RSS

Category Archives: Personalities

Maksim Gorky

Maksim Gorky
1868 – 1936

Gorky, Maxim or Maksim 1868-1936, Russian writer. Gorky is considered the father of Soviet literature and the founder of the doctrine of socialist realism.

Instilled by his grandmother with a love of romantic tales and great sympathy for mankind, Gorky began a nomadic life at 12, wandering the Volga area. Since the czar’s schools were closed to peasants, he educated himself, an experience he describes in My Universities (1923). He held dozens of menial jobs, publishing his first story in 1892. Gorky then became a journalist and married a colleague on the Samarskaya Gazeta. His articles exposed local corruption and he soon lost his job.

In 1898 Gorky’s collection Sketches and Stories was published by a radical press and the author was an immediate sensation. These romantic tales concern the vigor and nobility of the Russian peasants and workers. About 1900 he turned to writing novels of social realism. Of these, Mother (1906) had the greatest impact on Soviet literature. Describing the awakening of revolutionary feeling in an ill-treated peasant woman, it became the prototype of the revolutionary novel. At this time Gorky became close friends with Leo Tolstoy and Chekhov, about both of whom he later wrote superb Reminiscences (tr. 1946).

Gorky donated most of his income to the revolutionary movement. He was arrested frequently but treated carefully because of his tremendous popularity. The czar rescinded his election to the Academy of Sciences in 1902, whereupon Chekhov and Korolenko resigned in protest. Gorky wrote 15 plays, two of which, heavily censored, were enormously successful at the Moscow Art Theatre. One of them, The Lower Depths (1902), a study of the wretched lives of derelicts, remains a classic. His plays, at first modeled on Chekhov’s, emphasized characterization over plot.

After the failure of the 1905 revolution, in which he took part, Gorky sought to raise funds for the movement abroad. Following an initial triumphant reception in the United States (1906), he was insulted and mistreated there because his traveling companion was a woman who was not his wife. Settling in Capri (1906-13), he set up a Bolshevik propaganda school before he returned to Russia in 1914.

Although philosophically at odds with Lenin, Gorky was able to extract from him aid for many intellectuals and artists in an era of intellectual restriction. Exhausted from his work as head of the State Publishing House and by bouts with tuberculosis, he sought rest abroad (1921) and returned in 1928. His final, unfinished work, often considered his masterpiece, is The Life of Klim Samgin (1927-36), a panoramic four-volume novel of Russian social conditions from 1880 to 1917. Gorky’s death at 68 has been ascribed to assassination by poison, perpetrated according to one view by an anti-Soviet group.

Gorky’s work was remarkable for its vitality and optimism. It revealed, within its devotion to realism, a strong poetic strain and an eternal passion for justice. By the example of his work and life and by his literary criticism Gorky exerted a profound influence on Soviet thought. Most of his works have been translated.

 
Leave a comment

Posted by on February 11, 2012 in Personalities

 

Sakhi Jam Kanbho Khan


”سنڌ جو مشهور سخي ڄام ڪانڀو خان نور سنڌي“


سنڌ ۾ اها چوڻي اڄ به مشهور آهي ته يار تون ته اسان لاءِ ڄام ڪانڀو ته نه آهين. ها ڄام ڪانڀو خان سنڌ جو مشهور سخي مڙس ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌ جي اهم ڄام جوڻيجو جي خاندان مان هو. پاڻ 1305ھ ۾ وقت جي وڏي جاگيردار نواب ڄام محمد شريف جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان سچار غريبن جو همدرد ۽ غريبن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندڙ هو. ڄام ڪانڀو خان جي سخاوت، نه صرف ڄام نوازعلي واري علائقي ۾ پر ان وقت جي سنڌ هند ۾ مشهور هئي. پاڻ روزانه فجر جي نماز پڙهي، نوڪرن کان ڪاٺ جي هڪ وڏي صندوق، جنهن ۾ چانديءَ جا رپيا هوندا هئا، سامهون رکرائي رات دير تائين ايندڙ ضرورتمندن سوالين کي ٻڪ ڀري ڏيندو هو. وڏي سخي هئڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز به هو. اوطاق تي ايندڙ مهمانن توڙي فقير فقراءَ لاءِ هڪجهڙي ماني، ڍاڪونءَ ۾ ڍڪجي ايندي هئي. پاڻ صوفياڻه راڳ جو به وڏو شوقين هوندو هو. ڀلا گهوڙا، مهري اٺ، ڀلا ڏاند، ڀليون مينهون، ڀليون ٻڪريون رکڻ جو به شوقين هو. وٽس 2 سئو کان وڌيڪ ڀلا گهوڙا هوندا هئا. سخي اهڙو جو ڪيترا ئي سوالي مينهون يا ڍڳا ۽ ٻئي چوپائي مال سان گڏ، گهوڙا سي به سٺن سنجن سان ڏيڻ جي سين هڻندا هئا ته کين اهي به ڏئي ڇڏيندو هو. سياست کان پري هو. سياست وارو ڪم پنهنجي ڀائرن نوابزاده ڄام جان محمد خان ۽ نواب زاده ڄام مٺا خان جي حوالي ڪري ڇڏيو هيائين. مٿيان ٻئي نواب، بمبئي اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا ۽ ان حيثيت سان سنڌ ۾ سٺا ڪم ڪرايائون. ڄام ڪانڀو خان لاءِ اهو مشهور آهي ته پاڻ پنهنجي مرشد حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ، سوين نوڪرن سان گڏ ڀٽ شاهه ويندي نازڪ نفيس هئڻ جي باوجود ڀٽ شاهه کان ٻه ڪوهه پري، نوڪرن سميت گهوڙن تان لهي پير اگهاڙا ڪري پيرين پنڌ مزار تي حاضري ڏيندا هئا. ايئن ٻه ٽي راتيون رهي، وڏيون خير خيراتون ڪندا هئا ۽ پاڻ سان آندل چانديءَ جي ٽڪن جو خرزينون فقير فقراءَ ۾ ورهائيندا هئا. لطيف جي عرس مبارڪ ۾، زائرين لاءِ سندن پاران لنگر عام هلندڙ هوندو ھو. ملاکڙي ۾ به ملهن کي ٽڪن جا ٻڪ ڀري ڏيندا هئا ۽ ميلي ۾ فنڪارن سان به اهڙي سخاوت ڪندا هئا. پاڻ بهترين گهوڙي سوار به هئا. سندس ويجهن دوستن ۾ سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ مٽياريءَ وارو، سر شاهنواز ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو، نواب غيبي خان چانڊيو، مير بنده علي خان ٽالپر به شامل هئا. پاڻ محفلن جو مور ۽ ڳوٺاڻي ڪچهرين سان دلچسپي رکندو هو. روزي نماز جو پابند، سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن سان عقيدت رکندڙ هو. بزرگن جي ميلن ملاکڙن ۾ وڃي نه صرف لنگر نياز ڪندو هو پر ملهن ۽ فنڪارن کي به دل کولي ٽڪن جا ٻڪ ڀري ڏيندو هو. سنڌ جو هيءُ عظيم سخي 1374 هه ۾ 9 ربيع الثاني تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصال جي خبر باهه وانگر سنڌ هند ۾ پکڙجي وئي. چون ٿا ته تعزيت ڪندڙن جو سلسلو سڄو سال جاري رهيو. ڇاڪاڻ ته ان وقت سوارين جي سهوليت نه هئي. تعزيت لاءِ نه صرف سنڌ پر هند کان به هزارين ماڻهو پهتا. تعزيت لاءِ ايندڙ ايئن روئيندا رهيا، ڄڻ سندن ڪو مٽ مائٽ گذاري ويو هجي. سندس پٽن ۾ ڄام صادق علي خان، ڄام شيرعلي خان هئا، جيڪي وفات ڪري ويا. ڄام صادق علي خان جي پٽن ۾ ڄام معشوق علي، ڄام ڪاشف علي ”مرحوم“، ڄام ذوالفقار علي، ڄام شير علي جي پٽن ۾ ڄام نورعلي خان، ڄام نفيس خان ۽ ڄام نياز علي خان شامل آهن. ڄام صادق علي خان به مهمان نوازيءَ واري روايت، پنهنجي والد کان ورثي ۾ حاصل ڪئي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندس دل جو دستر خوان ايندڙ ويندڙ جي مهمانيءَ لاءِ وڇايل رهيو.
 
Leave a comment

Posted by on January 24, 2012 in Personalities

 

