۽ موت کي ويجھو پهتل شخص جھيڻي آواز ۾ چيو: ”پادري صاحب! مون کان ڊپ نه ڪر . . . . ڇاڪاڻ ته اسين پراڻا دوست آهيون، مون کي سهارو ڏئي، ڪنهن ويجھي نديءَ تي هلي منهنجي زخمن کي ڌوئي صاف ڪر.“

پادري ٻيهر چيو: ”پهرين مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ آئون تو کي نٿو سڃاڻان، مون ته توکي ڪڏهن به ناهي ڏٺو.“

ان شخص ڏکاري انداز ۾ چيو: ”تون مون کي سڃاڻين ٿو، تو مون کي هزارين دفعا ڏٺو آهي ۽ منهنجي باري ۾ روزانو ڳالهيون ڪندو آهين، آئون توکي تنهنجيءَ جان کان به پيارو آهيان.“

پادريءَ دڙيندي چيو: ”تون ڪوڙو آهين . . . . تون فريبي آهين . . . . . مرندڙ ماڻهوءَ کي ڪوڙ نه ڳالهائڻ گھُرجي . . . . مون تنهنجو لعنتي چهرو ڪڏهن به ناهي ڏٺو، مون کي سچي ٻڌاءِ تون ڪير آهين؟ نه ته آئون تو کي انهيءَ حالت ۾ ڇڏي هليو ويندس.“

زخمي شخص ٿوري حرڪت ڪئي ۽ پادريءَ جي اکين ۾ غور سان ڏٺو. هن جي چپن تي هڪ پُراسرار مُرڪ تري آئي. هن ڳنڀير لهجي ۾ چيو: ”آئون شيطان آهيان . . . . !“

اهو ٻڌندي ئي پادريءَ کان رڙ نڪري وئي، جنهن تي پوري واديءَ جي ڪانگن کان به رڙ نڪري وئي. هن ٻيهر غور سان ڏٺو، هُن شخص جو نمونو بلڪل شيطان جي تصور جھڙو هو، جيڪا ڳوٺ جي گرجا گھر ۾ لڳل هئي.

تڏهن پادريءَ رڦندي چيو: ”خدا تعالى مون کي تنهنجي نڀاڳي صورت ڏيکاري ڇڏي آهي، جنهن ڪري منهنجي نفرت ۾ اڃان به واڌارو آيو آهي. آئون تو تي هميشه لعنت ڪندو هوس ۽ ڪندو رهندس. زخمي ۽ بيماريءَ ۾ ورتل رڍ کي ڪُهي ڇڏڻ گھرجي، متان اُها ٻين رڍن کي بيمار نه ڪر.“

شيطان جواب ڏنو: ”اي پادري! تڪڙو ۽ اُٻهڙو نه ٿي ۽ هيءُ قيمتي وقت اجاين ڳالهين ۾ نه وڃاءِ. منهنجي ويجھو اچ. منهنجي زخمن کي صاف ڪر. ڪٿي منهنجي جسم کان منهنجو روح الڳ نه ٿي وڃي.“

پادري کيس ٽوڪيندي چيو: ”جيڪي هٿ روزانو خدا جي عبادت لاءِ کڄن ٿا، سي دوزخ جي مٽيءَ مان ٺهيل ناپاڪ شيءِ کي ڪيئن ٿا ڇُهي سگھن. هڪ زمانو، مدت کان توتي لعنت ڪري رهيو آهي. تو کي مرڻ گھرجي . . . . تون انسانيت جو سڀ کان وڏو دشمن آهين ۽ نيڪين کي برباد ڪندڙ آهين.“

شيطان جي پاسي ۾ سور جي لهر اُٿي، هُن ٺونٺ جي ٽيڪ وٺندي چيو: ”تون نٿو ڄاڻين ته تون ڇا چئي رهيو آهين ۽ نه ئي تو کي انهي جرم جو احساس آهي. جيڪو تون پنهنجي خلاف ڪري رهيو آهين. مون ڏانهن ڏس . . . آئون تو کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايان ٿو . . . اڄ آئون هن واديءَ ۾ اڪيلو وڃي رهيو هوس ته ملائڪن جي هڪڙي گروهه مون تي حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو . . . انهن مان هڪڙي وٽ ٻه مُنهين تلوار هئي. جيڪڏهن تلوار نه هجي ها ته آئون هنن جو مقابلو ڪريان ها. اهو تلوار وارو ملائڪ شايد ميڪائيل هو. تلوار بازيءَ ۾ ماهر هو. آئون جي مڪر نه ڪريان ها ته هو منهنجو پڪ سان ڪم ئي لاهي ڇڏي ها.“

پادري سمعان آسمان ڏانهن نهاريندي چيو: ”ميڪائيل تي هزارين رحمتون هجن. هن انسانيت کي سندس بدترين دشمن کان نجات ڏياري.“

تڏهن شيطان احتجاج ڪندي چيو: ”انسان جي خلاف مون کي ايتري نفرت ڪانهي، جيتري تو کي پاڻ کان آهي. تون ميڪائيل کي پڪاري رهيو آهين، جنهن ڪڏهن به تنهنجي مدد ڪانهي ڪئي. تون منهنجي شڪست جي لمحن ۾ مون کي بُرو چئي رهيو آهين. جڏهن ته آئون هميشه تنهنجي اطمينان ۽ خوشيءَ جو باعث بڻيو آهيان. تون پنهنجي دعائن ۾ مون کي شامل نٿو ڪرين . . . ۽ مون سان همدردي ڪرڻ کان پاسو پيو ڪرين، جڏهن ته تون منهنجي هستيءَ جي سائي ۾ وڌيو ويجھيو آهين.“

”تو منهنجي زندگيءَ کي بهانو بنائي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ڪاميابين لاءِ ڏاڪو ۽ پنهنجي عملن کي حق وارو قرار ڏيڻ لاءِ منهنجو نالو استعمال ڪيو آهي. منهنجو ماضي انهيءَ ڳالهه جو شاهد آهي ته توهان کي حال ۽ مستقبل ۾ به منهنجي ضرورت پوندي. ڇا تون دولت ميڙڻ ۾ پنهنجي خواهشن جي تڪميل ڪري چڪو آهين؟ ڇا تون منهنجي عظمت جو خوف ڏياري پنهنجي معتقدن کان سون ۽ چاندي گڏ ڪندو ناهين رهيو؟

جيڪڏهن اڄ تو مون کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ته پوءِ سڀاڻ ڇا ڪندين؟ جيڪڏهن آئون نه هوندس ته تون ڪهڙو ڌنڌو ڪندين؟ ڪيترن ئي سالن کان تون انهن ڳوٺن ۾ گھمي رهيو آهين ۽ ماڻهن کي تاڪيد ڪري رهيو آهين ته منهنجي ڄار ۾ نه ڦاسن. ماڻهن انهيءَ نصيحت جي بدلي تو کي دينار ڏنا ۽ زمن جي پيداوار مان حصو ڏنو.

جيڪڏهن هُنن کي خبر پئجي وئي، ته هنن جو دشمن ختم ٿي ويو ته پوءِ تنهنجو ڇا ٿيندو؟؟ منهنجي زندگيءَ جي خاتمي سان گڏ، تنهنجو ڌنڌو به ختم ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ماڻهو گناهن کان محفوظ ٿي ويندا. تون ته پادري آهين. ڇا توکي انهي ڳالهه جي خبر ڪانهي ته شيطان جي ڪري ئي مذهب ٺهيا آهن.

۽ انهيءَ ڳالهه جو پرچار ڪري واعظن ۽ پادرين پنهنجين ٽجوڙين کي ڀريو آهي. ڀلا تون مون کي ڪيئن مرڻ ڏيندين، جڏهن ته تو کي انهيءَ ڳالهه جو پورو يقين آهي ته ائين ڪرڻ سان تنهنجو وقار، تنهنجي عبادتگاهه، تنهنجو گهر ۽ تنهنجو روزگار تباهه ۽ برباد ٿي ويندو.“

شيطان ڪجھه دير لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ ڪجھه سوچي وري چوڻ لڳو: ”پادري تون مغرور به آهين ۽ جاهل به . . . آئون تو کي عقيدي جي آکاڻي ٿو ٻڌايان، جنهن مان توکي انهيءَ حقيقت جي خبر پوندي ته اسين ٻئي هڪ آهيون ۽ اسان جو ضمير پاڻ ۾ وابسته آهي.“

”وقت جڏهن پهريون دفعو پاسو بدلايو ته انسان سج جي آڏو هٿ کڻي رڙ ڪندي چيو: ”انهيءَ آسمان جي پويان عظيم ترين محبوب ۽ رحم جي نظرن سان ڏسڻ وارو خدا آهي. پوءِ انسان سج ڏانهن پٺا ڪيا ۽ پنهنجي پاڇي کي زمين تي ڏسي چيو، انهيءَ زمين جي گھراين ۾ هڪڙو شيطان آهي، جنهن جو ڪم بدي ڏانهن وٺي وڃڻ آهي.“ پوءِ انسان پنهنجي غار ڏانهن هليو ۽ پاڻ سان ئي ڳالهائڻ لڳو: ”آئون ٻن جابر طاقتن جي وچ ۾ بيٺو آهيان. هڪ ته جتي مون کي پناهه وٺڻي آهي ۽ ٻي جنهن جي خلاف جنگ ڪرڻي آهي.“

”زمانا جلوس وانگر لنگھندا ويا ۽ انسان انهن ٻن طاقتن جي وچ ۾ بيٺو رهيو. هڪ جي ساراهه ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان هو پاڻ ۾ بلندي محسوس ڪندو هو ۽ ٻئي تي لعنت ڪرڻ لڳو ڇاڪاڻ ته انهيءَ کان هو ڊڄندو هو، پر هن ڪڏهن به رحمت ۽ لعنت جي معنى کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي.“

”هو انهن ٻنهي جي وچ ۾ انهيءَ وڻ وانگر هو، جيڪو بهار *۽ خزان جي وچ ۾ هجي . . . . ڪڏهن ٽڙندو هجي ته ڪڏهن سُڪندو هجي.“

”جڏهن تمدن جي شروعات ٿي ته ڪٽنب ٺهيا، پوءِ قبيلا وجود ۾ آيا ۽ پوءِ سوچ ۽ همت آهر ڌنڌا ورهايا ويا. هڪڙو قبيلو هارپو ڪرڻ لڳو، ته ٻيو گھر اڏڻ لڳو. ڪن ڪپڙو ٺاهڻ شروع ڪيو، ته ڪي رزق جي تلاش ۾ نڪري پيا. آخرڪار تقدس جو ظهور ٿيو. هي پهريون طريقو هو جيڪو ماڻهن اپنايو، جنهن لاءِ هن کي ايڏي گھُرج به نه هئي.“

گھڙي پل لاءِ شيطان ماٺ ڪئي. پوءِ هن وڏو ٽهڪ ڏنو جنهن سان خالي وادي لُڏي وئي. پوءِ هن کي پنهنجي زخمن ۾ سُور محسوس ٿيو ۽ هن پنهنجو هٿ زخمن تي رکي ڇڏيو. ٿورو سڪون محسوس ڪرڻ کانپوءِ هن چيو: ”سڀني کان پهرين قبيلي ۾ هڪڙو شخص هو، جنهن جو نالو هو دانشمند. آئون نٿو ڄاڻان ته اهو نالو مٿس ڪيئن پيو. هو هڪ ذهين ماڻهو هو. هن کي هر ڪاهڻ، گھر اڏڻ، مال چارڻ ۽ مزدوري ڪرڻ جھڙن ڪمن کان نفرت هئي، ڇاڪاڻ ته هو سهل پسند هو . . . ۽ انهن ڏينهن ۾ مزدوري کان سواءِ کاڌو حاصل ڪرڻ مشڪل هو، تڏهن اهو شخص ڪيترا ئي ڏينهن بکيو رهيو.“

هڪ رات جڏهن قبيلي جا ماڻهو سردار جي جھوپريءَ جي آسپاس بيٺا هئا ۽ ڏينهن جي ڪمن ڪارن متعلق ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته، هڪ شخص حيرت مان ڇرڪ ڀري چيو، ”هو ڏسو چنڊ ڏانهن . . . رات جي ديوتا جو چهرو ڪارو ٿي رهيو آهي.“ هجوم آسمان ڏانهن نهاريو ۽ خوف ۽ هراس مان رڙيون ڪرڻ لڳا. چنڊ ويتر ڪارو ٿي رهيو هو ۽ رات جي پکڙيل چانڊوڪي به اونداهيءَ ۾ بدلجي رهي هئي.“

