سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪو ڌڻي آهي؟

سنڌ يونيورسٽي، جنهن کي سنڌ جا شاگرد مادرِ علمي سڏيندا آهن، هڪ ڀيرو وري خون ۾ رڱجي بند ٿي چڪي آهي. خبر مطابق ٻن شاگرد تنظيمن جي جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان دين محمد دل قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ٻيا نوجوان سخت زخمي ۽ ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ آهن. ٻه مهينا اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ سينئر استاد پروفيسر بشير چنڙ جو ڏينهن ڏٺي قتل ٿيو. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ اندر بابر سنديلي ۽ رميز سهاڳ جا خون رڪارڊ تي آهن ۽ گهڻا سال اڳ عاشق جوڻيجي جي سفاڪ قتل جي دهشت اڃا تائين سنڌ يونيورسٽيءَ مان نه وئي آهي. ان جي شاهدي پروفيسر ممتاز ڀُٽو ڏيندي، جنهن جي آفيس جي واش روم ۾ کيس شهيد ڪيو ويو هو. شهيد بشير چنڙ ۽ دين محمد دل جي قتل جي وچ واري عرصي ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ مهينو سنڌ يونيورسٽي بند رهي ۽ هن ڀيري ڪلاسن ۽ تعليمي عمل جي بائيڪاٽ جي روايت کي استادن جي تنظيم سوٽا ورجايو، جڏهن ته احتجاج ۽ وي سيءَ کي هٽائڻ جي جدوجهد جا ٻيا به متبادل دَڳَ ٿي سگهيا پئي، پر بهرحال سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن کي اهو ئي طريقو بهتر ۽ مناسب نظر آيو. اهو ئي سبب آهي جو سندن مطالبن جي ته حمايت ڪئي وئي پر سندن ڪلاسن جي بائيڪاٽ جي حڪمت عمليءَ جي ڪنهن به ذميوار ماڻهوءَ حمايت نه ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن جي احتجاج ۽ بائيڪاٽ جي پَنجَ نُڪاتي جدوجهد جو گهڻو زور رڳو هڪ نقطي تي ئي رهيو ۽ اهو نقطو وي سي ڊاڪٽر نذير مغل جي برطرفي هو. حقيقت اِها آهي ته وي سي نذير مغل پنهنجي اڳوڻي دؤر ۾ به ڪا بهتر ساک کڻي واپس نه ويو هو ۽ هن ڀيري هڪ پروفيسر جي قتل ۽ استادن جي گڏيل احتجاج کانپوءِ کيس پاڻ مرادو ئي استعيفيٰ ڏئي مهذب انداز ۾ عزت سان واپس هليو وڃڻ گهربو هو، پر “ڪجهه” ته آهي جو ڪُرسي ماڻهوءَ کي آخر پنهنجي عزت ۽ اداري جي مفاد کان وڌيڪ ٿي پياري لڳي؟ نذير مغل بهرحال نه جو نه ويو ۽ ويندي اڄ تائين هو عارضي موڪل تي آهي. نتيجو ڇا؟ هڪ طرف سنڌ يونيورسٽي لڳ ڀڳ ڏيڍ مهينو بند رهي ته ٻئي طرف پروفيسر بشير چنڙ جو قتل پس منظر ۾ هليو ويو ۽ صورتحال سوٽا بمقابله وي سي جي صورت ۾ ڦاٿل رهي. وي سيءَ جي جبري موڪل ۽ معطل ڪيل استادن جي بحاليءَ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اڃا تعليمي عمل مَسَ وڃي بحال ٿيو ته هاڻي هيءَ نئين صورتحال پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ ٻن شاگرد تنظيمن ۾ هٿياربند جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان جو قتل ٿيو آهي ۽ يونيورسٽي وري خوف ۽ دهشت جي ڪيفيت ۾ غيريقيني صورتحال ڏانهن ڌِڪجي رهي آهي.