Karl Marx

ڪارل مارڪس 5 مئي 1818ع ۾ اولهه جرمني جي شهر ٽرائر ۾ پيدا ٿيو، ڪارل مارڪس جو خاندان آڳاٽي زماني کان يهودي هو پر ان جي پي ڪارل مارڪس جي پيدا ٿيڻ کان اڳ عيساعيت قبولي، تنهن ڪري ڪارل مارڪس کي يهودي چوڻ بلڪل غلط آهي. ڪارل مارڪس جا ٽي ڀاءَ هئا ۽ پنج ڀيڻون هيون، جنهن مان ڀاءَ ته سڀئي جواني ۾ ئي گذاري ويا پر ٽي ڀيڻون ڪارل مارڪس جي گذاري وڃڻ کانپوءِ به حيات رهيون، ڪارل مارڪس جو پي هڪ وڪيل هو، ٽرائر شهر ندي جي ڪپ تي واقع آهي، اها جڳهه فرانس جي تمام ويجهو آهي، تنهن ڪري ات جي ماڻهن ۾ فرانس جي انقلابي نظريئي جو تمام گهڻو اثر هو. ارڙهين صدي جي آخر ۾ جڏهن نپولين هن علائقي کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو، تڏهن هتي به فرانس جا سڪا هلڻ لڳا، هائرن مارڪس نپولين جو سخت مخالف هو، ان جي ڪتاب گهر ۾ واليٽير، روسو، لاڪ، لائب نيز، سنگ ۽ ٻين روشن خيال دانشورن هن جي آزاد خيالي جي ڪري پوليس جي خاص نظر هئي، پر هي علائقو نپولين جي 1815ع ۾ شڪست کانپوءِ جرمني کي واپس ملي ويو. ڪارل مارڪس جو ننڍپڻ انهي ماحول ۾ گذريو، جڏهن ميٽرنگ (جيڪو يورپ جي هڪ طاقت هو) برسن چاف سميت ٻين شاگردن جي تحريڪ جي خبر پئي ته هن هڪ ڪانفرنس گهرائي، ڇا ڪاڻ ته ميٽرنگ جمهوريت ۽ آئين جي نالي سان سخت نفرت ڪندو هو. ڪانفرنس ۾ هنن ڳالهين تي روشني وڌي وئي: 1. جرمن رياستون ڪنهن به قسم جو ڪوبه آئين نه جوڙينديون. 2. يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن تي سخت نظر ۾ رکي ويندي ۽ يونيورسٽي ۾ اسان جو نمائندو وهندو، جيڪو هر سر گرمي تي نظر رکندو. 3. جمهوري خيال استادن کي يونيورسٽي کان الڳ ڪيو وڃي، يعني ڪڍيو وڃي. انهن ڪجهه اهم فيصلن کانپوءِ جرمني جي دانشورن ڪالم نگارن ۽ شاگردن ۾ وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي، روشن خيال استادن کي يونيورسٽين مان ڪڍيو ويو ۽ شاگردن جون تنظيمون ۽ تحريڪون سڀ ٽوڙيون ويون، ڪارل مارڪس جي ماءَ ته ٻارن جي جي برورش ۾ مصروف سنڌي هئي، پر ڪارل مارڪس جو پي ڪارل مارڪس سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ ان جي دلي خواهش هئي ته ڪارل مارڪس پڙهي لکي هڪ وڏو ماڻهو ٿئي، تنهن ڪري هو ڪارل مارڪس جي تعليم ۽ تربيت تي خاص توجه ڏيندو هو ۽ ڪارل مارڪس به پنهنجي پي سان تمام پيار ڪندو هو، تنهن ڪري وڏو ٿي اڪثر پنهنجي پي جو ذڪر ڪندو هو، جلاوطني ۾ به پنهنجي پي جي تعمير هميشه ميز تي رکندو هو، ڪارل مارڪس جي وفات کانپوءِ فريڊرڪ اينگلز ڪارل مارڪس جي پي جي اها تصوير مارڪس جي تابوت ۾ رکي. ڪارل مارڪس کي مضمون لکڻ ۽ يوناني ۽ لاطيني ڪلاسيڪي ادب سان دلچسپي ننڍپڻ کان ئي هئي ۽ يونيورسٽي ۾ استاد به اتفاق سان روشن خيال ئي مليا ۽ قابل استادن شاگردن جي پوري حوصلا افزائي ڪئي. 1833ع جي ڏينهن ۾ حڪومت جي عام پاليسي جي خلاف شاگردن ۾ بيچيني وڌي رهي هئي، مارڪس جو اسڪول به ان سان متاثر ٿيڻ کان سواءِ ڪونه رهي سگهيو، جڏهن پوليس اسڪول تي ڇاپو هنيو، تڏهن اتان منع ٿيل لٽريچر هٿ آيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ شاگرد جي گرفتاري به پيش آئي. ڪارل مارڪس 1835ع ۾ اسڪول کان رخست ٿيندي وقت ”پيشي جو انتخاب“ تي هڪ مضمون لکيو، ڇاڪاڻ ته ان کي خبر هئي ته شاگرد جي لاءِ پيشي جو اختيار ڪرڻ سولي ڳالهه ناهي هوندي، ڪارل مارڪس مضمون ۾ لکيو ته: ”پيشي جي اختيار ڪرڻ کان پهرين اسان کي بني نو انسان جي ڀلائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي، اگر ڪوئي اهڙو پيشو اختيار ڪجي، جنهن سان انسان ذات جي وڌ کان وڌ خدمت ٿي ته اسان جي چيلهه وڌ کان وڌ وزن کڻڻ سان به نه جهڪندي“ ٽرائر ۾ 1835ع ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪارل مارڪس جي بون يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي، ان جا خاص مضمون قانون ۽ فلسفو هئا پر هو يوناني ۽ رومي تاريخ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندو هو ۽ هومز، آرٽ ۽ شاعري جي ڪلاس ۾ باقاعدگيءَ سان حصو وٺندو هو، مارڪس شاعري به ڪندو هو ۽ يونيورسٽي جي شاعر شاگردن جي حلقي جو فرد به هو. انهيءَ دوران سندس مڱڻي وڏي ڀيڻ سوفيا جي دوست جيني جان ويسٽ فالين سان ٿي. ڪارل مارڪس ۽ جيني ننڍپڻ کان ئي هڪ ٻي کان تمام گهڻو چاهيندا هئا ۽ جڏهن وڏو ٿي انهن جاءُ پي کي شادي جي درخواست ڪئي ته اهي رابطي ٿي ويا. جيني شهر جي حسين ترين ۾ شمار ٿيندي هئي ۽ ان جو خاندان امير گهراڻن ۾ ٿيندو هو، جيني چاهي ها ته ڪنهن نوابزادي سان به شادي ڪري سگهي پئي پر هو حسين سيرت جي مالڪ هئي ۽ ڪارل مارڪس سان محبت ڪندي هئي. ان پنهنجي محبت جي خاطر سڄي دنيا جي عيش ۽ آرام کي ٽڪرائي ڪري هڪ عظيم انقلابي سان سڄي عمر سڃ ۾ گذاري، هن جلاوطنيون سهيون، بک رهي، قرضدارن جو ڳالهيون ٻڌيون، ڪڏهن گهر جا سامان وڪيا ته ڪڏهن ڏاج ۾ مليل ٿانو گروي رکيا پر ڪڏهن به پنهنجي عظيم مڙس سان تنگ ٿي شڪايت نه ڪئي ۽ نه ئي ان جي انقلابي مصروفيتون ۾ يا لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ ڪا رڪاوٽ وڌي.ٻار تڙپي تڙپي لاڏاڻو ڪري ويا پر محبت ۾ فرق نه آيو. جيني جو ڀاءُ وزير داخلا هو، هن جيني کي خط ۾ لکيو ته ”توهان وطن واپس اچي وڃو آءُ توهان جي سار لهندس “ پر غيرتمند ڀيڻ وراڻيو ته ”آءُ مارڪس ۽ ان جي انقلابي جذبي سان شادي ڪئي آهي، جي جرمني ۾ ڪارل ماڪس ۽ سندس انقلابي جذبي لاءِ جڳهه ناهي ته مون کي اهڙو جرمني نه گهرجي.“ ڪارل مارڪس تقريبن هڪ سال بون يونيورسٽيءَ ۾ گذاريو پر پوءِ پي ءُ جي حڪم تي برلن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، جڏهن ته هن کي برلن سخت ناپسند هو. تعليم کان جيڪو وقت بچندو هو ان وقت ۾ هو نظم لکندو هو، انهيءَ سال جي اندر نظم جا ٽي ڪتاب ”پنهنجي پياري جيني“ جي نالي ڪيائين. انهن مان ڪجهه نظم 1838ع ۾ هڪ مقامي رسالي ۾ به ڇپيون، مارڪس جي سڀ کان پهرين لکڻي ئي نظم هيون پر ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ مارڪس کي اهو اندازو ٿيو ته هو شاعري جي ميدان جو مرد نه آهي، تنهن ڪري هو پنهنجو گهڻو وقت فلسفي ۽ قانوني جي مطالعي ۾ گذارڻ لڳو، مارڪس جيڪو ڪجهه پڙهندو هو، اهو خطن جي ذريعي پنهنجي پي کي ٻڌائيندو هو ۽ ان جو پي ان کي پنهنجي مشوري سان آگاهه ڪندو هو ۽ ان خطن ۾ (جيڪي هاڻ انگريزي ۾ ڇپجي چڪا آهن) اها گذارش ڪيل هوندي هئي ته تون پنهنجي پسند جا مضمون پڙهجانءِ ۽ پاڻ کي منهنجي مشورن جو غلام هرگز نه بنائجانءِ، انهن خطن ۾ عالمي بحث پڻ ٿيل هوندو هو، انهن خطن مان هڪ خط ۾ لکيل هو: ”آءٌ تصور جي دنيا کان اڳتي اچي چڪو آهيان، تصور مان مراد منهنجو ڪانٽ ۽ فخيتي سان آهي، ڇاڪاڻ ته آءُ تصور پرستي جو جذبو انهن مان حاصل ڪيو پر هاڻ حقيقت جي لاءِ جستجو ڪري رهيو آهيان“ ڪارل مارڪس شروعاتي ڏينهن ۾ هيگل کي تمام گهڻو پڙهندو هو، ڇاڪاڻ ته هيگل تمام وڏو ذهن رکندو هو، شايد ئي ڪوئي اهڙو علمي يا سماجي مسئلو هوندو، جنهن جي باري ۾ هيگل پنهنجي فلسفي ۾ بحث نه ڪئي هئي، لاجڪ، تاريخ، مذهب، انقلاب، سياست، سائنس ۽ جماليات سڀني تي هيگل جون لکڻيون موجود آهن، جنهن زماني ۾ ڪارل مارڪس برلن يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو تڏهن هيگل جي شهرت عروج تي هئي، سڄي شهر ۾ هيگل ڪلب قائم هئا، ڪيترائي استاد، ڪالم نگار ايتري قدر جو سرڪاري آفيسر به پنهنجو پاڻ کي هيگل جا پوئلڳ چوندا هئا ۽ فخر محسوس ڪندا هئا. مارڪس 1841ع ۾ پنهنجي ڊاڪٽري مارچ ۾ مڪمل ڪئي ۽ اپريل ۾ ان کي ڊگري ملي وئي، ڪجهه عرصو گذرڻ کانپوءِ جڏهن مارڪس پاڻ فلسفي جو ماهر ٿيو، تڏهن هو ان نتيجي تي پهتو ته هيگل جو فلسفو هڪ عظيم خواب آهي، جنهن ۾ انسانذات خود خدا بنجي وڃي ٿي پر هيگل انسان کي فقط خيالي سير ڪرائي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي لکڻين ۾ هڪ ڪائنات وجود ۾ آندي آهي، پر حقيقت ان خيالي دنيا کان بلڪل مختلف آهي، اها فلسفي جي دنيا نه آهي، انسان پنهنجي ذهن ۾ ڪائنات ته بلڪل ٺاهي آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي حقيقت جي شڪل ڪيئن ڏجي، ان جدوجهد ۾ ڪنڊن جي وڻ آهي ۽ ان ۾ نيم دلي يا سمجهوتن سان ڪم ڪونه هلندو. مارڪسزم ۾ مارڪس جو اهو پهريون جرت وارو ڪم هو، ان مان صاف ظاهر آهي ته مارڪس زندگيءَ جي بيزار ڪندڙ حقيقتن کان بيزار آهي ۽ انهن کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته انسان آزادي ۽ خودمختياري ۾ ترقي ڪري سگهي، مارڪس جي زندگي جي عملي شروعات اخبار نويسي سان ٿي، جڏهن ته ان جي دلي خواهش هئي ته هو بون يونيورسٽي ۾ فلسفو پڙهائي. برونوبائر اتي پهرين کان موجود هو ۽ ڪارل مارڪس کي عرض ڪندو هو ته تون جلد پنهنجون موجوده لکڻيون بند ڪري هتي اچ ته جيئن پاڻ ٻئي ملي ڪري هڪ فلسفي جو پرچو ڪڍون. مارڪس جو خواب مٽي ۾ ملي ويو ۽ هو ڊاڪٽري جي ڊگري کڻي ٻه مهينا ٽرائر ۾ گذاري واپس بون پهچي ويو. بون ۾ پهچڻ وقت ئي مارڪس پهرين سياسي مضمون ”سينسرشپ جي تازي ترين هدايت“ تي لکيو، ان ۾ ڪارل مارڪس لکيو آهي ته :”عوامي تنقيد سچي سينسرشپ آهي، عوامي تنقيد اها عدالت آهي، جيڪا آزاد پريس سان وجود ۾ اچي ٿي“ ان کان اڳيان ڪارل مارڪس لکيو آهي ته ”آءُ سچائي جي ملڪيت آهيان، سچائي منهنجي ملڪيت ناهي، منهنجي ملڪيت نه فقط اهو انداز بيان آهي، جيڪو منهنجي روحاني انفراديت آهي، بي شڪ قانون مون کي لکڻ جي اجازت ته ڏي ٿو پر اهڙي طريقي سان نه جهڙي طريقي سان آءُ چاهيان ٿو، آءُ پنهنجو روحاني چهرو خوشي سان ڏيکاريان پر پهريان ان کي سرڪاري سانچي ۾ وجهان، ڪير اهڙو هوندو، جيڪو ان تي شرم محسوس نه ڪري، سچائي منزل به آهي ۽ منزل تي پهچڻ جو رستو به، سچائي جي تلاش به سچي هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سچي تلاش خود ترقي يافته سچائي آهي“ مارڪس جا مضمون جرمي جي فيوڊل حڪومت تي ٻن منهن واري تلوار جيان ثابت ٿيا، اهڙي طرح جمهوريت پسند حصن ۾ ”رهائشن زائي تون“(اها اخبار جنهن ۾ مارڪس لکندو هو) جي مقبوليت وڌندي پئي وئي، اهڙي طرح ٻين اخبارن کي به حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، حڪومتي سينسرشپ جون پابنديون اڃا وڌيڪ وڌيون پر مارڪس جو قلم تڏهن به نه رڪيو ۽ آخر ڪار 1843ع ۾ بادشاهه جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينه ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اگر اخبار ”رهائشن زائي تونگ“ جو مالڪ ڪارل مارڪس کي اخبار کان الڳ نٿو ڪري ته اخبار بند ڪئي وڃي ۽ جڏهن مارڪس کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته هن 17 مارچ 1843 ۾ اخبار ”رهائشن زائي تونگ“ کان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ”رهائشن زائي تونگ“ جي ايڊيٽري جي دوران مارڪس کي سينسرشپ جو وڏو تجربو ٿيو ۽ مارڪس هن نتيجي تي پهتو ته جرمني ۾ رهي ڪري نه ته لکڻ جو ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ نه سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي سهگجي ٿو، انهن ڏينهن ۾ مارڪس جي مالي حالت تمام خراب هئي، 1843 ع ۾ 19 جون تي مارڪس جي شادي ٿي، فرست جي ڇهه مهينن جو مارڪس، برطانيا، آمريڪا، جرمني، اٽلي، فرانس ۽ خاص طور انقلاب فرانس جي تاريخ جو گهرو مطالعو ڪيو، انهي سان گڏو گڏ ٻين سياسي نظرين، ميڪيا ويلي، مانڻسڪيو، روسو ۽ ٻين سياسي نظرين کي به غور سان پڙهيو. جنهن ڏينهن ۾ مارڪس اقتصاديت، ڪميونزم ۽ انقلاب فرانس جي تاريخ جو مطالعو ڪري رهيو هو، تڏهن هڪ جرمني جو ڊگهي قد جو نوجوان مانچسٽر مان پيرس آيو ۽ ڏهه ڏينهن تائين مارڪس جو مهمان ٿي رهيو، ان نوجوان جو نالو فريڊرڪ اينگلز هو، اينگلس هڪ ڀيرو اڳ به مارڪس سان مليو هو، جڏهن مارڪس ”رهائشن زائي تونگ“ جو ايڊيٽر هو. انهيءَ دوران اينگلس جيڪي ڪالم لکيا هئا، اهي مارڪس جي نظرن مان گذريا هئا ۽ مارڪس انهن کي پسند به ڪيو هو. دراصل اهي مضمون ئي سندن وچ ۾ دوستي جو سبب بڻيا. مارڪس پهريون ڀيرو هڪ اهڙي شخص سان مليو هو، جنهن جا نظريات سو سيڪڙو مارڪس سان ملندا هئا ۽ اهڙي طرح اها دوستي وجود ۾ آئي، جيڪا مرندي دم تائين زنده رهي. مارڪس کي جنوري 1845ع ۾ فرانس کان نڪرڻو پيو، جنهن جي وجه هئي ته جرمن هڪ سياسي رسالو ”ووروارٽس“ ڇاپيندا هئا، مارڪس به ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن لکندو هو، پروشيا جي حڪومت فرانسي حڪومت کي رسالي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان سان وابستا سڀني جرمنن کي ملڪ بدري جو حڪم ڏنو. ڪافي ليکڪن معافي وٺي پنهنجي جان بچائي پر ڪارل مارڪس جي غيرت ان کي هي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ تڏهن ڪارل مارڪس برسلسز (بيلجيم) اچي ويو، جڏهن ته اتي ان جو ڪوبه معاشي ذريعو نه هو ۽ تڏهن ڪارل مارڪس جي بکي رهڻ جا ڏينهن شروع ٿيا، جيڪي ڪڏهن ختم نه ٿيا. مارڪس جي روحاني تعليم انقلاب فرانس جي درسگاهه ۾ ٿي هئي، ڪميون جي شڪست کانپوءِ مزدور تمام ڏکيائون ۽ ظلمن جو منهن ڏٺو، مارڪس انهن جي شدت محسوس ڪئي ۽ تمام گهڻي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي، جنهن جو مارڪس جي صحت تي تمام گهڻو اثر پيو، نتيجو اهو نڪتو ته پراڻو جگر جو سور وري موٽي آيس ۽ سور ۽ دورا پوڻ لڳس، ڊاڪٽر چار ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، پر مارڪس ڊاڪٽرن جي ڪڏهن نه ٻڌندو هو پر اينگلس جي چوڻ تي هو چيڪو سلواڪيا جي صحت گاهه ”ڪالس باد“ وڃڻ لاءِ راضي ٿيو، ڪالس باد جي هڪ مهيني ۾ ٽريٽمينٽ سان مارڪس کي ڪافي فائدو ٿيو ۽ پوءِ هو مسلسل ٽي سال اتي ويندو رهيو، ان سفر ۾ مارڪس جي ڌي ”اي ليز“ جيڪا سڀني کان ننڍي هئي، ساڻس گڏ هوندي هئي، انهي سفر دوران مارڪس پنهنجي مٽ مائٽ ۽ دوستن سان به ملاقات ڪندو هو، جيڪي هيمبرگ ۽ دريسٽن ۾ رهندا هئا. آخري سفر ۾ مارڪس اي ليز کي اهي جايون به ڏيکاريون، جتي مارڪس اي ليز جي ماءُ جيني سان شادي جا شروعاتي ڏينهن گذاريا هئا. حالتن مارڪس کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو، پر ان جي سياسي سرگرمي ۾ ڪابه ڪمي پيشي ڪانه آئي ۽ نه ئي لکڻ پڙهڻ جي عادت ۾ ڪا ڪمي آيس. مارڪس برطانيا، آمريڪا، جرمني، اسپين، اٽلي، روس، فرانس ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي تحريڪن سان رابطي ۾ رهندو هو ۽ خطن ۽ مضمونن جي ذريعي انهن کي مشورا ڏيندو هو. هاڻي مارڪس جي حيثيت پنهنجن ۽ پراون ٻنهي جي نظر ۾ بين القوامي ڪميونسٽ تحريڪ جي قائد جي هئي ۽ هو پنهنجو اهو فرض بهترين نموني ادا ڪندو هو، انهيءَ دوران ۾ مارڪس نئين نئين ڪتابن جو خاڪو به تيار ڪري ڇڏيو هو، جنهن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته هو هڪ جمع تاريخ جو ارادو رکي پيو. مارڪس کي برصغير جي مسئلن ۾ وڏي دلچسپي هئي ۽ انهي جي تاريخ لکي رهيو هو، بلڪه مسلمانن جي فاتحن کان 1857ع تائين جي حالتن تي هڪ نوٽ تيار ڪري چڪو هو پر موت اجازت نه ڏني. انهيءَ دوران ۾ ان جي زال جيني بيمار ٿي وئي، ڊاڪٽرن پهرين ته جگر جي خرابي ٻڌائي پر پوءِ خبر پئي ته جيني کي ڪينسر آهي، جيني جي بيماري جو مارڪس تي ايترو اثر ٿيو هو جو مارڪس پنهنجي بيماري وساري ڏينهن رات جيني جو خيال رکڻ لڳو پر جيني کي نه بچڻو هو نه بچي ۽ ۲ ڊسمبر 1881ع ۾ ان جو موت ٿيو. پنجيتاليهه سالن جي محبت جو اهڙو سلو مارڪس کي پنهنجي سوڳ ۾ وڪوڙي ويو، جنهن جو مارڪس تي صدمو ويهجي ويو، مارڪس جي ڌيئرن ۽ دوستن مارڪس جي دل بهلائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، مارڪس ڪجهه ڏينهن پنهنجي وڏي ڌي سان رهيو ۽ ان جي ٻارن سان کيڏندي پنهنجي دل بهلائيندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن ڪجهه صحتياب ٿيو ته فرانس کان واپس لنڊن اچي ويو ۽ پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو، پر اڃا مارڪس جو مزاج پوري طرح بحال نه ٿيو ته خبر ملي ته سندن ڌي بيمار آهي، مارڪس اڃا هن وٽ وڃڻ جي تياري ۾ ئي هو ته خبر ملي ته ڌي لاڏاڻو ڪري وئي، جيڪا اڃا صرف 38 سالن جي هئي، ڌي جي لاڏاڻي مارڪس جي رهي سهي قوت به ختم ڪري ڇڏي ۽ هاڻي مارڪس سخت بيمار ٿي پيو ۽ ڦڦڙ به ڪم ڇڏڻ لڳا، ايتري قدر جو کير کان سواءِ ڪابه شي نڙي کان هيٺ نه لهندي هيس. 14 مارچ تي تقريبن اڍائي بجي ڏينهن جو ملازم ڪمري ۾ آئي ته ڏٺائين ته مارڪس نيم بيهوشي جي حالت ۾ ڪرسي تي ويٺل آهي، ملازم هيٺ وڃي اينگلس کي ٻڌايو، اينگلس ڀڄندو آيو ۽ ڏٺائين ته مارڪس ننڊ ۾ پيل آهي پر اهڙي ننڊ جنهن کان ڪوئي ڪڏهن سجاڳ نه ٿي سگهيو آهي. مارڪس جي لاش کي 17 مارچ 1883 ع تي هائي گيٽ جي قبرستان ۾ سندس گهرواري جيني جي پاسي ۾ دفنايو ويو، انهيءَ موقعي تي اينگلس پنهنجي سڀني کان پياري دوست ۽ دنيا جي عظيم انقلابي کي الوداع چوڻ لاءِ هي لفظ ڳالهايا: ”جهڙي طرح ڊارون نيچر جي قانون کي دريافت ڪيو، اهڙي طرح مارڪس انسان جي تاريخ جي ارتقا جي قانون کي دريافت ڪيو“ جيئن ته مارڪس سڀ کان پهريون انقلابي هو، پوءِ ڪجهه ٻيو ته هن جي زندگي جو مقصد سرمائيدارانه معاشري ۽ ان کي قائم ڪندڙ رياستي ادارن جون پاڙون ڪڍڻ ۽ موجوده مزدور طبقي جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيڻ هو. مارڪس جي وفات کانپوءِ اينگلس ٻارنهن سال زنده رهيو، اينگلس پنهنجو گهڻو وقت تنظيمي ڪمن ۾ وقف ڪندو هو، مئي 1894ع ۾ اينگلس جو گلو سڄڻ لڳو ۽ ڊاڪٽرن کان اهو معلوم ٿيو ته اينگلز ڪينسر ۾ مبتلا آهي. جولاءِ جي آخري ڏينهن ۾ ان جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ ۵ آگسٽ 1895ع ۾ اينگلس به لاڏاڻو ڪري ويو، وصيت مطابق ان جي لاش کي ساڙيو ويو ۽ ان جي رک ايسٽ بورن جي ويجهو سمنڊ ۾ وهائي وئي. مارڪسزم صرف آخر يا ڪامل دين هجڻ جي دعويٰ نٿو ڪري، بلڪه ان زندگي کي سمجهڻ ۽ نئين زندگي جي قوتن کي اڳتي وڌڻ ۾ انسان لاءِ هڪ مشعل آهي، ان ۾ زندگي جي تجربن ۽ ضرورتن جي پيش نظر اضافا ٿي سگهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا آهن.

 
Leave a comment

Posted by on December 21, 2011 in Personalities

 

Socrates

سقراط ـــ 469 ق م کان 399 ق م تائين

سقراط سنگ تراش سوفرونڪس ۽ دائيءَ فيتيريتي جو پٽ هو. جنهن ايٿينز جي رواج جي ابتڙ پيءُ جي ڌنڌي ڪرڻ کان نابري واري، ۽ سچ جو مبلغ ٿيو. هو اڄ کان چويهه سو سال اڳ جي ايٿينز، يونان جو رهواسي هو. جڏهن سائنس، ڊرامي ۽ شاعري ۾ هومر، فيثاغورث، پنڊار، سوفوڪليز، ليان، هيسئڊ، جارجيس، يوريپڊيز، ايمپي ڊوڪليز، انڪثا غورث، ارسٽو فينز ۽ ايگاٿن وغيره پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا. سقراط انهن مان ڪيترو لاڀ پرايو سا ڳالهه افلاطون جي سقراط سان منسوب ڪيل مڪالمن ۾ ڏسي سگهجي ٿي.

سقراط خيال پرست فلسفي هو. هو هڪ طرح توحيد جو قائل هو، سندس چوڻ هو ته سڀ ديوتا نيڪي جا خواهان آهن. سقراط کي خبر هئي ته قديم شاعرن جي شاعري يونان ۾ مقدس ليکي وڃِي ٿي پر هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ تي ايمان آڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي جڏهن ته ڪريفن جو ڊلفي وارو حوالو به وٽس هو.

هن جي دلچسپي چنڊ ستارن سان نه هئي، نه ئي هو هڏين ۽ گوشت جي ٺهيل انسان کي اهميت ڏئي ٿو. هن لاءِ زمين سج کي ڦري ٿي يا سج زمين کي ڦري ٿو ڪابه اهميت نٿا رکن ۽ نه ئي رت جي گردش يا هڏين جي بناوٽ هن لاءِ اهم آهن. هو ته اوچا آدرش رکندڙ هو. هن جو واسطو جسم سان نه پر ذهن يا روح سان هو. سندس نظر ۾ سچ ۽ نيڪي جي جستجو ئي سڀ کان اتم آهن.

سقراط سڄي حياتي انهن سوالن جي کوج ۾ گذاري ته ڪائنات ڇا آهي؟ دنيا ڇو پيدا ٿي؟ انسان جي وجود جو ڪارڻ ڇا آهي؟ نيڪي ڇا آهي؟ سچ ڇا آهي؟ وغيره. سقراط سڄي عمر رڳو ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ هڪ لفظ به نه لکيائين ۽ نه ليڪچر ڏنائين. هن جون ڪچهريون روايتي انداز واريون هونديون هيون. ڪڏهن ورزش گاهه ۾، ڪڏهن بازار ۾، ڪڏهن ڪنهن محفل يا دعوت ۾، ڪڏهن ڪنهن دڪان تي، بس هن جو وقت ائين گذرندو رهيو. اسان وٽ سندس خيال افلاطون ۽ زينوفن ذريعي پهتا آهن.

جڏهن سقراط لاءِ موت جي سزا جو اعلان ڪيو ويو، ته کيس دوستن ۽ شاگردن صلاح ڏني ته فرار ٿي وڃ پر سقراط ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته جن قانونن کي اسان جوڙيو آهي انهن قانونن کان ڪيئن ٿو فرار ٿي سگهجي. مان ستر سالن جو آهيان مرڻو ته هوئين به آهي پوءِ ڇو نه شان سان مران. سقراط موت جي سزا جي فيصلي اچڻ کان اڳ چيو هو ته، ”منهنجي دعا آهي ته ديوتا ۽ عدالت اهڙو فيصلو ڏين جنهن ۾ منهنجي به ڀلائي هجي ۽ توهان جي به.“

عدالتي ڪاروائي ۾ فيصلو راءِ شماري جي ذريعي ٿيو ۽ سقراط کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏنو ويو. ان دور جي رواج مطابق سقراط کي زهر جو پيالو پي پنهنجو انت آڻڻو هو. پوءِ سقراط کي بنديخاني ۾ وڌو ويو

زهر جو پيالو پيئڻ کان اڳ سقراط پهريان غسل ڪيو، پوءِ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي زال زانپٽي ۽ ٻين عورتن سان ڪچهري ڪئي. جڏهن جيلر زهر جو پيالو سقراط حوالي ڪيو ته سندس همدرد غم زده ٿي ويا تڏهن سقراط کين چيو، ”مون عورتن کي ان ڪري ئي ٻاهر موڪليو آهي ته جيئن اهي اهڙي غلطي نه ڪن اوهان به پنهنجو پاڻ تي قابو رکو ۽ صبر کان ڪم وٺو.“

زهر جي پيالي پيئڻ کان پوءِ سقراط ٿوري دير تائين پسار ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪمبل ويڙهي ليٽي پيو. پر وري ٿوري دير کان پوءِ هن آخري ڀيرو ڳالهيو، ”ڪرائٽو اسان تي واجب آهي ته هڪ ڪڪڙ شفا جي ديوتا جي نالي تي قربان ڪريون. ڇا تون اها قرباني ڏيندين؟ متان وساري ڇڏين.“ ٻئي ڏينهن ڪڪڙ جي قرباني ڏني وئي. ڪرائٽو لکي ٿو، ”اسان سقراط جي جسم کي دفن ڪري ڇڏيو. منهنجو خيال آهي ته سقراط بذات خود موجود نه هو، پر مون کي يقين آهي ته هي جتي به آهي خير سان آهي.“

ڪتاب: ”سقراط“
ليکڪه: ڪورا ميسن.
سنڌي ترجمو: ظفر.