تڏهن دانشمند اڳتي وڌيو. هن جو چنڊ گرهڻ اڳ به ڏٺل هو ۽ هُن کي انهيءَ بابت ڄاڻ به هئي، تڏهن هن موقعي جو فائدو ورتو. هو ماڻهن جي هجوم جي وچ ۾ بيهي هڪل ڪري چوڻ لڳو؛ ”گوڏن ڀر ڪِري پئو ۽ عبادت ڪريو. اونداهيءَ جي مڪار ديوتا ۽ چنڊ ديوتا ۾ لڙائي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن مڪار ديوتا کٽي ويو ته پوءِ سڀني جي تباهي يقيني آهي ۽ جيڪڏهن رات جو ديوتا چنڊ کٽي ويو ته اسين به زندهه رهنداسين . . . هاڻ عبادت ۾ مشغول ٿيو ۽ پيشانيءَ کي زمين تي گسايو . . . اکيون بند ڪريو ۽ آسمان ڏانهن نه ڏسو. جنهن به انهن ديوتائن جو ملاکڙو ڏٺو سو انڌو ٿي ويندو. يا چريو ۽ پاڳل ٿي ويندو. دل ۽ جان سان دعا گھرو، ڇاڪاڻ ته مڪار ديوتا اسان جو پراڻو دشمن آهي.“

انهيءَ ويل دانشمند چوندو رهيو ۽ هٿ جون ڳالهيون ٺاهينديون رهيو ۽ هن اهڙا ته قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌايون جيڪي انهن ڪڏهن نه ٻڌيون هيون. هُن اهڙيءَ طرح ماڻهن کي دير تائين ڳالهين ۾ مُنجھايو، تان جو چنڊ گرهڻ ختم ٿيو ۽ چنڊ ٻيهر آب ۽ تاب سان چمڪڻ لڳو، تڏهن دانشمند وڌيڪ بلند آواز ۾ چيو: ”هاڻ اُٿو . . . . ڏسو رات جي ديوتا پنهنجي دشمن کي ماري مات ڪيو ۽ هُن پنهنجو سفر ٻيهر ستارن سان گڏ شروع ڪيو آهي. اهو ياد رکو ته اهو سڀ ڪجھه توهان جي دعائن جو اثر آهي. جو چنڊ ديوتا فتح حاصل ڪئي آهي. هاڻ هو ڏاڍو خوش آهي ۽ اڳ کان وڌيڪ روشن پڻ.“

ماڻهو مٿي اُٿيا ۽ چنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳا. هنن جو خوف اطمينان ۾ ۽ گٻراهٽ خوشيءَ ۾ بدلجي وئي. لوهي چادرن کي انهن ساز بنايو ۽ انهن جا گيت واديءَ ۾ گونجڻ لڳا.

هڪ رات قبيلي جي سردار، دانشمند کي پاڻ وٽ گھُرائي چيو: ”تو اهو ڪارنامو انجام ڏنو آهي، جيڪو ٻئي جي وَس جي ڳالهه نه هئي . . . تون ڳجھن اسرارن کان واقف آهين. آئون پنهنجي قبيلي جي مرضيءَ موجب توکي قوم جو سردار ٺاهيان ٿو. مون کان پوءِ تون ئي سڀني جو وڏو آهين. آئون قبيلي ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهيان ۽ تون سڀني کان وڌيڪ عقلمند . . . تون ديوتائن ۽ قبيلي جي وچ ۾ رابطو ڪندڙ آهين. تون قبيلي جي خواهشن ۽ آرزوئن جي ترجماني ڪندين. ماڻهن کي تعليم ڏيندين، ته ديوتائن جي محبت ڪيئن حاصل ڪري سگھجي ٿي.“

تڏهن دانشمند يقين ڏياريو: ”ديوتا جيڪو ڪجھه رات جو خواب ۾ يا الهام ۾ مون کي سمجھائيندو، آئون سو ڏينهن ۾ قبيلي وارن کي ٻڌائي ڇڏيندس. آئون ديوتائن ۽ توهان جي وچ ۾ ڄڻ ڏاڪو آهيان.“

سردار کي دانشمند جي ڳالهه تي يقين اچي ويو، تڏهن هُن دانشمند کي، ٻه گھوڙا، ست گابا، ستر رڍون ۽ ستر گھيٽا ڏنا ۽ چيو، ”قبيلي جا ماڻهو تو لاءِ مضبوط جڳهه ٺاهيندا ۽ هر فصل جي بٽئي وقت تنهنجو حصو توکي پيش ڪندا ته جيئن تون باعزت ۽ پُروقار آقا وانگر زندگي گذارين.“

دانشمند اُٿيو ۽ وڃڻ لڳو ته سردار ڪجھه سوچي چيو: ”تون جنهن کي انساني ديوتا چئي رهيو هئين، اهو ڪير آهي ۽ اهو ديوتا ڪير هو جيڪو چنڊ ديوتا سان وڙهي رهيو هو؟ اسان ته اڄ تائين انهيءَ جي باري ۾ ڪونهي ٻڌو.“

دانشمند پنهنجي پيشانيءَ تي هٿ گھمايو ۽ چيو: ”منهنجا معزز سردار! هيءَ انهيءَ وقت جي ڳاهه آهي، جڏهن انسان به اڃان پيدا نه ٿيو هو. سڀئي ديوتا ستارن جي وسيع وادين ۾ اطمينان سان زندگي گذاري رهيا هئا. ديوتائن جو به ديوتا انهن جو بزرگ هو ۽ هو اُهي ڳالهيون به ڄاڻندو هو، جيڪي ٻيا ديوتا نه ڄاڻندا هئا ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، جيڪي ٻيا نه ڪري سگھندا هئا.“

”ٻارهين زماني جي ستين باب ۾ ”بهتار“ وڏي ديوتا جي مقابلي ۾ اچي ويو، ڇاڪاڻ ته هُو وڏي ديوتا کان نفرت ڪندو هو. هن سرڪشي ڪئي ۽ چيو: ”تون ڪائنات جو مختيار ڪل بڻيو ويٺو آهين ۽ انهيءَ جا ڳجهه اسان کان لڪائين ٿو، ڇا اسين تنهنجو اولاد ناهيون جيڪي تنهنجي وجود ۽ عقل جا برابر جا حصيدار آهن.“

ديوتائن جو ديوتا ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيائين: ”آئون اها عظيم طاقت پاڻ وٽ رکندس ۽ انهن ڳجھن کي ڪنهن تي به ظاهر نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته آئون ئي ابتدا آهيان ۽ آئون ئي انتها به !“

بهتار جواب ڏنو: ”بزرگ ديوتا! جيڪڏهن تو پنهنجي قوتن ۾ مون کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ته آئون ۽ منهنجو ايندڙ نسل بغاوت تي مجبور ٿينداسين.“

تڏهن ديوتائن جو ديوتا غضبناڪ ٿي ويو ۽ هُن بهتار جي باغي روح کي آسمان جي بلندين مان هيٺ خبيث روحن جي مسڪن ۾ اڇلي ڇڏيو، تڏهن هُن قسم کاڌو ته پنهنجي ابن ڏاڏن خلاف جنگ ڪندو ۽ انهن سان به، جيڪي انهن جا پوئلڳ هوندا. ائين چئي دانشمند خاموش ٿي ويو.

تڏهن سردار ٿڌو ساهه ڀري چيو: ” اوهه! ته انهيءَ خبيث ديوتا جو نالو بهتار آهي.“

پوءِ دانشمند چيو: ؟هي جڏهن بلندين ۽ اوچاين تي پرواز ڪندو هو ته هِن جو نالو اِهو هو، پر جڏهن هو پستين ۾ لهي ويو ته هُن ڪيترائي نالا بدلايا، جن ۾ بليال، زميل، اهرمن، عزازيل مارح ابدون ۽ شيطان جا نالا مشهور آهن.“

سردار شيطان جو نالو ڪيترائي ڀيرا ڏڪندي ورجايو، ۽ چوڻ لڳو: ”شيطان اسان کان ايڏي نفرت ڇو ٿو ڪري؟“

دانشمند وراڻيو: ”هو انسان کان انهيءَ لاءِ نفرت ڪري ٿو جو انسان هُن جي ڀيڻين ۽ ڀائرن جو اولاد آهي.“

”انهيءَ جو مطلب ته انسان ۽ شيطان پاڻ ۾ سؤٽ آهن.“

دانشمند مُذبذب لهجي ۾ چيو: ”ها آقا! پر هو انسانن جو وڏو دشمن آهي، جيڪو انهن جي ڏينهن ۾ رنج و غم ۽ رات ۾ خوفناڪ خواب شامل ڪري ٿو. هو ماڻهن جي گھرن تي طوفان آڻي ٿو ۽ انهن جي فصلن کي تباهه ڪري ڏڪار آڻي ٿو. انهن جي مال ۾ بيماريون وجھي ٿو ۽ انسان کي تڪليف ۾ ڏسي، هُو هڪڙي ٽنگ تي خوشيءَ مان نچندو آهي. اسان کي هن کان بچڻ لاءِ غور ڪرڻ ۽ فڪر ڪرڻ گھرجي. هُن جا گھَٽَ گھَٽَ تي ڄار وڇايل آهن. اسان کي انهن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش وٺڻي آهي.“

سردار پنهنجو ڪنڌ جھُڪائي ڇڏيو ۽ آهستي چوڻ لڳو: ”هاڻ مون کي سڄي خبر پئجي وئي ته ڪيئن هڪ قوت اسان جي زندگيءَ ۾ طوفان برپا ڪري ٿي. اڄ جيڪو راز مون تي کُليو آهي، اهو قبيلي وارن کي ٻڌائيندس . . . ۽ اي دانشمند! توکي اڃان به وڌيڪ عزت بخشي ويندي، ڇاڪاڻ ته تو هڪ طاقتور دشمن جو راز بي نقاب ڪيو آهي ۽ بديءَ جي رستي جو ڏس ڏنو آهي ته جيئن قبيلي وارا ڀٽڪي نه وڃن.“

دانشمند پنهنجي سردار کان موڪلائي پنهنجي خيمي ۾ آيو ۽ پنهنجي انهيءَ دانائيءَ تي ڏاڍو خوش ۽ خرم هو. انهيءَ رات دانشمند کانسواءِ قبيلي جا سڀ ماڻهو ۽ سردار سڄي رات ڊيڄاريندڙ خواب ۽ خوفناڪ روح ڏسندا رهيا.

ــــــــــــــــــــــــــــــــــ

شيطان ڪجھه دير لاءِ خاموش ٿي ويو. پادري سمعان حيرت مان شيطان کي ڏسي رهيو هو. پادري جي چپن تي موت جي ڦڪي مُرڪ ظاهر ٿي. شيطان پنهنجي ڳالهه جاري رکي: ”اهڙيءَ طرح زمين تي الوهيت نازل ٿي ۽ منهنجي هستيءَ جي ضرورت انهيءَ کي پيش آئي. دانشمند پهريون ماڻهو هو جنهن منهنجي ظلم کي روزگار بنايو . . . . ۽ دانشمند جي مرڻ کانپوءِ اهو ڌنڌو سندس نسل جاري رکيو ۽ کيس زور وٺايو. ايتري قدر جو اهو پيشو مقدس بنجي ويو. هي انهن ماڻهن جو ڌنڌو آهي، جن جا ذهن پختا، روح ڀلا ۽ دليون پاڪ ۽ صاف آهن، ۽ هنن جي تصورن جي دنيا وسيع آهي.“

”بائيبل ۾ ماڻهو هڪ پوڄاريءَ آڏو ست سجدا ڪندا هئا، جيڪو پنهنجي منترن سان منهنجو مقابلو ڪندو هو. نينوا ۾ انهيءَ ماڻهو کي انسان ۽ خدا ۾ رابطي جو ذريعو سمجھيو ويندو آهي. تبت ۾ انهي شخص کي سج ۽ چنڊ جو پٽ سمجھيو ويندو هو، جيڪو مون سان وڙهندو هو ۽ بابلوس، ايفاسون ۽ انطاڪير ۾ ماڻهو مون سان مقابلو ڪندڙ جي قدمن ۾ پنهنجا ٻچا قربان ڪندا هئا.“

”بيت المقدس ۽ روما ۾ ماڻهو انهن هستين تان پنهنجيون جانيون فدا ڪندا هئا، جيڪي مون کان نفرت ڪندا هئا ۽ پوري طاقت سان منهنجو مقابلو ڪندا هئا.“

”جيڪڏهن آئون نه اچان ها ته عبادتگاهون وجود ۾ نه اچن ها، وڏا وڏا مينار ۽ محل به منهنجي ڪري ٺاهيا ويا. آئون اهو حوصلو آهيان جيڪو انسان جي ذهن ۾ ارادو پيدا ڪري ٿو ۽ خيال ۾ جدت آڻي ٿو. آئون اهو هٿ آهيان جيڪو انسان جي هٿ کي حرڪت ۾ آڻي ٿو. آئون شيطان آهيان زنده پائنده ــــــــ آئون اهو شيطان آهيان، جنهن سان انسان انهيءَ لاءِ وڙهندو آهي، ته جيئن زنده رهي سگھي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هُن منهنجي خلاف جدوجھد ختم ڪئي، ته ڪاهلي انهن جي ذهنن، دلين ۽ روحن کي مرده ڪري ڇڏيندي.

