2. اسان سنڌي جلد عاشق ٿي پوندا آهيون، ادِي کي جن نه ڪن ادي کي عشق انڌو ڪري ڇڏيندو آهي.
3. مان جيڪڏهن مري پوان ۽ موهن جو دڙو ٿي پوان ته اڄ کان پنج هزار سال پوءِ ماڻهو منهنجي لاش مان تنهنجي يادن جا کنڊر کوٽي ڪڍندا.
4. هڪ انسان فقط وڙهي سگھي ٿو، جنگ جوٽي سگھي ٿو، سر تري تي رکي حالات جي رڻ ۾ ڪاهي سگھي ٿو پر نتيجو سندس وس ۾ نه آهي.
5. خوابن کي عارضي تعبير ڏيڻ وارا آوارگي جي الزامن کان آجا ٿي نه سگھندا آهن.
6. ازل جي چاهتن جو شجر وڇوڙن ۾ وڌندو آهي ۽ وفائن جو مسافرن لاءِ ڇانوءَ ٿيندو آهي.
7. جوڌن جي ذات بهادري ۽ مذهب ملڪ ٿيندو آهي.
8. مايوس فقط اهي ٿيندا آهن جيڪي ميدان ڇڏي ويندا آهن.
9. وڻن ۾ ٻور لڳڻ علامت آهي اميد جي.
10. اها قوم جيڪا ڪشتو کڻندي آهي سا بندوق کڻي نه سگھندي آهي
11. سمنڊ کي جيڪڏهن ٻيو ڪنارو هجي ها ته پوءِ جيڪر سمنڊ ڦٿڪڻ ڇڏي ڏئي ها، ڍنڍ ونگر ماٺ ۽ خاموش هجي ها.
12. سمنڊ علامت آهي انهن جي جن لاءِ ٻئو ڪنارو نه آهي.ڍ
13. ڪيڪٽس کي عام طرح تقليف جي علامت سمجھيو ويندو آهي پر مان ڪيڪٽس کي سرڪش هئڻ جي علامت سمجھندو آهيان. ڇو جو ڪيڪٽس ويرانين ۾ نکرندو ۽ اسرندو آهي.
14. منهنجو وجود تمنائن جو مقتل آهي.
15. هيڪلائي جو تعلق احساس سان آهي، مخصوص ذهني ڪيفيت جو نالو اڪيلائي آهي.
16. غم ڪڏهن ڪڏهن وڻ ويڙهي وانگر انسان جي اندر ۾ پنهنجو پاڻ ئي پيدا ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ سندس سموري وجود کي ويڙهجي ويندو آهي.
17. جهالت ۽ حقيقت کان منڪر هئڻ سبب انسان تي حيواني جذبا غالب پئجي ويندا آهن، اهڙن انسانن جي وجود سبب معاشرو کرندو آهي.سياست کي معاشرو جنم ڏيندو آهي، جنهن ملڪ جو معاشرو کريل هوندو ان ملڪ جي سياست به کريل ۽ بد ڪردار هوندي.
18. هڪ محبت اهڙي به هوندي آهي جنهن ۾ ڪابه لالچ، ڪابه طمع ۽ ڪوبه مطلب نه هوندو آهي.
19. جنهن به گنهگار ڇوڪري تي دوزخ حرام ڪيو ويندو سا مونسان شادي ڪندي ۽ پنهنجي ڪئي جي سزا ڀوڳيندي.
20. سچي محبت ۾ مرڻ جو عرصو مقرر هئڻ گھرجي جنهن کان پوءِ جيئڻ حرام سمجھجي.
21. جدوجهد زندگي جي علامت آهي، اها زندگي ئي ڪهڙي جنهن ۾ جدوجهد نه هجي.
22. تعليم کي پيٽ پالڻ جو ذريعو نه سمجھجي، ڇو جو پيٽ ته ڪتا به پاليندا آهن. علم روشني آهي ۽ هٿ جو پورهيو دنيا جو عظيم ڌنڌو.
23. ڪنهن چيو هو ته وقت هوا جي پرن تي اڏامندو ويندو آهي، ڪنهن چيو ته اک ڇمڀ ۾ صديون گزري وينديون آهن. سچ هونديون آهن اهي چوڻيون پر انتظار جي هڪ ساعت کان ٻي ساعت تائين، هڪ لمحي کان ٻئي لمحي تائين ورهن جي وٿي هوندي آهي.