 
Leave a comment

Posted by on December 18, 2011 in Personalities

 

Shaheed Dolah Darya Khan – Sain G.M Syed

سومرن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ بعد انهن جي آخري حاڪم همير کي سمن قتل ڪري ان جي جاءِ تي سندن سردار اُنڙ پٽ ڀنڀه کي ڄام جو لقب ڏئي سنڌ جي گهڻي ڀاڱي تي حاڪم مقرر ڪيو. جيئن ته سنڌ جي ٻنهي بهترين گهراڻن جي مستند تاريخ اڃان تائين لکي ڪانه وئي آهي، ان ڪري انهيءَ جي حڪومت جو مفصل احوال ميسر ٿي نه سگهيو آهي. پر چچنامه ۽ تحفته الڪرام وغيرا جي مخلتف روايتن جي بنا تي 1360ع کان پوءِ ان گهراڻي جي شروعات شمار ڪري سگهجي ٿي. جا 1520ع تائين هلي اٽڪل 120 ورهيه کن حڪومت ڪيائون . ان عرصي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انهيءَ قبيلي جي سردارن جو تسلط هو جي ننڍين رياستن وانگر اندروني طور آزاد هئا ليڪن سڀئي سلامي وڏي حاڪم ڄام جي ڀريندا هئا.

اهو دور به سنڌ لاءِ امن امان، ترقي ۽ تمدن جو باعث رهيو آهي_ انهن جي دور حڪومت ۾ ڪيئي وڏا ڳوٺ ٻڏا، علم پکڙيو، هنر زور ورتو، قومي روايتون ۽ دستور به قائم رهيا. سنڌ جي غيرت، روايات،حب الوطني ۽ آزاديءَ هي حفاظت لاءِ سومرن پاڻ ملهايو ته سمن وري تهذيب ۽ تمدن کي زور وٺائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي.

هن قبيلي ڪيترائي نامور حاڪم پيدا ٿيا جن مان ڄام تماچيءَ جو خاص مشهور آهي. جنهن جي ڪينجهر جي مهاڻيءَ، نوريءَ سان رومانس جي قصي کي شاهه عبدالطيف نهايت عمده پيرايه ۾ بيان ڪري انهيءَ دور جي عمده تصوير ڪڍي آهي.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ امن امان، آبادي ۽ هنر جي زور وٺڻ ڪري آسودگي اچي ويئي هئي. مدرسه کليل هئا. هي حاڪم عالمن، شاعرن ۽ راڳ جي مجلسون ٿينديون هيون. عمديون ٻيڙيون، ان جا رنگا رنگي سڙهه ۽ ساز و سامان مجلس جي رونق کي وڌائيندڙ هئا. ڪينجهر جو نظارو نهايت عمدو هو. شاهه صاحب ان لاءِ فرمائي ٿو ته:

هيٺ جــر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪـونر ٽڙن،
ور ٿي واهوندن، ڪينجهر خستوري ٿئـي.

”شاهه“

اهڙي طرح هن گهمندي هن جي نوريءَ نالي عورت تي نظر پئجي ويئي_ هوءَ هٿين پيرين آرکيڻن هئي هن جي من “ گيرب ۽ گاءِ نه هو_ تنهن جي نيڻن راءِ کي ريجهائي ڇڏيو_ نيٺ سمي سڃاڻي ٻيڙو ٻانهن ۾ ٻڌي کڻي راڻين ۾ شامل ڪيس پوءِ ته ڄام مهاڻن تي مڙئي محصول معاف ڪري ڇڏيا ۽ اڪثر ڪينجهر جي ڪناري مجلسون ۽ محفلون ٿينديون رهنديون هيون. اٽي ماڙي ٺهرايائين سندن قبرون مڪلي ٽڪريءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي مقبري هيٺان.

ان کان پوءِ انهيءَ گهراڻي جو ٻيو مشهور حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو ڄام ڀنڀه ٿيو. هي 866هه مطابق 1462ع تي تخت تي ويٺو . سندس ڏينهن ۾ حڪومت اتر طرف وڌي بهاولپور تائين وڌي پکڙي الهندي طرف سبي تائين ته ساري موجوده سنڌ سنسدس قبضي ۾ هئي. هي پاڻ وڏو عالم هو، عالمن درويشن جي صحبت کي پسند ڪندو هو. نهايت اعلى منتظم، منصف مزاج ۽ سخي هو. هن جي حڪومت 48 سال هلي. ان وچ ۾ نهايت امن امان قائم ٿيڻ ڪري ملڪ ترقي ڪئي. هن اڳيون ساموئي يا سمانگر ڇڏي ان جي ٽن ميلن جي مفاصلي موجوده ٺٽي جو شهر نئين سر ٻڌايو. جنهن ٿوري وقت اندر مدرسن، واپار، ڪارخانن، عالمن وغيره ڪري نهايت زور ورتو. اهو سمن جي اوج جو دور هو.

نواب دريا خان هن مصنف مزاج، منتظم ۽ مردم شناس حاڪم جو وزيراعظم. ان بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ هن ڄام صاحب جي وزير لکمير وٽ نوڪر هو. سندس اصل نسل جو پورو پتو نٿو پوي. سندس اوائلي نالو قبوليو هو. هڪ دفعي ڄام نندو شڪار تي نڪتو ساڻس وزير لکمير به گڏ هو. رستي تي ڄام صاحب کي اڃ لڳي. ڄام صاحب جو نوڪر پري هو ان ڪري قبولي ڇوڪري کيس پاڻي آڻي ڏنو. ڄام صاحب ڏٺو ته ان ۾ ڪي ڪک پيل هئا. ان بابت ڄام صاحب سبب گهريو. هن جواب ۾ ٻڌايس ته قبلا جن کي سخت اڃ هئي يڪدم پاڻي پي وري سواري ڪن ها ته طبيعت تي خراب اثر پوي ها. ان ڪري ڪک وجهي ڏنم ته سائين جن آهستگيءَ سان پاڻي پين. سندس اهڙي عقل واري جواب کان ڄام صاحب متاثر ٿي کيس پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو. جتي آهستگي ٿي ترقي ڪندو تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ بعد لياقت ۽ ايمانداريءَ ڪري پهرين وزير ۽ پوءِ وزيراعظم جي درجي تي پهچي نواب خان اعظم ۽ فرزند خاص جا لقب حاصل ڪيا.کيس فوجن جي سپهه سالاري به ملي. هاڻ نواب دريا خان عرف نواب مبارڪ خان جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هي انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي مڪاني بدامنين دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان ڪري ساري صوبي جي حڪومت گهڻي وقت تائين نهايت امن امان ۽ خوش اصلوبيءَ سان هلڻ لڳي. انهن ڏينهن ۾ بابر بادشاهه سمرقند کان نڪري اچي ڪابل ۾ ديرو ڄمايو هو. شاهه بيگ ارغون ان جي خوف کان ٻئي ملڪ وسائڻ جي خيال کان سنڌ تي سندس ڀاءُ مرزا سلطان محمد جي هٿ هيٺ لشڪر چاڙهي موڪليو جن آگره، چانڊڪا، منديجا ۽ ماڇين جو ڪوٽ اچي ڦريا ۽ لٽيا. ان خبر پوڻ تي ڄام نندي وڏو لشڪر نواب دريا خان جي هٿ هيٺ ان جي مدافعت ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. جنهن هلوڪر ڳوٺ وٽ پهرين جنگ ۾ ارغونن جي لشڪر کي شڪست ڏني. جنهن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو. باقي سندس بچيل لشڪر قنڌار ڏانهن ڀڄي ويو. اها معمولي ڪاميابي ڪانه هئي. افغانستان کان ايندڙ سپاهين جو هندستان ۽ سنڌ تي ڌاڪو ويٺل هو. انهن کي اهڙي شڪست فاش ڏيڻ ڪري ڄام نندي جي حياتيءَ ۾ ارغونن سنڌ ڏي رخ نه رکيو. اها نواب دريا خان جي بهادري ۽ قابليت جو کليل ثبوت هو.

انهن ڏينهن هڪ ٻيو واقو سرزد ٿيو. جيتوڻيڪ اهو ظاهر ۾ خاص اهميت رکندڙ نه هو پر ان مان نواب دريا خان جي سياسي دانشمندي ۽ معامله فهميءَ جو پتو پوي ٿو.

سيد محمد ميران شاهه 867هه ۾ جونپور جي شهر ۾ پيدا ٿيو، جو علم پڙهي وڏي لياقت جي درجي تي پهتو هو. پوءِ روزا، زهد، تقوى ۽ وظائف جي ذريعي صاحب ڪمال ٿيو. سندس معتقدن جو چوڻ آهي ته هڪ دفعي حسب معمول پنهنجي ورد وظائف ۾ مشغول هو ته کيس اهو آواز ٻڌڻ ۾ آيوته ”تون مهدي آهين“ آخر اهو آواز مسلسل ٻڌڻ بعد هن کي سندس مهديپڻي جو يقين ويهي ويو. مسلمانن جي هڪ گروهه ۾ گهڻي وقت کان اهو عقيدو رهندو پئي آيو آهت ته آخر زمان ۾ امام مهدي پيدا ٿيڻ وارو آهي هو ساري دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪر ي دنيا تي غلبه اسلام لاءِ بيعت وٺي جهاد ڪري ساري دنيا کي زوريءَ يا خوشيءَ سان دائري اسلام ۾ آڻيندو. انهيءَ طرح سان اسلام جي پيدا ٿيڻ جي مشن تي اسلام، انسان ذات جي وچ ۾ اتحاد، امن ۽ ترقي آڻنيدو، مڪمل ٿيڻ واري آهي.

اهو عقيدو صرف مسلمانن ۾ نه ويٺل آهي پر قريبن هر عالمگير مذهب جي ڪن گروهن ۾ گهڻي وقت کان سندن نشاط ثانيه لاءِ ويٺل آهي ته منجهان ڪو ماڻهو پيدا ٿي انهيءَ مذهب کي ساري دنيا ۾ رائج ڪندو. هندن مان ڪن ۾ وشنو مهاراج جي نئين سر اوتار ٿي اچڻ بعد هندن جي دنيا تي تسلط ويهڻ جو اعتماد ويٺل آهي. اهڙي طرح حضرت عيسى جي وري پيدا ٿي دنيا کي دين مسيحي تي آڻڻ جو عقيدو به ڪن عيسائن ۾ ويٺل هو. ان عقيدي کي مدنظر رکي دنيا جي مسلمانن ۾ ڪيئي ماڻهو اهڙي دعوى ڪندي پيدا ٿي ماڻهن ۾ وقتي اتحاد ۽ جوش جاڳائي وري ختم ٿي ويا. آءُ ڪيتري دفعا پنهنجي تحريرن ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ملا جي مذهبي تشريح واري اسلام ۾ دنيا تي غلبه اسلام جو تخيل ڪن مسلمانن تي گهڻي گهڻي وقت کان ويٺل آهي. ڪن خلافت کي ان جو مرڪز بنائي انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ ڪوشش ڪئي، ڪن مجدد بنجي دين کي نئين سر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪيترا مهدي سڏائي، تبيغ ۽ جهاد ذريعي اسلام جي فروغ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڪن هاڻ ان کي پين اسلامزم جي تحريڪ سڏي ان ڏس ۾ مسلمانن کي متحد ڪرڻ جو آواز اٿاريو آهي. مطلب ته اهو عقيدو مختلف شڪلين ۾ مسلمانن اڳيان پئي پيش آيو آهي. مصر ۾ مهدوي حاڪمن جي تحريڪ شيعن جي هڪ گروهه ٻارهين امام جي گم ٿي وري آخر زمان ۾ پيدا ٿيڻ جي اميد شيخ سنوسي جي تحريڪ، مهدوي سوڊاني جي تحريڪ، سڀ انهيءَ تخيل جي پيداوار آهن جنهن جو پرچار سيد محمد ميران شاهه جونپوري ڪيو ٿي.

ڪيترا ويساهه وسوڙيل ماڻهو اڃا تائين انهيءَ اميد تي پيا هلن ليڪن اها به حقيقت آهي مسلمان درويشن، عالمن ۽ سياستدانن جو هڪ گروهه به پئي رهيو آهي جنهن کي اسلام جي اهڙي تشريح ۽ اعتقاد رهيو آهي، نه انهيءَ قسم جي تحريڪن کي ممڪن العمل ۽ صحيح سمجهيو اٿن. هن زماني ۾ علم ۽ سائنس جي واڌاري ڪري شايد اهڙا گهڻا ماڻهو نڪرن جي اهڙن فريب ده عقيدن ۾ ويساهه نه رکن، ليڪن سنڌ جهڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ پنج سئو ورهيه اڳ اهڙا ترقي پسند خيال ته اهو عقيدو غلط ۽ اڻ ٿيڻ جوڳو آهي حڪومت جي مدير نواب دريا خان طرفان ظاهر ٿيڻ غير معمولي ڳالهه هئي.

نائين صدي هجري جي آخر ۽ ڏهين صدي وارو زمانو هندستان اندر بدامني ۽ طوائف الملوڪي جو هو. بادشاهيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون ٿي. اهڙي ڪا مرڪزي حڪومت باقي نه رهي هئي جو هندستاني مسلمانن شيرازو درست ڪري غلبه اسلام آڻي. حق تي هلندڙ عالم دين گهٽ ٿي ويا هئا. پير ان طريقت جي بد عملن ڪري مسلمانن ۾ گمراهي پيدا ٿيڻ لڳي هئي. اهڙين حالتن هيٺ سيد صاحب جي نئين پيغام ۽ تحريڪ ماڻهن تي چڱو اثر پيدا ڪيو. ٿوري وقت اندر هزارين ماڻهو سندس حلقه اثر هيٺ داخل ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا مسلمان حاڪم به سندس مريديءَ جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. انهيءَ تحريڪ جا مک اصول هيٺيان هئا.

(1) هجرت ڪرڻ _ سندس چوڻ هو ته جيستائين ماڻهو قيد وطن کان آزاد ٿي گهر ٻار جو آسانگو لاهي لڳ لاڳاپا ڇڏي مهدوي تحريڪ ۾ شريڪ نه ٿيو آهي ان وقت تائين منجهس ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي هئي. ان راهه ۾ ترڪ وطن ضروري هو. موجوده زماني ۾ علامه اقبال جو وطن کي بت سڏي ، نظريه جي بنياد تي بين الاقوامي لاڳاپن جي جدا قوم بنائڻ، ڪم و پيش ان ساڳي تخيل جي پيداوار آهي.

(2) ترڪ مال _ سندن رايو هو ته غلبئه اسلام جي راهه ۾ ٻي جا رنڊڪ هئي سا شخصي مال ملڪيت جي محبت هئي. ان ڪري ان تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر پوئلڳ جو فرض ٿيو پوي ته هو ساري ملڪيت مهدوي تحريڪ جي حوالي ڪري غلبئه اسلام جي لاءِ، ڪم آڻڻ ۾ مدد ڪري.

(3) جهاد_ ٽيون شرط ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو هو ته ان جو پوئلڳ سڀ لاڳاپا لاهي سر تريءَ ته رکي خوف خطرا ڦٽا ڪري تلوار هٿ ۾ کڻي مهدي جي حڪم تي غلبئه اسلام لاءِ لڙي.

مذهب جي نالي تي ماڻهن کي استعمال غرضي ( ايڪسپلائيٽ ) ڪرڻ جا تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا. يورپ جون صليبي جنگيون ان جو هڪ مثال آهن، جتي نيٺ گهڻي غور فڪر ۽ تجربي بعد ماڻهو ان نتيجي تي پهتا ته ڪنهن هڪ مذهب کي آخري ۽ مڪمل سمجهي، دنيا تي زوريءَ تسلط ڪرڻ جو خيال فرسوده ۽ خودفريبيءَ کان مٿي نه هو. سڀني مذهبن پٺيان بنيادي وحدت سمايل هئي. جنهن جو مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي ۽ فلاح بني آدم هئا. اهي مقصد محبت . تاليف قلوب، اهنسا ۽ باهمي سمجهوته، اخلاقن جي درستي ۽ نفسي اصلاح جي ذريعي حاصل ٿيڻا هئا. نه چند عقيدن ۽ دستورن جي مذهب کي جهاد ذريعي دنيا تي زوري مسلط ڪرڻ سان. جڏهن سيد محمد ميران شاهه سنڌ ۾ آيو ته ڪيترا ويساهه وسوڙيل ۽ پراڻي خيال جا عالم ۽ ماڻهو ان تحريڪ جي طرف ڇڪجي ويا ۽ ان جي حلقه اثر ۾ اچڻ لاءِ آماده ٿيا. سيد صاحب جڏهن ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي وٽ آيو ۽ سندس تحريڪ جي مقاصد کان واقف ڪري کيس پنهنجي حلقه اثر هيٺ آڻن لاءِ ڪوشش ڪلرڻم لڳو ته ان وقت نواب دريا خان صحيح راءِ قائم ڪري ڄام صاحب کي هن جي حلقه اثر ۾ اچڻ کان روڪي ميزبانيءَ جا فرائض ادا ڪري جلد بنان مطلب حاصل ڪرڻ جي کيس اجازت ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو. ان مان نواب دريا خان جي قوم پرست خيالن ۽ سياسي تدبر جي پختگي معلوم ٿئي ٿي.

جيتوڻيڪ ڄام صاحب جي درٻار سان تعلق رکندڙ قاضي قاضن ۽ ٻيا هن جا معتقد بنجي ويا.

هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي ته نواب دريا خان کي ڄام صاحب طرفان ڳاهن جي پر ۾ موجود ٽلٽي جي نزديڪ جاگير مليل هئي، جتي سندس فرزند رهندا هئا، ۽ پاڻ به اڪثر اوڏانهن ويندڙ هو.

اتي جو مخدوم بلاول عليه الرحمته سمه خاندان مان هو باغبان ۾ رهندو هو. نواب صاحب ان جو عقيدتمند ۽ صحبتي هو. تنهن ڪري مخدوم صاحب جا سڀ خليفه ۽ خاص ڪري سيد حيدر عليه الرحمته سن وارو نواب صاحب جا دوست ۽ واقفڪار هئا. خوشقسمتيءَ سان مخدوم صاحب ۽ سندس حلقه اثر جا درويش به نواب صاحب جا هم خيال هئا. اهو پتو پوڻ مشڪل آهي ته اهڙا خيال نواب صاحب جي ڪري مٿين درويشن تي پيا هئا يا انهن جي صحبت نواب صاحب کي انهيءَ خيال جو بنايو هو.