آئون اُهو مست طوفان آهيان جيڪو مرد جي ذهن ۾ ۽ عورت جي دل ۾ هُل هنگامو پيدا ڪري ٿو، ۽ مون کان اهي خوفزده ٿي اُهي عبادتگاهن جو رخ رکن ٿا ته جيئن مون تي لعنت ملامت ڪن. يا وري خبيث هنڌن تي وڃي منهنجي قوت ارادي جا مطيع ٿي ڪري، مون کي خوش ڪن ٿا. اهو راحب جيڪو رات جي خاموشيءَ ۾ مون کان پري رهڻ لاءِ دعا ٿو ڪري، سو انهيءَ بازاري عورت وانگر آهي، جيڪا مون کي پنهنجي عشرتگاهه ۾ سڏي ٿي. آئون شيطان آهيان. هڪ جاوداني ۽ ابدي طاقت.“

”راحب خانن ۽ خانقاهن جو معمار آئون آهيان، جنهن خوف جي بنيادن تي انهن کي تعمير ڪيو، مئخانن ۽ عشرتگاهن کي به مون نفرت ۽ خواهش جي پيڙهه تي قائم ڪيو. جيڪڏهن آئون زنده نه رهان، ته هن دنيا ۾ خوف ۽ خوشي جو وجود باقي نه رهي ۽ انهن جي نه هجڻ ڪري انسان جي دل مان خواهشون، اميدون ۽ تمنائون ختم ٿي وڃن. زندگي صرف ڪو ڍونگ ۽ بي حس شيءِ رهجي وڃي. ڪنهن اهڙي ساز مثل، جنهن جون تارون ڇڄي پيون هجن. آئون شيطان آهيان زنده پائنده.

آئون مڪر ۽ فريب، دغا دولاب ۽ حيلي بازي لاءِ الهام آهيان. جيڪڏهن اهي شيون هِن دنيا مان خارج ڪري ڇڏجن ته پوءِ انساني معاشرو ڪنهن اهڙي برباد فصل وانگر هوندو جنهن ۾ صرف نيڪيءَ جا ڪنڊا وڃي باقي بچندا. آئون شيطان آهيان ــــــ زنده پائنده.

آئون ڏوهه جو ماءُ پيءُ آهيان . . . . جيڪڏهن ڏوهه باقي نه رهيو ته پوءِ گناهه جو مقابلو ڪندڙ به باقي نه رهندا ۽ ختم ٿي ويندا. آئون هر بديءَ جو قلب آهيان. ڇا تون چاهين ٿو ته منهنجي ساهه نڪرڻ سان انساني زندگيءَ جي حرڪت به ختم ٿي وڃي؟ ڇا تون مونکي مرڻ لاءِ هتي اڪيلو ڇڏي ويندين؟ ڇا تون اُهي رشتا ٽوڙي ويندين جي اسان جي وچ ۾ آهن؟ اي پادري! مون کي انهيءَ ڳالهه جو جواب ڏي.“

پادريءَ جو ڪنڌ جھُڪي ويو ۽ هو ڪنهن وڏي سوچ ۾ ٻڏي ويو. هن جو رنگ ڦِڪو ٿي ويو، ڪنهن بت مثل. شيطان پنهنجي چمڪندڙ اکين سان پادري سمعان کي ڏٺو ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو: ”آئون بلڪل سامت ۾ ناهيان. منهنجي غلطي هئي، جو مون پنهنجيون آخري قوتون انهن ڳالهين ۾ وڃايون، جن کان تون اڳ ئي واقف هئين. هاڻ تنهنجي مرضي . . . جي چاهين ته منهنجي دوا ۽ درمل ڪرڻ لاءِ مون کي گھر کڻي هل يا پوءِ مرڻ لاءِ هتي ڇڏي وڃ.“

پادري سمعان جي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي ۽ هن خادمانه لهجي ۾ چيو، ”مون تي اهي راز ظاهر ٿي ويا آهن جن کان آئون ڪلاڪ اڳ واقف نه هوس. مون کي پنهنجي جهالت جو اعتراف آهي. مون کي معاف ڪر، مون کي خبر آهي ته تنهنجو وجود ترغيب ڏئي ٿو ۽ ترغيب ئي اهڙو ماپو آهي، جنهن سان خدا انسانن جي روحن کي ماپي ٿو. هيءَ هڪ ساهمي آهي جنهن ۾ روحن جو وزن ٿئي ٿو. مون کي يقين ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن تون مري وئين ته ترغيب نابود ٿي ويندي ۽ انهيءَ جي خاتمي سان هڪ مثالي قوت قبر ۾ لهي ويندي، جيڪا انسانن کي سربلند ۽ هوشيار ڪري ٿي.“

”تو کي زندهه رهڻو پوندو. جيڪڏهن تون مري وئين ۽ ماڻهن کي خبر پئجي وئي ته تون مري چڪو آهين ته انهن جي ذهنن مان دوزخ جو تصور ختم ٿي ويندو، اهي عبادت ڇڏي ڏيندا ۽ پوءِ ته ڪوبه گناهه . . . گناهه نه رهندو. تنهنجو زندهه رهڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته تنهنجي زندگيءَ ۾ ئي انسانيت جي نجات جو راز لڪل آهي. جيستائين منهنجو تعلق آهي ته آئون تنهنجي نفرت کي انسان جي محبت جي مقابلي ۾ قربان ڪري سگھان ٿو.“

شيطان ٽهڪ ڏنو ۽ زمين به لُڏي وئي، پوءِ هن چيو: ”تون ڪيڏو نه ذهين ماڻهو آهين پادري، ۽ تون مذهبي معاملن تي ڪيڏو عبور رکين ٿو. تو پنهنجي علم ذريعي ڪيترو جلدي محسوس ورتو، ته منهنجي زندگي ڪيڏي نه ضروري آهي ۽ انهيءَ ڳالهه کي ته آئون به سمجھي نه سگھيو هوس، پر هاڻ هڪ ٻئي کي سمجھي ويا آهيون.“

”منهنجا ڀائر، منهنجي ويجھو اچ . . . . هر طرف اونداهي وڌڻ لڳي آهي ۽ هن واديءَ جي واريءَ ۾ منهنجو اڌ رت جذب ٿي ويو آهي، ۽ هاڻ منهنجي زخمي جسم ۾ ڪجھه به باقي ناهي رهيو. جيڪڏهن تو مدد نه ڪئي، ته هن شڪسته هڏن جي پڃري کي موت ڳريءَ قيمت ۾ خريد ڪري وٺندو.“

پادري سمعان، پنهنجون ٻانهون مٿي ڪيون ۽ شيطان جي ويجھو وڃي، هُن کي ڪلهنت تي کنيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن هلڻ لڳو.

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

انهن وادين جي وچ ۾ جتي خاموشيون ۽ اونداهيون جاڳي پيون هيون، اُتي پادري سمعان، اهو سنگين بار کنيو پنهنجي گھر ڏانهن وڃي رهيو هو.

هن جا ڪارا ڪپڙا ۽ سفيد ڏاڙهي رت ۾ ڀريل هئي ۽ هو اڳتي وڌي رهيو هو. ۽ هن جي چپن مان شيطان جي زندگيءَ لاءِ دعائون نڪري رهيون هيون.

 
Leave a comment

Posted by on January 27, 2012 in Stories

 

Dohari – Khalil Jibran

ڏوھاري
خليل جبران


ھڪ نوجوان رستي تي ويٺو پني رھيو ھو، ٿلھو متارو نوجوان جنھن کي بک بيجان ڪري ڇڏيو ھو، ھو رستي جي موڙ وٽان ايندڙ ويندڙ جي سامھون ھٿ ڦھلائي رھيو ھو، بک جي تڪليف جو دکڙو روئي رھيو ھو.

رات پنھنجا خيما کوڙيا نوجوان جا چپ ٺوٺ ٿي ويا ۽ زبان زخمجي پيس، پر ھٿ پيٽ جيان خالي رھيس.

ھو اٿيو ۽ شھر کان ٻاھر نڪري ويو اتي وڻن جي جھنڊ ۾ ويھي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. تنھن کان پوءِ ھن پنھنجون اکيون آسمان طرف کنيون نج تي لڙڪن جو پردو پيل ھو ۽ بک سندس دل کرچي رھي ھئي. ھن چيو؛

پالڻھار! مان سيٺ وٽ ڪم جي ڳولا ۾ ويس ھن منھنجي بدن تي مٽي لڳل ڏسي مون کي ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيو. مون اسڪول جو دروازو کڙڪايو، پر ھٿين خالي ھئڻ سبب اندر گھڙڻ نه ڏنئون. مون فقط ٽن وقتن جي ماني تي نوڪري ڪرڻ ٿي چاھي، پر منھجي بدقسمتي، جو ان کان به محروم رھيس. پوءِ مجبور ٿي پنڻ جي ڪوشش ڪيم، پر منھنجا رب ! تنھنجن بندن مون طرف ڏٺو ۽ اھو چئي اڳيان وڌي ويا ته ”ھن ٿلھي متاري ھڏ حرام کي خيرات ڏيڻ جائز ڪونھي.

”پالڻھار! منھنجي ماءُ مونکي تنھنجي حڪم سان جنميو ۽ ھاڻي تنھنجي وجود جي آڌار تي جيئرو آھيان ! پوءِ ماڻھو مون کي ماني جو ڳڀو ڇو ڪونه ٿا ڏين؟ جڏھن ته آئون تنھنجي نالي تي ٿو گھران.“ ڏکاري نوجوان جو چھرو بيچين ٿي ويو ۽ اکيون الائن جيان ٻرڻ لڳس . ھو اٿيو ۽ سڪل ٽارين مان ٿلھو ڏنڊو کنيائين ۽ شھر طرف اشارو ڪندي اُچي آواز ۽ چيائين؛

”مون پگھر جي پورھئي عيوض زندگي طلب ڪئي . پر اھا نه مليم ، ھاڻي مان ٻانھن جي ٻل تي زندگي حاصل ڪندس . مون محبت جي نالي تي ماني مڱي، پر انسانن ڪو ڌيان نه ڌريو ۽ ھاڻي آئون ظلم ۽ سرڪشي جي نالي تي رڳو ماني ئي نه پر ٻيو ڪجھه به کانئس گھرندس ۽ ھو ڏيڻ تي مجبور ٿيندو.”

ڳپل عرصو گذري ويو. نوجوان ھارن جي لاءِ ڪنڌ ڪپيندو رھيو ۽ پنھنجي لالچ جا محل اڏڻ جي لاءِ لڳاتار روحن جا ھيڪل ڊاھيندو رھيو . ايستائين جو سندس دولت بي انداز ۽ بھادري عام ٿي وئي . ملڪ جا ڌاڙيل کيس ڀائڻ لڳا ۽ حڪومت جا ڪارندا سندس نالي کان ڪنبڻ لڳا . نيٺ بادشاھه ھن شھر ۾ کيس پنھنجو نائب مقرر ڪري پنھنجي خاص حلقي ۾ شامل ڪري اعليٰ عھدي تي فائز ڪري ڇڏيو.

اھڙي طرح انسان پنھنجي ڪنجوسي سبب مسڪين کي بدمعاش ۽ پنھنجي سنگدلي جي ڪري امن پسند کي قاتل بنائي ٿو ڇڏي.

 
Leave a comment

Posted by on January 27, 2012 in Stories

 

Joker of Star Circus – Amar Jaleel

اسٽار سرڪس جو جوڪر
امر جليل

مان ۽ مون جهڙا ڪجهه ٻيا ماڻهو (جيڪي پاڻ بيمار رهندا آهن، جن جا مائٽ بيمار رهندا آهن.) ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو مانڌياڻيءَ کان ٻاهر ڀرتو، والي بال ميدان وٽ، خيراتي گشتي دواخاني واري لاريءَ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
ڪجهه ماڻهو پاڻ بيمار هئا ۽ پنهنجي لاءِ دوا وٺڻ آيا هئا. ڪجهه ماڻهن جا مائٽ مٽ بيمار هئا ۽ هو پنهنجن مائٽن لاءِ دوا وٺڻ آيا هئا. جيڪي شخص بيمار هئا سي وڻن جي ڇانوَ ۾ گوڏا اُڀا ڪري اوڪڙون ويٺا هئا. ڪجهه شخص ٻئي هٿ مٿي تي رکي ويٺا هئا ۽ جهوٽا کائي رهيا هئا. جيڪي وڌيڪ بيمار هئا، سي واڻ ڇڳل کٽن تي ڪن ڪڍي پيا هئا. ڪجهه مريض، جيڪي مرڻ ڪنڌي تي هئا، تن کي جيئرو رهڻ جي تمنا ٻين کان وڌيڪ هئي، ۽ رکي رکي گشتي دواخاني جي لاريءَ متعق پڇاڳاڇا ڪري بيهوش ٿي پئي ويا.
خيراتي گشتي دواخاني جي لاري هفتي ۾ هڪ دفعو جمعي ڏينهن، ڪنهن به وقت، اسان جي ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو مانڌياڻيءَ ۾ ايندي آهي. اسان اَسـُـر کان وٺي اڌ رات تائين لاريءَ جو انتظار ڪندا آهيون. دير مدار سهي، پر لاري اسان جي ڳوٺ ضرور ايندي آهي ۽ اسان منجهان هر هڪ کي ڪونر دوا جو ڀري ڏيئي ويندي آهي.