سوال آهي ته آخر اهو سڀ ڇا آهي؟ ۽ آخر هڪ عرصي کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهو ڇا ٿي رهيو آهي؟ استاد پنهنجي ڪلاسن جي بائيڪاٽ کي اهو چئي جسٽيفاءِ ڪندا رهيا ته گذريل سال ته هتي سندن پاران ڪوبه بائيڪاٽ نه ڪيو ويو، پوءِ آخر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سال جي اڌ کان وڌيڪ وقت لاءِ ڪلاس ڇو نه هليا؟ ۽ ان جو نوٽيس ڇو نه ورتو ويو؟ مان سمجهان ٿو ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڌڻي سمورو سماج ٿئي ۽ ان ڏس ۾ ڪا لڳاتار جدوجهد هلي، جيڪا رڳو ڪنهن فرد خلاف يا عارضي مطالبن کان اڳتي وڌي بنيادي سوال هٿ ۾ کڻي ۽ ڪنهن ٺوس نتيجي تائين وڃي. ڇاڪاڻ ته دراصل عاشق جوڻيجي، بابر سنديلي، رميز سهاڳ، پروفيسر بشير چنڙ ۽ هاڻي وري دين محمد دل جا قتل رڳو ڪجهه فردن جا نه، پر سنڌ يونيورسٽي، ان جي تعليم، هزارين شاگردن جي مستقبل ۽ مجموعي طور سنڌي ماڻهن جي قومي اڏاوت جي عمل جا قتل آهن. جيڪي ڌريون انهن ۾ ملوث آهن، انهن کي سوين خونن جي پاداش ۾ هزارين ڀيرا ڦاهيون به ڏنيون وڃن، ته به سندن ڏوهه وڌيڪ سنگين آهن، ڇاڪاڻ ته هيءُ ته قوم جي آئيندي جو قتل آهي.
منهنجيءَ نظر ۾ ان ڏس ۾ هڪ بنيادي سوال تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي سدِباب ۽ حل لاءِ ڪا ٽريڊ يونين ٽائيپ ۽ اُٻهرائيءَ واري مهم جو ئي نه پر ڊگهي ۽ سنجيده جدوجهد هلڻ گهرجي. ظاهر آهي ته اهو ڪم سؤلو ناهي ۽ نه وري ڪنهن هڪ اڌ فرد يا گروهه جي وَسَ جو آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ صورتحال کي صحيح تناظر ۾ سمجهڻ ضروري آهي.
(1) مان نه ٿو سمجهان ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهي سڀ واقعا ڪو محظ اتفاق آهن. ڀل ته ڪو ان کي Conspiracy Theory سان تعبير ڏئي، پر حقيقت ۾ نظر اهو ٿو اچي ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪي “هٿ” ڏهاڪن کان لڳل آهن، انهن جو حدف ڪو هڪ اڌ واقعو نه، پر ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته سنڌ يونيورسٽي ڪڏهن به فضيلت سان هڪ ذميوار تعليمي اداري طور نه هلي ۽ اُها سنڌ جي غريب ۽ هيٺين وچين طبقي جي نوجوانن جي مستقبل جي تباهيءَ جي ضمانت بڻجي. ڇا اهو اتفاق آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست جي نالي ۾ دهشتگردن کي مڪمل آزادي حاصل هجي ته اُهي جڏهن چاهين سنڌ يونيورسٽيءَ کي هٿيارن ۽ دهشتگرديءَ جي زور تي يرغمال بڻائين، خوف ۽ دهشت جو راڄ قائم ڪن، تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن ۾ ڪتابن بجاءِ هٿيارن جا انبار گڏ ڪن، عام شاگردن ۽ فرض شناس استادن کي دٻاءُ ۽ غنڊه گرديءَ ذريعي بليڪ ميل ڪن ۽ کين ڪوبه چوڻ، جهلڻ، پلڻ ۽ لغام ڏيڻ وارو نه هجي؟ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اِها صورتحال ڏهاڪن کان قائم آهي، رڳو ان جا ڪردار ۽ دؤر تبديل ٿيا آهن، پر انهن پُتلين پويان “هٿ” ساڳيا آهن. ضياءَ جي دؤر ۾ جڏهن ٻاهر پنج ماڻهو گڏ ٿي نه سگهندا هئا، تڏهن به سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪشمير خان ۽ جانو آرائينءَ جهڙا ڌاڙيل رهندا هئا. سوال آهي ته ڇا اهو سڀ اتفاق آهي؟ شهيد عاشق جوڻيجي جو قاتل اهو ساڳيو شاگرد اڳواڻ هو، جنهن پروفيسر اعجاز قريشيءَ کي امتحان جي بائيڪاٽ جي اجازت نه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ کُلي عام چماٽ هنئي هئي. شفيق کوسي جهڙو لائق ماڻهو حيدرآباد جو ڪمشنر هو. معلوم ڪري ڏسو ته ان شاگرد اڳواڻ جو وار به ونگو ڇو نه ٿيو؟ معلوم ٿيو ته اهو شاگرد اڳواڻ ايجنسين جو دادلو هو. اهڙن سوين واقعن جا حوالا ڏئي سگهجن ٿا پر هر واقعي ۾ ملوث شاگردن جي نالي ۾ ڏوهارين پٺيان ساڳيا هٿ نظر ايندا.