سيد محمد ميران شاهه ڄام صاحب کان رخصتياب ٿي ٻيڙين جي قافلي ذريعي دريا رستي سنڌ مان سندس تحريڪ جي تبليخ ڪندو سکر طرف افغانستان ڏي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.

مخدوم بلاول عليه، سيد عبدالرزاق لڪياري ۽ نواب صاحب ان تحريڪ کي ملڪي سالميت ۽ قوم پرستي جي اصولن خلاف سمجهي مشورو ڪري سيد حيدر علي شاهه سن واري هٿان سيد محمد ميران شاهه جي ٻيڙين جي قافلي کي ٻوڙائي ڇڏيو. جنهن ڪري سيد صاحب سندس تحريڪ لاءِ حالتون ناساز گار ڏسي سنڌ ۾ وڌيڪ تبليغ بند ڪري سڌو خشڪيءَ رستي افغانستان هليو ويو. ان جو وڌيڪ احوال مخدوم صاحب جي زندگيءَ ۾ ڏنو ويندو. سنڌ جي بدقسمتيءَ سان ڄام نظام الدين صاحب 914هه مطابق 1508ع وفات ڪئي. سندس وفات مهل ڄام صاحب نواب صاحب کي سندس پٽ جي پارت ڪئي.

ان کان پوءِ ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين ڄام سنجر جي پوٽي جي وچ ۾ گاديءَ تان تڪرار ٿي پيو جنهن ۾ نواب دريا خان جي مدد سان ڄام فيروز ڪامياب ٿيو. جنهن تي ڄام صلاح الدين گجرات طرف سندس ناٺي سلطان مظفر وٽ رهڻ لڳو.

ڄام فيروز نوجوان هو، گهڻو وقت راڳ روپ ٻڌڻ، ڇوڪرين جي ناچ ڏسڻ، مسخرن جي صحبت ۽ ٻين اهڙي قسم جي عياشي ڪمن ۾ گذاريندو هو.

حڪومت جو ڪاروبار سمورو نواب دريا خان جي مٿان وڃي پيو. پيدائش جي زياده ٿيڻ ڪري شاهي خاندان جا فرد ۽ درٻار سان لاڳاپي وارا ماڻهو فضول خرچ ۽ ڇڙواڳ ٿي ويا هئا. جن جي ڪارگذارين تي نواب صاحب کي سختي ڪرڻي پيئي. ان تي ڄام صاحب ۽ نواب صاحب جي وچ ۾ شڪر رنجي ٿي پيئي. تنهن ڪري وزارت مان استعيفا ڏيئي اچي سندس جاگير ڳاهڻ ۾ رهڻ لڳو. ان کان پوءِ ڄام فيروز جي رنگ رلين تي نظر ڪرڻ وارو ڪونه بچيو . ڄام فيروز ان تي اڪتفا نه ڪئي پر نواب دريا خان جي طاقت ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيبڪ ارغون ۽ ٻين ٻاهرين ماڻهن کي نوڪريءَ ۾ رکيو. ڄام فيروز هڪ خاص محلا انهن جي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو جو مغل واڙو سڏجڻ ۾ ايندو هو.

ان حالتن کي ڏسي ان مغلن مان مير قاسم ڪيبڪ شاهه بيگ ارغون کي لکي موڪليو ته ڄام جي حڪومت ڪمزور ٿي وئي آهي ڄام صاحب سندس عياشين ۾ مشغول آهي، نواب دريا خان هن کان جدا ٿي ويو آهي، ميدان خالي اٿئي، موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي. ان شاهه بيگ ارغون وري سنڌ تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، پهرين سکر، پوءِ سيوڻ فتح ڪيا. آخر ۾ ٺٽي تي ڪاهي ويو. تڏهن ڄام جي اک کلي هن نواب دريا خان کي گهرائي ورتو. حالتون خراب ٿي چڪيون هيون. باوجود ان جي نواب صاحب آخري دم تائين سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ عزت خاطر لڙندو رهيو ۽ شهيد ٿيو. لڙائي هلندي ڄام فيروز ڀڄي وڃي پير پٺي طرف لڪو جتان آخر شاهه بيگ کي رحم جي درخواست ڪري معافي وٺي صلح جا شرط قبولي ارغونن جي تابع ٿي هڪ محدود ٽڪري تي رهڻ لاءِ رضامند ٿيو.

نواب صاحب سنڌ جي آزادي خاطر سر ڏيندڙ، سورمن، مدبرن ۽ صحيح رايا رکندڙ محب وطن مان مکيه هو. ان کي تنهنڪري سنڌ لاءِ شهيد ٿيندڙ ۾ ٽيون نمبر شمار ڪريون ٿا.

ان جي مزار سندس مربي ڄام نظام الدين جي الهندي طرف مڪلي ٽڪريءَ تي آهي.

سنڌ جو مشهور مورخ سيد پير حسام الدين راشدي مڪلي نامه ۾ سندس هيٺين خيالن جو ا اظهار ڪري ٿو: ” نواب دريا خان ابتدا ۾ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاهه منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏسي، پاڻ وٽ آڻي اعلى تربيت ۽ تعليم ڏيئي معمولي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙهي کيس وزير اعظم جي درجي تي آندو، سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد ڪئي. مبارڪ خان، خان اعظم جا خاص خطاب ڏيئي سندس مرتبو بلند ڪري آخر کيس پنهنجي فرزند جي لقب سان سرفراز ڪري عروج ۽ اقبال جي آخري منزل تي پهچايو“.

مردم شناس سلطان جي منتخب ڪيل ماڻهو، سندس ڪارڪردگي سبب بادشاهه جي زندگيءَ ۾ نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي سموري سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو. بلڪ سندس وفاتيءَ کان بعد به اهو اڪيلو امير هو جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مسلسل جدوجهد جاري رکي، پنهنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. اول ۾ دره بولا خان وٽ پهچي کين شرمناڪ شڪست ڏيئي پٺتي هٽايو. آخر ۾ ٺٽي جي چائنٺ وٽ لڙندي وڙهندي تير ۽ تلوارون هڻندي ۽ کائيندي پنهنجو سر صدقو ڪري ڇڏيو.

ان کان پوءِ ” خرابي سنڌ “ جو باب کلي پيو. جنهن نه صرف ٺٽي بلڪ ساري سنڌ لاءِ غيرن جي غلاميءَ جو رستو هموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو. اهو واقعو 926هه مطابق 1420ع تي سرزد ٿيو.

ان کان پوءِ سنڌ 1131هه مطابق 1719ع تائين غيرن جي غلامي هيٺ رهي. جنهن کي ميان نور محمد صاحب ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ مٿي کنهڻ فرست ملي. پر سندس ڏينهن ۾ نادر شاهه جي ڪاهه وري سنڌي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.

حق ته اهو آهي ته ههڙي بهادر، سرويچ، مدبر شهيد سنڌ جون سال بسال ورسيون ملهائي يادگار قائم ڪريون.

بنا ڪرند خوش رسمي، بخون و خاڪ علطيدن
خـدا رحمت ڪند ايـن، عـاشقان پاڪ طينت را.

معنى_ خدا رحمت ڪري انهن پاڪ صفت عاشقن تي جن پنهنجا رت هاري سندن بهادري ۽ قربانيءَ جا مثال قائم ڪري ڇڏيا آهن. وري پير حسام الدين شاهه مڪلي نامه ۾ لکي ٿو ته: -

” نواب دريا خان سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ محڪم ڪيو. ان جي فوجي، سياسي، خواهه سماجي ۽ اقتصادي صورت کي اهڙيءَ ڪريءَ تي بيهاريو جو مورخن جو متفقه قول آهي ته اهڙو زمانو سنڌ نه پهرين ڏٺو نه پوءِ. .انهيءَ ۾ تعميري، رفاهي صلاحيتن سان گڏ منجهس آزادي ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو رنگ هو اهو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه زنده ۽ پاينده رکندو. سر جا سانگا لاهي وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪو جدوجهد ڪيو اهو سنڌ جي تاريخ ۾ مثالي آهي.

سندس سمورو خاندان انهيءَ رنگ ۾ رتل هو. سندس سڀئي مٽ مائٽ، دوست، خواه، جري جوان ۽ بهادر هئا، علاوالدين منجهان عالم نڪتو. محمود خان ۽ موٽڻ خان سپاهي مرد هئا. پڇاڙي سوڌو ارغونن سان خوب وڙهيا. سارنگ خان چوٿون نمبر فرزند هوس جو به پنهنجو مٽ پاڻ هو“.

 
Leave a comment

Posted by on November 8, 2011 in Personalities

 

Shah Abdul Latif Bhitai-Kalyan Adwani.

شاھ صاحب جي زندگيءَ جو

احوال
(شاھ جو رسالو)