گشتي دوا خاني ۾ ٻه ماڻهو ايندا آهن. هڪ ميرو، گدلو، بڇڙو ۽ ڀوتن جهڙو ڊرائيور، جيڪو بس بيهارڻ کانپوءِ ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي، ۽ ٻيو ڊاڪٽر صاحب هوندو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنهڙو، سـُـڪل ۽ هيڊ جهڙو هوندو آهي. هو ڏسڻ ۾ هوبهو چچي، يعني ڪرڙيءَ جهڙو آهي ۽ سڄو ڏينهن پان چٻاڙيندو رهندو آهي. سندس وات به چچيءَ جهڙو وڏو، ويڪرو ۽ چپن بنا آهي. هو مريضن کي دوا نه ڏيندو آهي، پر شمع ۽ رومان معمه حل ڪندو آهي. اسان کي دوا گشتي دواخاني جو ڊرائيور ڏيندو آهي، جيڪو لاري بيهارڻ کانپوءِ ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي.
انهن ڏينهن ۾ منهنجي ماءُ کي هڪ عجيب بيماري ٿي پيئي هئي. هوءَ آسمان ڏانهن هٿ کڻي واڪا ڪندي هئي، سڏڙا ڪندي هئي ۽ احتجاج ڪندي هئي. (اها بيماري کيس اڃا به آهي. علاج هلندڙ اٿس.) هوءَ ڪنهن ڪنهن وقت رڙيون ڪري روئيندي به هئي. سندس عجيب بيماريءَ کان وڌيڪ جنهن ڳالهه سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو، سا اها هئي، ته منهنجيءَ ماءُ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا. هوءَ ٺـِـپُ ڄٽي هوندي هئي. الف کي لڪڻ سمجهندي هئي. اهڙيءَ عورت جڏهن ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ شروع ڪيون، تڏهن سڄي ڳوٺ جا طاق لڳي ويا. جهٽ پٽ فتويٰ ڏني ويئي ته امان منجهه ڪو پڙهيل ڳڙهيل جن، (جيڪو گريجوئيٽ کان گهٽ نه هوندو)، داخل ٿي ويو آهي ۽ ويٺو کيس پڙهائي ۽ پڄرائي.
امان جو جن ڪڍڻ لاءِ وڏن وڏن جادوگرن، ڀوپن ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙن کي گهرايو ويو. سڀني ساڳي صلاح ڏني، ته جيستائين امان کي ماري اڌ مئو نه ڪبو، تيستائين جن منجهانئس ديرو نه ڪڍندو ۽ هوءَ واڪا ڪري دنيا جو سک آرام ڦٽائيندي رهندي.
ڀوپن جي چوڻ تي اسان جي مائٽن امان کي ڏنهن رات ڪٽڻ شروع ڪيو. ماري ماري، هڏ گڏ چٿي چور ڪري ڇڏيائونس، پر هن واڪا ڪرڻ ۽ روئڻ پڙهڻ نه ڇڏيو. انهن ئي ڏينهن ۾ مان حيدرآباد مان ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو مانڌياڻيءَ موٽيو هوس. جڏهن امان کي دهل وانگر ڪٽجندي ڏٺم، تڏهن ڀوپن کي چيو هوم: “يار ترسو. منهنجي ماءُ جو خانو خراب نه ڪريو. مان اجهو هينئر شهر مان تلوار هڻي، يعني گراجوئيٽ ٿي موٽيو آهيان. منهنجي ماءُ ۾ جن ٻن ڪونهي. ويهين صديءَ ۾ ويچارا جن هتان ڪوچ ڪري ويا آهن. مان پنهنجي ماءُ جو علاج پاڻ ئي ڪرائيندس.
ڀوپن مون کي ڪافر سمجهي، منهنجي ماءُ جو علاج (مار ۽ موچڙو) بند ڪري ڇڏيو. تڏهن کان مون امان جو علاج گشتي خيراتي شفاخاني مان ڪرائڻ شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين هلندڙ آهي.
شروعات ۾ ڊرائيور، جيڪو ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي، تنهن منهنجي ماءُ کي تپاسيو. اڍائي سيڪنڊ کن جاچڻ کانپوءِ، مون کي چيو هئائين تنهنجي ماءُ کي ڄڀ تي ڪينسر ٿي پيو آهي، تنهن ڪري سندس زبان تارونءَ وٽان ڪپڻي پوندي.
سندس فيصلو ٻڌي مان ڏڪي ويو هوس. عرض ڪيو هوم: “ڪمپائونڊر شهنشاهه، خدا جي واسطي ٻيو ڪو علاج ٻڌا”، ٻيلي، منهنجي ماءُ جي زبان نه ڪپ.”
پوءِ ڪجهه دير تائين ڊرائيور/ڪمپائونڊر جي اسرار ۽ منهنجي عرض جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهي. چچيءَ جهڙو ڊاڪٽر اسان جو آواز ٻڌي ٻاهر نڪري آيو. مان سندس پيرن تي ڪري پيس، جن مان خوفناڪ ڌپ پئي نڪتي. ڊاڪٽر جا پير چچيءَ جي پيرن وانگر ويڪرا، سنهڙا ۽ هيڊا هئا. هـُـن ويچاري منهنجو عرض اگهايو ۽ ڊرائيور/ڪمپائونڊر کي حڪم جاري ڪيو ته هن مجهول جي ماءُ جو علاج واڱڻائي مڪسچر سان ڪيو وڃي.
تڏهن کان، هر دفعي، جڏهن به خيراتي گشتي دواخاني جي لاري اسان جي ڳوٺ ايندي آهي، مون کي واڱڻائي مڪسچر جو ڪون ڀري ڏيئي ويندي آهي.
ان ڏينهن جمعو هو. مان ۽ مون جهڙا ڪجهه ٻيا ڳوٺاڻا (جيڪي) پاڻ بيمار رهندا آهن، جن مائٽ بيمار رهندا آهن.) خيراتي گشتي شفاخاني جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
مان جڏهن به انتظار ڪندو آهيان، تڏهن گانو ڳائيندو آهيان. گشتي دواخاني جي لاريءَ جو انتظار ڪندي ڪندي ماسٽر چندر جو گانو ڳائڻ لڳس. ان وقت والي بال ميدان ۾ کتل ڪاٺيءَ جي پول کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هوس ۽ ڳائي رهيو هوس: “تنهنجي ملڪ ۾ آيس قسمت سان پر سهڻا ڪين رهايو تو، مون سان ڀورل ڪين رهايو تو.”
اڃا گانو شروع مس ڪيو هوم، جو حاجي ساوڻ جو پٽ خانڻ، جنهن کي ڪامڻ آهي، منهنجي سامهون اچي بيٺو. ڏانهنس ڌيان نه ڏنم ۽ ڳائيندو رهيس: “ڀورل ڪين رهايو تو، مون سان دلبر ڪين رهايو.”
حاجي ساوڻ جو پٽ خانڻ پاڻ کي آڙي ڪاپ سمجهندو آهي. سڄو ڏينهن ڳائيندو رهندو آهي ۽ قطب نما جهڙي چنهبائي مڇ مروڙيندو رهندو آهي.
هن چيو: “مجهول، تنهنجي ماءُ سڄي دنيا جو کڻي آرام ڦٽايو آهي.”
گانو اڌ ۾ ڇڏي کانئس پڇيم: “سڄيءَ دنيا جو؟”
“ها.”
“مار! چئبو ته سڄي دنيا جي خبر چار رکندو پيو اچين.”
“گهٽ سمجهيو اٿئي ڇا!”
“تون جانسن جو ايلچي ته ناهين.”
خانڻ چيو: “تون جڏهن کان شهر مان پڙهي آيو آهين، تڏهن کان وڏو سوئر ٿي پيو آهين.”
“مهرباني.”
“تنهنجي ماءُ جي رڙين سچ پچ بيزار ڪيو آهي.”
“مون کي ان لاءِ افسوس آهي.”
“تنهنجي افسوس مان ڪجهه نه ورندو.”
“پوءِ جيئن حڪم ڪرين.”
“تنهنجي ماءُ جو علاج واڱڻائي مڪسچر سان هرگز ٿي نه سگهندو.” خانڻ چيو: “سهڻي صلاح وٺين ته ماءُ جي زبان ڪٽائي ڇڏ.”
چيومانس: “مون کي چندر جو گانو ڳائڻ ڏي.”
حاجي ساوڻ جي پٽ خانڻ کي ڪاوڙ لڳي. چيائين: “جيڪڏهن پنهنجي ماءُ جي زبان ڪپائڻ نٿو چاهين ته پوءِ توکي ٻيو ڪو علاج ٻڌايون.”
“تون به ڀوپو ٿي پيو آهين ڇا؟”
“وڏو ڪو بدمعاش آهين.”
“مهرباني.”
“شودو به آهين.”
“مهرباني.”
خانڻ چيو: “جيستائين تون راڳ ڳائي نه وٺندين، منهنجي ڳالهه هر گز نه ٻڌندين. اول راڳ ڳائي وٺ.”
مون ٽن چئن منٽن ۾ چندر جو گانو ڳائي ورتو.
خانڻ خوش ٿيندي چيو: “مون تنهنجي ماءُ لاءِ سولو علاج ڳولي ورتو آهي.”
“سچ؟”
“ها. ان علاج کانپوءِ تنهنجي ماءُ واڪا نه ڪندي. روئيندي به نه. رڙندي به نه.
“پوءِ جلدي ٻڌا”، خانڻ.”
خانڻ اڳتي وڌي آيو. گنڀير ٿي ويو. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. ڄن ائٽم بم ٺاهڻ جو راز پئي ٻڌايائين. چيائين: “پنهنجي ماءُ کي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ نه ڏي. اهو سڄو وڳوڙ تڏهن کان ٿيو آهي، جڏهن کان ماڻهين پڙهڻ شروع ڪيو آهي. علم ماڻهوءَ جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيندو آهي.”
خانڻ کي جواب ڏنم: “تون رواڻ جو ڀاءُ ببيڇڻ آهين. هليو وڃ. مان هينئر سي.ايڇ آتما جو هڪ گانو ڳائڻ شروع ٿو ڪريان.
خانڻ مون کي، منهنجي ماءُ کي ۽ علم کي بدشد ڳالهائيندو هليو ويو ۽ وڃي ٻٻر جي هيٺان بيٺو، جتي ٻه – چار بيمار سگهڙ هڪٻئي کي ڳجهارتون ڏيئي رهيا هئا.
مان سي. ايڇ آتما جو هڪ سهگل ڇاپ گانو ڳائي رهيو هوس، ۽ سوچي رهيو هوس، ته علم انسان جو سک چين ڦٽائيندو رهيو آهي – علم انسان جو دشمن آهي، جيڪو کيس ڄاڻ جا ٻاڻ هڻندو رهندو آهي.
اوچتو ڳوٺاڻا ڳاٽ اوچا ڪري ان گس ڏانهن ڏسڻ لڳا، جتان گشتي شفاخاني جي لاري ايندي هئي (اڃا به ايندي آهي.)
گس ڏانهن نهاريم.
پريان دز ۽ مٽيءَ جا ميرانجهڙا ڪڪڙ نظر اچي رهيا هئا. اسان جا ڪن لاريءَ جي آواز تي ٺهيل هئا. آواز لاريءَ جو نه هو. مٽيءَ جا ڪڪر وڌندا آيا. ڌوڪيندا آيا. آواز ويجها پوندا ويا.
“ پوءِ، ٻه لاريون ظاهر ٿيون. ٻنهي مان هڪ به لاري شفاخاني واري لاري نه هئي.
ٻنهي لارين تي ستن رنگن جا پٽا ڏنل هئا. طرحين طرحين جون جهنڊيون لارين مان لٽڪي رهيون هيون. قسمين قسمين گلن جون ڪنڍيون لارين جي لامن سان ٻڌل هيون.
لاريون والي بال ميدان وٽ اچي بيٺيون. اسان سڀئي حيرت ۽ اچرج مان لارين ڏانهن ڏسي رهيا هئاسين. اهڙيون رنگارنگي ۽ سينگاريل لاريون مون فقط خوابن ۾ ڏٺيون هيون.