ڏسڻ اهو گهرجي ته ڪهڙا عنصر آهن، جيڪي انهن “ڳُجهن هٿن” جا آله ڪار بڻجن ٿا. اُهي ڪڏهن وائيس چانسلرن جي صورت ۾ هجن ٿا ته ڪڏهن نام نهاد شاگرد اڳواڻن جي صورت ۾. آخر ڇا هو جو نذير مغل کي هٽائڻ لاءِ چونڊيل حڪومت به بلڪل بي وس نظر آئي؟ هيڏا احتجاج ٿيا ۽ ڪير هو، جيڪو کيس مضبوطيءَ سان ويهاريو ويٺو هو؟ ڇا رڳو پير مظهرالحق ۽ گورنر؟ بس! يقيناً اُهي به هئا، پر اصل هٿ ڪي ٻيا هئا. سنڌ يونيورسٽيءَ بابت هڪ گڏجاڻيءَ ۾ سينيٽر تاج حيدر وائيس چانسلر نذير مغل ۽ منهنجي روبرو هڪ ڊويزنل سطح جي ذميوار پوليس آفيسر اهو چيو ته پروفيسر بشير چنڙ جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۾ وائيس چانسلر سنجيده ناهي. گڏجاڻيءَ کانپوءِ جڏهن سينيٽر تاج حيدر جنهن کي گڏجاڻيءَ لاءِ وڏي وزير اُماڻيو هو، کي مون يونيورسٽيءَ جي بحران جي حل لاءِ پهرين وِک طور وائيس چانسلر کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي ته هن چيو ته حڪومت لاچار آهي، سندن وَسُ نه ٿو هلي. سوال آهي ته اُهي ڪي معمولي هٿ آهن، جن آڏو چونڊيل جمهوري حڪومت بلڪل بي وس نظر آئي. اهي ته رڳو چند واقعا آهن، جن مان اِها ڳوٽَ ڀڃي سگهجي ٿي ته اُهي ڪهڙا هٿ آهن، جيڪي شاگردن جي صورت ۾ پيشه ور ڏوهاري عنصرن ۽ اهڙن عنصرن کي پاليندڙ وائيس چانسلرن کي تحفظ ڏين ٿا؟ اڃا وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته ٻن شاگردن جو قتل ۽ پوءِ هڪ پروفيسر جي قتل ۽ وائيس چانسلر خلاف هليل هيڏي جدوجهد ۽ احتجاج کانپوءِ ضروري نه هو ته جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي عمل شروع ٿيو ته يونيورسٽيءَ ۾ هٿيارن کان پاڪ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ گهربل سخت انتظام ڪرڻ کپندا هئا. ڇا اهو ضروري نه هو ته يونيورسٽيءَ کي ڪُل وقتي وائيس چانسلر ڏنو/ ڏني وڃي ها ۽ حڪومت اهي سڀ قدم کڻي ها، جن سان نئون شروع ٿيل تعليمي عمل هٿيارن کان پاڪ محفوظ عمل ۾ شروع ٿئي ها.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بابر سنديلي ۽ رميز سهاڳ جي قتل کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي جُڙي، جنهن ۾ انتظاميه سان گڏ، سوٽا جا نمائنده، سمورين سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ سِول سوسائٽيءَ طرفان سائين محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ميڊم مهتاب راشدي، تاج جويو ۽ مان شامل هئاسون. ان ڪميٽيءَ هڪ ضابطهءِ اخلاق جوڙيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ انتظاميه لاءِ به ڪي ضروري ۽ اهم فيصلا ڪيا. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن انهن فيصلن تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ سنڌ يونيورسٽيءَ جو هيءُ حال نه ٿئي ها. ان ڳالهه جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته انهن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ ان لاءِ هڪ طرف وائيس چانسلر نذير مغل ذميوار آهي ته ٻئي طرف اُهي سياسي پارٽيون پڻ ذميوار آهن، جن جي شاگرد تنظيمن ان ضابطهءِ اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن حمام ۾ سڀ اُگهاڙا آهن، ڪنهن ڪنهن کي چئجي؟ سڄي معاشري ان ڪميٽيءَ جي سفارشن کي ساراهيو ۽ ان جي حمايت ڪئي. سوال آهي ته ڪنهن ان کي تارپيڊو ڪيو؟ ۽ انهن جو احتساب ڇو نه ٿيڻ گهرجي؟