شاھ عبدالطيف ڀٽائي سنه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلع جي ھلا تعلقي ۾ ، ھالا حويليءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. شاھ عبدالطيف ، سيد حبيب الله شاھ جو پٽ ، سيد عبدالقدوس شاھ جو پوٽو ۽ سيد جمال شاھ جو پر پوٽو ھو. سيد جمال شاھ، شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ٽيون پٽ ھو. شاھ ، تاڃيءَ پيٽي سيد ھو. سندس والده به مخدوم دياني جي خاندان مان ھئي. مخدوم دياني جو مقبرو، پراڻن ھالن جي اڀرندي طرف آھي. شاھ جي ڄمڻ کان ٿورو ئي پوءِ، شاھ حبيب ھالا حويليءَ مان لڏي ، وڃي ڪوٽڙيءَ ۾ رھيو. ھالا حويلي، ڀٽ کان نوَ ڪوه پري آھي ۽ ڪوٺڙي ٻه ڪوه . ٻئي ڳوٺ ھاڻ ويران پيا آھن.
چون ٿا ته شاھ حبيب، پنھنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشھور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو. وائيءَ جو ڳوٺ، ڀٽ کان ڇھ ۽ اُڏيري لعل کان ٻه ڪوه پري آھي. چون ٿا ته شاھ (الف) اُچاري (ب) چوڻ کان نابري واري. شاھ صاحب اُمي (اڻ پڙھيل) ھو يا نه، تنھن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آھن. ڪن صاحبن جو رايو آھي ته ھو ھڪ يگانو عالم ھو، ۽ ڪن صاحبن جو رايو آھي ته مٿس “ علم لدني ” نازل ٿيل ھو، جو ڌڻيءَ جي طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آھي.
شاھ صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ھمراه ھوندا ھئا. قرآن شريف ، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو.
اِنھن ڪتابن تي ڪنھن به ھنڌ ڪجھ لکيل ناھي ، جنھن کي شاھ جو دستخط چئجي. مير علي قانع ٺٽوي ، جو شاھ جو معتقد ھو ۽ سندس ئي زماني ۾ رھندو ھو. سو پنھنجي ڪتاب ( تحفت الڪرام ) ۾ لکي ٿو ته:
”اگرچه حضرت شاه عبدالطيف اڻ پڙھيل ھو ته به ساري عالم جو علم، سندس دل ۾ لڪل تختيءَ تي لکيل ھو.“ ”تحفت الڪرام“ ، شاه صاحب جي وفات کان صرف سورنھن سالن پوءِ، يعني 1768ع ۾ لکيل آھي. اِنھيءَ ڪري ڪي عالم ، اُن کي ھڪ اھم سند ٿا سمجھن . حقيقت ۾ ، عارفن ۽ اوليائن جو ذڪر ڪندي ، مير علي شير وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آھي. سندس دفتر مان ڪو خاص تواريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي.
روايت آھي ته شاه ويھنن ورھين جو ھو ته کيس مجازي محبت جا ڪان لڳو. چون ٿا ته ڪوٽڙيءَ جي مرزا مغل بيگ جو شاه حبيب ۾ ڪامل ويساه ھو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنھنجي گھر ۾ وٺي ويندو ھو. ھو اَرغون ھو ۽ سندس گھر ۾ سخت پردو ھوندو ھو. سندس گھر ۾ ڪو اَگھو ٿي پوندو ھو ته مرشد کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ويندو ھو. قضا سان، ھڪ دفعي سندس نياڻي بي چاڪ ٿي پيئي . اتفاق سان ، ساڳئي وقت شاه حبيب جي طبيعيت به ناساز ھئي. اِنھيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي ، پنھنجي پُٽ عبدالطيف کي ساڻن وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. شاه ، مغل جي دختر جو حسن ڏسندي بيخود ٿي ويو، ۽ سندس آڱر پنھنجي ھٿ ۾ جھليندي ، چيائين : “ جنھنجي آڱر سيد ھٿ ۾ ، تنھن کي لھر نڪو لوڏو.”
اِھي سخن سڻي، مرزا ۽ سندس عزيز غضي ۾ لال ٿي ويا، پر ٻاھرين صبر اختيار ڪيائون. اُن کان پوءِ اندران ئي اندران ، سيدن کي اھڙو تپائي کنيائون جو ھو لاچار ٿي ، ڪوٽڙي ڇڏي، اُتر طرف ڪجھ مفاصلو پري، وڃي ڌار حويليءَ اَڏي ويٺا.
عشق جي ڪان لڳڻ کان پوءِ ، شاھ ھرڻ ۽ ھما وانگر ، صحرائن ۽ بيابانن ۾ سرگردان ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو ھو. ھڪ دفعي ته ٽي ڏينھن سانده ، ھڪ ھنڌ غش ئي غش پيو ھو. سندس جسم تي واريءَ جا تھه چڙھي ويا ۽ رڳو سندس ھڪ ڪپڙي جو پلاند ٻاھر پئي ڏٺو. قضا سان ھڪ پنوھار جي وڃي مٿس نظر پيئي، جنھن سارو احوال وڃي شاه حبيب کي سڻايو. شاھ حبيب اُڏامندو اَچي اُنھيءَ ھنڌ پھتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين:
”لڳي لڳي واءُ ، ويا اَنگڙا لٽجي.“
شاھ بيخوديءَ جي حالت مان ڇڙڪ ڀري اُٿيو ۽ ٺھه پھه جواب م چيائين:
”پيئي کڻي پساه ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“
ڪي شعوري ماڻھو ان خيال جا آھن ته ھن شعوري زماني ۾ ، اَھڙي روايت کي “ ڏند ڪٿا ” ڪري شمار ڪرڻ جڳائي ۽ انھي کان گريز ڪرڻ يا ڪنارو ڪرڻ واجب آھي.
ھڪ ڏينھن ، شاه ، اوچتو ئي اوچتو ، بنا ڪنھن کي ٻڌائڻ چتائڻ جي ، جوڳين جي سنگ ۾ ، ھنگلاج ڏانھن ھليو ويو. ڏسجي ٿو ته ساڻن گنجي ٽڪري واري واٽ وٺي ويو ھو ، ۽ سندس صحبت ۾ ٽي ورھيه سفر ۽ سياحت ۾ رھيو. جوڳين جي صحبت ۾ ، جيءَ کي اَنيڪ جفائون ڏنائين، جھاني تجربا پرايائين ۽ املھه آتمڪ خزانا ھٿ ڪيائين. ھنگلاج ڏانھن ويندي جيڪي ھنڌ ۽ مڪان ڏٺائين ، تن جو ذڪر سسئي وارن سرن، کاھوڙي ، رامڪلي وغيره ۾ ڪيو اٿس. ھنگلاج کان موٽندي ، شايد ٺٽي کان سنڌو نديءَ وارو پتڻ اُڪري ، مغلين، لکپت ، ھالار، دوراڪا، پوربندر، جھونا ڳڙھ، گرنار ۽ کنڀاٽ گھميو آھي. چون ٿا ته ٺٽي ۾ مخدوم معين ۽ ٻين عالمن فاضلن سان به رھاڻيون ڪيائين. مخدوم معين کي ” مخدوم تارو“ به چوندا ھوا. وطن ڏانھن ورندي، جلسمير ۽ ٿر به گھمندو آيو ٿو ڏسجي. ” سر مارئي “ ۾ ٿر جي نظارن ۽ ٿرين جي زندگيءَ جو اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس. ممڪن آھي ته جليسمير کان پنج ڪوه پري ، لڊاڻو ٽڪري ۽ ان سان لڳل ڪاڪ ڪنڌي به ڏسي آيو ھجي. ” سر مومل راڻو“ اھڙي شاھدي ڏئي ٿو.
ساري ڏج، سيد چئي ، لڊاڻي تان لاه.
ننگر ٺٽي ڏانھن ورندي ، ھڪ غار ۾ ھڪ شخص کي ڏٺائين ته ھيءَ مصرع ، نھايت دردناڪ نوع ۾ پيو چوي:
ھيڪليائي ھيل ، پورينديس پنھونءَ ڏي.
پُڇڻ تي معلوم ٿيس ته ھو ھڪ جت ھو، ھالن جي ڀرسان لنگھندي ، فقيرن جي واتان اِھا مصرع ٻڌي ھوائين. شاه چيس ته ” جي چاھين ته بيت جون باقي ٻه مصراعون به سڻاياءِ.“ انھيءَ تي جت خوشي ڏيکاري. شاھ تنھن تي ٻي مصرع چئي ٻڌايس:
آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل
ٻي مصرع ٻڌندي ئي ، جت وجد ۾ اچي ويو ۽ ٽي مصرع ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿيو، جنھن تي شاه ٽي مصرع چئي ٻڌايس:
ته ڪري ٻيلي آھن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.
شاھ جو بيت ختم ڪرڻ ۽ جت جو فوت ٿيڻ. شاه جي ارمان ۽ عجب جي حد نه رھي. پوءِ جت کي اُتي دفن ڪيائين. اُنھيءَ جت جي قبر اڃان تائين واٽھڙن کي ڏسڻ ۾ ايندي آھي. شاھ اڪثر چوندو ھو ته ” انھي جت جھڙو درد وارو انسان، مون ڪڏھن ڪونه ڏٺو.“
شاه حبيب ، پٽ جي فراق ۾ بيحال ٿي پيو ھو ، ۽ رات ڏينھن ، پيو ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو ھو، ته سندس پٽ کيس وري سلامت اچي ملي.
مخدوم نوح جي درگاھ به ، ھر روز اِھائي دعا پنندو ھو. ھڪ ڏينھن اوچتو ئي اوچتو ، شاھ عبدالطيف اچي پنھنجي گھر سھڙيو. پيءُ جون اکيون ٺري پيئون، ورھين جو وڇوڙو ھڪ کن ۾ لھي ويو.
شاھ جي گھر موٽي اچڻ کان سست ئي پوءِ ، مٿس شاديءَ جو ٻنڌن پيو. جنھن جي ڪارڻ، گھڻو وقت بي تاب ٿي، جھنگ واديون ۽ رڻ ڦريو ھو، تنھن سان ئي قدرت سندس ناتو جوڙيو. اھا ھئي مرزا مغل بيگ جي نياڻي، بيبي سيده بيگم ، جنھن کي شاھ صاحب جا مريد، پوءِ اَدب وچان، تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ) سڏيندا ھئا.
شاھ جي شادي ڪيئن ٿي، سا به ھڪ حيرت جھڙي ڳالھ آھي . ھڪ ڏينھن اتفاق سان ائين ٿيو جو ڪي دَل ذات جا رھزن ،مردن جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، مرزا مغل بيگ جي گھر ڪاھي آيا، سارو قيمتي سامان ٻھاري رمندا رھيا. پوءِ مغل ھٿياربند ماڻھو ساڻ ڪري، ڌاڙيلن جي ڪڍ لڳا، ۽ اچي شاھ جي پاڙي مان لانگھائو ٿيا. اھا روئداد ڏسي ، شاھ سچي نيت سان پنھنجون ۽ پنھنجن ماڻھن جو خدمتون آڇين، پر مرزا، ان کي حقارت سان ٿو ڪاري ڇڏيو. شاھ کي انھيءَ تان ڏاڍو رنج رسيو. چون ٿا ته سندس زبان مان بي اختيار بد دعا نڪري ويئي ، مرزا پنھنجن ماڻھن سميت شاھينگن ھٿان مارجي ويو. اھو حادثو 1124 ھه مطابق سنه 1813ع ۾ ٿيو. مغلن جي زالن، سيدن جي رنج مٽائڻ لاءِ اچي کانئَن معافي ورتي. پوءِ مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ جي شادي شاھ سان ڪرايائون. بيبي صاحبه ھڪ نھايت پاڪ دامن، پارسا ۽ نيڪ اطوار عورت ھئي. شيخ سعديءَ جو فرمودو آھي:
زن نيک و فرزانه وپارسا ــــــــ کنند مرد درويش راپادشا.
يعني: نيڪ ،سياڻيءَ عورت ، فقير مرد کي به بادشاھ بنائي ٿي ڇڏي،ھنجي سڳوريءَ صحبت ، شاه کي ھڪ روحاني بادشاھ بنائي ڇڏيو ته ڪھڙو عجب! ھوءَ پاڻ سان پنھنجو ننڍو ڀاءُ گولو وٺي آھئي ھئي. جو جلدئي گذاري ويو.
شاھ کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو. چون ٿا ته بيبي صاحبه کي ھڪ وار اميدواري ٿي ھئي ، پر پوءِ ڪيھاءِ ٿي پيس. انھيءَ جو ڪارڻ ، ھن ريت ڄاڻايل آھي: ھڪ ڏينھن شاه پنھڻجي ھڪ فقير کي پري کان سھڪندو ايندي ڏٺو، پڇڻ تي معلوم ٿيس ته بيبي صاحبه کي پلي تي دل ٿي ھئي، ۽ اھو فقير ، ڊوڙندو وڃي گھڻي پنڌ تان پلو ھٿ ڪري آيو ھو. اھو حال ڏسي، شاه چيو ته ” اھڙو اولاد ئي گھوريو، جو ڄمڻ کان اڳي ئي منھنجي فقيرن کي ٿو رُلائي.“ شاه ھميشه چوندو ھو ته ” ھي فقير ئي منھنجو اولاد آھن، جنجون دليون عشق کان گھايل آھن.“
تحقيق ، درويشن جا مريد سندن نوري پٽ آھن.
ھاڻ شاه جي زندگيءَ ھموار ۽ موزون نموني ۾ گذرڻ وقت ، رياضت ،عبادت ، شعر گوئي ۽ قدرت جي جمال پسڻ ۾ صرف ڪندو ھو. قدرت جا من موھيندڙ نظارا ، کيس وجد ۾ آڻي ڇڏيندا ھئا. اڪثر اونھي ويچار ۾ گذاريندو ھو. ” انسان ڇا آھي؟ عالم ڇا آھي؟ حق ڇا آھي؟ “ جي باريڪ مسئَلن تي غور ڪندو ھو. ويدانت ۾ به انھن ئي باريڪ نڪتن تي ويچار آيل آھن: ” جيو ، جڳت ۽ ايشور ڇا آھن؟“
شاه جي ٻاجھاري طبيعت ، نيڪ اطوارن ۽ پاڪدامنيءَ ڪيترن ئي انسانن کي مٿس مفتون ڪري ڇڏيو. ھڪ ھو اڳيئي سيد ،ٻيو سڀاءُ جو ھو سٻاجھو سو ته باقي به ماڻھن کي موھي وڌائين. شاه پاڻ پوڄائڻ کان پري ھو، پيري ۽ شيخي، دل کي نه وڻندي ھيس:
پوڄا ڪَرم پاڻکي، جوڳي! رکج جوڳ،
خلق خادم جئَن ڪرين، اي راول! وڏو روڳ.
پر خلق خود ڏانھنس ڇڪجي ٿي آئي. ماڻھن وٽ شاھ جي ايڏي عزت ، آسپاس جي پيرن ۽ ميرن کان سٺي نٿي ويئي. مطلب ته سمورو حسد پيريءَ مخدوميءَ تان ھو. شاھ ذاتيءَ طرح پاڻ به ان جي خلاف ھو، پر جنجي اکين ۾ موريسر ، سي ڪئَن سچ ڏسن! سڀني پنھنجي پر ۾ ، کيس تنگ ۽ پريشان ڪرڻ سان گھٽايو ڪين. بلڪ، ميان نور محمد ته کيس صفحه ھستيءَ تان اڏائڻ جي به ڪوشش ڪئَي ، پر شاه جي مڙيئَي دشمن کيس ذرو به ضرر رسائي نه سگھيا.
شاه کي اچي خيال ٿيو ته شاه عبدالڪريم جو مقبرو جوڙايان ، سو ڪاشيءَ جي سرن آڻڻ ڪاڻ ، ملتان ڪھي ويو . موٽندي جڏھين خدا آباد پھتو ، تڏھين ڪئَين ماڻھو سندس قدم بوسيءَ لاءِ آيا. ميان نورمحمد ڪلھوڙي ھڪ معجون جي دٻلي نذراني طور ڏياري موڪليس . شاه ، دٻلي وٺندي درياه ۾ اڇلي ڇڏي ۽ چيائين ته ” ڀل ته سارو عميق ، ھن معجون جو فيض وٺي.“ معجون ۾ زھر قاتل ملايل ھو. چون ٿا ته پاڻيءَ ۾ اوڏي مھل ئي ، مئل مڇيون ترندي نظر آيون . ٻئي دفعي وري دعوت ڏيئي . ھڪ سرڪش گھوڙي ، سونن سنجن سان سينگاريل ، تحفه طور ڏنائينس .شاه لغام کي پري اڇلي ، گھوڙيءَ کي اڙي ھڻي اتان طوفان جيان نڪري ويو . ۽ ٿوري وقت کان پوءِ صحيح سلامت ساڳي منزل تي موٽي آيو. ميان نورمحمد ڪلھوڙي پنھنجي ڪئَي تي ڏاڍو پيشمان ٿيو ۽ دشمن مان ڦري سندس معتقد ٿي پيو . چون ٿا ته ميان نور محمد کي ميان غلام شاه ڪلھوڙو شاھ جي دعا سان ڄائو.
شاه کي ھاڻ خلوت جي عشق ، ڪوٽڙيءَ ۾ آرام نه ڏنو . پنھنجي سير جي دوران ۾ ، نون ھالن کان ٻن ڪوھن جي مفاصلي تي ، ڪڙار ڍنڍ نزديڪ ، ھڪ دٻن ۽ دٻين جي وچ ۾ بيٺل ، ۽ ڪرڙن ۽ ڪنڊن ۾ ويڙھيل ، واريءَ جو دڙو چتائي ڇڏيو ھوائين . سندس نظر ۾ ، اِھو سڃھرو ، عبادت لاءِ ھڪ آدرشي آستان ھو. نھايت ڪشالي ۽ محنت سان انکي پنھنجي محبوب ” ڀٽ “ جي صورت ڏنائين. فقيرن سان گڏ ،انھيءَ واريءَ جي دڙي مٿان چيڪي مٽي وڌائين ۽ پوءِ پنھنجي لاءِ ھڪ جھوپڙو اڏيائين . ھڪ ننڍڙي مسجد ۽ پنھنجي اَبي ۽ اَمڙ لاءِ ھڪ حويلي به اڏرايائين ، ۽ فقيرن کي به رھڻ لاءِ حدون مقرر ڪري ڏنائين . مينھن جي موسم ۾ ، ڀٽ ، ھڪ رونقدار ويس پھريندي ھئي . شاھ ” سر سارنگ “ ۾ اُن رونق ڏانھن ڪي اِشارا فرمايا آھن.
چون ٿا ته شاه عبدالڪريم، ھڪ لڱا انھيءَ ھنڌان لنگھندي ، اتي نماز پڙھي ھئي ۽ پڻ فرمايو ھوائين ته ” اسانجي اولاد مان ھڪ ولي ۽ وڏو شاعر ، ھن ھنڌ پنھنجو آستانو جوڙيندو.“ اُن وقت شاه عبدالڪري ، ھالن واري مخدوم نوح کي ملڻ لاءِ وڃي رھيو ھو ڇو ته مخدوم صاحب ۽ شاه عبدالڪريم پاڻ ۾ گھرا دوست ھوندا ھئا.
شاه اڃان ڀٽ کي تيار ڪرڻ ۾ ئي لڳل ھو ته پنھنجي والد سڳوري جي سخت بيماريءَ جي خبر مليس . شاه حبيب قاصد ھٿان پٽ ڏانھن ھي نياپو ڏياري موڪليو:
ڪنھن جنھن نينھن ننڌاه ، جي مون واجھائيندي نه ورو،
جيڪي مئَي ڪنداه ، سو جانب ڪريو جيئري.
شاه پنھنجي والد کي آخرين طرح گڏجڻ لاءِ بيحد بيتاب ٿيو ۽ قاصد کي جواب ۾ ھي بيت ڏنائين.
متان ٿئين ملور ، ڪين اڳاھون آھيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور ، حد ٻنھي جي ھيڪڙي.
شاه حبيب کي پٽ جو نياپو مليو ته اندر کي آرام اچي ويس . شاه نياپي موڪلڻ کان ترت ئي پوءِ پنھنجي والد سڳور کي ملڻ لاءِ روانو ٿيو. افسوس جو سندس پھچڻ کان اڳيئي شاه حبيب جو روح وڃي حق سان ھڪ ٿيو. پيءُ جي وفات ڪري شاه کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ھو ڪيترا ڏينھن ماتم ۾ رھيو.
شاھ حبيب جي وفات کانپوءِ کيس شاه جي ھدايت موجب محمود فقير جي سيرانديءَ کان دفن ڪيائون. ھاڻي مقبري مٿان گنبذ ٺھيل آھي. اِھو گنبذ شاه صاحب جي مقبري کان اتر طرف اَٺن نون وکن جي مفاصلي تي آھي. شاه حبيب سنه 1842ع ۾ وفات ڪئي. اھا تاريخ محمد صادق نقشبنديءَ جي عربي مصرع مان نڪري ٿي: اَلموت جسر يوصل الحبيب لييٰ لقاءِ الحبيب“ يعني: موت ھڪ پل آھي، جنھن تان ھڪ دوست لنگھي وڃي ٻئي دوست کي ملي ٿو.
شاھ صاحب ، پيءُ جي وفات کان پوءِ رڳو ڏھ وريھه زنده رھيو. پيءُ جي گذرئي کان پوءِ اٽالي سميت ، ڪوٽڙي ڇڏي وڃي ڀٽ تي رھيو. سندس ھاڪ ، ھينئَر ماڳين پکڙجي ويئي ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻھو سندس ديدار لاءِ آيا ٿي.
وٽس سارو ڏينھن سرود ۽ سماع جاري ھوندو ھو. دھليءَ جا ٻه مشھور گويا ، اَٽل ۽ چنچل به اَچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. راڳ ، شاه صاحب جي جان ھو، موسيقي يا گائن وديا جو ڪامل ڄاڻو ھو. پاڻ به پنھنجو چيل ڪلام ڳائيندو ھو. چون ٿا ته وفات کان ٿورو اڳ گھڻو ڪري ھيٺين ڪافي چوندو رھندو ھو. ” سر سھڻي“ جي پھرئين داستان کان پوءِ اَچي ٿي.
ڪھڙي منجھ حساب؟ ھئَڻ منھنجو ھوت ري لا!……
حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اچي سڪ ٿيس ته ڪربلا جي زيارت ڪري اچان . قضا سان واٽ ۾ ھڪ خدا رسيدو مريد گڏيس . جنھن چيس ته ” سائين سڳورا! اوھين ماڻھن کي چوندا آھيو ته اوھانجو ڪفن دفن ڀٽ تي ٿيندو. پوءِ ھينئَر ڪئين پڇاڙيءَ جي وقت ھيڏي سفر تي نڪتا آھيو؟.“ شاه جي دل ۾ ، اِھي سخن تير مثل پيھي ويا ۽ ڪربلا شريف جي زيارت جو خيال ترڪ ڪري ، ڀٽ ڏانھن واپس وريو. ڀٽ تي پھچڻ سان ڪارو ويس ڪري ، امامن جي ماتم ۾ ” سر ڪيڏارو “ چيائين. پورا ايڪيھين ڏينھن ايڪانت ۾ رھيو. ۽ اُنھيءَ عرصي ۾ ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائين. جڏھن ٻاھر نڪتو ، تڏھين غسل ڪري ھڪ چادر مٿان وجھي، مراقبي ۾ ويھي رھِو. پوءِ سرود ۽ سماع جو اِشارو فرمايائين. ٽي ڏينھن برابر فقيرن جو راڳ روپ پئي ھليو. آخر راڳ ختم ٿيو، پوءِ شاه صاحب جي ويجھو ڇا وڃي ڏسن ته سندس روح مبارڪ پرواز ڪري وڃي رب سان مليو ھو! شاھ صاحب صفر مھيني جي چوڏھين تاريخ سنه 1125ھ مطابق 1752ع ۾ جھان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس عمر حضرت محمد صلعم ۽ حضرت عليءَ جي عمر جيتري ٿي يعني 63 ورھيه.
شاھ صاحب جو لاش مبارڪ سندس وصيت موجب ڀٽ تي ، محمود شاه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. ميان غلام شاه ڪلھوڙي پنھنجي خرچ سان سندس تربت مٿان سنه 1754ع ۾ ھڪ عاليشان مقبرو وقت جي نامياري عيدن رازي کان جوڙائي راس ڪرايو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ مير نصير خان ، انھيءَ مقبري ۽ مسجد جي عمدي مرامت ڪرائي. سندس سوٽ مير محمد خان، قبي کي چانديءَ جو دروازو وجھايو. جو اڄ تائين قائم آھي . دروازي مٿان توڙي ديوارين تي ڪيترائي سھڻا فارسي بيت نقش ڪيل آھن جن مان شاھ صاحب جي وفات جي تاريخ ملي ٿي.
شاه حبيب جي تربت سڳوري، ھينئَر عام و خاص لاءِ ھڪ زيارتگاھ آھي. اُن جو ديدار قلب کي آرام ڏيندڙ آھي.
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
اُن جي عبدالطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙيين ڪن سلام ، آڳھ اچيو اُن جي.
ھر جمع رات ڀٽ شريف تي فقير شاھ صاحب جو ڪلام ڳائيندا آھن ، ڪلام رات جو ڏھين بجي ڌاري شروع ٿيندو آھي ۽ صاف صبوح تائين ھلندو آھي.
شاھ جو رسالو ڪلام وجد واري حالت ۾ چيل آھي. شاه صاحب جڏھين انھيءَ حالت ۾ ايندو ھو. تڏھين ويندو ھو شعر چوندو. جو سندس فقير بروقت قلم بند ڪندا ويندا ھئا. ھڪ روايت آھي ته وفات کان ٿورو وقت اڳ ، سارو رسالو ڪراڙ ڍنڍ ۾ داخل ڪري ڇڏيائين ، ڇو ته اھو خيال اچي ٿيس ته متان ماڻھو سندس رمزون نه سمجھي وڃي گمراھيءَ ۾ پون. چون ٿا ته شاه جي ائين ڪرڻ تي فقيرن کي ماتم وٺي ويو، ۽ پاڻ مٿن رحم آڻي ، ھڪ مريدياڻي مائي نيامت (نعمت) کي فرمايائين ته فقيرن کي اھو لکرائي ڇڏي ، چون ٿا ته اِنھيءَ مائي کي شاھ جي ڪلام جو ڳچ حصو ياد ھو. پوءِ انھيءَ نئين سر تيار ٿيل رسالي ” گنج “ ڪري سڏيائون ۽ تمر فقير جي حفاظت ۾ ڇڏيائون. فقير جا پويان اڃا تائين اُنجي حفاظت ڪندا اچن.
شاه جو ڪلام سندس سيرت جو آئينو آھي. جن ۾ گڻن کي پنھنجي ڪلام ۾ واکاڻيو اٿس. تن مڙني جو مجسم ھو. سندس متو ھو ھر حال ۾ تواضع ۽ خاڪساري ڪرڻ ۽ ” سڀني سين ، من ماري ميڻ “ ڪرڻ. جيڪي خاڪ ۾ ڏٺائين ، سو عالم جي ٻي ڪنھن به شي ۾ نه ڏٺائين: سو نه ڪنھن شي ۾ ،جيڪي منجھ تراب. شاه صاحب جي واٽ ، نيستيءَ واري ھئي ، نه ھستي واري. نيستيءَ ۾ ھستي ۽ نابوديءَ ۾ بود ڏٺائين.
شاھ صاحب کائيندو پيئندو ۽ پھريندو سادو ھو. اِلاھي محبت ۾ رڱيلن جي ، نه ڪڏھين پوشاڪ سان پيئي آھي نه خوراڪ سان. شاھ صاحب جي ظاھري لباس ، سينڌ سرمي ۽ ٺاه ٺوه سان نه پوندي ھئي.
شاھ صاحب جي پوشاڪ، ڪاري ڌاڳي سان سبيل ھڪ گيڙوءَ رتي ڪفني ھوندي ھئي. مٿي تي سفيد رنگ جي وڏي ٽوپي يا ڪلاه ۽ اُن جي مٿان ڪاري رنگ جي ڪپڙي جو ٽڪر ويڙھيل ھوندو ھوس. ھٿ ۾ جوڳين جي بيراگڻ جھڙي لٺ کڻدو ھو. کاڌي پيتي لاءِ ھڪ ڪشتو يا ڪشڪول ھوندو ھوس. اھي شيون اَڃان تائين ڀٽ شريف تي پوري حفاظت ۾ احترام سان ساڍيل آھن. پور ھوندو ھوس ته جتي پائيندو ھو، نه ته پيرن اگھاڙو پنڌ ڪندو ھو. اوچي بستري تي نه ، پر ھڪ پراڻيءَ کٿائينءَ گودڙي تي سمھندو ھو. ڪڏھين به ڪنھن دنيوي فرحت کي اوڏو نه ويو. ننڊ به نھايت ٿوري ڪندو ھو. جھڙيون رياضتيون شاه صاحب ڪڍيون ، تڙيون ڪنھن ورلي ڪڍيون ھوندو. سمھندو به ھڪ صندل تي ھو ، جو اڃان تائين موجود آھي. شاه لاطمع به ھڪڙو ئي ھو. ڪڏھين به ڪنھن جو ٿورو کڻڻ نه چاھيندو ھو. پاڻي به پنھنجن ھٿن سان ڀري پيئندو ھو، ڇو جو ڪنھن کي پاڻي آڻڻ جو چوڻ به سندس خيال ۾ سوال ۾ داخل ھو.
چون ٿا ته سندس ھڪ مريد، ھر سال جڏھين زيارت لاءِ ايندو ھو تڏھين ھڪ کٿو پاڻسان نذراني طور آڻيندو ھو. ھڪ سال ، مسڪينيءَ سببان ويچارو کٿو ڳنھي نه سگھيو. تنھنڪري شاه صاحب وٽ لڄ وچان آيو ئي ڪين. ٻئي سال دستور موجب کٿو کڻي، شاه صاحب وٽ آيو. شاه صاحب پڇيس ته ” پر سال ڇو نه منھن ڏيکاريءَ ؟“ جواب ڏنائين ته ” پر سال توفيق نه ھيم جو سائين جن لاءِ کٿو کڻي اچان، چيم ته ھٿين سکڻو ڪئين اچان“. اِنھيءَ تي شاه صاحب فرمايو ته ” اھو کٿو ئي گھورو ، جو دوست کي دوست کان سڪائي.“
شاه صاحب جو قلب نھايت ڪومل ھو. نه رڳو انسان ذات لاءِ ، پر پکين ۽ پسن سان اٿاه قرف ھوس. حياتيءَ ۾ ڪڏھن ڀُلئي ڀُلائي به ڪنھن پرندي ۽ پسونءَ کي ڪو ڏک نه رسايائين. شڪارين کي اَجل جي يادگيري ٿو ڏياري ، جئن ويچارن گگدامن کي مارڻ کان باز اچن( اھا ، عام اِنسانن لاءِ به ھڪ ھدايت آھي.)
شڪار تون شھباز جو تون تان منجھ شڪار!
ڪونجڙين کي شڪار ٿيندو ڏسي ، سندس ھردو درد کان رجيو ٿي. اُنھي معصومڙين جي ھردي مان ڄڻ پيھي نڪتو ھو. ماريءَ جي ڄار ۾ ڦاسڻ وقت ، اَندر ۾ اُھو ئي وڍ پيو پوين ، ته سندس پٺيان ، سندس ٻچا ڪئَين ڪندا.
ڪونجيون ٿيون ڪڻڪن ، جيڪسن ھلڻ ھاريون،
ٻچا پوءِ اُٿن وڃن وانڌا ڪنديون.
ڪونجڙين کي اندر ۾ وڍ پوندا ڏسي ، سندس اندر جا به چاڪ ٿي چڪيا. اُنھن جي فراق وارين دانھن سندس فراق جا ڦٽ آلا ٿي ڪيا:
ڪونجڙي ڪالھ لنئَين سڄڻ وڌم چت،
آئون جنھن ريءَ ھت، گھنگر گھاريان ڏينھڙا.
دل ايتري قدر ته نرم ھيس جو ڪھل وچان ٻن ڪتن کي پنھنجي ھٿن سان پاليو ھوائين . ڇو ته انھن جي ماءُ، کين نڌڻڪي حالت ۾ ڇڏي ويئي ھئي، اُنھن مان ھڪ کي ” موتي“ ۽ ٻي کي ”کينھو“ ڪري سڏيندا ھئا.
شاه صاحب نھايت پرھيزگار ۽ پاڪدامن ھو. مجازي عشق ڪمايائين ، پر اُن ۾ اَٽڪي بيھي نه رھيو. شاديءَ کان پوءِ پنھنجي تڙ ڏاڏي شاه عبدالڪريم وانگر ، ڇڙائيءَ جي واکان ڪندو ھو. راڳ تي ايتري قدر ته مفتون ھو ، جو وصال به راڳ ٻڌندي ڪيائين. سارو وقت وٽس سرود ۽ سماع لڳو ئي پيو ھوندو ھو. سماع ھلندي ، سر جي سمڪ نه ھوندي ھيس، تندن جي تانن ۾ روحاني راز پروڙيائين.
تان نه آھي تند جو ، رون رون ڪري راز.
راڳ جو سچو قدر ” سر سورٺ “ ۾ ڪيو اَٿس . راڳ جي عشق جي لحاظ کان راءِ ڏياچ شاه پاڻ آھي.
شاه صاحب وڏي ڏيا ۽ حشمت جوصاحب ھو. سندس حضوريءَ ۾ ڪنھنکي به ڪا گستاخي ڪرڻ جي مجال نه ھئي. ھميشه ڳورو ۽ ڳنڀير گذاريندو ھو. البت ، وڳند يا ورو فقير سان ، وقتي چرچا گھٻا ڪندو ھو. ”سر بلاول“ ۾ انھي ”جسم جي جڏي“ فقير سان چڱو مذاق ڪيو اَٿس. شاه صاحب جي ھن جڏڙي سان اھڙي ڪا خاطر ھئي ، جو ھنجي صدقي ظريفاڻو شعر به چيو اَٿس. وڳند کي گھڻن ئي مذاقي لفظن سان ياد فرمايو اَٿس. ” نسورو ئي نرڳ، ”بي نماز“ ، ڪلاٺ، ”نرڳي“. ھنجي گدائيءَ ۽ پيٽوڙ پائيءَ تي چڱائي چرچا گھٻا ڪيا اٿس. اھو فقير ڪوٽڙيءَ جو ئي ھو، ٻيا فقير ، جي شاه صاحب جي مريدن ۾ داخل ھئا، سي ھوا: تمر فقير سندس خاص خليفو جنھنجو اولاد اڄ ڏينھن تائين سندس درگاھ جو مجارو آھي، محمود شاھ جو اَميري ترڪ ڪري فقير ٿيو ھو ۽ جنھن لاءِ شاه صاحب کي ايڏي عزت ھئي جو پنھنجي تربيت ھنجي پيرانديءَ کان ڪرڻ جي وصيت ڪئي ھئائين. شاھ عنايت ، ھڪ وڏي زميندار جو پٽ ، ميون ھاشم علوي ريحان جو پوٽو ، جو راڳيندڙ به ھو ۽ لکپڙه جو ڪم به ڪندو ھو، بلال ، جنھن سان ايڏي محبت ھيس ، جو ڪڏھين ڪڏھين ھنجي ملاقات لاءِ ھنجي ڳوٺ ڪھي ويندو ھو.
شاه کي ڪامل درويشن سان رھاڻين ۽ ملاقاتن ڪرڻ جو شوق ھو ۽ اڪثر پاڻ وٽن ڪھي ويندو ھو.شاھ جي زماني ۾ سنڌ ۾ گھڻيئي ڪامل فقير ھئا. شاھ صاحب پنھنجي حياتيءَ جي عرصي ۾ گھڻن ئي الله لڪن سان ملاقاتون ۽ رھاڻيون ڪيون ، ڦوه جوانيءَ جي زماني ۾ شاه عنايت جھوڪ واري سان ملاقات ڪيائين چون ٿا ته شاھ عنايت کيس ڏسندي ئي ھيٺيون بيت چيو. ان ۾ سالڪ کي طريقت جي واٽ وارين مشڪلاتن جو شير دليءَ سان مقابلو ڪرڻ بابت ھدايت فرمايل آھي.
ڏسي ڏونگر ڏار ، متان ھلڻ ۾ ھيڻي ٿئين،
ڪي مجازاڻيون موٽيون ، سڻي پنڌ پچار ،
پويون پائج پرينءَ کي حقيقت جو ھا،
سِگھي لھندءِ سار ، آريچا عنايت چئي.
شاھ صاحب جواب ۾ ھيٺيون بيت فرمايو:
پسي ڏونگر ڏاه! جم ھلڻ ۾ ھيڻي وھين،
لانچي لڪ ، لطيف چئي پٺيءَ ڪيچين ڪاه،
پڇي پورج ، سسئي! بلوچاڻي باه،
اِن وڙائتي ور جي ، آسر ھڏ م لاه،
جو اکنئَون اوڏو آه ، سو پرين پرانھون م چَئو.
شاه عنايت شھيد جي شھادت وقت ، شاه ايڪٽيھه سالن جو ھو. خواجه محمد زمان لواريءَ جي ملاقات لاءِ به پاڻ ڪھي ويو ھو . جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ کان خواجه صاحب ، شاه صاحب کان گھڻو ننڍو ھو. شاه صاحب خواجه صاحب جي ڪماليت کان اھڙو ته متاثر ٿيو ھو ، جو جڏھين به وٽس ھن صاحب جو ذڪر نڪرندو ھو، تڏھين ازخود زبان مان ھي بيت ڇٽي نڪرندو ھو:
مون سي ڏٺا ماءِ ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
ڪري نه سگھان ڪاءِ، اُنين سندي ڳالڙي.
شاھ صاحب مخدوم محمد معين ، ٺٽي جي مشھور عارف وٽ گھڻو ايندو ويندو ھو. مخدوم صاحب جو ”اويسيه“ نالي رسالو لکيو . سو به شاھ صاحب جي اِستدعا تي ڇو جو شاه صاحب جو اويسي طريقي سان خاص پيوند ھو. بلڪ اِئين چئجي ته شاھ صاحب پاڻ ھڪ اويسي عارف ھو. شاه صاحب جي مرشد جي ڪل ڪنھن کي به نه رھي آھي، ھو صاحب رياضتن ۽ ڪشالن جي ذريعي ئي روحاني ڪماليت کي رسيو.

