RSS

Author Archives: Faysal Memon

About Faysal Memon

I am still in the journey of self-discovery; hence I can not describe myself Heh...! I do believe though that honesty appeals to me, so doe’s integrity of character. I am Spiritual person, one for whom religion & motherland is the most important in the life… We humans understand so less, and can never understand all, we don’t even understand the concept of nothingness and all completely… I Seek truth & beauty… Is truth beauty or Beauty truth? Such are the questions that run through my head… I think I am smart in a stupid way. I am a combination of an extrovert and introvert… More of an Extrovert… But a deeper Introvert, Heh… Make sense? I believe in deeper Relations… I am for all or nothing, pretty loyal to friends, always tries to be there for my dear ones… I can say quite confidently that I am a passionate person… Maybe compassionate as well… Sexuality and lust are not things that I think are taboo, as is what society is tends to impose on us… But many would disagree with me here I know… Hold sacred the little thing as well as the big things, and always try to look at the way of reality… I love music, meaningful music… it doesn’t matter if its rock or classical, if it conveys feelings, it’s good for me…!!! ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان۔۔۔

قربانين کي ڀيٽا ڪيئن ڏجي؟ – ڊاڪٽر مير عالم مري

قربانين کي ڀيٽا ڪيئن ڏجي؟
ڊاڪٽر مير عالم مري

بشير خان کي دل جي ڪا به تڪليف نه هئي، پر سڪرنڊ اسپتال جي ڊاڪٽرن، سندس موت جو سبب (Heart attack) ڄاڻايو. اهو ممڪن آهي ته صورتحال ائين ئي هجي ۽ بشير خان جو موت فطري هجي، پر رات جو 3 وڳي ڌاري، جيئن ئي مون کي ڪنهن دوست ننڊ مان اٿاري اها افسوسناڪ خبر ٻڌائي ته منهنجو پهريون ردعمل اهو هو، ”بشير خان جو موت غير فطري آهي، شايد کيس قتل ڪيو ويو هجي.“ دراصل 23 مارچ جي انتهائي پرامن ۽ منظم ريلي ۾ سنڌي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي، پر حيرت انگيز حد تائين حڪومت پاڪستان ان بابت انتهائي حد تائين پراسرار خاموشي اختيار ڪئي هئي. 4 ۽ 5 اپريل تي ڪجهه دوستن سان مون اهو تذڪرو ڪيو هو ته سرڪار جي خاموشي کي هلڪو نه وٺڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو ته ڪو وڏو حملو ٿئي. اها ته خبر نه هئي ته ڇا ٿيندو؟ پر اهو منهنجو تجزيو هو ته جيڪي ڪجهه ٿيندو، اهو غير معمولي هوندو. ٿورن ڏينهن اندر بشير خان جي موت جي خبر آئي. مون سميت ڪو به ذهن، انهيءَ خبر کي مڃڻ لاءِ تيار نه هو. سڀني جي ذهنن ۾ شڪ ۽ سوال هئا. هي سٽون لکجڻ تائين پوسٽ مارٽم رپورٽ نه جاري ٿي آهي ۽ ان جي طريقيڪار ۽ شفافيت تي بشير خان جي تنظيمي ساٿين پاران اعتراض اٿاريا ويا آهن. سرڪار کي گهرجي ته بشير خان جي وارثن ۽ سڄي سنڌ جي عوام جي تسلي لاءِ بي ريا جاچ ۽ رپورٽ جاري ڪري. جيڪڏهن بشير خان جو موت محض دل جي دوري پوڻ سبب ٿيو آهي ته وڏي افسوس سان قبول ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو دل جو دورو ڪنهن کي به پئي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن بشير خان جو موت، ڪنهن سازش جو نتيجو آهي، يا ڪنهن زهر وغيره سبب ٿيو آهي ته پوءِ انتهائي تشويشناڪ ڳالهه هوندي. بشير خان جو موت، سنڌ جو هاءِ پروفائيل ڪيس آهي. جيڪڏهن اها سازش آهي، ۽ اها تصديق ٿيڻ بعد، ڇا سندس قاتلن تائين پهچي سگهبو؟

اهو وڏو سوال آهي، ان کان وڌيڪ اهو سنڌ جي قومي تحريڪ تي نفسياتي حملو هوندو، آئنده ڪو به اڳواڻ پاڻ کي هر هنڌ غير محفوظ سمجهندو، دعوتون کائڻ، عام جاين تي کائڻ، پيئڻ وغيره بابت غير يقيني رهندي ۽ خود قومپرست اڳواڻن جي ميزباني ڪندڙ دوست توڙي ڪارڪن به منجهي پوندا ته ڪٿي ڪو مسئلو نه ٿي پوي. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته بشير خان جي موت جي اصل حقيقت پڌري ٿئي، پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته قومي تحريڪ خلاف هلندڙ نفسياتي جنگ ۽ حملي کي سمجهيو وڃي ۽ ان جو حل ڪڍيو وڃي. ٻي ڳالهه ته مون کي هي لفظ چوڻ ۾ ڪو به عار محسوس نٿو ٿئي ته بشير خان، جيئي سنڌ هلچل جي سڀني اڳواڻن ۽ سڀني پارٽين مان وڌيڪ عوامي اثر رکندڙ هو. مون جيتري قدر ڏٺو ۽ 1995ع کان 2000ع تائين، جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ته مون محسوس ڪيو ۽ ڏٺو ته بشير خان باهمت ۽ سخت محنتي هو. اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ عوام سان ڳانڍاپو، سندس شخصيت جا ٻه نمايان پهلو رهيا آهن. مون سميت ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي بشير خان سان اختلاف به هئا، الڳ به ٿياسين، پر جڏهن به ملياسين ته وڇڙيل دوستن وانگر پيار ۽ عزت سان ملياسين. اها حقيقت آهي ته بشير خان سائين جي ايم سيد جي فڪر کي سنڌ جي وسيع علائقي ۾ عوامي سطح تي متعارف ڪيو. جيئي سنڌ هلچل، جيڪا هيٺين وچولي طبقي جي ملازمت يا ڪاروباري ماڻهن، شاعرن، اديبن ۽ دانشورن تائين محدود هئي، ان کي عوامي رنگ ۾ رڱڻ شروع ڪيو، بيروزگار نوجوان، هاري، مزدور، وچولو طبقو، زميندار، غرض ته قومي تحريڪ کي محدود دائري مان ڪڍي وسيع دائري ۾ وٺي اچڻ جو اعزاز ۽ ڪردار بيشڪ بشير خان قريشي جو هو. ٻيو ڪير مڃي يا نه مڃي، آئون بنا هٻڪ جي قبول ڪريان ٿو ته اسان جيڪي پاڻ کي نظرياتي ڪارڪن، سياسي تعليم جا ماهر، دانشور، ليکڪ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا سمجهون ٿا، تن ڪتاب ته گهڻا پڙهيا هوندا، ليڪچر ۽ تقريرون ته شاندار ڪيون هونديون، پر نه رڳو شخصي طور پاڻ، عوامي اڳواڻ ٿي اڀري نه سگهيا آهيون ۽ نه وري پنهنجي جماعتن کي عوامي رنگ بخشي سگهيا آهيون. نظرياتي تعليم ۽ سياسي سنجيدگي جي نعري بازي ۾ جماعتن کي، عوام جي وسيع حلقن ڏانهن وٺي وڃڻ جي بجاءِ، جيئي سنڌ هلچل جا سمورا گروپ پاڻ کي ڪجهه دوستن جي ٽولي تائين محدود رکيو ويٺا آهن. ٻئي طرف بشير خان هو، جنهن کان سڀ الڳ ٿيا، پر پوءِ به هن جي محنت ۽ جدوجهد جو اهو ڪمال هو، جو اسان سڀني کان وڌيڪ ڪارڪنن جو تعداد، عوامي سگهه ۽ حمايت بشير خان کي حاصل هئي.

بيشڪ، اسان پنهنجو پنهنجو سچ ٺاهي جدا ٿي ويهي رهياسين، ڌار ڌار سفر جاري ڪيوسين، پنهنجي سچ کي قطعي سچ سمجهيوسين، پر نتيجي جي لحاظ سان قبولڻ گهرجي ته علم ۽ دانشوري هوندي به اسان پنهنجن جماعتن کي عوامي جماعتون نه بنائي سگهياسين. اسان تنقيد پئي ڪئي ته بشير خان قريشي وٽ عوامي هجوم ته آهي، پر عوامي تنظيم ۽ سياسي تعليم ڪونهي. پر ڇا اسان ڪڏهن ان سوال جو جائزو ورتو ته اسان ڪهڙي عوامي تنظيم (ڌار ٿيڻ کانپوءِ) ٺاهي آهي؟ ڪهڙا ادارا جوڙيا آهن؟ بشير خان ته چوندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ هو عوام کي گڏ ڪري سگهي ٿو ۽ اهو صحيح چوندو هو، پر هن کان ڌار ٿيل اسان سمورا گروپ ته اهو به نه ڪري سگهياسين. اهو سمجهندي به انقلاب ۽ تبديلي جو اصل سرچشمو ۽ طاقت عوام آهي، اسان پنهنجي شخصيت کي، پنهنجي جماعتن کي عوام جي دلين ۾ لاهي نه سگهياسين. اها اسان جي تمام وڏي ڪوتاهي ۽ نااهلي هئي ۽ آهي؟ پر اسان صرف بشير خان کان توقع ٿي ڪئي ته جدوجهد به هُو ڪري ۽ ادارا به هُو ٺاهي؟ اسين جيڪي هُن سان گڏ هلڻ لاءِ تيار نه هئاسين، هُن سان گڏ رهي هٿ ونڊائڻ لاءِ تيار نه هئاسين، اڪيلو ڪري، پنهنجو سچ چئي ۽ ٺاهي ڌار ٿي وياسين ۽ ڌار ٿيڻ کانپوءِ به ڪي خاص نتيجا ڏئي نه سگهياسين!!

اسان قومي تحريڪ ۾ بهتري چاهي ٿي، نه ڪي انتشار، پر شايد بهتري جي نعري ۽ نالي ۾ اسان به ڪجهه ساٿين هٿان استعمال ٿياسين، معاملن کي ڇيڙي ته ويٺاسين، پر معاملن کي سنڀالي نه سگهياسين، تنهن ڪري اسان کي ٿڌي دل ۽ دماغ سان ماضي، حال ۽ مستقبل جو جائزو وٺڻ گهرجي. منهنجي مشاهدي موجب سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ بشير خان جو وڇوڙو اهو ٻيو اهم سانحو آهي، جنهن نه رڳو قومي تحريڪ کي، پر سڄي سنڌ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. سڀني تنقيدن جي باوجود هيءَ حقيقت آهي ته بشير خان جي وڃڻ سان عوامي جدوجهد جو اهو مورچو عارضي طور خالي ٿي ويو آهي. پارٽيون ته پيون هلنديون، پر اهڙي شخصيت جي اڀرڻ لاءِ وڏي محنت ۽ وڏي وقت جي ضرورت آهي. تنهن ڪري منهنجي سمجهه مطابق اڄ وڇوڙي جي غم کي طاقت ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي.

جيئن سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي بعد جسقم کي وجود ۾ آندو ويو. حالانڪه اهو حالتن جي دٻاءُ تحت ٺهيو، ان جي ٺهڻ وقت اختلافي معاملا سلجهائڻ جي بجاءِ دٻايا ويا هئا، نتيجي طور ڀڃ ڊاهه ٿيندي رهي. ان ڀڃ ڊاهه جا ڪي سبب هوندا، پر وقت ۽ حالتن جي روشني ۾، جدا جدا پارٽيون ٺاهڻ ۽ انهن جا نتيجا ڏسڻ کانپوءِ منهنجي خيال ۾ هاڻي بشير خان جي وڇوڙي سان ٿيل قومي نقصان جو ازالو صرف گڏجڻ جي صورت ۾ ئي ممڪن آهي. تنهن ڪري نه رڳو سڀني کي ان نقطي تي سوچڻ گهرجي، پر هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ گهرجي. رڪارڊ جي درستگي خاطر بشير خان جي وڇوڙي کان پهرين، سائين جي ايم سيد جي ورسي، گڏيل طور ملهائڻ جي سلسلي ۾ مون جيئي سنڌ هلچل جي مختلف جماعتن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون هيون، ان دوران بشير خان جي وڇوڙي جي دل ڏکوئيندڙ واردات ٿي وئي ته اسان اڳ ۾ ئي اهو چاهيو پئي، پر هاڻي ته حالتن جي تقاضا آهي ته وري سڀ گڏجي هڪ ٿيون. اهو به اهڙي ريت جو اختلافي معاملن کي اڪلائي، ڳالهائي، ائين جو وري ڪا ٽوڙ ڦوڙ نه ٿئي. منهنجي نظر ۾ ڏنل قربانين کي ڀيٽا ڏيڻ جو اهو ئي صحيح ۽ وقتائتو قدم آهي.

Reference: Daily Kawish
Date: 16th-April-2012

 
Leave a comment

Posted by on April 21, 2012 in Articals

 

پيپلز پارٽي-نواز ليگ ڇڪتاڻ ۽ سنڌ – بئريسٽر ضمير گهمرو

پيپلز پارٽي-نواز ليگ ڇڪتاڻ ۽ سنڌ
بئريسٽر ضمير گهمرو

ايندڙ چونڊن کي نظر ۾ رکندي پ پ ۽ نواز ليگ پنهنجي پنهنجي تڪ کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ توڙي ٻين تڪن ۾ پنهنجي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيون آهن. پ پ جو زور سينٽرل پنجاب ۽ سرائيڪي علائقي تي آهي ته وري نواز ليگ پ پ جي روايتي ڳڙهه سنڌ ۾ پنهنجي سياست لاهي رهي آهي. اڄ اسين ٻنهي پارٽين جي سياست، ڇڪتاڻ، انهن جي پاليسين ۽ ان جو سنڌ تي پوندڙ اثر جي ڇنڊڇاڻ ڪنداسين.