24. مان دل جي دنيا لٽائڻ کان پوءِ به تنهنجي دل ۾ تر جيتري جاءِ حاصل نه ڪري سگھيو آهيان. تون منهنجي لاءِ چنڊ وانگر دور آهين، تمنا خواب ونگر مبهم آهين.
25. سنڌو نديءَ ۾ هماليه جي برف جو رجيل پاڻي آهي جيئن هماليه بلند آهي، آهڙي طرح سنڌين جا اخلاق به بلند آهن.
26. جڏهن حالتون هڪ ذهين شخص کي زندگي ۾ وڌڻ نه ڏينديون آهن، تڏهن ان شخص جي وجود مان ڪروڌ ۽ نفرت جون پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن.
27. رڃ جي اڃ منرل واٽر سان نه لهندي آهي.
28. انسان مڪمل يقين سان ان ڪري ٻين لاءِ عذاب جو سبب ٿي پوندو آهي جوهوپاڻ کي حق ۽ صداقت جو دائي، ٻين کي ڀٽڪيل ۽ ڀليل سمجھندو آهي. هو هميشه پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط سمجھندو آهي. هو جڏهن پنهنجي ليکي دنيا کي سڌارڻ ۽ ڏنگي کي سبق سيکارڻ جو ٺيڪو کڻندو آهي تڏهن دنيا ۾ وڏي گڙٻڙ پيدا ڪري وجھندو آهي.
29. مان فقط زندگي ۾ خواب ڏسندو آهيان، خوابن جي تعبير منهنجي نصيب ۾ نه آهي.
30. اسان انسان جي فڪري، ذهني ۽ اظهار جي آزادي لاءِ جنگ لڙي رهيا آهيون، اسان جي مذهب ۽ عقيدي کي ڪميونزم مان ڪوبه خطرو نه آهي.
31. تصور ڏاڍو ظالم ۽ هوشيار ٿيندو آهي انسانن کي وسوسن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.
32. ڪٿي ائين ته نه آهي جو عڪس سلامت آهي ۽ اميدن جو آئينو ٽٽي پيو آهي.
33. خالق طرفان اسان کي ڌڪ کائي دعا ڏيڻ واري وصف ملي آهي، اسين وار سهندا آهيون وار ڪندا نه آهيون، مري فريب کائيندا آهيون، فريب ڏيندا نه آهيون، جنهن کي هڪ دفعو چاهيندا آهيون تنهن کان جنم جنم جي جدائي ته برداشت ڪندا سگھنداسين پر سندس دل آزاري نه ڪنداسين.
34. اسين سنڌ جا ماڻهوهڪ جنهن جوهٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندا آهيون تنهن سان قيامت تائين توڙ نڀائيندا آهيون.
35. زندگي ۾ گھڻو ڪجھ ممڪن ٿي پوندو آهي.
36. اسين عشق جا پيغمبر آهيون، محبت ۾ مرڻ اسان جو عقيدو آهي روايت آهي.
37. عمارتون ڊهن ته صدين تائين بنياد انهن جي شاهدي ڏيندا هن، دل ڊهي ته هميشه لاءِ گم ٿيو وڃي.
38. ياد ڪرڻ ۽ ياد رهجي وڃڻ ۾ وڏو فرق آهي.
39. زندگي لمحن جي محتاج ناهي هوندي، ڪڏهن ته ورهه اک ڇنڀ ۾ وهامي ويندا آهن ۽ ڪڏهن گھڙيون مهينن ۾، مهينا سالن ۾ ۽ سال صدين ۾ بدلجي ويندا آهن. لمحا ڪنهن جي وس ۾ ناهن.
40. ڪي انسان زندگي ۾ سڀ ڪجھ هارائڻ کان پوءِ به اصل معنى ۾ هارائيندا نه آهن ساڳي طرح ڪي انسان هميشه کٽڻ جي باوجود ڪجھ به کٽي نه سگھندا آهن. مون زندگي ۾ هارائڻ يا کٽڻ کي اهم نه سمجھيو آهي بلڪه هارائڻ ۽ کٽڻ جي دوران طرز عمل کي اهم سمجھيو آهي.