”تحفت الڪرام“ ۾ آيل آھي ته جڏھين مخدوم صاحب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏھين شاه صاحب پنھنجي فقيرن کي فرمايو ته ” ھلو ته پنھنجي دوست سان پڇاڙيءَ جي ملاقات ڪري اچون.“ فقيرن اُتي پھچي سماع شروع ڪيو. مخدوم صاحب تي سماع جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو ھو ذوق ۽ حال ۾ اچي، پنھنجي حجري ۾ ھليو ويو، ۽ ساعت کان پوءِ سندس روح وڃي حق سان ھڪ ٿيو.
شاه صاحب جي ، سچل فقير جي ڏاڏي ميان صاحب ڏني سان به ملاقات ٿي. ھن صاحب اُن وقت کٻڙن جي ويڙھه ۾ لڪائي ويٺي رياضت ڪڍي. شاه صاحب کيس ڏسي فرمايو ته ” يار کي لڪائڻ نه گھرجي، پر ھنکي ٻاھر آڻجي.“ اِنھي تي ھُو صاحب ٻاھر نڪري آيو. وري ٻئي دفعي جڏھين درازن ۾ آيو تڏھين پنجن ورھين جي ٻالڪ سچل کي ڏسي فرمائائين ته ” اسان جيڪو ڪنو چاڙھيو آھي، تنھن جو ڍڪڻ ھي لاھيندو.“
چون ٿا ته مخدوم دين محمد صديقي سيوھاڻيءَ جي به شاھ صاحب سان گھٽائي دوستي ھوندي ھئي. انھيءَ ڪري شاه صاحب جو گھڻيئي دفعا سيوھڻ ۾ وڃي ٿيو. ٻنھي جي پاڻ ۾ ايڏي ته محبت ھئي جو ھڪ لڱا پاڻ ۾ دستارون بدلائي پڳ مٽيا يار بڻيا ھئا.
شاھ صاحب جي مدن ڀڳت سان به گھاٽي پريت ھئي. مدن صاحب ڪوٽڙي مغل جو ويٺل ھو، ۽ وڏي پھچ وارو فقير ھو، شاھ صاحب ھن ھندو صوفيءَ سان به چڱيون رھاڻيون ڪيون.
شاھ جو روحاني طريقو ڪھڙو به ھجي، سندس ڪلام مان ظاھر آھي ته ھو مذھبي اِختلاف کان مٿي ھو، ھر شئيءَ ۾ حق جو جلوو پسندڙ ھو.
ڏسڻ ڏسين جي ، ته ھمه کي حق چوين.
شاھ صاحب نڪي ھو شيعو، نڪي ھو سني. ھڪ لڱا ، سوال پڇيو ويس ته ” سائين اوھين سني آھيو يا شعيا؟“
جواب ۾ فرمايائين ته ”آھيان به اھو ڪي ڪين.“
پڇيو ئي جان دوست ، تان پاسي ڪر پرھيز کي ،
جنين ڏٺو ھت ، تن دين سڀيئي دور ڪيا.
اگرچه باطن ۾ ھڪ صوفي عارف ھو، ته به ظاھر طرح ، ماڻھن جي صحيح ھدايت لاءِ شريعت جا سڀ حق پوريءَ ريت بجا آڻيدو ھو. باطن ۾ توڙي ظاھر ۾ ، ھڪ ڪامل ھادي ۽ رھبر ھو. سندس ھدايت آھي.
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
ھنئون حقيقت ھير تون، ماڳ معرفت ماڻ،
ھوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالھو رھين.

 
Leave a comment

Posted by on September 10, 2011 in Personalities

 

Sufi Shah Inayat Shaheed – Sain G.M Syed

صوفي شاھ عنايت الله عليه شھيد: جھوڪ شريف


اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين ،
آديسي اُٿي ويا مڙھيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا.
( شاھ سائين )

سنڌ پيغمبر خدا حضرت رسول مقبولﷺ جو پيارو مُلڪ آھي . ان کان کيس ٿڌي ھِير آئي ھئي. اھو ملڪ ڪيترن ئي بھترين روايتن جو حامل آھي. محبت ، سلامتي ۽ عالم جي آبادي اُن جا خاص پيغام رھيا آھن . نفرت ، فساد ، بدخواھيءَ کان ان جا رھاڪو اڪثر پاسي رھيا آھن.
سنڌ ھڪ مردم خيز ملڪ آھي ، ان جي سرزمين ڪيئي بزرگ پيدا ڪيا ، جن جون مزارون ۽ مقبرا ، سماڌيون ۽ آشرم اُن جي گوشي گوشي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪو به وقت اھڙو به ھو جو ھِتي جا درويش ۽ عالم لاھور ، دھلي ، برھانپور ، گجرات بلڪ عرب تائين وڃي پيغام حق جو آواز بلند ڪندا ھئا. پر اڄ اُھي مڙھيون ۽ مڪان خالي نظر اچن ٿا. شاھ لطيف رح اھڙي حالت کي ڏسي فرمايو آھي :
ويا سي وينجھار، ھيرو لعل ونڌين جي ،
تنين سندا پويان، شيھي لھن نه سار،
ڪٽين ڪٽ لھار، ھاڻي انھين ڀيڻين. (شاھ)

انسانذات جي رھبري ۽ ھدايت ، اتحاد ۽ امن ، ترقي ۽ تھذيب لاءِ جي راھون ۽ رستا رٿيا ويا آھن ، مذھب جو انھن ۾ مکيه درجو آھي . ليڪن مذھب جون به ٻه جدا تشريحون پئي ڪيون آھن.
ھڪڙي جو واسطو.
عام ماڻھن جي ضروريات ، حالات ۽ نفسيات جي بنياد تي رٿيل رسم ۽ رواج ، عبادت ۽ دستورن سان پئي رھيو آھي جنھن کي مسلمانن ۾ عام طور شريعت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
ٻي تشريح جو لاڳاپو.
رموز حقيقت ۽ اسرار ڪائنات جي کوجنا ، اتحاد انساني ، امن عالم جي مقاصد ۽ ماڻھن جي ذھني صلاحيت ۽ نفسياتي اصلاح سان پئي رھيو آھي ، جنھن کي عام طور طريقت يا تصوف جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھن پوئين سمجھاڻي جا ڄاڻو ھر ملڪ جي رھاڪن ، ھر قوم جي ماڻھن ۽ ھر مذھب جي پوئلڳن اندر موجود پئي رھيا آھن . جن جا مقصد ۽ مُرادون ساڳيا ھئا.
انھيءَ تشريح جي ڄاڻن اڪثري محدود دائري اندر ڳُجھي نموني سينه سينه رازن ذريعي انھيءَ تعليم کي ( گيانوان) راسخ العلم ، اھل نظر ۽ صاحبِ دل ماڻھن ۾ پئي پکيڙيو آھي. مسلمانن جي انھيءَ گروھ کي صوفي سڳورن جي نالي سان پئي ڪوٺيو آھي.
اھڙن بزرگن جا ھر مُلڪ ۽ زماني ۾ ادارا (Institutions) ھئا. سنڌ ۾ به اھڙا ادارا يا آشرم رھيا آھن. رواجي طرح ته ساري سنڌ درويشن جي درگاھن سان ڀري پئي آھي . جن جون درگاھون اڄ تائين عام خاص جون زيارت گاھون پئي رھيون آھن.
پر ھتي آءُ صوفي ادارن جو ذڪر ڪريان ٿو . ھي ادارا منھنجي نظر ۾ بين الاقوامي اتحاد ۽ اَمن جي پرچار جا مرڪز پئي رھيا آھن. جن جو وجود ھر ملڪ ۽ زماني ۾ پئي رھيو آھي . انھن جا قِسم ۽ مَتا ساڳيا رھيا آھن. ليڪن طريقه ڪارعلحده ھئن.
ھڪڙن علم ۽ گيان کي ترجيح ٿي ڏني ، ته ٻين عشق ۽ ڀڳتيءَ کي رھبر راھ ٿي بنايو.
ھتي آءُ شاھ عنايت الله عليه صوفيءَ جھوڪ واري جو ذڪر ڪريان ٿو. جنھن صوفياني تعليم جي چوٽ تي کُليو کُلايو ان دور ۾ ظاھر ڪيو جڏھن اڃا اورنگزيبي ڪٽرپڻو مُلا جو زاد راه ھو. ان ڳالھ جي ھن پرواھ نه ڪري حق جو آواز بلند ڪندي سر ڏيئي سرھو ٿيو. ھن جي پيغام ۽ تعليم جي احوال ڪرڻ کان اڳ سندس شخصي زندگيءَ جو ذڪر ڪريان ٿو.
شخصي زندگي: شاھ عنايت الله عليه جي والد جو نالو مخدوم فضل الله ھو جو سنڌ جي مشھور بزرگ مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاھ عليه جي اولاد مان ھو.
ھي بزرگ ميران پور جي ڳوٺ ويجھو موجوده جھوڪ تعلقه مير پور بٺوري ۾ رھندو ھو. سندس سنه ولادت ۽ مفصل احوال محفوظ نه ٿيڻ ڪري ملي نٿو سگھي. ان ڪري سندس احوال چند پراڻن ڪتابن جھڙوڪ تاريخ تحفته الڪرام، مقالات شعرا ۽ ٻين ڪتابن ۽ ڏند ڪٿائن مان جيڪو ملي سگھيو آھي سو پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
ھن بزرگ ظاھري علم ڪٿي ۽ ڪھڙن عالمن کان پڙھيو ان جو پتو نه آھي، البت سندس سلسله طريقت جو احوال ملي ٿو ته ھي مخدوم عبدالملڪ ولد شاھ عبيدالله برھانپوريءَ جو مريد ھو. اھو بزرگ سلسله قادريه سان واسطو رکندڙ ھو.جنھن بابت مختلف روايتن جو ذڪر مون سندس سجاده نشين سائين ميان عبدالستار صاحب جي زندگيءَ جي احوال ۾ پنھنجي تصنيف ” جنب گذاريم جن سين “ ۾ ڏنو آھي. جنھن کي ھتي دھرائڻ مناسب نٿو ڄاڻان. ھي ۽ صاحبڏنو فقير درازن وارو ھڪ ئي چشمه فيض مان سيراب ٿيا ھئا. جنھن جي اولاد مان سچل سرمست پيدا ٿيو .
ھن جڏھن پيغام حق پکيڙڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُنڊ مان ڪيئي طالب اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. انھيءَ وقت سنڌ تي مغل گورنرن جو راڄ ھو جي ٺٽي ۾ رھندا ھئا. اورنگزيب جي ڏينھن ۾ پيدا ٿيل تعصب جو اثر اڃا تائين مُلن تي قائم ھو . ان کانسواءِ ڀر وارا پِير جھڙوڪ: ميان عبدالواسع شاھ عبدالڪريم جي سجاده نشين ۽ زميندار جھڙوڪ: حمل جت ، وڏيرو نور محمد پليجو ٻيلي وارو. مُلن ھن جي تعليم ۾ سندن مستقل مفاد کي نقصان پھچڻ جو امڪان ڏسي مغلن جي نواب اعظم خان جي ڌيان تي شاھ عنايت الله عليه جي خلاف غلط خبرون ٻڌائي برخلاف ڪيو . ان دھليءَ جي مغل بادشاھ فرخ سير کي رپورٽ موڪلي صوفي صاحب خلاف قدم کڻڻ لاءِ اجازت گھري. ان تي ھن ميان يار محمد ڪلھوڙي،مير شھداد خان ۽ ڀر وارن زميندارن کي ، صوفي صاحب کي قيد ڪري وٺي اچڻ لاءِ حڪم ڪيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته فقيرن ڇھن مھينن تائين مقابلو ڪيو. جن شھيدن جا گنج اڃان تائين صوفي صاحب جي درگاھ ڀرسان يادگار ٿيا بيٺا آھن. نيٺ صوفي صاحب ماڻھن کي وڌيڪ خونريزي کان بچائڻ خاطر حڪومت جي ڪارندن جي وعدن ۽ انجامن تي ساڻن گڏجي نواب صاحب وٽ آيو. کيس خبر ھئي ته ساڻس ڇا ٿيڻ وارو آھي . نواب صاحب مُلن کي گھرائي ھن سان بحث مباحثا ڪرائي انھن کان سندس قتل لاءِ فتويٰ وٺي 17 صفر 1130ھ تي شھيد ڪرائي ڇڏيو ، قتل ٿيڻ مھل پاڻ فرمايائون:

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گر ان بود ادا شد چه بجا شد.