1970ع جي چونڊن ۾ پ پ پنجاب جي پارٽي ٿي اڀري هئي، ڇو ته کيس پنجاب ۾ ئي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل هئي، جڏهن ته سنڌ ۾ کيس 60 صوبائي سيٽن مان صرف 28 سيٽون مليون هيون. ان ڪري هن 1973ع جو آئين ٺاهڻ وقت کلي طور پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪيو، پر 1979ع ۾ ڀٽي صاحب جي ڦاسي کانپوءِ پ پ سنڌ ڪارڊ کي مضبوطي سان جهليو ته آهستي آهستي سينٽرل پنجاب سندس هٿن مان نڪري ويو ۽ 1977ع کان پوءِ پنجاب ۾ نج ۽ خالص پ پ سرڪار وجود ۾ نه اچي سگهي. جنرل ضياءَ، مسلم ليگ توڙي مذهبي جماعتن اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل سهڪار سان پ پ کي پنجاب جي وچين پرڳڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اتي 1988ع کان قائم مسلم ليگ نواز قومپرستي جي بنياد تي پنجاب جي وچين حصي ۽ پوٺوهار علائقي کي پنهنجو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو. پ پ هاڻي رڳو سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي سرائيڪي علائقن تائين محدود آهي. خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ به کيس ڪجهه حمايت حاصل آهي. پنجاب جي پارٽي کان وٺي غير پنجابي پارٽي ٿيڻ تائين پ پ جو سفر تاريخ جو عجب نمونو آهي.

ساڳي طرح نواز ليگ پڻ پنجاب جي قومپرستي واري نعري ”جاڳ پنجابي جاڳ، تيري پگ نون لگ گيا داغ“ واري نعري سان سياست جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان مان نوابن ۽ سردارن کي اقتدار جي لالچ هيٺ پنهنجو بڻائي، مرڪز توڙي سنڌ ۽ سرحد ۾ حڪومتون ٺاهيون. بلوچستان ۾ به ڪڏهن مخلوط ته ڪڏهن پنهنجي سرڪار ٺاهڻ جا جتن ڪيا. اهڙي طرح نواز ليگ مختلف وقتن تي پنجاب جي قومي مفادن جو زبردست دفاع ڪيو. اهو پاڻي وارو مسئلو هجي، ناڻي وارو هجي، آئيني، انتظامي هجي، هن جو سياسي محور پنجاب رهيو. ايتري تائين جو سنڌ توڙي بلوچستان ۾ رهندڙ پنجاب جي آبادڪارن کي به ان ڪري پنهنجو ڪيو ته جيئن هو پنجاب جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سندس مدد ڪن. وچولي پنجاب توڙي پوٽوهار جي مخصوص سيٽن جي ڪري نواز ليگ کي اهو خطرو آهي ته اها ملڪ گير پارٽي نه بڻجي سگهي آهي، ان ڪري اها ان ڪوشش ۾ آهي ته ملڪ جي پارٽي جو ڏيک ڏيڻ لاءِ کيس ٻين صوبن ۾ به هن کي مدد گهرجي.

پ پ توڙي نواز ليگ توڻي جو ڄايون پنجاب ۾، ۽ ٻنهي کي پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ جو شروع ۾ آشيرواد به رهيو، پر انهن جي قيادت جو جتي ڳڙهه هيو، اهي آخر اتي ئي مرڪوز ٿي ويون. هينئر نواز ليگ پنجاب جي ۽ پ پ سنڌ جي پارٽي آهي، پر ٻنهي ۾ فرق تمام گهڻو آهي. پ پ سياسي عمل دوران غير پنجابي پارٽي ٿيڻ جي باوجود سنڌ جي مفادن تي واضح نه آهي، جڏهن ته نواز ليگ پنجاب جي مفادن تي مڪمل طور واضح آهي ۽ اها انهن جو تحفظ به ڪري ٿي. ٻئي پارٽيون 1973ع جي آئين (جيڪو قرارداد پاڪستان جي ڀڃڪڙي ڪري ٺاهيو ويو) کي موجوده فيڊريشن جو سماجي معاهدو سمجهن ٿيون. توڙي جو ٻنهي پارٽين چارٽر آف ڊيموڪريسي صحيح ڪري ان کي به پٺي ڏني ۽ 18 هين ترميم ۽ ستين اين ايف سي ذريعي نئين مرڪزيت جو بنياد وڌو. نواز ليگ مختلف وقتن تي ثابت به ڪري ڇڏيو آهي ته هو پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي، پر ٻين صوبن مان موٽ ملڻ لاءِ پنهنجي پاليسي ۾ پنج سيڪڙو به تبديلي آڻڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته موجوده فيڊريشن کي ساڳي حيثيت ۾ رکڻ سندس قومي مفادن وٽان آهي.

پيپلز پارٽي پنجاب مان بيدخلي کانپوءِ سمجهي ٿي ته اها (نواز ليگ وانگر صرف سينٽرل پنجاب) سنڌ جي ووٽن تي مرڪز ۾ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي، ان ڪري اها هاڻي سرائيڪي ڪارڊ به کيڏي رهي آهي. نواز ليگ ته پنجاب سان وفاداري ڪري ٻين صوبن ڏانهن هٿ ڊگهو ڪيو آهي، پر پ پ اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ کانسواءِ ٻين علائقن ڏانهن هٿ وڌائي رهي آهي. سنڌ جي قيمت تي جيڪو سندس تڪ آهي، سرائيڪي صوبي وارو ڪارڊ کيڏڻ کان به نٿي رڪجي، ڇو ته کيس هر قيمت تي مرڪز ۾ اقتدار گهرجي. نواز ليگ پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ چارٽر آف ڊيموڪريسي وقت ئي مرڪز ۾ اقتدار کي خير آباد چيو هو ۽ پ پ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ راضي رکيو. معنيٰ هو پنجاب جي مفادن لاءِ مرڪز ۾ حڪومت نه به ٺاهي سگهي، پر پ پ سرڪار سنڌ جي وحدت جي قيمت تي به مرڪز ۾ اقتدار وٺڻ لاءِ بي تاب آهي. نواز ليگ کي خبر آهي ته سينٽرل پنجاب سندس ڳڙهه آهي، باقي ٻين صوبن جي کيس رڳو مدد درڪار آهي ۽ ان لاءِ انهن صوبن کي نالي ماتر شرط آڇڻ ۾ کٽيءَ جي گهران ”شون“ ئي ته ويندي. پر پ پ مرڪز ۾ اقتدار نه رڳو سنڌ جي قيمت تي ڪري رهي آهي، پر اڄ تائين مرڪز ۾ سمورا معاهدا اهي اين ايف سي جي صورت ۾ هجن يا 18 هين ترميم جي صورت ۾ سنڌ جي مفادن جي خلاف ٿيا آهن. پ پ 1973ع جي آئين کان به پوئتي هٽي آهي، جڏهن ته نواز ليگ پنجاب جي مفادن جو زبردست تحفظ ڪندي 1973ع جي آئين ۾ پنجاب کي مليل برتري کي به اڳتي ڪيو آهي. پ پ سرڪار ان ڳالهه تي ششدر آهي ته نواز ليگ سندس ڳڙهه سنڌ ۾ ٽپي پئي آهي ۽ ممتاز ڀٽو، لياقت جتوئي، ماروي ميمڻ سميت ڪيترائي سياستدان سنڌ مان نواز ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته صدر آصف زرداري وري سينٽرل پنجاب ۽ سرائيڪي علائقي کي هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هنيا آهن. سينٽرل پنجاب ته پ پ کي هونئن به هٿ نه ايندو، پر سرائيڪي علائقي کي صوبي ڏيڻ جا ڀاشن (جنهن جي آئين ۾ گنجائش ئي نه آهي) سنڌ جي وحدت جي قيمت تي آهن. جنهن ڳالهه جي پ پ کي ان ڪري پرواهه نه آهي، ڇو جو اها سنڌ کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ٿي.

پ پ-نواز ليگ سنڌ کي ڇا آڇينديون:

پ پ توڙي نواز ليگ وٽ سنڌ کي آڇڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. پ پ سنڌ کي پنهنجي ملڪيت سمجهندي سينٽرل ۽ ڏکڻ پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪري رهي آهي، جڏهن ته نواز ليگ جيئن ته پنجاب جي مالڪ آهي، اها وري پنج سيڪڙو کن رعايتون سنڌ کي آڇي سگهي ٿي. نواز ليگ پاران سرائيڪي صوبي جي مخالفت ڪري سنڌ جي وحدت کي سندس مان ڪو خطرو نه آهي، پر پ پ جو ووٽ بينڪ سنڌ مان هجڻ باوجود ان مان سنڌ جي وحدت کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو، جيڪو سنڌ جي انتظامي ورهاڱي طور اڳ ئي ثابت ٿي چڪو آهي. ڌار صوبي لاءِ لڳندڙ پوسٽرن تي پ پ سرڪار پاران ڪو به قدم نه کڻڻ پڻ ان جي ڪمزوري ثابت ڪري ٿو. نواز ليگ جي طرز حڪمراني پنجاب ۾ بهتر رهي آهي، پر سنڌ ۾ جنهن طريقي سان غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان هن پنهنجا وڏا وزير ۽ صلاحڪار مسلط ڪيا، ان ثابت ڪيو ته نواز ليگ ته آئين جي صوبائي خودمختياري واري حصي تي به يقين نٿي رکي. بهرحال پنجاب ۾ بهتر حڪمراني کي هو سنڌ ۾ ماڊل طور پيش ڪرڻ گهري ٿي. جيئن ته اها فيڊريشن ۽ پنجاب جي مالڪ آهي، ان ڪري سنڌي سياستدان سندس کان ڪجهه رعايتون وٺڻ لاءِ آتا آهن ۽ حقيقت ۾ ڪجهه رعايتون اها ڏئي به سگهي ٿي، پر رعايتن کان وڌيڪ اها ڪجهه به آڇي نٿي سگهي. پ پ سرڪار جي هٿ ۾ نه فيڊريشن آهي، ۽ نه پنجاب. اها ته اتي مهمان اداڪار آهي، جيستائين کيس آمريڪي حمايت حاصل آهي. ان ڪري اها سنڌ کي نه ته رعايت ڏئي سگهي ٿي ۽ نه بهتر حڪمراني. ان ڪري وري به سنڌ جون ڪي قومپرست ڌريون اهو سمجهن ٿيون ته زير دستن بجاءِ مالڪن سان ڳالهائڻ بهتر آهي. هن سبب جي ڪري ئي سنڌ ۾ پارلياماني سياست جون داعي قومپرست ڌريون نواز ليگ سان مسلسل ڳالهائي رهيون آهن، جيڪو عمل حقيقي فيڊريشن ۾ ته بهتر آهي، پر موجوده طرز واري فيڊريشن ۾ هاڃيڪار به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن سياست کي نج اقتداري مفادن جي حوالي سان ڏسجي ته پ پ وٽ سنڌ کي ڏيڻ لاءِ نه بهتر حڪمراني آهي، نه وسيلا، پر نواز ليگ وٽ نه صرف بهتر حڪمراني جو ماڊل آهي، پر پنجاب وٽ سنڌ جا وسيلا جيڪي پ پ گروي رکيا آهن، اهي به. سنڌ جو عوام پ پ سرڪار کي ان ڪري ووٽ ڏيندو رهيو آهي، ته هڪ ته مرڪز ۾ اها کين نمائندگي ڏياريندي ۽ ٻيو سنڌ ۾ بهتر حڪمراني ذريعي سندن زندگين ۾ ڦيرو آڻيندي، پر انهن ٻنهي محاذن تي پ پ سرڪار جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي آهي ۽ هو سنڌ ۾ شهيدن جو ڪارڊ کيڏي رهي آهي. هاڻ نج اقتداري حوالي سان به ڏسجي ته مرڪز ۾ پ پ جو اقتدار سنڌين تي ڪجهه نه ڏئي سگهيو آهي ۽ اهو رڳو آمريڪا ۽ پنجاب جي ڪتب آيو آهي ته پوءِ سنڌي مرڪز ۾ سرڪار ٺاهڻ لاءِ پ پ کي ووٽ ڇو ڏين؟ بهتر آهي ته مرڪز جن جو آهي، ان ۾ انهن جي سرڪار هجي ته سنڌ ڳالهائڻ جهڙي ته هوندي. هاڻي ته اها نه لڇي سگهي ٿي، نه وري ڪنگهي سگهي ٿي، پنهنجن جا گهاوَ ڪنهن کي ڏيکاري به نٿي سگهي، پراون جا ڌڪ ته واڪا ڪري پنهنجي عوام کي ڏيکاريندي.