لارين مان ڪجهه ماڻهو لهي آيا. انهن کي به رنگارنگي ڪپڙا پاتل هئا. مٿي تي ڦندڻ واريون ڊگهيون، ڪدوءَ جهڙيون ٽوپيون هئن. کين هٿن ۾ ويڙهيل ڇٽيون هيون، جيڪي اُس ۽ مينهن کان بچاءُ ڪنديون آهن.
منجهائن هڪڙي ڄڻيءَ کي ٽوپيءَ ۾ وڏو ڦندڻ لڳل هو. هو وڌي اچي ڳوٺاڻن جي سامهون بيٺو. هن جي منهن تي اهڙي مرڪ هئي، ڄڻ کـِـلَ ۾ ڦاٽي پوندو. کيس نڪ جي چهنب تي ڳاڙهو رنگ لڳل هو. هن اول سڀني کي کيڪاريو ۽ پوءِ چيو: “پيارا ڀائرو، اسان اسٽار سرڪس جا مشڪرا آهيون. مان اسٽار سرڪس جو وڏو مشڪرو آهيان.”
اسان سڀني تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪئي. وڏي مشڪري چيو: “اڄ اسٽار سرڪس جو عظيم جوڪر حيدرآباد شهر ۾ پهچي رهيو آهي. مان توهان سڀني کر عرض ٿو ڪريان، ته هلي، عظيم جوڪر جو استقبال ڪريو.”
خانڻ چيو: “اسان استقبال رڳو وڏن ماڻهن جو ڪندا آهيون. جڏهن به ڪو وڏو ماڻهو شهر ۾ ايندو آهي، اسان کي ٽرڪن ۾ چاڙهي شهر نيو ويندو آهي.”
وڏي مشڪري وراڻيو: “عظيم جوڪر دنيا جو سڀ کان وڏو جوڪر آهي. سندس استقبال توهان تي فرض آهي.”
خانڻ جواب ڏنو: “اسان خيراتي گشتي دواخاني جو انتظار ڪري رهيا آهيون.”
“اڄ شفاخاني جي لاري هيڏانهن نه ايندي.” وڏي مشڪري وراڻيو.
“ڇو نه ايندي؟”
“ڇو جو اسٽار سرڪس جي جانورن ان لاريءَ تي قبضو ڪري ورتو آهي.”
وڏي مشڪري جو جواب ٻڌي اسان سڀني کي مايوسي ٿي.
مون وڏي مشڪري کي چيو: “اسان هڪ جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ شهر جا ڌڪا نه کائينداسين.”
“پيارا ڀائرو.” وڏي مشڪري چيو: “منهنجو ۽ پنهنجو وقت نه وڃايو. لارين ۾ چڙهو.”
“اسان نه هلنداسين.”
“توهان کي هلڻو پوندو.”
“زور آهي ڇا؟”
“ها. توهان کي هلڻو پوندو.”
“اسان نه هلنداسين.” خانڻ چيو: “اسان ڏسي رهنداسين ته تون ڪيئن ٿو اسان کي وٺي وڃين.”
“ڇا ڪندؤ؟ بغاوت!”
“ڪجهه به.” خانڻ چيو: “اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين.”
وڏي مشڪري ٽهڪ ڏنو. چيائين: “تو ڪڏهن نظام سقه جو نالو ٻڌو آهي.”
“ڪجهه به.” خانڻ چيو: “اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين.”
وڏي مشڪري ٽهڪ ڏنو. چيائين: “تو ڪڏهن نظام سقه جو نالو ٻڌو آهي”
“نه.”
“نظام سقه پخالي هو ۽ هن هڪ دفعي شهنشاهه همايون کي درياه ۾ ٻڏي مرڻ کان بچائي ورتو هو. شهنشاهه همايون خوش ٿي کيس هڪ ڏينهن لاءِ هندستان جي تخت تي ويهاريو هو.” وڏي مشڪري پنهنجو بيان هن ريت جاري رکيو ته: “هڪ دفعي شهنشاهه همايون سخت غمگين پئي ڏٺو. رکي رکي ٿڌا ساهه پئي کنيائون. اهڙي المناڪ گهڙيءَ ۾ اسٽار سرڪس جي جوڪر، شهنشاهه همايون کي کلائي وڌو همايون کلي کلي کيرو ٿي پيو. پوءِ شهنشاهه همايون خوش ٿي اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر کي هڪ ڏينهن لاءِ هندستان جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جي آڇ ڪئي. پر افسوس، عظيم جوڪر، نظام سقه وانگر تخت تي ويهڻ کان اڳ الوپ ٿي ويو. ان ڳالهه جو همايون کي سخت صدمو رسيو. همايون کي پڪ هئي ته عظيم جوڪر ٻيهر جنم وٺندو. تنهن ڪري هن پروانو صادر ڪري ڇڏيو ته، جنهن به صديءَ ۾ ۽ جنهن به دؤر ۾، اسٽار سرڪس جو عظيم جوڪر ٻيهر جنم وٺي، کيس هڪ ڏينهن لاءِ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڏنيون وڃن. اهو ڏينهن اڄ آيو آهي. ڌرتيءَ جي هن حصي تي، يعني پاڪستان تي، اڄ، هڪ ڏينهن لاءِ اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر جي حڪومت آهي. توهان سڀني کي دنيا جي سڀ کان وڏي جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ هلڻو پوندو.”
“اسان تڏهن به نه هلنداسين.” خانڻ چيو: “اسان هڪ جوڪر جو استقبال نه ڪنداسين.”
وڏي مشڪري جي منهن تان مرڪ غائب ٿي ويئي. هن منهن ورائي ٻين مشڪرن کي اشارو ڏنو. ڏهه – ٻارهن مشڪرا اڳتي وڌي آيا. وڏي مشڪري پنهنجي ڇٽي اسان ڏانهن سڌي ڪندي، ڇٽيءَ جي هئنڊل کي زور ڏنو. ڇٽيءَ مان اسٽين گن نڪري آئي. ٻين مشڪرن به ائين ڪيو. ڏهه – ٻارهن مشڪرا اسان تي اسٽين گن (خودڪار بندوقون) تاڻي بيهي رهيا.
وڏي مشڪري کـُـهري آواز ۾ چيو: “هلو- جلدي ڪريو. لارين ۾ چڙهو.”
هرڪو ڳوٺاڻو ايلاز ڪرڻ لڳو، ته سائين وڏا مشڪرا، اسان بيمار آهيون. اسان جا ٻار ٻچا بيمار آهن. اسان جا مائٽ مٽ بيمار آهن. اسان تي رحم ڪر.
وڏي مشڪري وراڻيو، “توهان جون تڇ زندگيون عظيم جوڪر جي استقبال کان وڌيڪ اهم ناهن. هلو، جلدي ڪريو.”
ڳوٺاڻن ۾ چرپر ٿي.
وڏي مشڪري چيو: “جيڪو سستي ڪندو، ٻين کي ڀڙڪائيندو، تنهن کي گوليءَ سان اڏايو ويندو.”
اسان ڪنبي وياسين. اسان گوليءَ سان مرڻ لاءِ تيار آهيون، پر گوليءَ سان اڏامڻ لاءِ نه.
بيمار، ڏٻرا، نٻل ۽ ڪمزور ڳوٺاڻا لارين ۾ چڙهڻ لڳا.
مون خانڻ کي چيو: “ڪنهن جوڪر جي آجيان ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ٻـُـڏي مري.”
وڏي مشڪري اسٽين گن جي نالي منهنجي سيني تي رکندي پڇيو: “تون هنن ڳوٺاڻن جو ليڊر آهين؟”
“نه.” وراڻيم: “مان ليڊر نه آهيان پـَـٽِ فيڊر آهيان، ۽ پـَـٽ فيڊر وانگر بيڪار آهيان.”
وڏي مشڪري چيو: “بڪواس نه ڪر. لاريءَ ۾ چڙهه.”
مان ٽپ ڏيئي لاريءَ ۾ چڙهي ويٺس. مون کان پوءِ خانڻ، لالو ۽ چيهو چڙهي آيا.
جڏهن سڀئي ڳوٺاڻا لارين ۾ چڙهي ويٺا، تڏهن وڏي مشڪري پنهنجن تابعدار مشڪرن کي ڪجهه چيو. تابعدار مشڪرا اسٽين گن ڇٽين ۾ لڪائي ٻنهي لارين ۾ چڙهي آيا. وڏي مشڪري به پنهنجي اسٽين گن ڇٽيءَ ۾ لڪائي ڇڏي. هو پهرين لاريءَ ۾ ڊرائيور جي ڀرسان وڃي ويٺو. ان وقت سندس منهن تي مرڪ هئي.
لاريون حيدرآباد شهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون.
جيستائين هوش ٺڪاڻي اچي، تيستائين اسان منجهان ڪنهن نه ڳالهايو. هرڪو اُٺ وانگر چپ ٽڪائي ويٺو هو. لاريون ڪچي گس تان ڊوڙينديون رهيون. مٽيءَ جا ميرانجهڙا ڪڪر اُڏامندا رهيا. ڪراڙا ۽ بيمار سرگهڙ هڪ ٻئي کي ڳجهارتون ڏيندا رهيا.
ڪجهه دير کانپوءِ چيهي چيو، “يار، منهنجو ننڍڙو تپ ۾ ورتو پيو آهي. الاءِ ڪيئن ٿيندو.”
کيس دلداري ڏنم: “وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو.”
“تون ته آهين بيپرواهه بادشاهه.”
“مان حڪم جو غلام آهيان.”
“مون کي پنهنجي پٽ جو فڪر آهي.”
هڪ مشڪري خوفناڪ رڙ ڪندي پڇيو: “او! ڪهڙي ڦس ڦس لڳائي اَٿوَ؟”
کيس ٻڌايم: “چيهي کي پنهنجي بيمار پٽ جو فڪر کايو ٿو وڃي.”
مشڪري ڇٽيءَ مان اسٽين گن جي نالي ٻاهر ڪڍندي چيو: “تنهنجو پٽ عظيم جوڪر کان اهم ڪونهي.”
“ٺيڪ ٿو فرمائي تابعدار مشڪرو.” چيهي کي سمجهائيندي چيم:”تنهنجو پٽ ڪنهن به صورت ۾ عظيم جوڪر کان اهم ڪونهي.”
چيهي گوڏن ّ۾ منهن وجهي ڇڏيو.
لاريون ور وڪڙ کائينديون، ڊوڙينديون، ڪڏهن سڪل ۽ ڪڏهن ساين ٻنين وٽان لنگهنديون، اڳتي ڌوڪينديون ويون.
حاجي ساوڻ جي پٽ خانڻ، جنهن کي ڪامڻ هو، پڇيو: “يـَـرَّ مجهول، مان دوا کانسواءِ مري ته نه ويندس!”
“مرڻو ته توکي بهرحال آهي ئي. پاڻ نه مريندين ته ماريو ويندين.” کيس دلداري ڏنم. “پر گشتي شفاخاني جي دوا کانسواءِ ڪجهه ڏينهن دير سان مرندين.”
لالوءَ مون کي ۽ خانڻ کي چيو: “هڪ مشڪرو توهان ٻنهي کي تاڙي رهيو آهي.”
خانڻ ۽ مان ماٺ ڪري ويهي رهياسين. لاريون هلنديون رهيون. اسان ڏٻرا ۽ بيمار، جوان، ٻڍا ۽ ٻار، لارين ۾ جهوٽا کائيندا، صبر جا ڍڪ ڀريندا، مالڪ جا لک لک شڪرانا بجا آڻي رهيا هئاسين.
ٻنهي لارين ۾ پٽاپٽي ڪپڙن وارا مشڪرا پنهنجيون پنهنجيون ڇٽيون تاڻي، دوڏا ڦوٽاري، چپن تي مرڪ آڻي ويٺا هئا. سندن عقابي نگاهون اسان تي کتل هيون، جنهن به ڳوٺاڻي چـُـرپر ڪئي ٿي، تنهن کي نظر ۾ پئي رکيائون.
منهنجي پاسي ۾ هڪ جاٺو مشڪرو بيٺو هو. کيس چيم: “تون آمريڪي مشڪري جيري لوئس جهڙو آهين.”
واڇون ٽڙي پيس. پڇيائين: “ڀلا ٻيو ڪنهن جهڙو آهيان؟”
“ڪجهه ڪجهه نارمن وزڊم سان به ملين ٿو. پر تون نارمن کان قدم ۾ ڪجهه سرس آهين.”
“ڪنهن پاڪستاني مشڪري جهڙو نه آهيان؟”
“ٿورو ٿورو سڌير ۽ درپن سان به ملين ٿو.” وراڻيم ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳس، هو ڏاڍو سرهو پي ڏٺو.
کانئس پڇيم: “شهر ۾ اسان کان ڪهڙو ڪم وٺندا.”