معنيٰ: حق جي راھ ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگيءَ جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمون لھي وڃي ٿو.

سندس سلسلي طريقت جا ھيٺيان معتقد يا طالب رھيا آھن.

1. سيد جان الله شاھ رضوي روھڙيءَ وارو.

2. روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو.

3. فقير قادر بخش ” بيدل “ روھڙيءَ وارو.

4. سيد رکيل شاھ صوفي فتح پور گنداواھ.

5. صادق فقير صوفي عمر ڪوٽ

6. سيد قطب شاھ صوفي جھانيان حيدرآباد.

7. نواب ولي محمد خان لغاري تاجپور.

8. دريا خان فقير ھيسباڻي.

9. دلپت صوفي روھڙيءَ وارو ۽ ٻيا.

سندس مزار جھو جي ڳوٺ ۾ آھي جتي 17 صفر ھر سال سندس ورسيءَ تي ميلو لڳندو آھي. سندس مقبري تي لکھا روپيا خرچ ڪري يادگار قائم ڪيو ويندو آھي . ليڪن افسوس اھو آھي ته اھڙن بزرگ جي تعليم ، ملطوظات ۽ پيغام جي ھٿ ڪري پکيڙڻ طرف پورو توجھ نه ڏنو ويو آھي.

وقتي است که آوازه، منصور که ن شد،
من از جلوه دھم، دارو رسن مارا.
وانگر وقت آيو آھي ته انجي پيغام کي نئين سر ظاھر ڪري ملڪ مان نفرت ڪٽر پڻي ، مذھب جي غلط تشريح جي پاڙ پَٽڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي، ھي سنڌ جو منصور ھو.
سندس تعليم ۽ پيغام: ھن جي بنيادي تعليم جا مَتا ھيٺيان آھن.

1. وحدت الوجود جو اظھار.

2. وحدت انسانيءَ جو پرچار.

3. وحدت مذاھب جو ذڪر اذڪار.

4. ظاھري شريعتن واري دين منظمن جي اھميت کان انڪار.

پھريون متو: وحدت الوجود:
ھن نظريي کي ويدانيت ۽ پئنٿيزم جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. ان نظريي مطابق ذات حقيقيءَ جي وجود کانسواءِ ٻي ڪنھن به وجود کي نٿو مڃيو وڃي. ان موجب ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي. ان نظريي کي مڃڻ ڪري دوئي گم ٿيو وڃي ھر ھنڌ ساڳي ذات جو ظھور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس سلسلي جو طالب دلپت صوفي فرمائي ٿو ته:
ھر شي دي وچ تونھين وسدا، اپنا آپ ڇپائيه ڪيون،
اندر ٻاھر تونھين وسيا ، بانورا لوڪ ڀلائيه ڪيون.
شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ تي صريحاَ صوفي صاحب جو اثر نمايان آھي جڏھن چوي ٿو ته:
جي تڙتک تنوار، وڻ ٽڻ وائي ھڪڙي،
سڀئي سي ٿيا، سوريءَ سزوار،
ھم منصور ھزار ، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھين.

ٻيو مَتو: وحدت انساني:
سندس تعليم جو ٻيو اصول وحدت انساني جي سڃاڻپ جو ھو . جو در حقيقت اسلام جو بنيادي پيغام ھو ، جنھن مطابق ماڻھن جي وچ ۾ مذھبن ، رنگن ، قومن ، نسلن ۽ نظرين جي نالن ۾ کڙي ڪيل نفاق جي ديوارين کي ٽوڙي اتحاد انساني پيدا ڪرڻو ھو.
قرآن ان لاءِ صاف لفظن ۾ فرمايو آھي ته ” کنتم امته واحدته“ معني : انسان اصل ۾ ھڪ ئي جنس ھئا. شيخ سعدي ان جي وڌيڪ تشريح ھيٺين طرح ڪئي آھي:
بني آدم اعضائي يک ديگر اندر ، که در آفرنش زيک جو ھراند،
چويک عضويٰ بدرد آورد روزگار ، ھم عضوھا رانماند قرار ـ
معني: انسان ذات اصل ۾ ھڪ جوھر مان پيدا ٿيل ھڪ جنس ۽ جسم وانگر آھي.
ان جو مثال اھڙو آھي جيئن ھڪ عضوي ۾ درد ٿيڻ ڪري سمورو جسم بي قرار ٿيو پوي.
ان تعليم کي وساري مُلن شريعت جي نالي ۾ ماڻھن ۾ فرق پيدا ڪري ڇڏيا ھئا جن اسلام جو بنيادي مقصد ختم ڪري ٿي ڇڏيو . ان جي رد ۾ صوفي صاحب جي پوئلڳن ھيئن ظاھر ڪيو ته:
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو ، ڪُفر ۽ ايمان،
مظھر مولا پاڪ جو ، ھندو مسلمان ،
تارا ڪيا تا لان ، سورج سندي سوجھري.
”بيدل“
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو ، اڇو ۽ ڪارو،
نينھ ھنيو نعرو ، ھر مظھر ۾ ھڪڙو.
” بيدل “

ٽيون مَتو: وحدت مذاھب :
سندس ٽيون اصول سڀني مذھبن پويان بنيادي وحدت جو پرکڻ ھو. وحدت الوجود ۽ وحدت انساني ۾ اعتماد رکڻ بعد مذھبن جي ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت جو ظھور ظاھر ٿيو پوي.
صوفي ان ڪري لاڪوفي ٿئي ٿو . ھن جي مذھب جا مقصد اتحاد انساني ، امن عالم ۽ ماڻھن جي روحاني ۽ جسماني ترقي ٿين ٿا. انھيءَ مقصد کي مدنظر رکندي روحل فقير فرمائي ٿو:
ڪُفر ۽ اسلام ۾ ٿا ، ڀرين اُبتا پَير،
ھڪ ھندو ٻيا مسلمان ، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اونڌن نه لھي، تن کي سچ چوندو ڪير،
روحل راھ پرين جي ، گھمي ڏٺوسين گھيڙ،
ته ربُ مڙني ۾ ھڪڙو ، تنھن ۾ ڦند نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پَير ، جا ستي ڪعبته الله ۾.
” روحل “
بحر عميق ۾ جوئي پوئسي ، دين ڪفر دا دفتر ڌوئسي. ” بيدل “

چوٿون مَتون: دين منظمن جي اھميت کان انڪار:
صوفي عشق کي رھبر راھ بڻائي ٿو . جنھن ۾ حُسن ، حق ۽ خير جي ڳولا جو بي انتھا جذبو ۽ خواھش رھي ٿي . سچي عاشق جي نظر ۾ خدا حَسين آھي ۽ اُن جي پيدا ڪيل ھر شيءَ ۾ حُسن ازلي سمايل آھي . ھو ذات کان سواءِ ٻئي ڪنھن وجود کي نٿو مڃي . ھن وٽ ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي ، ھو ھر مظھر ۾ حُسن ڏسي ٿو . ان ڪري وٽانس ڪاري ۽ گوري ، چڱي ۽ مَدي ، ڀَلي ۽ ڍلي ، ڪُفر ۽ اسلام جا تفاوت مٽجي وڃن ٿا.
نه منجھه ڪُفر نه دين ، عشق لڳئي ته ڪر آمين . ” بيدل “
ھن تان ظاھر جا اختلاف مٽجيو وڃن ، دوئي ختم ٿيو وڃي . سڀ جاءِ تي پرينءَ جو مظھر پيو پسي ، ھو مُلن ۽ پنڊتن جا مذھبن جي نالي ۾ کڙا ڪيل تفاوت نٿو مڃي . مذھب کي ماڻھوءَ جي تابع ڄاڻي ٿو نه ماڻھوءَ کي مذھب جو محتاج ڪرڻ گھري ٿو . ھو مذھبي شريعتن کي موجوده دور ۾ وحدت انساني جي راھ ۾ رڪاوٽ ڄاڻي انھن جي پوئلڳي کان انڪاري ٿي لاڪوفي (نان الائينڊ ) بڻجي غير جانبدار رھي ٿو.
صوفي صاحب جون اھي سڀ ڳالھيون مُلا جي تشريح واري مذھب جي خلاف ھيون . مُلن انھن ڳالھين کي سندن مستقل مفاد خلاف ڄاڻي بغاوت ڄاتو. صوفي صاحب جماعتي دستور ۽ پابندين کي ماڻھن جو محتاج ڄاڻي جمھور جي مفاد جي مدنظر انجي اصلاح ڪرڻ گھرجي ٿي . ان کي جڏھن ھن صحيح سمجھيو ته حڪومت ۽ مستقل مفاد جو خوف ھن کي راھ کان روڪي نه سگھيو ، ۽ سندس تعليم جو کليو اظھار ڪيو.
ھي عشق جي ايڏي اُتاھين مناري تي بيٺل ھو جتان مذھب ، حڪومت ، جماعتي دستورن جا سنڌا ميٽجي ويا ٿي . ھم اوست جي عالم ۾ غرق ٿيڻ ڪري مُلا جا مقرر ڪيل ڪوڙ ، سچ ، گناھ ثواب جا معيار ئي وٽس بدليل نظر ٿي آيا . ھي محويت جي عالم ۾ رھڻ ڪري ڪنھنجو مخالف نه ھو . ھي ظاھرن بي ضرر ۽ مونن ۾ منھن وجھي عذارڻ وارو ھو ليڪن منجھانس منظم مذھب جي مدارالمھامن ،مُلن،حاڪمن، پِيرن سندن مستقل مفاد خلاف خطرو ٿي محسوس ڪيو.
جيڪڏھن شاھ شھيد جي زندگيءَ تي غور سان نظر ڪبي ته ھن سنڌي (معاشره) سوسائٽي ۾ اھو ذھني انقلاب آڻڻ ٿي گھريو جي راءِجو ان وقت جي قبول ڪيل مذھبي عقيدن ، دستورن ۽ مستقل مفاد (Vested Interest) جي پاڙ پَٽي ڇڏي ھا. انڪري ھنن گڏجي سندن مخالفت ڪئي.
صوفي صاحب خلاف منھنجي نظر ۾ مخالفن جا ھيٺيان ڪارڻ بڻيا.

1. انھيءَ وقت اورنگزيبي طرز تي پيدا ٿيل مذھبي ڪٽرپڻي ۽ مذھبي تعصب جي پاڙ پٽجي ٿي ويئي جنھن مان مُلا ، پِير ، حاڪم جي مستقل مفاد کي خطرو ھو.

2. جملي مذھبن پويان بنيادي وحدت جي پرچار دين منظم ۽ اثر کي ختم ڪري ٿي ڇڏيو.

3. سندس جماعت جو رنگ گيڙو ڪپڙو ھو . جو ھندستاني سنياسي ۽ ٻڌ بڪشن جو رنگ ھو ان مُلا کي ناراض ڪيو ٿي.

4. ھن جي راءِ موجب مذھبي عقيده بندي ۽ خدا جي وچ ۾ شخصي معاملو ھو ان ۾ ٽياڪڙ کي دست اندازي ڪرڻ جو اختيار نه ھئڻ گھربو ھو. جنھن ڳالھ مذھب ۽ سياست کي علحده ڪري مُلا ۽ حاڪم جي مذھب تي ھڪ ھٽي (Monopoly) کي ڪڍي ٿي ڇڏيو.

5. ھن مُلا جي نقطي نگاه واري مسلمانن جي جدا قوم کي تسليم نه ڪري انکي غلط ، فرسوده ۽ غيراسلامي سمجھيو ٿي . ھن وٽ ھر صالح ماڻھو بنا تفاوت مذھب جي مومن ھو ۽ ھر غير صالح ماڻھو بي راھ ھو. ھن زماني ۾ انسانيت جي مذھب جو پرچار ٿي رھيو آھي. صوفي انجو باني ھو. ھن سنڌ ۾ آزاد خيالي، انساني دوستي ، محبت ، وحدت الوجود ۽ وحدت مذاھب جو پايو وڌو . اھڙي ڪلمي حق جي پاداش ۾ شھيد . ھو نفرت ، نفاق ، دوئي ، تعصب جو پاڙ پٽو ھو. جيستائين سنڌ سلامت آھي انجو آواز ان جي ھر ڪُنڊ ۾ گونجندو رھندو. اُن کي ڪابه شيءِ مِٽائي نه سگھندي.
ھن کان پوءِ سنڌ جي تصوف پوري شڪل اختيار ڪئي. ھن جيڪي چيو ان کان وڌيڪ ھن سائنس ۽ علم جي دور ۾ به چئي نٿو سگھجي. ھو لاڪوفيت (نان الا ئنمينٽ ) ۽ رواداري (Co existence) جي جديد نظرين جو ايجاد ڪندڙ ھو . ھي سنڌ جي پنجن ھزارن ورھين جي تعليم ۽ تھذيب جو پيغام رسان ھو. جيئن پيغمبر خدا کي خاتم النبي سڏجي ٿو . تئين ھنکي خاتم پيغام سنڌ سڏيون ته ھرج نه آھي.

ڪتاب : سنڌ جا سورما
ليکڪ : سائين جي ايم سيد

 
Leave a comment

Posted by on September 4, 2011 in Personalities

 

Raja Dahir


راجا ڏاھر بن راجا چَچ
(برھمڻ گھراڻو سنڌ)

سورھيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وھم وسار،
ھڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيخ ترار، مار ته متارو ٿئين.

(شاھ)

سرزمين سنڌ دنيا جي قديم مھذب ۽ متمدن ملڪن مان ھڪ آھي،ان دنيا جي عام دستور موجب گھڻا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن. ان جي قديم عظمت جا نشان، آمري ، ڪوٽ ڏيجي ۽ موھن جي دڙي جي يادگارن ۾ اڃان تائين موجود آھن. ان تي ڪجھ وقت ملڪي حاڪمن جي حڪومت پئي رھي آھي ته ڪو وقت ڌارين جي قبضي ھيٺ اچي ان کي ڏکيا ڏنھن ڏسڻا پيا آھن. ان جي تاريخ جي پوريءَ طرح خوجنا نه ٿي سگھي آھي،پر نزديڪ سنڌي تسلط جو دور راءِ سھلسي ۽ چچ گھراڻي حڪومتن جو ھو.

چچ گھراڻي کي برھمڻ حڪومت به سڏين ٿا.ان گھراڻي جو آخري حاڪم راجا ڏاھر چچ جو ننڍو فرزند ھو. راجا چچ 52 ھ مطابق 672ع تي وفات ڪئي. ان بعد راجا چندر ، سنڌ جو والي ٿيو. جنھن اَٺ سال حڪومت ھلائي 60ھ مطابق 680ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ راجا ڏاھر سنڌ جي حڪومت گاديءَ تي ويٺو ، جنھن نھايت دانشمندي ، ھمت ۽ خوش اسلوبيءَ سان 32سال حڪومت ڪئي. جنھن کان عرب بنو اميه سامراج جي سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي جي نياڻي محمد بن قاسم حڪومت وٺي سنڌ تي ڌاريون تسلط قائم ڪيو.

راجا ڏاھر حڪومت جي واڳ وٺندي ھڪ سان اندر چئو طرف حڪومت کي مظبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. سندس گاديءَ جو شھر لور ھو.اتان ھن پھرين اڀرندي سنڌ ڏي برھمڻ آباد ۾ اچي سندس ڀاءُ ڏاھر سين کي مڪاني حڪومت سپرد ڪري پوءِ مڪرار طرف روانو ٿيو، جتي مڪاني حاڪم سان لاڳاپا قائم ڪري موٽي الور آيو. اھڙي طرح ھن سندس پيءُ راجا چچ جي ڏينھن واري ساري سلطنت تي ملتان سوڌو تسلط قائم ڪري ورتو. سندس دور حڪومت ۾ سنڌ اندر مضبوط حڪومت قائم ٿي ۽ امن امان رھيو.

ان وقت عرب ۾بني اُميه گھراڻي جي حڪومت ھئي،جن جي ھڪ حاڪم يزيد بن معاويه رسول صلعم جي ڏھٽي امام حسين عليه السلام کي شھيد ڪرائي ان جي لاش گھوڙن کان چٿرائي سندس سر مبارڪ نيزي تي چاڙھي مھينن تائين ملڪن ۾ گھماريو ھو.امام حسين عليه جي فرزند ۽ خاندان جي عورتن کي قيد ڪرائي دمشق گھرايو ھو.انھئَ گھراڻي عبدالله بن زبير کي حرم ڪعبه ۾ قتل ڪرايو ھو،از انسواءِ ڪيئي ظلم ڪيا ھئا.

راجا ڏاھر جي ڏينھن ۾ انھئَ گھراڻي جو حاڪم عبدالملڪ بن مروان عرب جو بادشاھ ھو. ان جو سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي وڏو ظالم ، قاتل ۽ بي رحم ھو جنھن اھل بيت رسول تي اڪيچار ظلم ڪيا ھئا ۽ بيشمار مسلمانن جو سندس ھٿان خون وھيو ھو.انھن ڳالھين کا تاريخ دان بخوبي واقف آھن.

امام حسين عليه السلام جي شھادت کان پوءِ جي مڪاني رد عمل پيد ٿيا تن کي سختيءَ سان دٻائڻ بعد جڏھن بني اُميه گھراڻي جو تسلط ساري عرب تي ويھي ويو ته ھنن سندن سامراج کي وڌائڻ لاءِ چئوطرف حملا ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا.

عربستان جو گھڻو حصو ريگستاني آھي،اتي جا رھاڪو سواءِ ٻن مکيه شھرن مڪي ۽ مديني جي بدويانه زندگي گذاريندا ھئا. ان ۾ رھندڙ قبيلا اڪثر پاڻ ۾ وڙھندا رھندا ھئا. ان ڪري جنگجويانه ذھنيت سندن سرشت ۾ سمايل ھئي. اتي جا رھاڪو گھڻو ڪري قديم قبيلائي مذھبن جا پوئلڳ ھئا جن جي خدائيءَ جا بت ڪعبي ۾ رکيل ھئا .پر ڪي منجھانئن ڪرستان ۽ يھودي ھئا.ضرورت زندگيءَ لاءِ ھو شام ۽ عراق سان قافلن ذريعي واپار ڪندا ھئا.