سنڌ ۾ هونئن به پ پ کي جيڪو ووٽ ملي ٿو، اهو قومپرست ووٽ آهي. جڏهن پنجاب لاش موڪلي ٿو ته سنڌ ظاهر آهي ته ان تي ردعمل ڪري پ پ کي ووٽ ڏئي ٿي، پر پ پ وٽ سنڌ جي ووٽ جو نه ته قدر آهي، نه لحاظ. اها توڙي جو پاڻ کي موجوده چونڊن جي بنياد تي، جيڪي مينڊيٽ جي مڪمل ڪسوٽي نه آهن، سنڌ جي نمائنده سمجهي ٿي، پر سنڌ جي قومي توڙي انساني حقن تي هر وقت راتاهو لڳندو رهيو آهي، ڇو جو سنڌ وٽ هو سمجهي ٿي ته متبادل قيادت نه آهي ۽ اها ڊپ ۽ ڊاءَ جي ڪري سندس جهولي ۾ پيل آهي. سنڌ کي هن ماجرا مان هو نڪرڻ نٿي ڏئي، ڇو جو مرڪز ۾ سندس مفاد پيارا آهن. اهڙي ريت وري نواز ليگ سنڌ ۾ سنجيده پهل نه ڪري سگهي آهي، هوءَ عوام وٽ نه پر وڏيرن وٽ لٿي آهي. هن وٽ سنڌي عوام لاءِ ڪو خاص پيڪيج نه آهي. چون ٿا ته سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو ناڻي، پاڻي ۽ ٻين معاملن تي لکت ۾ معاهدو ڪيو آهي، پر اهو اڃا منظر عام تي نه اچي سگهيو آهي. هوڏانهن نواز شريف جو خيال آهي ته سنڌي عوام کيس اهڙي ئي طريقي سان ووٽ ڏئي، جهڙي طرح پنجاب هڪ سنڌي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنا هئا ته هو سنڌ جي مفادن جو خيال رکڻ جو پابند ٿي ويندو. ان ئي سوچ هيٺ هن ڀٽي خاندان جي اهم فرد کي هٿ ڪيو آهي ته جيئن سنڌ ۾ کيس اهڙي سڃاڻپ ملي، جيڪا سدائين پنجاب جو خواب رهي آهي. پر سنڌ هن وقت تاريخ جي اهم موڙ مان گذري رهي آهي، جتي پارلياماني توڙي وفاقي سياست پويون رخ ڪيو آهي ۽ نوجوان بشير قريشي جي شهادت کان پوءِ ڏينهون ڏينهن موجوده رياست ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي چڪا آهن. بشير قريشي جي خون جي جاچ لاءِ نواز شريف جو سکڻو بيان سندن ڦٽن تي پهو نه رکي سگهيو آهي ۽ سنڌ Radicalization جي زبردست طوفان هيٺ آهي، جتي بلوچستان وانگر پارلياماني سياست پسمنظر ۾ وڃڻ جو انديشو آهي. جسقم پهريون ڀيرو عوامي سطح تي پاپولر پارٽي طور اڀري آهي. اها عوام منجهه موجود غصي سنڌ جي حوالي سان ٿيندڙ ڦرلٽ کي سامهون رکندي منظم ٿي ته پ پ جي پارلياماني سياست وڌيڪ خطري ۾ پئجي ويندي. پ پ کي هڪ طرف جسقم ۽ ٻئي طرف نواز ليگ ۽ پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست هن سال جو وڏو چئلينج ٿي سگهن ٿا، ڇو ته مئي جي پهرين هفتي ۾ نواز ليگ جو رتوديرو جو دورو تمام اهميت وارو هوندو، جتي هو بشير قريشي جي تڏي تي وڃي سگهي ٿو، ڇو ته ساڳي شهر ۾ هو سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو جو مهمان هوندو. ملڪ جيئن ته هن وقت اڪيچار بحرانن جي ور چڙهيل آهي، ان ڪري اقتداري سياست عوام کي اپيل ڪرڻ ڪنهن حد تائين ڇڏي ڏنو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ايندڙ وقت ۾ اقتداري چونڊ عمل کان Indifferent (غير متعلق) ٿي سگهن ٿا، جنهن جو فائدو اقتداري پارٽين کي به ايترو شايد پوي، ڇو ته ان جو سمورو دارومدار ايندڙ ڪجهه مهينن تي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سياست هر لحاظ کان نروار ٿيندي ۽ موجوده صورتحال ٽٽندي، جيڪا بشير خان جي شهادت کانپوءِ ڪنهن حد تائين بيٺل نظر اچي ٿي.

ان ڪري هاڻي سنڌ جي سياست ۾ رڳو پيپلز پارٽي هڪ فيڪٽر نه هوندو، پر نواز ليگ، پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست ۽ ٻئي پاسي جسقم پڻ هوندي. سنڌ کي ويجهي تاريخ ۾ پهريون دفعو پ پ سرڪار جي ڪارڪردگي جي حوالي سان اهو موقعو ملڻ جو آسرو آهي ته اها عقلي طور سوچي، ڇو ته هن هميشه فيصلا يا ته جذبات ذريعي ڪيا آهن يا وري سندس کان ورتا ويا آهن. هاڻي پ پ کي سنڌ کي هڪ ”ڪارڊ“ نه، پر پنج ڪروڙ ماڻهن جو وطن سمجهڻو پوندو، جيڪو موجوده وفاق ۾ به پاڻ کي غير محفوظ ۽ ويڳاڻو سمجهي ٿو. سنڌ ۾ سياست جو چئلينج ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ خود ايندڙ چونڊن تي سواليه نشان آهي، ڇو ته جڏهن حڪمران مڪاني چونڊون ئي نٿا ڪرائي سگهن ته ڇا هو عام چونڊن جي سَٽ سَهي سگهندا ۽ موجوده صورتحال ۾ عام چونڊون وفاق کان ڪهڙي گهر جون داعي هونديون؟ اهي سڀ سوال سنڌ جي آئيندي لاءِ اهم آهن.

Refrence: Daily Kawish
Date: 17th-April-2012

 
Leave a comment

Posted by on April 21, 2012 in Articals

 

جاگيرداراڻي جمهوريت ۽ سنڌ – آغا سليم

جاگيرداراڻي جمهوريت ۽ سنڌ
آغا سليم

ورهاڱي کان وٺي سنڌ جي هاڻوڪي سياسي صورتحال تائين واري سياسي منظرنامي تي نظر وجهنداسين ته خبر پوندي ته ان ساري صورتحال ۾ رڳو هڪڙو ڪردار آهي، جيڪو هر دور ۾ جوڻ مٽائي نئين نالي، نئين گيٽ اپ ۾ نئين سياسي سڃاڻ سان سياسي اسٽيج تي نمودار ٿي پنهنجي اقتدار خاطر سنڌ جي سوديبازيءَ جو ناٽڪ ڪندو ٿو رهي. ڪڏهن هو کهڙو ٿي، سنڌ جي وجود کي ميٽي ۽ ريٽي ون يونٽ ٿو ٺاهي، ته ڪڏهن ارباب رحيم بڻجي اسلام آبادي اشاري تي سنڌ ۾ ضلعي حڪومتي نظام ٿو رائج ڪري ته ڪڏهن سنڌين جي ووٽ سان اقتدار ۾ اچڻ واري پاڪستان جي سڀ کان وڏي سنڌي سياسي پارٽيءَ جي سربراهي جي شڪل ۾ پنهنجي اقتدار لاءِ ”مفاهمت“ واري سوديبازيءَ سان سنڌ ۾ ٻه جدا جدا بلدياتي نظام لاڳو ڪري، سنڌ جو پورو اڌ ايم ڪيو ايم کي ڏيئي ٿو ڇڏي.

قومي فروختند وچه ارزان فروختند

(قوم ٿا وڪڻن ۽ ڪيڏي سستي ٿا وڪڻن)


سنڌ ۾ هر دور ۾ اهڙي ڪردار (سياسي توڻي نوڪر شاهي) جي پيدا ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن، ان جو جواب ته ڪو سوشل سائنسدان ئي ڏيئي سگهي ٿو. مون جهڙو عام ماڻهو رڳو ايترو چئي سگهي ٿو ته ان جو سبب به اسان جو سماجي سرشتو آهي. ان سرشتي ۾ وري اسان ان جي پڻ ابتڙ ۽ ان جي نفي ڪندڙ جمهوري حڪومتي نظام جي چَتي هڻي ان کي هڪ نئين جاگيرداريت جي شڪل ڏني آهي. حقيقي جاگيرداريت ۾ خانداني جاگيردارن کانسواءِ ڪو عام ماڻهو جاگيردار ٿي نه سگهندو آهي، پر هن جمهوري جاگيرداريت ۾ ڪو فلمي ماڻهو به تمام وڏو جاگيردار، سردار ۽ سياسي ليڊر ٿي سگهي ٿو. جاگيرداريت ۽ جمهوريت جي ان تضاد ۾ انهن جي هڪ ٻئي جي نفيءَ مان ئي سنڌ جا اهي سوديباز ڪردار پيدا ٿين ٿا، جن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون.

جمهوريت جي باري ۾ دانشورن جو چوڻ آهي ته، جمهوريت يونان ۾ جنم ورتو ۽ هندستان ۾ جمهوريت پئنچائتي نظام جي صورت ۾ قبل مسيح کان موجود هئي، پر ائين نه آهي، جمهوريت جو سچ اهو آهي ته جمهوريت سرمائيداريت جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، فائدي لاءِ وڪرو ۽ خريداريءَ جو سرمائيداريءَ وارو طريقو رائج هو، پر ان طريقي سرمائيداريت جي صورت تڏهن اختيار ڪئي، جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ James ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ڪئي. هن جي ان ايجاد صنعتي انقلاب جي شروعات ڪري ڇڏي. صنعتي انقلاب جاگيرداريت کي تهس نهس ڪري هڪ نئين معاشي نظام کي جنم ڏنو، جنهن کي Capitalism سڏيو ويو. انگريزي زبان ۾ ”ازم“ جي پڇاڙي ان لفظ سان لڳندي آهي، جيڪو ڪنهن نظريي يا فڪر لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيئن سوشلزم، ڪميونزم ۽ انارڪزم. ڪيپيٽلزم ڪو نظريو يا فڪر نه هو پر پيداوار جي هڪ خاص طريقي ۽ معاشي بندوبست جي هڪ خاص انداز کي چيو ٿو وڃي. پيداوار جو اهو طريقو ۽ معاشي بندوبست جو انداز ايترو ته طاقتور هو، جو ان کي ڪيپيٽلزم چيو ويو. ايجادن سان صنعتي انقلاب آيو، صنعتي انقلاب سرمائيدارن کي جنم ڏنو، سرمائيداريت جاگيرداريت کي ختم ڪيو. فرانس ۾ سرمائيداريت انقلاب آندو، جاگيرداريت ختم ٿي ۽ هڪ نئين دور، نئين تهذيب، نئين ترقيءَ جو آغاز ٿيو. صنعت ان سرمائيداريت جو لازمي جزو هئي. ان جديد سرمائيداريت جي باري ۾ معاشيات جي هڪڙي ماهر جو چوڻ آهي ته، ”جاگيرداراڻي دور ۾ به نفعي جي بنياد تي واپار ٿيندو هو، پر سرمائيداريت، جنهن ماڻهن جي زندگي ۽ سندن سوچ کي بدلائي ڇڏيو، اها نئين دور جي پيداوار آهي. چيو وڃي ٿو ته مشين ان جو لازمي جزو آهي، مشين ۽ ان جا پرزا جديد سرمائيداريت کي جاگيرداراڻي دور جي واپار کان جدا ڪن ٿا.“

جديد دور جي سرمائيدارن محسوس ڪيو ته مدي خارج جاگيردار، هنن جو حڪومتي نظام ۽ قانون، هنن جي گرجا ۽ پادري سندن استحصال ٿا ڪن ۽ هنن جي واپاري مفادن جي خلاف آهن ته هنن واپار ۽ مارڪيٽ کي جاگيرداريت کان آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد شروع ڪئي. سرمائيدار بنيادي طرح خود غرض ۽ مطلبي هو. هن لاءِ زندگي هڪ بي رحم معاشي جنگ هئي، جنهن ۾ هو اڪيلي سر ٿي وڙهيو. پنهنجي بقا جي ان جنگ ۾ هو ڪنهن به اصول، اخلاقيات ۽ رشتن ناتن جو قائل نه هو. هن اهڙو حڪومتي نظام جوڙڻ ٿي گهريو، جنهن ۾ هو پاڻ به حصيدار هجي ۽ اهڙا قانون ٺاهي سگهي، جن سان هن جي ڪاروباري مفادن جو تحفظ ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح جديد جمهوريت وجود ۾ آئي.

سرمائيداريت انسانيت کي ٻه وڏيون سوکڙيون ڏنيون، هڪ جمهوريت ۽ ٻيو زمين جي غلامي (Selfdom) مان آزادي ۽ ماڻهو جيڪو اڳ فرد نه هو، پر سردار يا نواب جو ماڻهو هو، ملڪ جو شهري نه پر بادشاهه جي رعيت هو، ان کي سرمائيداريت رياست جو شهري بنايو ۽ هن کي ڪي حق ڏنا. سڀ کان وڏو حق ووٽ جو حق هو، جنهن جي ڪري اڻ سڌيءَ طرح ملڪ جي حڪومتي سرشتي ۾ حصيدار هو. سرمائيداريت فرد کي آزادي ته ڏني، پر هن کي سرمائي ۽ اجوري جو غلام (Slavery of wages) بڻائي ڇڏيو. هي نظام جيئن ته نفعي تي ٻڌل هو، ان ڪري ان پورهيت لاءِ وڏيون مصيبتون پيدا ڪري ڇڏيون. گهٽ اجورو، غربت، بيروزگاري، ڏوهن ۾ واڌارو، بيماريون، غير صحت مند ماحول، انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سرمائيداريت جاگيرداريت کان بهرحال تمام گهڻو بهتر هئي. عجيب ڳالهه آهي ته جڏهن سارو جهان جاگيرداريت مان نڪري سرمائيداريت ڏانهن پيو وڃي، تڏهن سنڌ تاريخي عمل جي بنهه ابتڙ اڳتي وڌڻ جي بدران پٺتي موٽ پئي کائي. سنڌ ۾ راڄن جا چڱا مڙس ۽ پريا مڙس بلوچن جي سرداري نظام جي اهل ڪندي پنهنجي پنهنجي راڄ کي منظم ڪري انهن جا سردار ۽ مير ٿي ويٺا آهن ۽ اتر جي ڪيترن شهرن ۽ علائقن ۾ سندن حڪومت قائم آهي. مان ترقيءَ جي عمل ۾ سماجي نظام جي اهميت جو ايترو ته قائل آهيان، جو منهنجي خيال ۾ (جيڪو غلط به ٿي سگهي ٿو) روس ۾ جيڪڏهن سرمائيداريت کانپوءِ ڪميونزم اچي ها ته ان جي صورت ڪا ٻي هجي ها ۽ ان جو انجام اهڙو ئي ٿئي ها، جهڙو هاڻي ٿيو. روس ۾ جڏهن اشتراڪيت عروج تي هئي، تڏهن هڪڙي سوشل سائنسدان ڪارل اين بيڪر چيو هو:

”ائين چئي سگهجي ٿو ته روس ۾ ڪميونزم جا مقصد حاصل ٿي نه سگهيا آهن، اها حقيقت آهي، پر اها به حقيقت آهي ته آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾، جن ۾ جمهوريت آهي، جمهوريت جا مقصد به حاصل ٿي نه سگهيا آهن. ان جي معنيٰ اها هرگز نه آهي ته اشتراڪيت ۽ جمهوريت جي جيڪا اصل شڪل آهي، ان کي وساري ڇڏجي. روس، آمريڪا ۽ انگلينڊ کي ان لاءِ نندي سگهجي ٿو ته اهي ملڪ مثالي اشتراڪيت ۽ مثالي جمهوريت جي معيار تي پورا لهي نه سگهيا آهن.“

سرمائيداريت ماڻهوءَ کي زرعي غلاميءَ مان آزاد ڪرائي انفراديت ۽ جمهوريت ڏني هئي، پر ساڳئي وقت پورهئي ۽ پورهيت جي استحصال جو خوفناڪ نظام به رائج ڪيو هو. سرمائيداريت جي آزاديءَ ۾ بکيو ماڻهو تيستائين پيٽ ڀري نٿي سگهيو ۽ اگهاڙو ماڻهو تيستائين انگ ڍڪي نٿي سگهيو، جيستائين هن جي اٽي ۽ لٽي مان ڪنهن نفعو نٿي ڪمايو. اهڙي نظام ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ سماجي انصاف ناممڪن هو، اهڙي صورتحال ۾ ڪن باشعور انسانن اهڙي آزاديءَ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو استحصال نه ٿئي، ماڻهپي جو مان ٿئي، انساني رشتن ۽ ناتن جو احترام ڪيو وڃي ۽ ماڻهو ماڻهپي واري آبرومنديءَ واري زندگي گذاري سگهي…… ساري دنيا ۾ جڏهن اهڙي معاشري جا خواب ڏٺا ٿا وڃن، تڏهن اسان جا وڏيرا اُن سماج جا خواب ٿا ڏسن، جنهن ۾ سرداري نظام هوندو ۽ اهڙي خواب کي ساڀيان بنائڻ لاءِ پنهنجن پنهنجن ”قبيلن“ کي منظم پيا ڪن، هڪ ٻئي سان پيا ويڙهائين ۽ پوءِ جرڳا ڪري ماڻهن جي مقدر جا فيصلا پيا ڪن.

Refrence: Daily Kawish
Date: 18th-April-2012

 
Leave a comment

Posted by on April 21, 2012 in Articals

 

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا – جامي چانڊيو

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
جامي چانڊيو

سنڌ هونئن ئي هر لحاظ کان سورن ۾ آهي ۽ ان صورتحال ۾ سنڌ جي هڪ بهادر ۽ سدوري پُٽَ بشير خان قريشيءَ جو لاڏاڻو سچ پچ ته ڪنهن وڏي قومي سانحي کان گهٽ ناهي. هونئن ته سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومي سياست ۾ اهڙا انيڪ ڪردار ٿي گذريا آهن ۽ اڄ به موجود آهن، جيڪي سدائين قومي اُتساهه جي علامت رهيا، پر بشير خان قريشيءَ ۾ ڪا خاص مڻيا هئي، جو هو سنڌ جو هڪ هر دل عزيز ماڻهو هو. سياست جي ميدان تي سدائين ماڻهو تڪرارن ۽ تضادن جي گهيري ۾ رهي ٿو، پر سنڌ جي سياست ۽ شهيد فاضل کانپوءِ بشير خان قريشي شايد اهو واحد سياسي ڪارڪن/اڳواڻ هو، جيڪو ذاتي طور سڀني لاءِ قابلِ قبول هوندو هو. مون پنهنجي گذريل پنجويهن سالن جي سياسي ۽ ادبي زندگيءَ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي بشير خان جي غيبت ڪندي نه ٻڌو. هو سنڌ جي روايتي محبتي مٽيءَ مان ڳوهيل ماڻهو هو. سائين جي ايم سيد منهنجي والد صاحب جو دل گهريو دوست هو ۽ مون کي سدائين دل سان ڀائيندو هو. مان ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي تعليم جي وقت کان وٺي سائينءَ وٽ اڪثر ويندو هوس ۽ بشير خان قريشيءَ سان منهنجون ابتدائي ملاقاتون اتي ئي ٿيون. ان زماني ۾ مون سدائين کيس سائينءَ جي قربت ۾ ڏٺو ۽ سائين جي ايم سيد جو ساڻس پيار، اعتبار ۽ شفقت به ڏسڻ وٽان هوندي هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جي سياسي تربيت سڌيءَ ريت سائين جي ايم سيد جي هٿن ۾ ٿي هئي. سائينءَ سان هن جي محبت، عشق جي حد تائين هئي، پر مون سائينءَ جي بشير خان سان قربت ۽ شفقت پڻ اکين سان ڏٺي.
بشير خان جي پهرين خوبي اها هئي ته هو هڪ بيحد سادو ۽ سڌو ماڻهو هو. سنڌ جو هڪ روايتي نج بنار ماڻهو هو. هن ۾ هلڪڙائپ ۽ ڏيکاءَ پسنديءَ جا لاڙ بلڪل نه هئا. بشير خان هڪ عملي ماڻهو هو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي قومي سياست ۾ سندس همعصر قيادت مان جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو سڀ کان وڌيڪ عوامي رابطو هو يا عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي صلاحيت هئي ته اهو بشير خان قريشي هو. بشير خان جي هڪ ٻي خوبي اها هئي ته هو سنڌ جي وضعدار روايتن جو امين هو. فضيلت، نهٺائي، قرب، درگذر، وفاداري، وڏن جي عزت ۽ بهادري، سنڌ جي مٽيءَ جا اُهي سمورا روايتي مثبت ڳُڻ ئي هئا، جن بشير خان قريشيءَ کي هڪ اهڙي مڻيادار سياسي ڪارڪن/اڳواڻ طور اڀاريو، جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول ۽ هر دل عزيز هو. سنڌ جو هي اهڙو نفسياتي طور بحراني دور آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهيو پيو آهي. اڻ سهپ، ساڙ، ڪينو، ڏيکاءَ پسندي، ٻئي کي هيٺ ڪري پاڻ کي مٿي ڪرڻ جهڙي سطحي ۽ جاگيردارانه سوچ، ذاتي مفاد پرستي ۽ روين ۾ عدم توازن اڄوڪي سنڌ جا عام رجحان آهن، پر بشير خان قريشي انهن منفي رجحانن کان آجو ماڻهو هو. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو پنهنجي اندر ۾ هڪ متوازن، پر سڪون ۽ وڏو ماڻهو هو. مان ڪيترا ڀيرا مٿس روبرو سخت تنقيد به ڪندو هوس، ته هميشه کلي چوندو هو ته، ”پوءِ توهان وقت ڏيو، رهنمائي ڪريو.“ سنڌ جي سياست ۾ اها فضيلت ۽ نهٺائي مون تمام گهٽ ماڻهن ۾ ڏٺي. جيئي سنڌ ۽ عوامي تحريڪ جا اختلاف هميشه عروج تي رهيا، پر مون بشير خان کي سدائين پليجو صاحب سان نهايت عقيدت، احترام ۽ نوڙت سان ملندي ڏٺو ۽ پليجي صاحب جي ساڻس شفقت به ڏسڻ وٽان هوندي هئي. پليجو صاحب نه رڳو کيس ڀانئيندو هو، پر سندس بهادريءَ ۽ فضيلت کي ساراهيندو پڻ آهي. سندس دل ۾ اها جاءِ بشير خان پاڻ ٺاهي. هو پاڻ کي هڪ اڳواڻ کان وڌيڪ هميشه هڪ ڪارڪن سمجهندو هو ۽ مون سدائين هن کي سياسي تعصب کان بالاتر ڏٺو.
بشير خان قريشي سياسي طور به هڪ پختو ۽ ڪڙهيل ماڻهو هو. هن گذريل ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ جي سياست کي نئون رخ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيڪا سياسي تنظيم ۽ روايت رڳو تعليمي ادارن تائين محدود هوندي هئي. هن ان کي سنڌي عوام تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گذريل سڄو ڏهاڪو هو عوامي رابطي ۽ عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مصروف رهيو ۽ ان جو ثبوت سندس ڪوٺايل وڏا وڏا عوامي ميڙ هئا. جتي به قبائلي جهيڙن جي صورت ۾ سنڌي ماڻهن جون هڪ ٻئي خلاف خونريزيون ڏسندو هو ته هو اُتي منٿ ميڙ قافلو وٺي وڃي، کين هڪ هنڌ گڏ ويهاري سندن خوني تڪرار نبيرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. بشير خان سنڌ جو سچو سپاهي هو. هو سنڌ جي قومي سياسي تنظيمن مان پهريون اڳواڻ هو، جنهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي پنهنجيءَ سياست جو مرڪز ٺاهيو. اها سوچ سندس سياسي ۽ قومي بصيرت جو وڏو ثبوت آهي.
بشير خان قريشيءَ جي هڪ نرالي خوبي اها به هئي ته سياسي اختلافن کي ڪڏهن به ذاتي رنگ نه ڏيندو هو. نه ته هونئن سنڌ ۾ اهو رجحان عام آهي. اسان وٽ سياسي اختلاف نه رڳو ذاتي اختلاف ۾ تبديل ٿيو وڃن، پر اهي دشمنيءَ جي صورت اختيار ڪري ويندا آهن. مون بشير خان جي زبان مان ڪڏهن به ڪنهن مخالف سياسي ڪارڪن، پارٽي يا اڳواڻ خلاف ڪو گٿو لفظ نه ٻڌو. هميشه سياسي ڪچهري ڪندو هو ۽ ماڻهن جي غيبت بدران اشوز تي ڳالهائيندو هو. منهنجي ساڻس آخري ملاقات گذريل سال منهنجي پاري دوست آصف بالادي جي گهر سائين محمد ابراهيم جويي جي ملهايل سالگرهه جي موقعي تي ٿي. جتي سنڌ جا ٻيا به ڪيترا ساڃاهه وند دوست آيل هئا. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ لساني تنظيم چونڊي چونڊي سنڌي ماڻهن کي ماري رهي هئي. بشير خان قريشي مون کي چيو ته، اسان تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته اسان به هٿيار کڻون ۽ جوابي ڪارروايون ڪريون. توهان ڇا ٿا چئو؟ مون کيس چيو فاشزم جو جواب فاشزم نٿو ٿي سگهي. اسان کي دهشتگردن ۽ فاشسٽن خلاف سياسي جنگ ڪرڻي آهي، پر عام اردو ڳالهائيندڙن خلاف ڪا به جوابي ڪارروائي اسان جو انساني، قومي ۽ فڪري وَڙ ناهي. منهنجي جواب تي سندس چهري تي مرڪ ۽ اتساهه ڏسڻ وٽان هو. هن چيو مان به ان ساڳيءَ سوچ جو آهيان، سنڌ ۾ نسلي رتوڇاڻ اسان جي حق ۾ ناهي ۽ اسان پرامن سياسي جدوجهد کي ئي حقيقي قومي ۽ سياسي واٽ سمجهون ٿا.
بشير خان قريشيءَ جهڙي فضيلت ڀري سياسي ڪارڪن/اڳواڻ جو ڪُمهلو موت مون سميت سڄيءَ سنڌ لاءِ وڏي ڏک جو باعث آهي. سنڌ کي موجوده ڏکين حالتن ۾ هن جهڙي ماڻهوءَ جي سخت گهرج هئي ۽ سندس موت يقيني طور هڪ قومي سانحو آهي. سنڌ پنهنجي هن بهادر پٽ کي هميشه ياد رکندي!

گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا

ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا!


Referance: Daily Kawish on 08-April-2012

 
Leave a comment

Posted by on April 9, 2012 in Articals

 

خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون – نجم عباسي

خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون
نجم عباسي

شمشاد جي ذهني ڪيفيت اها آهي جا هڪ سڄاڻ سنڌي نوجوان جي هوندي آهي، جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ سَنَدن وارو هوندي به روزگار کان وانجھو رکيو پيو وڃي. هن جي ڪهاڻي به اهائي آهي جا هزارين لکين سنڌين جي آهي. مسڪين مائٽن ميڙي چونڊي خرچ ڪري، پاڻ کي هر چيز کان سِڪائي، قرض کڻي ۽ بُکون ڪاٽي، پنهنجي ٻار کي پڙهائي ڊگريون پاس ڪرايون. پوءِ ان پڙهيل نوجوان جو ڏهاڙي اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار جاچڻ، هر کاتي ۽ ڪمپنيءَ ۾ درخواست ڏيڻ ۽ شهر شهر ۾ انٽرويو لاءِ پنڌ ڪرڻ ۽ نتيجو اهو ڏسڻ ته نوڪري پنهنجن کي ڪٿي ڪانه ٿي ملي، پر اهي جڳهون ٻاهرين سان ڀريون وڃن ٿيون، جي ڊگري توڙي لياقتن ۾ اسان کان گھڻو گھٽ هوندا آهن.