جانٺي مشڪري وراڻيو: “توهان کي سڙڪن جي پاسن کان بيهاريو ويندو. جڏهن عظيم جوڪر توهان وٽان لنگهندو، تڏهن توهان منجهان ڪجهه ماڻهو جهنڊيون لوڏيندا ۽ ڪجهه تاڙيون وڄائيندا.”
“ٺيڪ. بلڪل ٺيڪ آهي.” کانئس پڇيم: “اسان وٽ هڪ دمڙي به ڪونهي. موٽنداسين ڪيئن.”
مشڪري وڏو ٽهڪ ڏنو. چيائين: “پرواهه نه ڪر. توهان کي اسٽار سرڪس جي پاران ماني کارائي ويندي ۽ موٽ ڀاڙو ڏنو ويندو.”
اها خوشخبري اک ڇنڀ ۾ سڄي لاريءَ ۾، سڀني ڳوٺاڻن تائين پهچي ويئي.
اوچتو، اسان جي اڳيان هلندڙ لاريءَ ۾ ڌمچر مچي ويو. اُها لاري بيهي رهي. اسان واري لاري به بيهي رهي. اسان واري لاريءَ جا مشڪرا ڇٽين مان اسٽين گن ڪڍي، ڌمچر واري لاريءَ ۾ چڙهي ويا.
ڌمچر واريءَ لاريءَ جي مشڪرن ڪندن کي هوا ۾ لٽڪائي ڇڏيو هو. ڪندن هوا ۾ ڇڙيون هڻي رهيو هو ۽ رڙيون ڪري چئي رهيو هو: “اڙي مون کي ڇڏيو. منهنجي ڌيءَ کي جلندر آهي، دوا کان سواءِ مري ويندي. اڙي مون کي ڇڏيو. مون کي وڃڻ ڏيو.”
ڪندن رڙيون به ڪري رهيو هو ۽ پاڻ کي لاريءَ مان اڇلائڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو هو. وڏي مشڪري جي حڪم تي هڪ تابعدار مشڪري ڪندن کي لوندڙيءَ تي رائيفل جو ڪنداڪ وهائي ڪڍيو. ڪندن جي ڪن ۽ لوندڙيءَ مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو. سندس رڙيون ۽ ڇڙيون ڍريون ٿي ويون ۽ پوءِ بند ٿي ويون. ڪنڌ ڪلهي تي لڙي آيس ۽ اکيون بند ٿي ويس.
اسان سڀني کي ماٺ ڳڙڪائي ويئي.
مون دل جهلي وڏي مشڪري کي چيو: “سائين وڏا مشڪرا، منهنجي ماءُ بيمار آهي. مون کي موٽڻ ڏي.”
وڏي مشڪري خار مان مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ چيو: “تنهنجي بلڊي ماءُ عظيم جوڪر جي جتيءَ جهڙي به ناهي.”
مان ڪجهه چوڻ تي هوس جو جانٺي مشڪري (جنهن سان دوستي ڳنڍي هئم)، مون کي ٻانهن ۾ چهنڊڙي وڌي. ڏانهن ڏٺم. هن خاموش رهڻ جو اشارو ڪيو. مان خاموش رهيس.
وڏو مشڪرو پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺو. هرڪو پنهنجي پنهنجي لاريءَ ۾ چڙهي ويو. لاريون حيدرآباد شهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون.
مون کي ماٺ ۾ ڏسي جانٺي مشڪري پڇيو: “ماءُ جي لاءِ فڪرمند آهين.”
“ها.”
“فڪر نه ڪر. هڪ ڏينهن ۾ نه مرندي.”
“منهنجي ماءُ قيامت تائين زندهه رهندي. ان جي مون کي پڪ آهي.” وراڻيم: “پر ڊپ اٿم ته ڪٿي گشتي شفاخاني جو چچيءَ جهڙو ڊاڪٽر سندس زبان نه ڪپي ڇڏي.”
“ائين وري ڪيئن ٿيندو؟” هن حيرت مان پڇيو.
وراڻيم: “ائين ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو.”
جانٺي مشڪري پڇيو: “مان جيڪڏهن فلمن ۾ ڪم ڪريان ته ڪيئن لڳندس.”
“واهه جو ماڻهن کي رئاريندين.”
“رئاريندس!”
“ها.” کيس ٻڌايم: “پاڪستاني مشڪرن کي ڏسي ماڻهو روئيندا آهن ۽ گول مٽول هيرن کي ڏسي ماڻهو کلي کلي چريا ٿي پوندا آهن.”
جانٺو مشڪرو ڪاوڙجي ويو. منهن ڦيري ويهي رهيو.
مون به ساڻس شهر تائين نه ڳالهايو. شهر تائين ڪنهن نه ڳالهايو.
مشڪرا اسان کي حيدرآباد شهر جي مختلف رستن تان گهمائيندا ڦيرائيندا، ان وڏي رستي تي وٺي آيا، جتان دنيا جي عظيم جوڪر کي لنگهڻو هو. رستو چمڪندڙ ڏامر جو هو، جنهن جي پاسن کان اليڪٽرڪ پول هڪ جيتري وڇوٽي تي بيٺا هئا. فٽ پاٿ سان سنوت ۾ لڳو لڳ لاتعداد بانس جا لڪڙا کتل هئا، جن ۾ رنگا رنگي جهنڊين جون ڪنڍيون ٽنگيل هيون. جهنڊين سان گڏوگڏ هزارين ماڻهو ڳاهٽ ٿيل هئا.
هر طرف هل هنگامو هو. ڄڻ عيد جو ميلو هو. چوڏيل چڪر هڻي رهيا هئا. پينگهون لڏي رهيون هيون، جن ۾ رنگا رنگي ڪپڙن وارا مشڪرا ۽ باندر اُبتا لٽڪيل هئا. گول گپن، آلو ڇولن، ڏهي وڙن ۽ قلفي فالودي جا گاڏا گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهمي رهيا هئا. پٽاپٽي جهنڊيون ۽ جهنڊا بلڊنگن جي بولڪونين ۽ ڇتين تي لهرائي رهيا هئا. ماڻهن مٿي تي توتڙن جهڙا ٽوپلا پائي ڇڏيا هئا، جن ۾ هڪ هڪ ڳاڙهو ڦندڻ لڳل هو. اسٽار سرڪس جي جانورن جا پڃرا فٽ پاٿن تي رکيل هئا. جانور حيرت مان ماڻهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
مشڪرن اسان کي هڪ ننڍڙي رستي جي اڌ ۾ لارين مان لاٿو ۽ ڇتين جي ڇانوَ ۾ سينگاريل سڙڪ تائين وٺي آيا. اسان کي اڳ بيٺل ماڻهن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو حڪم مليو. حڪم جي پيروي ڪئي سين. خانڻ، لالوءِ ۽ چيهي پنهنجي ٽولي نه ٽوڙي. اسان ڪن ڀڳل ڪندن کي به پاڻ سان ملايو ۽ سڙڪ جي پاسي کان بيهي رهياسين.
مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هجوم ۾ به اسان جهڙا، اسان سان هم شڪل، ڏٻرا، نٻل، بيمار ۽ ٿڪل ٽٽل ماڻهو بيٺا هئا.
اڳ آيل هڪ پاڻ جهڙي کان پڇيم “تون ڪير آهين؟”
چيائين “مان اُٺ جو پٽ آهيان.”
““ مان مجهول آهيان.” ساڻس پنهنجي سڃاڻپ ڪرايم. هن مون سان هٿ ملايو. کيس ٻڌايم “مون کي پنجاهه ميلن جي پنڌ تان عظيم جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي.”
اُٺ جي پٽ کي منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪابه حيرت نه ٿي. نه ئي هن مون سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو: “مان هڪ سئو ساڍن ستن ميلن جي پنڌ تان ٻڪرين ۽ رڍن وانگر ڍوئجي هت پهتو آهيان.”
اوچتو اُٺ جي پٽ کي مٿي تي لٺ لڳي. هن ۽ مون منهن ورائي پوئتي نهاريو. هڪ مشڪرو (ان ڏينهن سڄي ملڪ جو انتظام اسٽار سرڪس جي مشڪرن جي هٿ ۾ هو.) اکين ۾ شور وجهي اُٺ جي پٽ ڏانهن نهاري رهيو هو. هن اُٺ جي پٽ کي چيو: “تنهنجي ميڄالي ۾ ڏيڏر آهي، جيڪو توکي ماٺ ڪري بيهڻ نٿو ڏئي. پنهنجي ٽان ٽان بند ڪر، ورنه اُڦٽ نه ماري وجهان”.”
اُٺ جو پٽ ڌڪ پچائي رنگارنگي جهنڊين ڏانهن ڏسڻ لڳو. مون مشڪري ڏانهن ڏٺو. هو رنگ جو ڪارو هو ۽ چروٽ ڇڪي رهيو هو. چروٽ جو رنگ به ڪارو هو.
اُٺ جي پٽ ۽ منهنجي ڀرسان هڪ ڪراڙو شخص بيٺو هو، جنهن جا وار، ڀرون ۽ پنبڻيون کير جهڙيون اڇيون هون. ٽڪڻ وٽان وار کٿل هئس، جتان سندس مٿي جي اڇي ۽ چلڪڻي کل سج جي روشنيءَ ۾ تجلا ڏيئي رهي هئي. هن اول اُٺ جي پٽ سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ آهستي چيو: “سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي.”
اُٺ جي پٽ ساڻس نه ڳالهايو.
مون کانئس پڇيو: “توکي ڪيئن خبر پيئي ته سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي.”
وراڻيائين: “مان سڄي دنيا جو سير ڪري چڪو آهيان. ابن خلدون ۽ واسڪو ڊي گاما مون سان همسفر رهي چڪا آهن.”
خانڻ منهنجي ڪن ۾ ڦسڪيو: “خبردار ٿجاءِ مجهول، ان کـَـکَ جي ڍٻري ڍلي اٿئي.”
مون خانڻ جي ڳالهه اڻٻڌي ڪندي تاريخي پوڙهي کان پڇيو: “ڀلا سڄي دنيا ۾ ڪو اسان جهڙو نظر آئيه.”
“ها. ڌرتيءَ جو چپو چپو اسان جهڙن انسانن سان ڀريو پيو آهي.” تاريخي پوڙهي وراڻيو: “مون صدين کان وٺي انسان کي زندگيءَ جي ڪڃريءَ آڏو ليلائيندي ڏٺو آهي. انسان کي مانيءَ جي گولي ڦيٿي پٺيان ڊوڙندي ڏٺو آهي. جيڪي انسان پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا هوندا آهن، انهن کي متارن لاءِ بيلٽ باڪسن ۾ ووٽ وجهي خوش ٿيندي ڏٺو اٿم.”
ڪاري مشڪري، پنهنجي ڪاري وات مان ڪارو چروٽ ڪڍي، تاريخي پوڙهي جي چلڪڻي ٽڪڻ تي مهٽي، وسائي ڇڏيو.
تاريخي ڪراڙي جي منهن تي ڪوبه تاثر نه آيو. هن رڙ نه ڪئي. سيسڙاٽ به نه ڀريائين. هن هٿ مٿي ڪري اڇن وارن تان چروٽ جي رک ڇنڊي ڇڏيائين. پوءِ منهن ورائي مشڪري کي چيائين: “مهرباني.”
مشڪري کلندي چيولله “تون صدين کان وٺي ائين ئي چوندو رهيو آهين.”
“تون صدين کان وٺي مون سان ائين ئي ڪندو رهيو آهين.”
“ان ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي.” مشڪري وراڻيو: “مان جتي به ويندو آهيان، تون اُتي موجود هوندو آهين.”
تاريخي پوڙهي جواب ڏنو: “پاڻ قيامت تائين ملندا رهنداسين، دوست.”
ڪاري مشڪري وساميل چروٽ ٻيهر دکايو ۽ ڪش هڻي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو. مان سندس وات ڏانهن نهارڻ لڳس، جنهن مان ڪنهن ڪارخاني جي ڪاري چمنيءَ وانگر چروٽ جو دونهون نڪري رهيو هو.