رسول مقبول صلعم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ به ھنن مان روم ۽ ايران جي شھنشاھن طرفان جنگي لشڪر لاءِ ڀرتي ٿيندي ھئي.ھتي جي رھاڪن جو زياده تر گذران مال چارڻ تي ھوندو ھو.سندن زندگي اڪثر ڪري تنگ گذرندي ھئي.رسول مقبول جي پيدا ٿيڻ تي ھنن کي نئين مذھب جي نالي ۾ متحد ڪري ھڪ مرڪزي حڪومت ھيٺ منظم ڪيو ويو.جنھن ڪري ھنن جي طاقت ۽ حوصلو وڌي ويو.

حضرت رسول ڪريم جن جي رسالت جا ٻه مقصد ھئا:

ھڪ: ماڻھن جي ذھني تربيت ، نفسياتي اصلاح ۽ اخلاقي درستئَ جو ھو.
ٻيو: امن امان رکڻ ، ملڪي نظام ۽ ماڻھن جي گذراني مسئلن جي حل ڪرڻ جو ھو.

پيغمبر خدا جي موجودگئَ ۾ ٻئي ڪم خوش اسلوبئَ سان سرانجام ٿيندا رھيا ان جي انتقال کانپوءِ سندس پوئلڳ ٻن راين ۾ ورھائجي ويا.

ھڪڙي جو رايو ھو ته مٿين ذڪر ڪيل پھرئين مقصد کي جو مذھب جو بنيادي متو ھو ترجيح ڏني وڃي.
ٻين جي راءِ ھئي ته عرب جا ماڻھو اڃا سندن بدويانه عادتون،قبيلائي اختلاف پراڻا اعتقاد ۽ رسم رواج پوريءَ طرح بدلائي نئين مذھب جي عقيدن ۽ دستور سان مانوس نه ٿي سگھيا ھئا. تاريخ ۾ پھريون دفعو انھن ۾ اتحاد ۽ مرڪزيت قائم ٿي ھئي جنھن جي قائم ڪرڻ ۾ طاقت جي استعمال کي گھڻو دخل ھو ان ڪري سڀ کان زياده توجھ ٻي مقصد جي سرانجامئَ طرح ڏيڻ گھرجي. پھرئين جو واسطو مستقبل جي ڳالھين سان ۽ ٻئي جو حال سان ھو. مستقبل جو مدار حال تي رھي ٿو،ان ڪري ٻئي گروھ کي ڪاميابي حاصل ٿي.

عرب جا ماڻھو غريب ھئا ، انھن جي يڪشت رکڻ ۽ قبيلائي اختلافن کان سندن توجھ ھٽائي ٻئي طرف ڪرڻ لاءِ راءِ جي ڪارڪنن ضروري ڄاتو ته ڀر وارن آباد ۽ سرسبز ملڪن کي قبضي ۾ آڻي انھن جي سرمائي سان ھتي جي رھاڪن جي گذران جو انتظام ڪجي.

نئين مذھب انھن ۾ اتحاد ۽ جذبه جنگ اڳي پيدا ڪيو ھو از انسواءِ ٻين سرسبز ملڪن جي ملڪيت ۽ پيدائش گذران لاءِ ھٿ ڪرڻ جي خيال منجھن ٻاھرين ملڪن فتح ڪرڻ جي خواھش پيدا ڪئي. حضرت عمر رضه جي ڏينھن ۾ ڀروارا سکيا ملڪ شام،عراق،مصر ۽ ايران فتح ٿي چڪا ھئا.

انھن فتحن عرب جي تنگدست ماڻھن کي سکيو ھڪ طرف بنايو ته ٻئي طرف ھنن جي جنگي قوت ، قومي وقار ۽ عزت جو ڌاڪو وھاري ڇڏيو. پھرين ٻن خليفن جي ڏينھن ۾ ڪي اخلاقي معيار ۽ رسول مقبول سلعم جي روايات قائم رکڻ جي ڪوشش ٿي . ليڪن مل ۾ ناراضگي ايتري وڌي جو ان مان ھڪ خليفو قتل ٿي ويو.

پئسا ، ملڪيت ۽ گذر جي فراواني جيڪڏھن زندگيءَ کي سھل بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته انھن جي ڪري ڪي خرابيون به پيدا ٿين ٿيون. نتيجو اھو نڪتو ته حضرت علي عليه السلام جي شھادت کان پوءِ قبيلائي اختلافن ۽ اقتدار جي حصول عربن ۾ خانه جنگي پيدا ڪري ڇڏي. نيٺ بني اُميه خاندان ٻين سڀني گروھن کي زور سان دٻائي سمري طاقت جو مالڪ بنجي ويٺو.

شيخ سعدي عليه الرحمته چيو آھي ته :

ھفت اقليم ازبگيرد بادشاھ ، ھم ڇنان در بند اقليم دگر،
نيم نان گر خورد مرد خدا،بزدل درويشان کندنيم دگر.
(معنيٰ : بادشاھن جي ستن ملڪن فتح ڪرڻ بعد به طمع جھڪي نٿي ٿئي ۽ وڌيڪ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو،ليڪن درويش ھڪ مانئَ مان اڌ کائي ٻئي لاءِ اڌ بچائي رکي ٿو.)

عبدالملڪ جي ڏينھن ۾ خانه جنگي گھٽ ٿي اندروني انتظام درست ٿيڻ بعد ھن بني اُميه سامراج کي وڌائڻ لاءِ رٿون رٿيون. نالو اسلام جو ھو ، مقصد فتح ڪرڻ ،ڦر لُٽ ڪرڻ ملڪيت ھٿ ڪرڻ جو ھو. ڪن مسلم تاريخدانن جو چوڻ آڳي ته رسول مقبول کان پوءِ خلافت ۽ اسلامي حڪومت ئي ڪانه ٿي آھي. پر ڪن جو چوڻ آھي ته خلفاءِ راشدين جي ڏينھن ۾ ٿورو گھڻو رسول مقبول جي روايات کي خيال ۾ رکيو ويندو ھو.ان کان پوءِ حڪومتون اسلامي نه رھيون.بلڪ نالي ۾ سلطان بادشاھن جي ھٿن ۾ پئي رھيون جن سندن شخصي ، قبيلائي ۽ گروھي مفاد لاءِ پئي حڪومتن کي ھلايو.

عبدالملڪ جي دور ۾ ان پوئين گروھ جي مفاد خاطر حڪومت ھلي رھي ھئي،تاريخدانن کي پتو آھي ته سندن سپھ سالار حجاج بن يوسف جيڪي ظلم ۽ قتل عام ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، آزاد ماڻھن کي غلام بنائڻ جا ڪيا ھئا.

ٻئي گروھ جو چوڻ ھو ته اسلام ھڪ نئون مڪمل عالمگير دين ٿي آيل ھو.ان جي اچڻ بعد ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا ھئا ھن نئين دين جا مکيه متا توحيد،نماز،حج ،زڪوات ۽ روزو ھئا. انھن متن ۾ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوريءَ دنيا ۾ ماڻھن مٿان مسلط ڪرڻ ھو جنھن عمل کي جھاد جي نالي سان سڏيائون ٿي ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙھائي ڪري خونريزي ڪرڻ ، ان تي قبضو ڪرڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري ٻڪرين وانگر وڪڻڻ وغيره ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي.

انھن ٻن گروھن مان پوئين جي عقيدن ۽ ڪارگذاري کي ڏسي غير مسلم عالمن ۽ تاريخ دانن اسلام کي ڊاڪن،لٽيرن،عيش پرستن جو مذھب ظاھر ڪيو ٿي. ھنن جو چوڻ ھو ته ماڻڳو ان ۾ تلوار جي آڌار تي زور زبردستئَ سان داخل ٿيا ھئا ورنه ان مذھب ۾ ڪھڙي سٺي ڳالھ ھئي جو اھڙي مذھب ۾ شامل ٿين ھا.ان قسم جي غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ مسلم عالمن ۽ درويشن ظاھر ڪيو ته صحيح اسلام اھو آھي جو پھرئين گروھ ٿي ظاھر ڪيو. پوئين دور ۾ سر سيد احمد خان ۽ خواجه ڪمال الدين جا ڏنل جواب پڙھڻ جي لائق آھن. سندن چوڻ ھو ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪونه ٿيو ھو بلڪ تاليف قلوب،بھترين اصولن ڪري اھو ماڻھن قبول ڪيو ھو. مسلمان حاڪمن طرفان جيڪا ملڪ گيري ، ڦرلٽ ۽ ٻيا ظلم ٿيا ھئا انھن جو اسلام سان تعلق ڪونه ھو.ملا جي اسلامي تشريح صحيح نه ھئي.

اڃان تائين مسلمان ساڳئَ طرح ٻن راين ۾ ورھايل آھن. جن مان ھڪ کي ملا جو گروھ ۽ ٻئي کي در ويشن جو گروھ سڏجي ٿو.اسان جو واسطو درويشن جي گروھ سان آھي تنھن ڪري محمد بن قاسم جي ڪارنامن کي اسلام سان واسطو رکندڙ نٿا تسليم ڪريون نه ان کي عازي نه اسلام جو علمبردار سڏڻ لاءِ تيار آھيون. بلڪ ان کي غاصب،سنڌين جي آزادي ، عصمت ، مال ،ملڪيت جو دشمن ۽ لٽيرو سمجھون ٿا.جنھن نه صرف سنڌ جي مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري وڪرو ڪيو ۽ ملڪيت ڦري ملڪ تي زوريءَ قبضو ڪيو پر اھلبيت رسول جو دشمن ، عياش،اسلام جي بنيادي اصولن جي خلاف ۽ مسلمانن جو قتل عام ڪرائيندڙ ھو.

اسان رسول مقبول صلعم کي رحمته العالمين سمجھون ٿا. ان جا ٻه قول اسان جي ڪنن ۾ اڃان تائين گونجي رھيا آھن .

ھڪ ! ” حب الوطن من الايمان“ وطن جي محبت ايمان جو جزو آھي.
ٻيو ته ” سنڌ جي طرف کان کيس ٿڌي ھير ٿي لڳي.“

ڇا ان تعليم ھوندي اسان سنڌ جي محبت کي جائز ٺھرائيندي ان تي ڌارين جي تسلط ۽ ٿيل ظلمن کي جائز قرار ڏئي سگھون ٿا؟

اسان ان راءِ جا آھيون ته ھر ماڻھوءَ لاءِ وطن جي حب لازمي آھي ، جو وطن دوست نه آھي سو بي ايمان آھي ، ايمان کان سواءِ صحيح مسلمان ئي نه ٿي سگھبو.

سنڌ پنج ھزار ورھين کان تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھي آھي، رسول مقبول جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ ھڪ به مسلمان ڪونه ھو بلڪ سڀ ماڻھو ھندو ۽ ٻڌ ھئا.پوءِ به سندن اظھار ته ان مان کيس ٿڌي ھير ٿي آئي ڪا ته معنيٰ رکندڙ آھي.

اھڙي حالت ھيٺ اسان ڪھڙي طرح ان ملڪ جي ماڻھن تي زوريءَ قبضو ڪري انھن جي آزادي سلب ڪرڻ اُتي جي مردن ۽ عورتن کي غلام بنائڻ ڪروڙھا روپين جي ملڪيت کي لٽي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪم کي صحيح اسلام مطابق جائز سمجھي سگھون ٿا.

جيڪڏھن ڪي ماڻھو سندس اھڙن ڪمن کي عين اسلام سمجھن ته مرضئَ جا مالڪ آھن. ھر ڪنھن جي سندن راءِ جو حق آھي. آخر ڪي اھڙا ماڻھو به ھئا ۽ اڃا تائين آھن جي امام حسين عليه السلام کي ناحق تي ۽ يزيد کي حق تي سمجھن ٿا. اھي ماڻھو يزيد ۽ انھئَ گھراڻي جي ھر ڪارروائي عين اسلام سمجھن ٿا. ان گروھ ۾ نه صرف ان زماني جا عالم ۽ حافظ قرآن شامل ھئا پر آڄ ڪلھ به ڪيئي ماڻھو ملي سگھن ٿا.

کين اھڙيءَ راءِ رکڻ جو ھر ڪو حق آھي ليڪن اسان کي به پنھنجي راءِ رکڻ جو اھڙو ئي حق ھئڻ گھرجي جھڙو ھنن کي ڏيڻ گھرون ٿا. اسان محمد بن قاسم جي حملي کي صحيح اسلامي تشريح جي خلاف ۽ غاصبانه سمجھون ٿا سنڌ جو جيد عالم ۽ بزرگ مولانا ابو الحن به ڏاھري سڏائڻ ۾ عيب نه سمجھندو ھو. اسان کي اعتراض نه آھي . سنڌ ۾ محمد بن قاسم گروھ جا طرفدار ڀلي پاڻ کي يزيدي سڏائين . ماڻھو نطفه مان پيدا ٿئي ٿو جو رت مان جڙي ٿو،رت کاڌي مان ٺھي ٿو.کاڌو اناج ، ڀاڄين ۽ گوشت مان ٺھي ٿو. اھي سڀ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ملڪي زمين ۽ پاڻيءَ جي پيدائش آھن.

مثال طور کڻي ڏسنداسين ته ھڪ ان جي داڻي زمين ۾ پوکڻ بعد سوھا داڻا پيدا ٿين ٿا. جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان ٺھن ٿا.تنھن ڪري ھر شيءَ ملڪ جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿئي ٿي. ھر ماڻھوءَ جي حقيقي ماءُ پيءُ آھن.

قرآن شريف به شاھدي ڏي ٿو ته:

” ولقد خلقنا الانسان من سلالهّ من طين.“
(معنيٰ : تحقيق اسان ماڻھن کي مٽئَ جي جوھر مان پيدا ڪيوآھي.)

انھي نقط نگاھ کان جيڪو ماڻھو وطن سان وفادار نه آھي سو حلالي ٻار نه آھي.انھئَ کي مدنظر رکندي آءُ راجا ڏاھر کي سنڌ جي آزادي، عزت ۽ ناموس لاءِ لڙي سر ڏيندڙ کي شھيد اول سڏڻ کان نٿو ڇرڪان ، پوءِ ڀلي ڪن يزيدي گروھ جي طرفدارن کي مرچون لڳن.

اھڙن ماڻھن جي دشمنئَ کان امام حسين عليه السلام نبي صلعم جو ڏھٽو ڇُٽي نه سگھيو آھي ، آءُ ته ان جي در جي خاڪ مثل آھيان.

ڪي ماڻھو راجا ڏاھر تي بھتان رکي سندن غازيءَ جي برن ڪارنامن لاءِ جواز پيدا ڪن ٿا. اچو ته انھن چند بھتانن جي جاچ ڪريون. ان مان مکيه ھيٺيان آھن:

1 ـــ ھن ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئي.
2 ـــ ھن عربن جي ڪن ماڻھن کي قيد ڪيو ۽ ڦريو لُٽيو ھو.
3 ـــ ھن ٻُڌ ڌرم ۽ غير برھمڻن سان ظلم ڪيا ھئا.

(3) ٽين ڳالھ ھن جي خلاف اھا چئي وڃي ٿي ته ھن ٻُڌ ڌرم ۽ ٻين غير ھندن تي ظلم ڪيا ھئا، ان ڳالھ جو ثبوت ڪونه ٿو ملي. اھا تاريخي حقيقت آھي ته راجا چچ جو ڀاءُ راجا چندرسين جڏھن تخت تي ويٺو ته ھن ٻُڌ ڌرم کي زور وٺائڻ طرف رخ رکيو. ھن ٻُڌ جي بڪشن ۽ پوڄارين سان خاص رعايتون ڪيون ھيون، ھر ھڪ کي معلوم آھي ته برھمڻن جو مذھبي تعصب ملن جي تعصب کان به ڪي رتيون ڪٽر آھي. سندن انھئَ پاليسئَ ڪري ٻُڌ ڌرم مرڳو ھندستان مان نڪري ويو. پر اھو سنڌ جو ملڪ ئي ھو جتي ھن راجا جي ڏينھن ۾ ٻُڌ ڌرم پوري زور تي ھو. جن جي موجودگي بنسبت ٻين ھندو حاڪمن جي راجا ڏاھر جي رواداريءَ جو ثبوت ڏي ٿي.سندس دور حڪومت ۾ ٻه گورنر ٻڌ ڌرم جا ھئا نه رڳو ايترو پر ھڪ مسلمان عرب محمد علافي نالي ساري قبيلي سان بني اُمين جي ظلم کان لڏي سنڌ ۾ اچي راجا ڏاھر جي پناھ ھيٺ رھيو. ان سان راجا ڏاھر اھڙو سلوڪ ڪيو جو سندس سڪي جي ٻي طرف ھن جي نالي اڪيرڻ جي اجازت ڏني . اھڙي رواداري جو سلوڪ تاريخ ۾ ڪو ڇڊو نظر ايندو.

اھڙي منصف مزاج راجا تي متعصب ھئڻ جو بھتان اھڙن ماڻھن طرفان لڳائڻ جن جي تاريخ جو ڪيترو حصو تعصب ۽ ڪٽرپڻي سان گريو پيو ھجي. بدديانتئَ کان سواءِ ڪجھ نه آھي.

(4) چوٿون بھتان راجا ڏاھر تي اھو لڳايو ٿو وڃي ته ھو عياش ۽ ظالم حاڪم ھو. خبر نه آھي انھن لفظن مان بُھتان لڳائيندڙ ماڻھو جو مقصد ڪھڙو آھي. ڇا راجا ڏاھر جي ٻن نياڻين جيڪي بادشاھ لاءِ تحفو ڪري موڪليون ويون ھيون جن سان زنا ڪرڻ جي جرم ۾ سزا کائيندڙ ماڻھو راجا جي زال ، ڇوڪرين جي ماءُ سان زوريءَ شادي ڪندڙ ، سنڌين جي عورتن کي ٻانھيون بنائي بنا نڪاح جي انھن سان صحبت ڪرڻ کي جائز ڄاڙڻيدڙ ھزارھا سنڌي عورتن ۽ مردن کي وڪرو ڪندڙ زياده گناھگار آھي يا وطن جي حفاظت لاءِ سِر ڏيئي سرھو ٿيندڙ ڏوھاري آھي؟

راجا ڏاھر 92 ھجري مطابق 712ع تي سنڌ خاطر لڙي شھيد ٿيو . ھر ھڪ سچي سنڌيءَ کي ان جي ڪارنامي تي فخر ٿيڻ گھرجي . ان لاءِ آءُ کيس سنڌ لاءِ سِر ڏيندڙ سورھين جي قطار ۾ پھريون ھيرو شمار ڪريان ٿو.

ان کان پوءِ سنڌ 340ورھيه غيرن جي غلامئَ ھيٺ رھي جيسيتائين ڪه سنڌ جي ھڪ سومري گھراڻي 1351ع ۾ وري سنڌ ۾ خالص سنڌي حڪومت قائم ڪئي.

ڀڳو آءُ نه چوان ، ماريو سين وسھان،
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،
ته پڻ لڄَ مران جي ھونسِ پُٺ ۾ …

(شاھ)

ڪتاب: سنڌ جا سورما
سائين جي ايم سيد

 
1 Comment

Posted by on August 20, 2011 in Personalities

 
 
Follow

Get every new post delivered to your Inbox.