شمشاد سوچي سوچي ٿڪجي پوي ٿو. هن کي خيال اچي ٿو ته هنن حالتن هيٺ هڪ لائق، حساس ۽ سڄاڻ نوجوان مولن ۾ منهن وجھي ويهي ته نه ٿو سگھي. ڇا ڌاڙيلن ۾ وڃي شامل ٿجي؟ مون جھڙو ماڻهو گھٽ ۾ گھٽ هنن ڄٽن جي کوپريءَ ۾ اهو سمائڻ جو جتن ڪري ٿو سگھي ته پنهنجن کي نشانو بنائڻ بدران، قومي ويرين ۽ طبقاتي ويرين ۾ غير سلامتيءَ جو احساس پيدا ڪجي يا مون جھڙن بيروزگارن جي ملڪ گير تنظيم ٺاهجي ۽ سامراجيت خلاف گڏيل احتجاج ڪجي، يا اهڙي سرگرم تحريڪ جو سرگرم بنجي، جا سامراجين جا اسان جي ڌرتيءَ تان پير اکوڙڻ ۾ عملي طرح سرگرم هجي . . . ورنه ويٺي مائٽن جا ميهڻا ٻڌڻا پوندا، بک مرڻو پوندو، ٿي سگھي ٿو ته مُنجھيل ذهن ۽ بيقرار روح کي دٻائڻ لاءِ چرس، آفيم يا هروئن جو موالي ٿيڻو پوي ۽ حياتي تباهه ڪرڻ جي شاهي راهه تي پهچي وڃان. هڪ ڏينهن هو پنهنجي پسند جي ساهتڪار کي خط لکي ٿو: . . . . سائين! ڪالهه ذهن ڏاڍو منجھيل ۽ وکريل هو. دماغ سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏل هو. ڏاڍي پريشاني، بي آرامي ۽ تنهائي ٿي محسوس ڪيم. عادت موجب سنڌي ڪتاب کڻي پڙهڻ ويٺس. توهان کي اهو ٻڌايان ته اڄڪلهه روز رات جو گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪلاڪ ڪو سنڌي ڪتاب پڙهندو آهيان. اهو ڪتاب اوهان جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”دارو هن ديواني جو“ هو. ڪتاب پڙهندي دماغ جي ٿڪاوٽ دور ٿيندي وئي ۽ سوچ چٽي واٽ وٺندي وئي ۽ ذهن وري هڪ وار انهي راءِ تي بيٺو ته ”اسان وٽ جيڪڏهن اهڙا ليکڪ موجود آهن، جيڪي پنهنجي قلم سان پنهنجي قوم جي ترجماني ڪن ٿا ۽ قوم جي ناسورن جو ڏس ڏين ٿا ته اها قوم جلد ئي ماڳ تي رسندي ۽ ضرور پنهنجا مقصد ماڻيندي.“

ڪتاب پڙهندي سائين ميلهارام منگترام وساڻيءَ جي ڪتاب ”گلستا“ جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ذهن تي تري آيون: ”ڪنهن به قوم جي اخلاق، تهذيب ۽ ترقيءَ جو پتو سندس علم ۽ ادب سان پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته قوم جا بيدار مغز عالم ۽ اڳواڻ، فيلسوف ۽ شاعر پنهنجا خيال ۽ تجربا قلمبند ڪرڻ سان ئي قوم جي رهنمائي ڪن ٿا.“

ان سان گڏ پروفيسر ليکراج ماڙيوالا ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”سامي“ جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ياد اچڻ لڳيون: ”هر ڪنهن قوم جي سڀيتا جو سڀاءُ، ان جي علم ادب مان پوي ٿو. ان جي ترقيءَ جو مدار به ان جي ادبي فهم، احساس ۽ شناس تي آهي. جا قوم پنهنجي ساهتڪ ذخيري کي سانڍڻ ۽ وڌائڻ جو اُدم نه ٿي ڪري، سا جھٽ زبون ۽ اجڙ ٿيو وڃي.“

سچ ته اوهان جي ڪتاب پڙهڻ سان دماغ روشن ٿي ويو ۽ نئون اتساهه جاڳيو. اميد ته اڳتي به وک وک تي اوهان پنهنجين لکڻين ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا.

اڄڪلهه آءُ پنهنجي روزگار جي تلاش ۾ آهيان. ان ڪري انٽرويو جي بهاني جدا جدا شهرن جا ٿاٻا پيو کانوان، ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن حيدرآباد ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو شهر. مطلب ته کوڙ انٽرويو ڏنا اٿم. ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس، انٽر فرسٽ ڪلاس ۽ بِي. اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي اٿم. پر اڄڪلهه نوڪري ملڻ محال آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪري وٺڻ واسطي ٻه ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. هڪ رشوت، جا گھٽ ۾ گھٽ ڏهه هزار رپيا آهي ۽ ٻي پهچ. اهي ٻئي مون وٽ نه آهن. آءٌ ته هڪ غريب خاندان جو ڀاتي آهيان، جنهن جو سنڀاليندڙ هڪ ماستر آهي. توهان پاڻ سمجھي سگھو ٿا ته هن جي ايتري پهچ ڪٿي جو اولاد کي نوڪري وٺي ڏئي، يا هن وٽ ايترو پئسو ڪٿان اچي جو هو ڇوڪر لاءِ روزگار حاصل ڪري سگھي. هن دور ۾ پيٽ جي پورت ڪرڻ ئي هماليه جبل جيڏو مسئلو آهي . . .

ڳالهه ڪٿان اچي ڪٿي نڪتي. من تي مڻين بار هئڻ سبب اهو سڀ ڪجھه لکي ويس. سوچيم ته پنهنجي حال کان سائينءِ کي واقف ڪري، پنهنجي من جو بار هلڪو ڪريان. اهڙي ڪيفيت جي عالم ۾ جيڪڏهن اوهان جي لکڻين جو ڪو مجموعو هٿ اچي ويندو آهي ته وري ذهن ۽ دماغ ٻئي هڪ نئين سوچ سان ڀرپور ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اوهان جون لکڻيون اسان جو ئي ته آواز آهن.

سو ڳالهه ٿي ڪيم ته رات اوهان وارو ڪتاب پڙهندي منهنجو جوش تازو ٿيو ۽ فيصلو ڪري ورتم ته سرگرم تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ٿي، پوري سرگرميءَ سان حصو ٿو وٺان. ذهن اول ئي تتل هو، هاڻي پير به تپي ويا ۽ تتل پير وهڻ نه ڏيندا آهن . . . ـــــــــــــــ شمشاد.

خط پڙهي، ليکڪ کي پهريون ويچار اهو ٿو اچي ته بيروزگاريءَ جي واندڪائيءَ ۾ پڙهيل ڳڙهيل نوجوان قومي ساهت پڙهن ٿا ۽ ان سان گڏ هنن جي روزگار لاءِ معاشي جاکوڙ، اسان جي اڳ ۾ ئي هلندڙ قوي سجاڳيءَ جي جاکوڙ ۽ غيرطبقاتي سماج لاءِ جاکوڙ جو بنياد بنجندي وڃي.

ليکڪ پاڻ کان پڇي ٿو: ڇا هيءَ بيروزگاري باروت ۾ بدلجي رهي آهي؟ . . . . بغاوت جو باروت! .
 
Leave a comment

Posted by on April 3, 2012 in Stories

 

How to Save University of Sindh?

سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪيئن بچائجي؟
جامي چانڊيو

سنڌ يونيورسٽي، اسان جي مادرِ علميءَ جي زخمي جسم ته ڇا پر گھايل روح مان اڃان تائين رت ڳڙي رهيو آهي، ۽ حڪمرانن جي بيحسيءَ جي حد اها آهي ته ڪا به خبر نٿي پوي ته اُهي مُرڳو هن سنگين ترين قومي الميي کان رڳو باخبر به آهن يا نه؛ يا ته وري سنڌ يونيورسٽيءَ جي تباهي سندن جمهوري ايجنڊا جو حصو آهي؟ سنڌ جي وڏي وزير کي ته ميار ئي ڪهڙي ڏجي جيڪو ٺلهو يونيورسٽين کي گورنر کان کسي پنهنجي ۽ سنڌ اسيمبلي جي انتظام هيٺ به نه ٿو آڻي سگھي. مون اڳ به لکيو هو ته جڏهن حڪومتون ايتريون نا اهل، لاتعلق ۽ غير ذميوار هجن، اُتي سموري سماج کي پنهنجي آئيندي جي محافظ ادارن کي بچائڻ لاءِ اُٿي بيهڻ گھرجي. ان پنڌ ۾ پنهنجن طرفان جيڪي به گاريون ملن، پٿر لڳن يا طوفانِ بدتميزي اُٿاريو وڃي، ان کي پنهنجي لاءِ اگھاڙو سچ چوڻ جي پاداش ۾ انعام ۽ اعزاز سمجھي اڳتي وڌڻ گھرجي.

چڱا ڪن چڱايون، مدايو ن مدن،

جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وڙُ سي ئي ڪن!


جيئن ته قومي ادارا بچائڻ جي جدوجهد جي سفر آڏو پنهنجن جي اڍنگن روين جي ڪا به اهميت ۽ حيثيت نه آهي. اُن رستي ۾ جيڪي به اڻ وڻندڙ ڇسا آواز اچن، ”فقيرن“ کي انهن کان بي نياز ٿي اڳتي وڌڻ گھرجي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجوده سنگين بحران بابت يونيورسٽيءَ جي استادن جي تنظيم ”سوٽا“ طرفان سماج جي سمورن ذميوار فردن کي ڪوٺَ ڏني وئي آهي ته اُهي سنڌ يونيورسٽيءَ اندر 27 هين مارچ تي ڪوٺايل گڏجاڻيءَ ۾ اچي پنهنجا پنهنجا ويچار پيش ڪن. مان سمجھان ٿو ته اها هڪ نهايت مثبت ۽ وقتائتي پيش قدمي آهي، جنهن کي هر صورت ۾ لاڀائتو ۽ نتيجا خيز ٿيڻ گھرجي. اِن ڏِس ۾ مان ڪجهه ويچار ۽ تجويزون پيش ڪيان ٿو:

(الف) سڀ کان پهرين ڳالهه ته سوٽا کي کُليل دل سان سماج اندر يونيورسٽيءَ بابت سمورن راين ۽ تجويزن کي ٻڌڻ گھرجي. ڪنهن به مقصد جي حاصلات لاءِ جدوجهد جا انيڪ دَڳ، واٽون، حڪمتِ عمليون ۽ سوچن جا انداز ٿي سگھن ٿا، ۽ انهن جو احترام لازم آهي، سواءِ انهن جي جيڪي دشمن جي ڪيمپ مان هجن. ويجھي ماضيءَ ۾ پروفيسر بشير چنڙ جي شهادت کان پوءِ سوٽا جيڪا جدوجهد ڪئي، ان ڏِس ۾ سندن مطالبن جي مخالفت ڪنهن به نه ڪئي، بلڪه سماج جي سمورن ذميوار حصن انهن جي مڪمل حمايت ڪئي. البته ڪلاسن جي بائيڪاٽ جي حڪمتِ عمليءَ تي واضح طور ٻه متضاد رايا سامهون آيا. اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته سائين محمد ابراهيم جويي، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر عيسى دائودپوٽي، منظور ميراڻي، نصير ميمڻ، عزيز ناريجي، خالد هاشماڻي، مونس اياز، ڊاڪٽر محمد نواز بروهي، ابرار قاضي، انعام شيخ، ڊاڪٽر ايوب شيخ، رئوف نظاماڻي ۽ مون سميت ڪيترن ليکڪن ڪلاسن جي بائيڪاٽ جي حڪمتِ عمليءَ جي حمايت نه ڪئي، جيڪو انهن جو حق هو، پر سوٽا جي صفن مان ڪجهه عهديدارن ۽ استادن اظهار جي آزاديءَ جي حق جي انڪار جون سڀ حدون اورانگھي سنڌ يونيورسٽيءَ بابت سنجيده بحث کي نه رڳو ذاتيات پر ڪردارڪشيءَ ڏانهن موڙي ڇڏيو. مان سمجھان ٿو ته اهڙي رويي سوٽا جي جدوجهد ۽ مجموعي طور سنڌ يونيورسٽيءَ کي بحران مان ڪڍڻ ۽ بچائڻ جي ڪوششن کي سخت نقصان رسايو. اهو ڪهڙو رويو آهي ته سماج ۾ حڪومتن، سياسي پارٽين، سماجي تنظيمن، مذهبي اڳواڻن، ميڊيا، دانشورن ۽ اديبن، مطلب ته هر ڪنهن تي تنقيد ڪري سگھجي ٿي، پر استادن جي گھربل ڪردار تي مثبت انداز سان تعميري بحث مباحثو به نٿو ڪري سگھجي؟ ۽ جي ڪبو ته پوءِ موٽ ۾ ذاتيات تي ڇوههَ ۽ بي شناس طوفانِ بدتميزي! جڏهن محمد علي جناح، سائين جي ايم سيد، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي، محترم رسول بخش پليجي ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو توڙي شيخ اياز جهڙي عظيم شاعر تي به تنقيد ڪري سگھجي ٿي، پر سوٽا جي حڪمتِ عملي يا استادن تي نٿي ڪري سگھجي، معنى استاد تنقيد کان بالاتر آهن ۽ انهن ۾ ڪي به اهڙيون ڪمزوريون نه آهن، جن کي صحتمند تنقيد سان دُرست ڪري يونيورسٽيءَ جي تعليمي ماحول کي وڌيڪ معياري بڻائي سگھجي؟ اهڙو اَڍنگو رويو ڏسي ڪيترا سنجيده ماڻهو هن سموري صورتحال کان لاتعلق ٿي بيهي رهيا، جنهن جو نقصان پس و پيش سوٽا جي جدوجهد کي ٿيو. ان ڪري منهنجي تجويز آهي ته هن ڀيري سوٽا جي ذميوار استادن کي کُليل ذهن ۽ دل سان سمورن ماڻهن کي نه رڳو ٻڌڻ گھرجي پر اختلافِ راءِ جو احترام به ڪرڻ گھرجي ته جيئن اهو ڊسڪورس ۽ اثرائتو قدم غير سنجيدگيءَ، اٻهرائيءَ ۽ مهم جوئيءَ جي ور چڙهي بي اثر نه ٿي وڃي.