تاريخي پوڙهي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
بيٺي بيٺي پهر گذري ويا. سج لهي ويو. اوندهه آئي. ٽيوب لائيٽون ۽ رنگارنگي پتڪڙا بلب ٻرڻ لڳا. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي. اکيون ٿڪجي پيون. پير ساڻا ٿي پيا. بدن نستو ٿي ويو. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي. اڃ کان نڙي خشڪ ٿي ويئي. چپ ڦاٽي پيا. پيٽ ۾ بک جا وٽ پوڻ لڳا. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي. وقت نه بيٺو. اسان بيٺا رهياسين. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي.
نيٺ عظيم جوڪر جي سواري آئي، ۽ اک ڇنڀ ۾ لنگهي ويئي. تاڙيون وڳيون، وڄي بند ٿي ويون. رنگارنگي جهنڊيون لڏيون، لڏي پٽ تي ڪري پيون.
تڏهن سڄي هجوم کي پنهنجي پنهنجي گهر واپس ورڻ جي وائي ورائي ويئي.
گهٽين ۾، رستين تي ۽ سڙڪن تي اسٽار سرڪس جا مشڪرا ۽ لاريون ڳوليون سين، پر ناڪام رهياسين. هرڪو ٽولي ٽولي ٺاهي اسٽار سرڪس جي مشڪرن کي تلاش ڪرڻ لڳو. اسان جي ٽوليءَ ۾ ڪل پنج ڄڻا هئا – مان، لالو، خانڻ، چيهو ۽ ڪندن.
اسان پنجن ئي وسان ڪين گهٽايو. اسٽار سرڪس جا مشڪرا لارين سميت جنن وانگر نظرن کان غائب رهيا. ڄڻ سندن وجود ئي نه هو. خيالي جسم هئا. هوا ۾ تحليل ٿي ويا.
ڪلاڪن تائين جڏهن اسٽار سرڪس جي مشڪرن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پياسين، تڏهن هڪ فٽ پاٿ تي اچي ويٺاسين. اتي حاجي سانوڻ جي پٽ خانڻ چيو: “مجهول، کيسي ۾ گهڻا پيسا پيا اٿئي.”
“منهنجي قميص کي کيسو آهي ئي ڪونه.”
چيهي چيو: “مون وٽ پنج پيسا آهن.”
“يار اهي پنج پيسا ڏي ته برف جو پاڻي پي پيٽ ٺاريون.” خانڻ هڪدم چيو.
چيهي پنج پيسا ڪڍي خانڻ کي ڏنا ۽ خانڻ هڪ ٻاڪڙي ۾ گهڙي ويو. ٿوري دير کانپوءِ جست جو هڪ چٻو ٽنڊو جڳ ۽ هڪ مروڙيل جستي گلاس کڻي آيو. اسان پنجن ئي ڍَوَ تي ٿڌو پاڻي پي، اکين تي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا. ڪجهه هوش آيو. هوش آيو، ته بک ڀڙڪي اُٿي. بک لڳي، ته بيمار مائٽن جو خيال لهي ويو. اسان منجهان ڪنهن وٽ به هڪ دمڙي نه هئي.
ان وقت رات جا اٺ – نـَـوَ ٿي رهيا هئا. هٿ پير هڻي ۽ محنت مزدوري ڪري ڪجهه ڪمائڻ جو سوال ئي نٿي پيدا ٿيو.
لالوءَ چيو: “بک کان منهنجو هانءُ ٿو ڍرڪندو وڃي.”
ڪندن چيو: “منهنجو مٿو ٿو ڦري.”
پوءِ خانڻ هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو. چيائين: “مون کي هڪ اٽڪل مٿي ۾ آئي آهي.”
“ڇا جي.”
“ڪجهه ڏوڪڙ ڪمائي پيٽ پالڻ ۽ ڀاڙو ڪري ڳوٺ ورڻ جي اٽڪل.”
“سچ.” اسان سڀئي ڳاهٽ ٿياسين.
“ها.”
“ٻڌا”.”
هن اسان سڀني جي منهن ۾ نهاريو. پوءِ ڪجهه دير تائين نهاريندو رهيو.
“ٻڌاءِ ڀلا.” چيهي چيس.
“ٻڌو.” خانڻ وراڻيو: “اچو ته پنڻ شروع ڪيون.”
“پنڻ! يعني فقير ٿيون!”
“ها.”
“نه يار. ڪهڙي چرين جهڙين صلاح ٿو ڏئين.”
ڪجهه دير سڀني ڏاڍي غور سان اهو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڪو ناڪام رهيو. آخر ۾ سڀني کي يڪراءِ ٿي خانڻ جي صلاح مڃڻي پيئي.
خانڻ چيو: “اسان پننداسين، خيرات مان اول ماني کائينداسين، ۽ پوءِ ڳوٺ هلنداسين.”
خانڻ کي چيم: “يـَـرَ اڄ مڃڻوئي پيو ته تون آڙيڪاپ آهين.”
خانڻ چيو: “دير نه ڪريو. هڪ ٻئي جي ڪلهي تي هٿ رکي نڪري پئو.”
اسان سڙڪن، رستن ۽ گهٽين ۾ نڪري آياسين. پنندا رهياسين ۽ سين هڻنداسين رهياسين.
“نيڪ مائي، نيڪ بابا.
ڏي خدا جي راهه ۾.”
خانڻ چيو: “اکيون بند ڪري انڌا ٿي هلو. شهري ماڻهو سڄن کي خيرات نه ڏيندا آهن.”
اکيون بند ڪري جڏهن سينَ هئين سين، تڏهن ٻه- چار سخي، حاتم کي لت هڻي، خانڻ جي جهوليءَ ۾ ڪجهه پيسا وجهي رمندا رهيا.
خانڻ، جنهن کي ڪامڻ هو، تنهن کان پنهنجي تڪليف وسري ويئي هئي ۽ هو زور شور سان آلاپ جي اڳواڻيءَ ڪرڻ لڳو: “نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.”
اسان چارئي، مان، ڪندن، لالو ۽ چيهو کيس سـُـر وٺائيندا رهياسين. اسان ۾ ڪندن سڀني کان وڌيڪ سريلو هو. جيتوڻيڪ سندسن لوندڙي ۽ ڪن مان آهستي آهستي رت ٽمي رهيو هو، تڏهن هو ڏاڍي سوز مان، وڏي آواز ۾ خانڻ کي سر وٺائي رهيو هو: “نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.”
شهري ماڻهو، جن کي شايد اسان کان وڌيڪ فڪر ورائي ويا هئا، اسان جي آوازن ۽ صدائن تي ڪن لاٽار ڪندا اڳتي وڌندا پئي ويا. جرڪندڙ هوٽلن ۽ دڪانن مان ڪنهن به منهن ڪڍي اسان ڏانهن نه نهاريو. رستن تي ڊوڙندڙ موٽرون، بسون، ٽيڪسيون، سائيڪلون ۽ ڦٽڦٽيون ماحول ۾ گهمسان پيدا ڪنديون رهيون. ۽ اسين شهر جي روشنين ۽ تاريڪين ۾ خيرات لاءِ سين هڻندا رهياسين: “نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.”
هڪ هنڌ فٽ پاٿ تي هجوم ماڻهن جو بيٺو هو. هجوم وٽان لنگهندي خانڻ چيو: “خبردار جو ڪنهن اک کولي آهي.”
هجوم جي جڏهن ڀرسان پهتاسين، مون اک ٽيٽ ڪري کـُـڙيون کڻي هجوم جي وچ ۾ نهاريو. ڪجهه اسان جهڙا ۽ اسان منجهان ڳوٺاڻا مداريءَ وارا ڪرتب ڏيکاري رهيا هئا.
مون خانڻ کي چيو: “جاڙو ۽ ڦتو ابتا بيٺا آهن. ٻنهي کي پيرن تي پڳ رکي آهي ۽ اکيون ٽانڊا ٿي ويون اٿن.”
خانڻ کي خار لڳا. وراڻيائين: “جاڙو ۽ ڦتو وڃي کڏ پـَـوَنِ. تون منڍ کان ئي اکيون ڦاڙيو پيو هلين. خيرات ڌوڙ ملندي.”
مون هڪدم اکيون بند ڪري ڇڏيون، پر اهڙي نموني جو اکيون چنجهيون ٿي ويون ۽ هر ڪاشيءِ چٽي نظر اچي رهي هئي.
ڪلاڪ ڏيڍ يخي هڻڻ کانپوءِ خانڻ جي جهوليءَ ۾ ڪجهه پئسا گڏ ٿيا. هڪ سئنيما وٽ ترسي (جتي ڪا نئين فلم لڳي هئي، تنهن ڪري بلن ۾ چمڪي رهي هئي.) خانڻ پاڻ اکيون کوليون ۽ اسان کي اکيون کولڻ لاءِ چيائين. مهنجيون اکيون اڳ ئي کليل هيون، رڳو چنجهيون هيون. پيسا ڳڻياسين. هڪ رپيو ويهه پيسا گڏ ٿيا هئا. خانڻ انهن پئسن مان ڊبل روٽيون ۽ پڪوڙا وٺي آيو. ان وقت سئنيما ۾ انٽرويل ٿيو هو ۽ هرڪو ٻاهر نڪري آيو هو ۽ ڪو پڪوڙا، ڪو ڇولا ۽ ڪو گول گپا کائي، اوڳرايون ڏيئي رهيو هو.
ڊبل روٽي ۽ پڪوڙا کائي، سئنيما جي ڪئنٽين مان پاڻي پي ٻاهر نڪتاسين. در وٽ هڪ مڪرانيءَ چيو: “اڙي ام سمجها سالا لوگ ڇي آنا والا هي. اڙي نڪلو ّمڦت خور!”
اسان ڊوڙ پائي سئنيما مان نڪري آياسين.
سئنيما کان پررو ٿي، جڏهن اونداهه ۾ پهتاسين، تڏهن خانڻ چيو: “پاڻ کي ڳوٺ پهچڻ لاءِ ساڍا ست رپيا گهرجن. جلدي پنڻ شروع ڪريو.”
هڪدم آلاپ هنيوسين: “نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.”
خانڻ چيو: “آواز ۾ درد پيدا ڪريو.”
آواز ۾ درد پيدا ڪيوسين.
ڪندن چيو: “منهنجي ڪن ۾ سور آهي. مان ڳائي نٿو سگهان.”
چيهي کيس صلاح ڏني: “تون رڳا چپ چور.”
ڪندن چپ چورڻ لڳو. پوءِ چيائين: “منهنجي ڌيءَ الاءِ بچي يا مري ويئي هوندي.”
خانڻ چيو: “ڏسو، مون کي ڪامڻ آهي، مان تڏهن به ڳايان ٿو. پنو ته ڳوٺ پهچي سگهئون.”
پيٽ ڀرجڻ کانپوءِ آلاپ ڍرو ٿي ويو هو. مون کي رکي رکي امان جو خيال پي آيو. لالوءِ کي پنهنجي بيمار پٽ جو فڪر ورائي ويو هو. رڳو خانڻ ويچارو پنهنجو ڪامڻ وساري اسان کي پنڻ جي تاڪيد ڪري رهيو هو.
جيئن جيئن وقت پي گذرندو، تيئن سڙڪن، رستن، گهٽين ۽ فٽ پاٿن تان ماڻهو ويا پي گهٽ ٿيندا. ڊوڙندڙ موٽر گاڏين جو تعداد به گهٽ ٿي ويو هو.
اسان خانڻ جي سمجهائڻ ڪرڻ تي پنندا رهياسين: “نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.”
هڪ فٽ پاٿ تان سامهون هڪ ٿلهو ماڻهو اچي رهيو هو، جنهنجو پيٽ بيحد وڏو ۽ منهن ننڍو هو. هن چيو: “توهان مڪريل انڌا آهيو.”
“سچ ٿو چوين، ادا.” چيهي هڪدم اکيون کولي ڇڏيون.
ٿلهي مون کي چيو: “تون پنهنجين چنجهين اکين مان ڇا پيو ڏسين! اکيون کول.”
مون به اکيون کولي ڇڏيون. پوءِ لالوءَ، خانڻ ۽ ڪندن به اکيون کولي ڇڏيون.
ٿلهي چيو: “اڙي شرم نٿو اچيوَ! پنو ٿا.”
خانڻ وراڻيو: “شرم ته سچ پچ ڏاڍو ٿو اچي. پر ڇا ڪريون، مجبور آهيون.”
“هون!” ٿلهي چيو: “مسلمانن لاءِ پنڻ گناهه آهي.”
“ڌاڙا هڻون؟”
“لاحول ولله. نوڪري ڪريو.”
“نوڪري ڏيار ڀلا.”
“مار!” ٿلهي ڀڻ ڀڻ ڪئي: “هڪ ته نصيحت ڪريان ۽ وري نوڪري به وٺي ڏيان!” ۽ هو چپن ۾ ڪجهه چوندو هليو ويو.