هن صورتحال ۾ انهن سمورن شاگرد تنظيمن ۽ گروهن جو به گهيرو تنگ ڪرڻ گهرجي، جيڪي سنڌ يونيورسٽيءَ اندر ڏهاڪن کان وٺي شاگردن جي روپ ۾ پيشه ور ڏوهارين کي پاليو ۽ هٿيارن جو ڪلچر قائم رکيو ويٺا آهن. سوال آهي ته ڪهڙي شاگرد سياست آهي، جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سياسي نظريي، علم، سياسي سمجهه، قومي فرض شناسيءَ ۽ ذميوار سياسي طريقن بجاءِ غنڊن، لوفرن، ڏوهارين بليڪ ميلنگ ۽ هٿيارن ذريعي ڪئي وڃي ٿي؟ سوال آهي ته اها شاگرد سياست آهي يا انهن “ڳُجهن هٿن” جي نوڪري جيڪي سنڌ جي تباهي يقيني بڻائڻ لاءِ مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽيءَ کي نه رڳو ”بند يونيورسٽيءَ“ ۾ تبديل ڪرائڻ چاهين ٿا، پر سنڌي قوم جي ترقيءَ جي واحد سگهاري ذريعي يعني تعليم کي مڪمل طور برباد ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان لاءِ سمورا گهربل انتظام ڪن ٿا. ان ڳالهه ۾ هاڻي ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي ته جيڪو به گروهه ڪنهن به نالي ۾ جيڪڏهن تعليمي ادارن ۽ خاص طور سنڌ يونيورسٽيءَ اندر هٿيار آڻي ٿو ۽ دهشتگردي ڪري ٿو ته اُهو دراصل سياست نه، پر سنڌ جي تعليم جي قتل ۽ سنڌ جي تباهيءَ جي عمل ۾ انهن “ڳُجهن هٿن” جو پگهاردار آهي. ڇا دنيا ۾ ڪتاب، علم ۽ قلم کان وڌيڪ ڪو هٿيار آهي، جنهن سان پنهنجيءَ قوم جي بقا جي جنگ وڙهي سگهجي!
وقت اچي ويو آهي ته معاشرو هن سموري قوم دشمن صورتحال کان به پنهنجي لاتعلقي ۽ بي حسيءَ کي ٽوڙي. اسان جي خاموشي يا مصلحت به هن صورتحال لاءِ ڏهاڪن کان ذميوار آهي. اهو سوال اسان جي سموري قوم لاءِ اهم هئڻ گهرجي ته آخر هيءَ ڪنهن جي بازار پئي لُٽجي؟ هيءُ ڪنهن جو آئيندو آهي، جيڪو روز روز قتل ڪيو وڃي ٿو؟ اُهي ڪهڙا نظر ايندڙ ۽ نظر نه ايندڙ هٿ آهن، چاليهن سالن کان سنڌ يونيورسٽيءَ کي فضيلت سان هلڻ نٿا ڏين؟
چرچل چيو هو ته جنگ ايڏو حساس معاملو آهي، جو ان کي رڳو جنرلن حوالي نه ٿو ڪري سگهجي. تعليم به ايڏو حساس معاملو آهي، جنهن کي بي اختيار حڪومتن، ڪرپٽ انتظاميائن، شاگرد سياست جي نالن ۾ ڏوهاري عنصرن ۽ استادن يا ملازمن جي ٽريڊ يونينز جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي. وقت اچي ويو آهي ته سمورو معاشرو اُٿي بيهي، آڱر کڻي، اڳيان اچي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڌڻي ٿئي.
ڇا شهيد عاشق جوڻيجي، بابر سنديلي ۽ رميز سهاڳ يا دين محمد دل کي والدين ان لاءِ يونيورسٽيءَ موڪليو هو ته اُهي اعليٰ تعليم حاصل ڪري يونيورسٽيءَ مان بهتر مستقبل جي ضامن حقيقي ڊگرين آڻڻ بدران قبرستان آباد ڪن؟ ڇا پروفيسر بشير چنڙ ان لاءِ سموري زندگي يونيورسٽيءَ جي تعليم کي ارپي ته کيس ساڳي مادر علميءَ جي رستن تي کُلي عام قتل ڪيو وڃي ۽ سندس قاتل به گرفتار نه ٿين! ڇا اهو رڳو چند فردن جو وحشي قتل آهي يا اهو انهن سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اُتساهه جو به قتل آهي، جيڪي سچ پچ به پڙهڻ چاهين ٿا، ان کان به وڌيڪ ڇا سندن والدين جي خوابن جو قتل ناهي، جيڪي پنهنجو نور نچوئي پنهنجن ٻچن کي انهن ادارن ۾ اُماڻين ٿا ته من سندن زندگيءَ ۽ قسمت ۾ ڪو ڦيرو اچي. هيءُ ته سڄيءَ قوم جي آئيندي جو وحشتناڪ قتل آهي ۽ سموري قوم کي هن خوني ناچ خلاف هاڻ حتمي طور اُٿي بيهڻ گهرجي.
Reference:Daily Kawish
Date: 08th March 2012
E-mail: jchandio@cpcs.org.pk