(ب) پاڪستان جي رياست ۽ خاص طور سنڌ ۾ روشن خيال فرد ۽ ڌريون ايترا سگھارا نه آهن، جو اُهي سموري سماج کان ڪٽجي اڪيلي سر ڪا ڪاميابي ماڻي سگھن. منفي مفاد ۽ قوتون انهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگھاريون ۽ منظم آهن، ان ڪري منهنجي نظر ۾ سوٽا جو اهو قدم نهايت مثبت ۽ وقتائتو آهي، جنهن ۾ ذميوار استادن، سماج جي سمورن باشعور فردن ۽ حصن کي هڪ ڇِت هيٺ ويهي هن ڳنڀير صورتحال جو ڪو حل ڪڍڻ جو سڏ ڏنو آهي. جدوجهدون تمام نازڪ ۽ حساس معاملا ٿين ٿا، انهن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ رڳو غلط مفاد يا نِيتُون ئي نه، پر منفي رويا، مُهم جوئي، انتهاپسندي، اڻ سهپ ۽ حقيقي عمل کان وڌيڪ ڏيکاءَ پسندي جهڙا رويا ئي ڪافي هوندا آهن. سوٽا جي ذميوار دوستن کي بهرحال اهو مڃڻو پوندو ته هن ڀيري سندن صفن مان ڪجھه استادن جي اهڙن روين هن سموري جدوجهد کي سخت ڇيهو رسايو. سوٽا جو صدر اظهر شاهه هڪ بيحد سنجيده ۽ قابل استاد آهي، ۽ مان سمجھان ٿو ته هو پنهنجي بردباريءَ ۽ متوازن سوچ ۽ ڏُور-رس نظريءَ سان سنڌ يونيورسٽيءَ کي بچائڻ جي هن جدوجهد جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ سهپ جي رويي کي هٿي ڏيندو، جيڪڏهن هڪڙي وائيس چانسلر کي بچائڻ لاءِ پي پي حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جو گورنر ائين اتحادي ٿي بيهي سگھن ٿا ته پوءِ اسان سڀ مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽيءَ کي بچائڻ لاءِ گڏ ڇو نه ٿا ٿي سگھون؟ جيستائين سنڌ جو هر سنجيده ۽ قومي گھڻ گُھرو ماڻهو هن وسيع تر جدوجهد ۾ شامل نه ٿيندو، تيسين وقتي طور ڪو وائيس چانسلر ته تبديل ڪرائي سگھجي ٿو پر سنڌ يونيورسٽيءَ کي انيڪ مافيائن جي چهٽيل ڄورن مان آجو ڪرائي هڪ نئين دور ۾ داخل نٿو ڪرائي سگھجي. اُميد ڪري سگھجي ٿي ته 27 هين مارچ وارو اجلاس ڪنهن گڏيل وسيع ۽ واضح حڪمتِ عمليءَ سان سامهون اچي.

(ٻ) سنڌ يونيورسٽيءَ کي بچائڻ لاءِ اسان کي جتي حڪومت جي مجرمانه لاپرواهيءَ ۽ سياسي بنيادن تي آندل ڪرپٽ انتظاميائن خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي، اُتي اسان کي انهن سياسي پارٽين يا عنصرن خلاف به بيباڪيءَ سان لڳاتار جدوجهد ڪرڻي پوندي، جن جا شاگرد يا شاگرد تنظيمون يونيورسٽين ۾ هٿيار کڻي اچن ٿا، ۽ شاگرد سياست جي نالي ۾ دهشتگردي ڪن ٿا. ان حقيقت کي آخر ڪيترو لڪائبو ته حڪومتن ۽ ڪرپٽ انتظاميائن سان گڏ هٿياربند غنده گردي ڪندڙ شاگرد ۽ کين تحفظ ڏيندڙ نام نهاد شاگرد تنظيمون به اوتريون ئي بلڪه انهن کان به وڌيڪ ذميوار آهن. اسان کي انهن جو به گھيرو تنگ ڪرڻو پوندو يا حتمي طور ساڻن ويهي ڳالهائڻو پوندو ته خدارا هاڻي اهو قوم-دشمن ڌنڌو بند ڪريو. قوم جا انيڪ نسل تباهه ٿي چڪا آهن، شاگرد ته ٺهيو پر استادن، وڪيلن، ججن، ۽ صحافين جي وڏي گھڻائيءَ کي ٻه صفحا به انگريزيءَ ۾ صحيح لکڻ نٿا اچن. هن ايڪيهين صديءَ ۾ بي معنى ۽ اَڪارج ڊگرين جا لاش ڪلهن تي کڻي اسان جا نوجوان ڪيڏانهن ويندا ۽ نيٺ ڇا ڪندا؟ ڪهڙي قوم آزاد ڪرائينداسين، يا ڪهڙي قوم لاءِ انقلاب آڻينداسين جيڪا بي علم هوندي، ۽ ايڪيهين صديءَ ۾ به جنهن جي تعليم مرڻينگ ٿي چڪي هوندي! سنڌ جي آجپي جو مرحلو ته گھڻو اڳتي آهي، پهرين سنڌ جي مادرِ علمي ته نااهل انتظاميائن، ڪرپشن، اقرباپروري، بد انتظامي، غنڊه گردي ۽ هٿيار بند دهشتگردن کان آزاد ڪرايون.

(ڀ) سوٽا جتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سُڌاري جي جيڪا مبارڪ جدوجهد شروع ڪئي آهي، ان سندن ڪلهن تي اهو بار پڻ وجھي ڇڏيو آهي ته اُهي پنهنجن استادن جو به احتساب ڪن. ڇا اسان کي اها خبر نه آهي ته ڪيترا استاد آهن جيڪي ڪلاس نٿا وٺن ۽ رڳو يونين بازي ٿا ڪن؟ ڪيترا استاد آهن جيڪي يونين بازيءَ جي ڪري يونيورسٽيءَ جي اندر ناجائز مراعاتون وٺن ٿا، ۽ نه پڙهائڻ ڪري اُهي پڙهن به نٿا، ۽ نتيجي ۾ سندن اهليت هڪ سواليه نشان بڻيل آهي. مان اميد ڪيان ٿو ته سوٽا جي اهل نوجوان قيادت پاڪستان اندر اهو مثال ڇو نٿي قائم ڪري ته اها جتي يونيورسٽيءَ جي ڪرپٽ ۽ نااهل انتظاميائن جو احتساب ڪندي اُتي اها پنهنجي صفن ۾ ويٺل استادن جو به سموري اصول پسنديءَ سان احتساب ڪندي. ڇا اسان پنهنجي يونيورسٽين ۾ اهو ڪلچر نٿا جوڙي سگھون ته وڌيڪ احترام لائق اهو آهي، جيڪو بهترين استاد آهي، جيڪو شاگردن کي معياري تعليم ڏيڻ سان واڳيل آهي، جيڪي استاد تحقيقي مقالا لکن ٿا، جيڪي تعليم ڏيڻ کي رڳو نوڪري نه پر پنهنجو اخلاقي ۽ شعوري فرض سمجھن ٿا.

(ت) هن اجلاس جي ڪاميابيءَ جو دارو مدار ٽن ڳالهين تي هوندو. هڪ ته اهو اجلاس اهڙي سنجيده ۽ جمهوري ماحول ۾ ٿئي جنهن ۾ اظهار جي آزادي ۽ اختلافِ راءِ جي حق جو احترام ڪيو وڃي. ٻيو ته ڪنهن گڏيل ايجنڊا تي اتفاق ڪيو وڃي، جنهن ۾ نه رڳو سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي سان ٿوري ۽ ڊگھي مُدي وارو لائحه عمل، مطالبا ۽ نقطا شامل هجن پر ان ۾ هڪ نئون ضابطه اخلاق به جوڙيو وڃي. ڊاڪٽر نذير مغل کي ته ڪنهن به صورت ۾ واپس نه اچڻ گھرجي ۽ نه ئي کيس ان منصب تي قبول ڪيو وڃي. پر سنڌ يونيورسٽيءَ جو سنگين ۽ گھڻ-طرفو بحران ڪنهن هڪ ناهل وي سيءَ جي چهري جي تبديليءَ جو نالو نه آهي. اُهو هڪ نااهل، ڪرپٽ ۽ تعليم دشمن سرشتي جو اشو آهي. ان ڪري ايجنڊا ۾ بنيادي سوال کڻڻ گھرجن. هن اجلاس جي ٽين ڪاميابي ڪنهن گڏيل جدوجهد جي حڪمت عمليءَ تي اتفاق هوندو. مون کي ويساهه آهي ته جڏهن هيترا سارا سنجيده، تعليم دوست ۽ قوم جا هڏڏوکي گڏجي ويهندا ته پوءِ ذاتي ۽ گروهي انائن کان بالاتر ٿي گڏيل ايجنڊا ۽ جدوجهد تي اتفاق اڻٽر ٿي پوندو.

Reference: Daily Kawish on 27-March-2012

 
Leave a comment

Posted by on April 2, 2012 in Articals

 