41. جنهن سان ازل جي محبت جي پڪ ٿي ويندي آهي تنهن سان شادي نه ڪبي آهي، اهي چاهتون جن جا فيصلا آسمانن تي ٿيندا آهن سي شادي جون محتاج نه ٿينديون آهن. شادي اهڙين چاهتن جي توهين آهي.
42. هر انسان وڙهندو آهي، ڪڏهن پنهنجي جسم سان، ڪڏهن پنهنجي ذهن سان، ڪڏهن پنهنجي خاموشي سان. وڙهڻ کي انسان جي فطرت کان ڌار نٿو ڪري سگھجي.
43. سڀ کان طويل ۽ جٽادار جنگ خاموش رهي وڙهبي آهي. ان جنگ ۾ انسان جو مقابلو گھڻو ڪري ڪائنات سان ٿيندو آهي.
44. کوپڙي ۾ ميڄالو ۽ هٿ ۾ قلم اهي ٻئي هٿيار دنيا جا سڀ کان خطرناڪ هٿيار آهن.
45. ڏينهن ڀلي شينهن سڏجي پر رات ماءُ جي هنج وانگر پناهه ڏيندي آهي.
46. اوندهه جتي ماءُ جي پناهه وانگر اوکي وقت ڀاڪر ۾ ڀريندي آهي اتي مايوسين پريشانين ۽ ذلتن جي لوڌ به ڪڍ ڇڏي ڏيندي آهي.
47. وڏي محبت يڪ طرفي ٿيندي آهي، اهڙي محبت لاءِ موٽ ۾ ڪجھ به نه گھربو آهي، فقط ايترو سوچي دل کي ريجھائي وٺبو آهي ته ڪو ته آهي جنهن کي عشق ۾ امڪان جي حدن کان اڳتي نڪري اسان چاهيو آهي.
48. هر ڪا واٽ منزل ڏانهن وٺي نه ويندي آهي ڪجھ راهون رڻ جي رخ ۾ هونديون آهن ۽ رولي ڇڏينديون آهن.
49. ڪجھ ماڻهو زندگي ۾ سدائين سفر ۾ هوندا آهن، منزل هنن لاءِ بي معنى هوندي آهي.
50. پاڻ کان پڇيل سوال اڪثر جواب کان محروم رهجي ويندا آهن.
51. سوئر بگھڙ ۽ نانگ هر حال ۾ انسان کان بهتر آهن، بهتر ان ڪري آهن جو هو سازشون نه ڪري سگھندا آهن.
52. ماڻهن جو انفرادي جھنگ ۾ انسان پنهنجي شناخت، سڃاڻپ وڃائي ويهندو آهي، هجوم ۾ شامل هو اجتماعيت جو حصو ٿي پوندو آهي.
53. اسان جي سوچ اسان جو ڏوه آهي.
54. مان بيوقوف قسم جو ماڻهو آهيان، دغا ۽ فريب جي دنيا ۾ عشق جا عَلَمَ کڻي گھمندو آهيان ۽ عشق جي صليب تي دم ڏئي ڇڏيندو آهيان.
55. اسين سڀئي پنهنجي وجود ۾ ڏکن ۽ سکن، تڪليفن ۽ راحتن، اميدن ۽ نا اميدن، خوابن ۽ تعبيرن جوهڪ اسٽور روم، ڪٻاڙخانو کڻي جيئندا آهيون. يادن جا انبار گڏ ڪندا آهيون. هڪ ٻئي جي هيٺان دٻجي ويل ڪجھ يادگيريون زندهه رهنديون آهن، ياد اينديون رهنديون آهن ۽ ڪجھ يادگيريون لاشعور جي سمنڊ ۾ لڙهي وينديون آهن؛ پاتال ۾ گم ٿي وينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعور جي سمنڊ ۾ جبل جيڏي ويلهه مڇي لاشعور جي پاتال ۾ مانڌاڻ مچائيندي آهي، تڏهن انيڪ گم ٿي ويل ۽ لڙهي ويل يادگيريون شعور جي سطح تي تري اينديون آهين.