اڳتي هلي اسان هڪ محلي ۾ پهتاسين جتي ٻنهي طرف وڏيون وڏيون عمارتون هيون. عمارتن جون بتيون ٻريل هيون ۽ روشني ڪاوَن مان ٻاهر نڪري رهي هئي. ان گهٽيءَ ۾ ماڻهو گهٽ ۽ هٿ گاڏا وڌيڪ هئا.
مون خانڻ کي چيو: “هاڻي ڪجهه به ٿي پوي، مان انڌو نه ٿيندس.”
““ اسان به انڌا نه ٿينداسين.” لالوءَ، ڪندن ۽ چيهي هڪدم چيو.
“چڱو ڇائي پايو.” خانڻ چيو: “هي شهري سڄن کي رڳو موچڙا هڻندا آهن.”
“ڇا ڪندين؟”
“اسان هڻ کڻ پير جا مريد ٿي شهرين کان خيرات وٺنداسين.”
اڃا منهنجي صلاح تي ڪنهن به پڪو فيصلو نه ڏنو هو، جو هڪ بندرو، سنهڙو ماڻهو، اسان وٽ اچي بيٺو. هن جون اکيون اندر پوريل هيون ۽ ڳلن جا هڏا اُڀريل هئس. سندس نڪ سنهڙو، چنهنبائي ۽ ڪنڍيءَ وانگر وري هو. سندس کاڏي ننڍڙي ۽ هيٺين چپ سان مليل هئي. کيس خاڪي پتلون ۽ اڇي بشرٽ پاتل هئي. اڇي بشرت جي اڌ ٻانهن مان هن جون هڏائيون ٺوٺيون ڪنهن کٿل ڪانوَ جي کنڀن وانگر لڳي رهيون هيون.
هن اسان کان پڇيو: “مزور آهيو نه؟”
“مزور!”
“ها، مزور.”
خانڻ حيرت مان ڪجهه چوڻ تي هو، جو مون هڪدم کيس روڪيو ۽ جواب ڏنم: “ها، اسان مزور آهيون.”
“اڄ شايد روزگار نه مليو اٿوَ؟.
“نه.”
“ڏاڍو چڱو.” هن جي سنهڙن چپن تي مرڪ ڦهلجي ويئي. چيائين: “اچو، اوهان کي روزريءَ سان لڳايان.”
چيهي لالوءَ کي چيو: “مون اجهو هينئر قلندر کان دعا پني هئي. اگهامي ويئي.”
ڪندن چيو: “مزوري وٺي اڄ رات ئي ڳوٺ ورنداسين. منهنجي ڌيءَ شل جيئري هجي. آهه. منهنجي ڪن ۾ سور آهي.”
“ها ضرور موٽنداسين.” لالوءَ چيو: “منهنجي پٽ جو الاءِ ڪهڙو حال ٿيو هوندو.”
کيس دلداري ڏنم: “وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو.”
سنهڙو اجنبي اسان کي هڪ بلڊنگ جي سوڙهي در مان وڏي گدام ۾ وٺي ويو. گدام بيحد وڏو. ويڪرو ۽ ڊگهو هو. ڇت به تمام مٿي هئس. گدام جي هڪ ڪنڊ ۾ کوکا پيا هئا.
سنهڙي اجنبيءَ چيو: “هي کوکا هن پوئين در مان ڪڍي، بيٺل ٽرڪن ۾ چاڙهيو.”
سنهڙي اجنبيءَ گدام جي اونداهيءَ ڪنڊ ۾ هڪ در ڏانهن اشارو ڪيو. در کليل هو. کليل در مان ٽرڪون نظر اچي رهيون هيون.
اسان پنجن ئي ڄڻن هڪ هڪ کوکو مٿي تي کنيو ۽ اونداهي در مان نڪري، ٽرڪن تائين پهتاسين.
اتي ڪندن چيو: “منهنجي لوندڙيءَ ۾ سور آهي، مان کوکو نٿو کڻي سگهان.”
ان وقت چيهي چيو: “مان گڙنگ چرسي آهيان. هنن کوکن ۾ چرس آهي.”
اسان حيرت مان ڏانهن ڏٺو.
“قسم آ موليٰ عليءَ جو، هنن کوکن ۾ چرس نه هجي، ته قلندر جو مريد سڏائڻ ڇڏي ڏيان.” چيهي چيو.
خانڻ چيو: “چرس جي نيڪالي ته نه ٿي رهي آهي!”
“ير ڪنهن ڏچي ۾ نه پئجي وڃون.” لالوءَ چيو.
مون کيس صلاح ڏني:”چڱائي ان ۾ اٿوَ جو ڀڄي جان بچايون. پوليس ڇاپو هنيو ته سيٺ سان گڏ اسان جو به لاهه نڪري ويندو.”
سڀني ان ڳالهه تي عمل ڪيو. اتان جو ڊوڙ پاتيسين ته ٻه – چار گهٽيون، هڪ پارڪ، ٻه سڙڪون ۽ هڪ ٽيڪسي اسٽينڊ ٽپي، ساهه پٽيوسين. سڀ سهڪي رهيا هئاسين.
خانڻ جو ساهه جڏهن جائيتو ٿيو، تڏهن هن مون کي گاريون ڏنيون. پوءِ چيائين: “تو اسان کي ذري گهٽ مصيبت ۾ ڦاسايو هو.”
مون کانئن معافي گهري. خانڻ جي حڪم تي ٻيهر سينَ هڻي پنڻ شروع ڪيون: “نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.”
ڪندن پنهنجي ڌيءَ کي ياد ڪري روئڻ لڳو.
خانڻ چيس: “ڪندن روئڻ ڇڏ. پنڻ تي زور رک.”
“مولا سڻائي ڪندو.” چيهي ڳالهايو.
هڪ اونداهي گهٽيءَ ۾ هڪ قداور ۽ مضبوط شخص ڏنڊو کڻي اسان جي سامهون اچي بيٺو. اسان جو آلاپ بند ٿي ويو!
هن پڇيو: “اڙي ڪهڙي ٽوليءَ مان آهيو؟”
“ٽولي!” ۽ خانڻ پڇيو: “ڇاجي ٽولي؟”
“پڻهين جي ٽولي.” هن ڏنڊو اولاريندي چيو: “هيءَ بابهين جي حد آهي، جو ٽپي آيا آهيو.”
“ڇا جي حد ادا.” خانڻ پڇيو.
“اڙي لک لعنت اٿئي.” هن خانڻ کي گهرڙي منهن ۾ ڀونڊو ڏنو: “وڏا ٺڳ فقير آهيو، پڇو ٿا ڇاجي حد.”
ڏڪندي ڏڪندي چيم: “سائين، اسان کي ڪابه خبر ڪونهي.”
“ڇا؟” هو ڏمريو: “اها خبر به ڪونهيوَ ته هيءَ فقير بخشڻ ۽ سندس ساٿين جي حد آهي؟ هتي ڪنهن به ڌارئي فقير کي اچڻ جي اجازت ڪونهي.”
چيم: “رحم. اسان کي ڪا خبر ڪونهي سائين.”
““ اها خبر به ڪونهيوَ، ته هن علائقي ۾ فقط سـُـرَ ۾ پنڻ جي اجازت آهي.” هن چيو: “هن علائقي ۾ وڏا وڏا حاتم رهندا آهن.”
عرض ڪيم: “اسان به سـُـرَ ۾ پننداسين، سائين.”
“وڏا ڪي گڏهه آهيو.” مضبوط مڙس چيو: “هيءَ حد فقير بخشڻ جي آهي. هي سڄو شهر فقيرن جي مختلف ٽولين ۾ ورهايل آهي.”
مون کيس ڳالهه سمجهائي ته اسان ڪير هئاسين ۽ ڪيئن اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ شهر آندا ويا هئاسين. هن اسان جو احوال ٻڌي اسان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ چيو: “توهان سچ پچ همدريءَ جي لائق آهيو.”
کانئس پڇيم:”تون ڪير آهين سائين.”
هن وراڻيو: “مان سائين بابا ٺيڪيدار آهيان. فقيرن کان اوڳڙ ڪري، مٿي تائين پهچائيندو آهيان.”
کانئسن پڇيوسين: “ڀلا اسان وڃون. سائين بابا.”
“اول کيسا خالي ڪريو ۽ پوءِ وڃو.”
خانڻ جهوليءَ مان پيسا ڪڍي سائين بابا ٺيڪيدار کي ڏنا.
“بس!” هن رڙ ڪئي.
“سائين اسان نوان فقير آهيون. پنجن ڇهن ڪلاڪن ۾ بس ايترو ئي ڪمائي سگهيا آهيون.”
“ڪوڙا آهيو. مان توهان جي تلاشي وٺندس.”
سائين بابا ٺيڪيدار اسان جي تلاشي ورتي. جڏهن ڪجهه نه مليس تڏهن چيائين: “ٻئي ڪنهن هنڌ پيسا ته نه لڪايا اٿوَ.”
“نه سائين. اسان خانداني فقير ناهيون.”
“خانداني هجو، يا نه هجو، مون کي پيسا مٿي پڄائڻا آهن.”
“سائين اسان وٽ دمڙي به ڪونهي.”
“اڄ سڄو شهر توهان بيوقوف ڳوٺاڻن سان ڀرجي ويو آهي. خيرات جو سرشتو هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو اٿوَ.” ٺيڪيدار چيو: “لاهيو ڪپڙا.”
“ڇا!”
“ڇا جا پٽ، لاهيو ڪپڙا ۽ بوٽ به.”
اسان هٻڪياسين ته هن چيو: “لاهيو لاهيو. دير نه ڪريو. پادر نه کائو.”
قميصون لاهي ٺيڪيدار کي ڏنيون سين.
چيائين: “سٿڻون به لاهيو. ۽ تون، اي.” هن چيهي ڏانهن اشارو ڪندي چيو: “تون گوڏ لاهه.”
گوڏ ۽ سٿڻون وٺندي چيائين: “بوٽ به لاهيو.”
“هي بوٽ ناهن سائين.” عرض ڪيم: “هي گهيتلا آهن، سي به ڇڳل آهن.”
“بڪ نه ڪر.” هن ڏنڊو اولاريندي چيو: “لاهيو، پير اگهاڙا ڪريو.”
گهٽيءَ ۾ اوندهه هئي، تنهن ڪري هڪ ٻئي جي ڦڪائي ڏسي نه سگهياسين. ٺيڪيدار اسان جا ڪپڙا ۽ گهيتلا کڻي روانو ٿي ويو.
شرم ۾ ٻڏل هئاسين. ڪنهن کي به چـُـرڻ پـُـرڻ جي همت نه هئي. آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا.
چيهي چيو: “ير حيف آهي اسان تي. هڪڙو ڄڻو اسان کي اگهاڙو ڪري هليو ويو.”
ان وقت ٻه ٻار پنهنجي گهر جي دريءَ مان گند اڇلائڻ آيا. اوچتو هنن جي نگاهه اسان تي پئجي ويئي. هو دريءَ وٽ بيهي رهيا. اوندهه ۾ اسان ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳا. پوءِ هنن وٺي رڙيون شروع ڪيون: “چريا ڙي چريا، چريا ڙي چريا.”
گهرن جون بتيون ٻرڻ لڳيون. در دريون کلي پيا. بالڪونين مان ماڻهو ڳاٽ ڪڍي نهارڻ لڳا ۽ پوءِ ڏسنديئي ڏسندي، ٻارن پٿرن، ٺڪرن، خالي دٻن ۽ پراڻن بوٽن جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو. ڪجهه وڏڙن به سندن ساٿ ڏنو ۽ سندن همٿ وڌائي.
اسان هڪ ٻئي جي اوٽ ۾ ڌڪن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. هڪ ٺڪري چيهي کي نڪ تي لڳي ۽ چيهي جي نڪ مان رت وهڻ لڳو. آنا ۽ ٽماٽا لڳا. مون کي نراڙ ۾ پٿر لڳو. رت نه وهيو. ڊول ٿي پيو ڪندن کي پيٽ ۾ باٺو لڳو هو ۽ هو ٻٽو ٿي ڌرتيءَ تي ڪري پيو هو.
ان وقت پٽاپٽي لاريون آيون، اسان جي ويجهو اچي بيٺيون، پٿرن، ٺڪرن، لٺين ۽ باٺن جو وسڪارو بند ٿيو. لاريءَ مان وڏو مشڪرو ۽ سندس تابعدار مشڪرا لهي آيا. مشڪرن اسان کي ڪنڌ کان وٺي لاريءَ ۾ چاڙهي ڇڏيو ۽ پاڻ به چڙهي ويٺا.
وڏي مشڪري پاڙي وارن کي مخاطب ٿيندي چيو: “اڄ سڄو شهر چرين سان ڀرجي ويو آهي. ڄڻ چرين جو مينهن وسيو آهي. پر توهان هينئر آرام ڪريو. اسان شهر جي هڪ هڪ چرئي کي گدو بندر موڪلينداسين

 
Leave a comment

Posted by on January 26, 2012 in Stories

 
 
Follow

Get every new post delivered to your Inbox.