Sindh and Sir Bartle Frere

سنڌ ۽ بارٽل فريئر
سليم ميمڻ

ڪراچي شهر جي پراڻن رهاڪن کي ياد هوندو ته هن شهر جي اهم رستن ۽ مارڪيٽن جا نالا انگريزن جي نالن تي رکيل هئا، مثال طور ميڪلوڊ روڊ، فريئر روڊ، پريڊي اسٽريٽ، مينسلفيڊ اسٽريٽ، فريئر هال، لي مارڪيٽ، ايمپريس مارڪيٽ، ميري ويدر ٽاور ۽ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج وغيره. پوءِ آهستي آهستي، اهي نالا مَٽجڻ لڳا، فريئر روڊ شاهراهه لياقت ۾ بدلجي ويو، اهم واپاري ادارن جي مرڪز وارو روڊ ميڪلوڊ روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۾ بدلجي ويو (جنهن کي ڪراچي جي وال اسٽريٽ جي حيثيت حاصل آهي). اهڙي ريت بندر روڊ بدلجي ايم اي جناح روڊ ٿي ويو. رام باغ، آرام باغ ۽ گرومندر، سبيل والي مسجد جي نالي سان سڏجڻ لڳا. نالن جي مَٽجڻ سان، ڄڻ تاريخ ئي مٽجي ويئي. گرومندر اسان ڪڏهين ڏٺو ته ڪونه، پر اڄڪلهه اتي سينٽرل ايڪسائيز جي آفيس آهي، ۽ منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته ان کان اڳ اتي K.E.S.C. جي آفيس قائم ٿي هئي، جيڪا مندر تي قبضو ڪري ٺاهي ويئي هئي. ان ۾ هندو مت جي ڪنهن رام يا ديوتا جو بت رکيل هو، جيڪو غائب ٿي ويو. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر کي بدلائڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، سو اڄ به جاري آهي. 1966ع ۾ ايس ايم سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته اهو ڪاليج جنهن رستي تي واقع هو، تنهن کي فريئر روڊ سڏيندا هئا. شام جو پڙهڻ لاءِ ايمپريس مارڪيٽ جي سامهون ايمپريس پارڪ ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن فريئر هال جي لائبريري ويندو هئس، جيڪا شهر جي جهونن لائبريرين مان هئي، جتي پراڻن اهم ڪتابن جو ذخيرو هو، جيڪا سٺي سارسنڀال نه هئڻ سبب ختم ٿي ويئي آهي. فريئر هال جي دلڪش ۽ وڻندڙ عمارت کي ڏسي خيال ايندو هو ته هن شخص جي ڪيل خدمتن جو اعتراف هڪ خوبصورت يادگار جي صورت ۾ موجود آهي، تنهن پڪ اهڙا ڪارناما ڪيا هوندا، جو پونئيرن ايڏو شاندار يادگار قائم ڪيو آهي.
اڄ ان فريئر جو 197 هون ڄم جو ڏينهن آهي، جنهن کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي سهڪار سان ملهائي رهي آهي. فريئر جي باقاعده تعليم باٿ جي هڪ گرامر اسڪول کان ٿي. ڊسمبر 1833ع ۾ هو ڪاليجي تعليم مڪمل ڪري نڪتو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کيس هندستان ۾ نوڪريءَ ڪرڻ لاءِ چونڊيو. انگريزن دنيا تي جيڪو راڄ ڪيو، ۽ جن لاءِ مشهور هو ته انگريز بادشاهت ۾ سج لهي ئي ڪونه ٿو، ان جو هڪ سبب اهو به هو ته انگريز پنهنجي رعايا، يا بيٺڪيت جي عوام سان سندن ئي ٻولي ۾ هم ڪلام ٿيندو هو. ان لاءِ شهر توڙي فوجي عملدارن لاءِ لازم هوندو هو ته هو مڪاني ٻولي ترت سکن، ان لاءِ کين ان ديس جي ٻولي جو امتحان به ڏيڻو پوندو هو، جنهن کان پوءِ ئي کين مقرري يا پوسٽنگ ملندي هئي، سو فريئر کي به ٻولي سکڻي پئي، جنهن لاءِ سندس ڀاءُ وليم سندس مدد ۽ رهنمائي ڪئي، جيڪو اڳواٽ ئي هندستان ۾ موجود هو. بارٽل اهو امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو. کيس پوني ۾ روينيو آفيسر جي هٿ هيٺ رکيو ويو. سن 1842ع ۾ سر جارج آرٿر بمبئي جو گورنر مقرر ٿي آيو، جنهن بارٽل فريئر کي پنهنجو پرائيوٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو، جتي سندس ملاقات گورنر جي وڏي ڌيءُ ڪئٿرائين سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي محبت ۾ تبديل ٿي ۽ هنن پاڻ ۾ شادي ڪئي. هو سال 1844ع تائين ان عهدي تي رهيو، ساڳئي سال اپريل ۾ سندس پيءُ گذاري ويو ۽ بارٽل زال سوڌو برطانيا هليو ويو.
وري بارٽل فريئر ڪمشنر طور پنهنجي عهدي جي چارج وٺڻ لاءِ جڏهن جنوري سن 1851ع ۾ ڪراچي بندر تي پهتو ته ساڳئي ڏينهن منجھند جو اتفاقي طور تي چارلس نيپئر به پنهنجي سڄي ڪٽنب سان سنڌو ندي رستي اتر هندستان کان ڪراچي پهتو هو. هو ڪجھه عرصو اڳ جليانوالا باغ جي مشهور انگريز ۽ سِک ويڙهه کان پوءِ هندستان جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿي آيو هو. هو ٽي چار ڏينهن بارٽل فريئر جو مهمان ٿي رهيو ۽ سنڌ جي انتظامي وهنوار ۽ جوڙجڪ بابت کيس قيمتي مشورا به ڏنائين. ان گڏجاڻيءَ ٻنهي ۾ گهري دوستي پيدا ڪئي.
بارٽل فريئر 1851ع کان سن 1859ع تائين سنڌ جو ڪمشنر ۽ پوءِ چيف ڪمشنر ٿي رهيو. سر چارلس نيپئر سنڌ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي جو هنڌ بڻايو. جتي هن پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ٺهرايو، جيڪو هاڻي گورنر هائوس سڏجي ٿو. ان دؤر ۾ ڪراچيءَ جي حالت ڇا هئي، ان بابت فريئر پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو آهي: ”سن 1851ع ۾ هڪ ميل ڊگهو به ڪو پڪو رستو نه هو، نه وري ڪا پختي اڏيل پل هئي. فقط ڪي بيرڪون هيون، جي توبخاني لاءِ ٺهرايو ويون هيون. جهازن جي مرمت لاءِ به ڪو ڪارخانو نه هو. ايتريقدر جو درياءَ ۾ هلندڙ جهاز به معمولي مرمت لاءِ بمبئي موڪليا ويندا هئا. ستن ورهين جي مختصر عرصي ۾ ٽي جهاز ڪراچي بندر ويجهو ٻُڏي چڪا هئا.“ ان صورتحال ۾ فريئر آڏو ڪيترائي چيلنج هئا، حڪومتي ڪنٽرول کي مضبوط ڪرڻ کان پوءِ هن ڪراچي بندر کي ترقي وٺرائڻ جو پڪو پهه ڪيو، جو کيس خبر هئي ته بندر جي ترقيءَ کان سواءِ واپار کي هٿي نٿي وٺرائي سگهجي. فريئر ان دؤر ۾ تمام گهٽ سهولتن ۽ فنڊن نه هئڻ جي باوجود ڏينهن رات هڪ ڪري ڪراچي بندر کي ترقي وٺرائي ۽ اڄ ڪراچي بندر دنيا جي جديد بندرن ۾ ليکجي ٿو. 54-1853ع کان 58-1857ع دوران واپار جو حجم 88 لک 50 هزار پائونڊن کان وڌي ٻه ڪروڙ 15 لک پائونڊ ٿيو، جيڪو ذري گهٽ اڍائوڻ کي وڃي پهتو.
فريئر جو ڪم اتي مڪمل نه ٿيو، هن ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ بمبئيءَ جي گورنر کي رٿ پيش ڪندي صلاح ڏني ته ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين سنڌو ندي سان گڏ ريلوي لائين وڇائي وڃي. لارڊ ڊلهائوسي فريئر جي ان رٿ سان اتفاق ڪيو. ان وقت هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ريلوي، ۽ گريٽ انڊين پينشولا ريلوي ڪم ڪري رهيون هيون. فريئر جي ڪوششن به نيٺ وڃي دنگ ڪيو ۽ انگلينڊ ۾ هڪ ڪمپني قائم ٿي، جنهن جو نالو ”سنڌ ريلوي ڪمپني“ رکيو ويو. سنڌ ريلوي ڪمپني جي آفيس، ڪراچي جي صدر واري علائقي ايلفنٽسن اسٽريٽ ۾ قائم ڪئي ويئي، جنهن کي پيار وچان ڪراچي واسي ايلفي ڪوٺيندا آهن، (پر ظالمن ان جو نالو به مٽائي زيب النساءَ اسٽريٽ رکيو آهي. ايلفنٽسن کي ته اسين سڃاڻون، پر مائي زيب النساءَ ڪير هئي؟ الله ڄاڻي سنڌ سان ته سندس ڪو واسطو ڪونه هو).
فريئر پنهنجي ڪمشنري دوران 1854ع سنڌ ۾ ٽپال جي جديد سرشتي جو بنياد رکيو. فريئر ’سنڌ ڊسٽرڪٽ ڊاڪ‘ جي ٽڪلين جو خاڪو تيار ڪرايو، ۽ نئين ٽپال جي ٽڪلي تيار ڪئي ويئي، جنهن جي قيمت ٽڪو يعني اڌ آنو رکي ويئي. برطانوي هندستان ۾ ٽپال جي پهرين ٽڪلي رائج ڪرڻ جو شرف به فريئر سنڌ کي ڏياريو.
جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ان وقت سنڌي ٻولي جي صورتحال ڏاڍي منجهائيندڙ هئي. انگريز حاڪمن جو اهو خيال هيو ته عوام سان سندن ئي ٻولي ۾ مخاطب ٿجي. ان پاليسي تي جڏهن سنڌي ٻولي جو اڀياس ڪيو ويو ته صورتحال ڏاڍي ڏکوئيندڙ ۽ ڳنڀير هئي. سنڌي مسلمان عربي صورتخطيءَ کي واهپي ۾ آڻي رهيو هو ته سنڌي هندو ديوناگري لپي ۾ هٽ واڻڪي جي استعمال ۾ رڌل هو. فريئر ان ڏس ۾ محسوس ڪيو ته سول ۽ فوجداري معاملات لاءِ ملڪي زبان کي برقرار رکيو وڃي. ان رٿ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ فريئر پنهنجن صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪئي. رچرڊ برٽن جي راءِ هئي ته سنڌي لاءِ عربي صورتخطي موزون رهندي، جو سنڌين جي گهڻائي مسلمانن جي هئي، برٽن پاڻ عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ سندس ڪيتريون ئي تصنيفون موجود هيون. پنهنجي صلاحڪارن سان صلاح مصلحت کانپوءِ بارٽل فريئر اهو سڄو معاملو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي ڏياري موڪليو، جنهن هڪ سال جي ويچارڻ کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ته آزمائشي بنيادن تي عربي صورتخطيءَ کي مقرر ڪيو وڃي. اها مهرباني بارٽل فريئر جي، جنهن ان اهم معاملي تي ويچاريو. هڪ راءِ اها به آهي ته ابوالحسن واري سنڌيءَ کي سنواري ۽ سڌاري، سنڌي ٻوليءَ لاءِ خاص صورتخطي تيار ڪئي ويئي. انگريز عملدارن سنڌي زبان ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب تيار ڪرايا جنهن ۾ مسٽر ٽرومپ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن شاهه جو رسالو جرمنيءَ جي شهر لپسيا مان سرڪاري خرچ تي ڇپائي پڌرو ڪيو، گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر پڻ جوڙي تيار ڪيائين. ساڳي ريت ڪيپٽن اسٽئڪ به سنڌي گرامر جوڙيو، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جو قصو ڏنل آهي. مطلب ته فريئر جي دور ۾ نثر جو صحيح معنيٰ ۾ بنياد پيو ۽ نثر جون مختلف صنفون ۽ مضمون (Subjects) متعارف ٿيا. فريئر سنڌي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي انگريزي، فارسي ۽ عربي ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ شروع ڪيا ۽ ترجمو ڪندڙن کي انعام آڇيا ويا. ساڳي ريت بارٽل فريئر سنڌي ادب سان ساڳيو انس ڏيکاريو. الف – ب جي منظوريءَ کان فقط هڪ سال اندر سر ايلس بارٽل فريئر کي رپورٽ پيش ڪئي ته حساب، تاريخ، جاگرافيءَ جي مضمونن ۾ ڏهه ڪتاب تيار ڪرايا ويا آهن. هڪ سال جي عرصي ۾ ڏهن ڪتابن جي تياري فريئر جي غيرمعمولي دلچسپيءَ سبب ممڪن ٿي سگهي.
الف – ب جي منظور ٿيڻ کان پوءِ فريئر رٿ ڏني ته اڳتي سرڪاري نوڪريءَ ۾ ترقي تڏهن ملندي جڏهن سرڪاري ملازم کي سنڌي زبان لکڻ پڙهڻ ايندي. نه فقط اهو بلڪه سرڪار پاران انهن عملدارن کي سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻ تي هڪ سئو روپين جو انعام پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان رٿ جو مثبت نتيجو نڪتو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ پنجويهه انگريز عملدارن سنڌي زبان جو لکت ۾ امتحان پاس ڪري ورتو. ان ڪاميابيءَ کانپوءِ فريئر بمبئي سرڪار تي زور آندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ نصابي ڪتاب تيار ڪرايا وڃن. ڪجهه گوٿ ناٿ کانپوءِ بمبئي سرڪار تعليمي مقصدن لاءِ ڏهه هزار رپيا منظور ڪيا. سن 1853ع ۾ سنڌي زبان ۾ سرڪاري طور پهريون مراسلو تيار ٿيو ۽ فريئر هڪ سرڪاري پڌرائي ذريعي تي سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري زبان جو درجو ڏياريو. اهڙي ريت فريئر سنڌ ۾ ميونسپل سرشتي جو بنياد وڌو ۽ ان ننڍي شهر ۾ قائم ٿيندڙ ميونسپالٽي اڄ ملڪ جي سڀ کان وڏي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن آهي.
فريئر پنهنجي ڪمشنري واري مدي ۾ آبپاشي جي سرشتي ڏانهن به گهڻو ڌيان ڌريو. هن جان جيڪب جي صلاح مصلحت سان بيگاري واهه کي جيڪو اڳ ۾ موجود هو، ويڪرو ۽ اونهو ڪرايو، ڇاڪاڻ ته ان واهه تي اتر سنڌ جي آبادي جو گهڻو دارومدار هو. فريئر کي اهو اندازو هو ته امن ۽ سلامتي جو دارومدار فقط ان صورت ۾ ئي ممڪن آهي جڏهن ماڻهو خوشحال، آباد ۽ آسودا هوندا ۽ هن چڱي ريت ٿي ڄاتو ته سنڌ جي اڪثريت جو دارومدار زراعت تي آهي. سندس حڪمت عملين سبب سنڌ جي آبپاشي جي سرشتي ۾ بهتري آئي.

Reference: Daily Kawish on 29-March-2012

 
Leave a comment

Posted by on April 2, 2012 in Articals

 

ڪافر – نسيم احمد کرل

ڪافر
نسيم احمد کرل

جنهن ڏينهن سيتل اوڏ ۽ سندس گھر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو ھو، ان ڏينهن مسيت ۾ نماز تي ايترا ته جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي ته ڀرجي وئي، پر ٻاھر پڌر ۾ ٻه ٽي صفون بيھجي ويون. ھن کان اڳ ايتري جماعت يا ته عيدن تي ٿيندي ھئي، يا جڏھن ڪو سرنديءَ وارو ماڻھو پنهنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جي ديڳ لاھيندو ھو. ڳوٺ واري مسيت جي پيش امام، مولوي اميد عليءَ به ان ڳالھ جي چڱي مشھوري ڪئي ھئي ۽ اوطاق ۾، قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾، ھن موقعي جو عيدن کان به وڌيڪ مبارڪ ھجڻ ثابت ڪيو ھئائين. ڳوٺ جا ماڻھو به ھروڀرو ايترا بي دين ڪو نه ھئا ۽ جنهن مڙس پڳ جو ور ورايو ھو، سو اچي حاضر ٿيو ھو. مولوي صاحب پاڻ به ھن موقعي تي چڱي شان مان سان آيو ھو. مٿي تي موڱي سائي دستار، بدن تي ھرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾ سيم جي نئين جتي ۽ ھٿن ۾ جنڊيءَ جي عصا، جنهن جي ھيٺئين ڇيڙي ۾ لوھي ڪلي لڳل ھئي، جا محراب جي ڀرسان ڪچي فرش ۾ ائين کوڙي ھئائين، جيئن دين جو جھنڊو کوڙيو ھجيس. ان ڏينهن ھن جيڪو خطبي جو ڪتاب آندو ھو، سو به نئون ھو. ھو جڏھن آيتون پڙھي سنڌي ابيات جي ان حصي تي پھتو، جتي چئن اصحابن سڳورن جي ثنا ھئي:
پھريون يار ھو صديق اڪبر،
ڀلارو ڀرجھلو صديق اڪبر،
رفيق غار ھو صديق اڪبر،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
ٻيو يار عادل عمر ھو،
سدائين ڪفار جو قاتل عمر ھو،
شجاعت ۾ قوي ڪامل عمر ھو،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
نبي جو دادلو عثمان اعليٰ،
جمع قرآن ڪيو عثمان اعليٰ،
سخاوت جو صاحب عثمان اعليٰ،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
جياريو دين ۽ ايمان حيدر،
پيغمبر تان سدا قربان حيدر،
خدا واکاڻيو ھر آن حيدر،
تنهن جي صفت ڪھڙي ڪريان.
- ته جماعتين جون اکيون اھڙا سريلا ابيات ٻڌي ٻوٽجي ويون ۽ ھر ڪنهن جي دل گھرڻ لڳي ته اھو خطبو ھلندو رھي. فرض ۾ به مولوي صاحب ننڍين آيتن بجاءِ سورت الرحمان شروع ڪئي، جنهن ۾ ”فباي آلاءِ ربکما تکذبان“ جي تڪرار، نماز ۾ وڌيڪ سواد پيدا ڪري ڇڏيو. نماز کان پوءِ مولوي صاحب ٿوري تقرير ڪئي ۽ ڳوٺ جي ماڻھن کي اھڙي مبارڪ موقعي ۾ شريڪ ٿيڻ جي مبارڪ ڏنائين. پوءِ ھڪ پنج-وقتي نمازيءَ کي موڪلي سيتل ۽ سندس گھر واريءَ کي گھرايائين، جي غسل ڪرڻ کان پوءِ نون نڪور ڪپڙن ۾ اوطاق ۾ ويھاريا ويا ھئا. جڏھن سيتل مسيت ۾ ويٺو، تڏھن مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو: ”بابا، تون ۽ مائي ٽلي، دين محمدي قبول ڪرڻ گھرو ٿا؟“
”ھا مولبي صاحب.“
”پنهنجي رضا خوشي سان يا زور زبردستيءَ سان؟“
”پنهنجي رجا سان، سائين.“
”تون به مائي ٽلي؟“
”ھا سائين.“ ھڪ نويڪليءَ ڪنڊ ۾ ويٺل مائي ٽليءَ جواب ڏنو. مولوي صاحب اھو ٻڌي ڏاڍيان جماعتين کان پڇيو: ”ٻڌو ٿا برادران؟“
”ھا ٻڌون ٿا.“ گھڻن جماعتين جواب ڏنو.
مولوي صاحب اشھد آڱر ڇت ڏانهن کنئي ۽ ٽي ڀيرا بلند آواز سان چيائين: ”اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ.“ ائين چئي مولوي صاحب وري سيتل کان پڇيو: ”روزا به رکندين ۽ نماز به پنج وقت باجماعت پڙھندين؟“
”ھا سائين، روجا به رکندس ۽ نماج به پڙھندس.“
”سونهاري به شرعي حد تائين رکائيندين.“
”رکائيندس.“ سيتل، صدق دل سان چيو.
اوچتو مولوي صاحب جي نظر سيتل جي ڪنن تي پئي، جن ۾ سونيون ڪيوٽيون پيون ھيون. مولوي صاحب ھڪدم کيس چيو: ”اھي سونيون ڪيوٽيون لاھي مائي کي ڏي. اسلام ۾ مردن کي سون پائڻ حرام آھي.“
سيتل تڙ تڪڙ ۾ ڪيوٽيون لاھي مائي کي ڏنيون، جنهن اھي وٺي رئي جي پلاند ۾ ٻڌيون. مولوي صاحب اڳلو سوال پڇيو:
”جوا نه کيڏندين، دارون نه پيئندين؟“
”نه سائين.“
”مسلمانن وانگر ختنو به ڪرائيندين؟“
”ھا سائين.“ سيتل انهيءَ صدق سان چيو.
”جزاڪ الله، جزاڪ الله!“ مولوي صاحب کيس شابس ڏني. وڌيڪ ٻين سوالن پڇڻ جي به ضرورت نه سمجھيائين ۽ کيس چيائين: ”ٿورو سري منهنجي ويجھو اچي ويھ.“
سيتل رڙھي وڃي سندس ڀرسان ويٺو ته مولوي صاحب کيس چيو: ”چؤ لا الــــٰـه.“
سيتل چڱيءَ طرح چئي نه سگھيو ۽ چيائين: ”لائيلا.“
”ائين نه، چؤ لا – الاھ.“ مولويءَ لفظ لفظ ھوريان ھوريان ائين چيو، جيئن کتابين کي پڙھائيندو ھو.
”لا – اِلاھ.“ سيتل چيو، ھن ڀيري برابر.
”اِ – لل – لاھ.“ مولوي صاحب اڳتي وڌيو.
”اِ – لل – لاھ.“
”م – حم – در.“
”م – حم – در.“
”رسول الله.“
”رسول الله.“
ھاڻي چڱيءَ طرح سڄو ڪلمو ائين پڙھ، جيئن مان پڙھان.“
”ھا سائين.“
چؤ: ”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“
”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“ سيتل چڱيءَ طرح چئي ويو. سڀ جماعتي ھڪ بي دين کي الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيندو ڏسي خوشيءَ ۾ پر ٿي ويا ۽ مولوي صاحب کي مبارڪ ڏئي وري سيتل کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. ھڪ ديندار ته تڪبير جو نعرو ھنيو، جنهن جو جواب جماعتين ايترو ته زور سان ڏنو، جي ڪي گھڙيون مسيت جي قبائين ڇت ۽ ڀتيون، اھي اکر ورجائينديون رھيون. ان کان پوءِ مائي ٽليءَ کان به ساڳيءَ ريت ڪلمو پڙھايو ويو. ان کي به مبارڪون مليون. پوءِ مولوي صاحب سيتل ڏانهن منهن ڪري چيو:
”اڄ کان تنهنجو اسلامي نالو عبدالله ٿا رکون.“
”ھا سائين.“
وري مولوي صاحب ٽليءَ ڏانهن منهن ڪري چيو: ”۽ مائي، تنهنجو نالو فاطمه.“
”ھا سائين.“
ڪي جماعتي اٿڻ لڳا ته مولوي صاحب کين ھٿ جي اشاري سان جھليو ۽ چيائين: ”ترسو، اڃا ھنن جو نڪاح پڙھڻو آھي.“ اھا ڳالھ ٻڌي ھرڪو پنهنجي جاءِ تي ويھي رھيو. مولوي صاحب ٻنهي کان رضا پڇي، آمنت بالله پڙھڻ شروع ڪئي.
ھوڏانهن ڳوٺ جي ٻاھران اڏيل اوڏن جي پکن ۾ باگھيارو متل ھو. زائفن زنبن جدا ٽولو ٺاھي پئي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاڙ گھوڙا ڪئي ته مرد وري پنهنجي مکيءَ ڦڳڻ مل جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ ھئا. مکيءَ ڦڳڻ مل به ڪڏھن ڪڏھن خار ۾ سٿرن تي زور سان ھٿ ھڻي پئي ان ڳالھ جو ارمان ڪيو. ھن کي پھرين پھرين اھا خبر پئي ھئي ته ھن سيتل کي ايلاز منٿون ڪيون ھيون، گيتا جا واسطا وڌا ھئا ۽ آخر ۾ سڄي پنچائت جي سامھون پنهنجي مکيائپ جو ڪيسري رنگ جو پٽڪو به سندس پيرن تي رکيو ھو، پر سيتل کيس کلي ڀلو جواب ڏنو ھو ۽ چيو ھو: ”مکي، تون کڻي ڇا به ڪرين، مان مذھب ضرور مٽائيندس.“
”پر تون مذھب ڇو ٿو مٽائين؟“
”منهنجي مرضي.“
”نيٺ به؟“
اتي مس مس سيتل کليو ھو ۽ چيو ھئائين: ”مون کي پنهنجو مذھب نٿو وڻي.“
”گھوڙا ڙي، تو کي ڇو نٿو وڻي پنهنجو مذھب؟“
”چڱو مکي، ٻڌاءِ اسين ڪير آھيون؟“
”اسين ھندو آھيان.“
”ڀلا ھندو لاش چتا تي چاڙھيندا آھن، اسين ڇو پوريندا آھيون؟“
”اھا اسان جي رشم آھي.“
”چڱو اسان ڇيلو ڇو حلال ڪري کائيندا آھيون؟“
”اھا به اسان جي رشم آھي، ابن ڏاڏن کان.“
”پر اھي ته مسلمانن جون رشمون آھن.“
”انهن جون به آھن ته اسان جون به آھن.“
”پوءِ ڪيئن ٿو چئين ته اسين ھندو آھيون؟“
”نه ته ڇا ھيون ڙي؟“
”اڌ ھندو اڌ مسلمان. ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري.“
مکي ڦڳڻ مل ان سوال ۾ لاجواب ٿي ويو، پر ھن ڳالھ بدلائي چيو: ”کڻي ڇا به ھجون پر مذھب ڇو بدلايون؟“
”مون کي مسلمانڪو مذھب وڻي ٿو.“
”اسان جو مذھب ڪوڙو آ؟“
”ھا ڪوڙو آ.“ سيتل دليريءَ سان چيو ھو.
ان ڳالھ تي پنچايت ۾ ويٺل اوڏن جي رت ڦري وئي. موتي ۽ ٻيا ٻه-ٽي ڄڻا ته کيس ٿڪ چنبي ھڻڻ لاءِ اڳتي وڌيا، پر مکيءَ ھٿ ٻڌي کين جھليو ۽ چيائين: ”پئنچو مارڻ ڪٽڻ مان ڪجھ نه ورندو. ھن کي مسلن تاويج پياريا آھن.“
اھا ڳالھ سندن دل ۾ ائين کپي وئي، جيئن سندن تکي ڪوڏر آلي زمين ۾ کپي ويندي ھئي. مولوي برابر تعويذن لکڻ ۾ مشھور ھو ۽ پري پري کان سوالي پنڌ ڪري کانئس تعويذ لکرائي ويندا ھئا. اٿي بيٺل اوڏ پنهنجن پنهنجن جاين تي ويھي رھيا ۽ اھا ڪاوڙ حقي مان زور سان وزم ھڻي لاھڻ لڳا. مکي سڀني کي ماٺ ۾ ڏسي وري سيتل ڏانهن منهن ڪيو ۽ کانئس پڇيو: ”تو کي مسلمانڪو مذھب ڇو ٿو وڻي؟“
”مسلمان پاڻ ۾ ڀائرن وانگر گڏجي کائن ٿا. اسان ھندن ۾ ڪي اوڏ ته ڪي اڇوت، ڪي برھمڻ ته ڪي کتري.“ مکيءَ کي ڪو جواب نه سجھيو. اھا ڳالھ ته برابر ھئي ته برھمڻ اڇوتن ۽ اوڏن کي پنهنجي ويجھو به اچڻ نه ڏيندا آھن، ھڪ ٿالھي ۾ کارائڻ ته پري رھيو. مسلمان ته اھڙو ڪو ويڇو ئي نه ڪن. اتي مکيءَ ٻي طرح ڍارو اڇليو:
”سيتل، تون مسلو ٿيندين ته پوءِ اسان سان ڪو واسطو ڪو نه رھندءِ!“
”ڀلي نه رھي.“
”اسين تو کي پاڻ وٽ اچڻ به ڪو نه ڏينداسين، ولر وٽ به ڪو نه!“
مکيءَ سيتل کي دڙڪو ڏنو. ولر جي گھر واري، سيتل جي سڳي ڀيڻ ھئي.
”ڀلي نه اچڻ ڏجو. مان مسلمان ڀائرن سان اٿندس ويھندس. ڀيڻ به مئي سھايم.“
ھن مھل تائين مکيءَ ٿڌو پئي ڳالھايو. ھن کي پڪ ھئي ته سيتل ڪٿي نه ڪٿي کٽي پوندو ۽ سندس دام ۾ ڦاسي پوندو، پر ھن جو ڪنهن به ڳالھ کي چخي نه ڪئي ۽ ڀيڻ کي به جيئري ماري ڇڏيائين ته مکيءَ کي جڪ اچي ويا. ٿورو گرم ٿي چيائين: ”ياد ڪجانءِ سيتل، گڏھن کي کڻي پنج سنجيون پارائي گھوڙن سان بيھاربو ته به گڏھ ئي ھوندا، گھوڙا ڪونه ٿيندا.“ پئنچايت جي اٿڻ کان پوءِ مکيءَ ولر کي سمجھايو ھو ته سيتل کي پنهنجي منهن پٽڪا ميڙيون ڪري سمجھائيندو رھي، پر سيتل، ولر ۽ ڀيڻ جي ايلازن تي به ڪو نه مڙيو ۽ مولوي اميد علي سان ٻڌل موقع موجب، جمع جي ڀلاري ڏينهن، گھر واريءَ کي وٺي سڌو مسيت ۾ ويو ۽ ڪلمو پڙھيائين. پوئتان اوڏن ۾ باگھيارو متل ھو. زائفن زنبن جدا ٽولو ٺاھي پنهنجي ٻولي ۾ پئي ڌاڙا گھوڙا ڪئي ته مرد پنهنجي مکيءَ جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ ھئا. مکي ڦڳڻ مل به ڪڏھن ڪڏھن خار ۾ ٻئي ھٿ زور سان سٿرن تي ھڻي پئي ان ڳالھ جو ارمان ڪيو.
مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سيتل، ھڪدم بدلجي ويو. اڳي ٻئي ٽئين ڏينهن ڏاڙھي ڪو نه ڪوڙائيندو ھو ته آرام ئي ڪو نه ايندو ھوس، پر پوءِ باقاعدي سونهاري ڇڏي ڏنائين، جا روز بروز وڌندي سندس منهن جي نور کي جرڪائيندي پئي وئي. نماز ۾ ايندو ته مولويءَ کان به اڳ ھو، پر جي دير ٿيندي ھيس ته به ايتري جو مولوي بانگ ڏئي اڃا دڪيءَ تان لھندو ھو ته سندس ھڪ پير مسيت جي در جي چائٺ ٽپندو ھو. مسيت جي سيوا، ٻهاري، نکن ويڙھڻ ۽ مٽين ڀرڻ ۾ به سڀني جماعتين کان اڳرو ھو. قرآن شريف پڙھڻ ۾ اھڙو شوق رکيائين جو مھيني ڏيڍ ۾ باب نامو پڄائي وڃي سيپارو شروع ڪيائين. پنهنجي گھر ۾ اسر جو ۽ سومھڻي جو وڏي سر سان پيو ذڪر ڪندو ھو. مطلب ته خدا کيس اھڙي ھدايت ڏني ھئي، جو شل ساري جڳ جھان کي ڏئي. مولوي صاحب کي به اڳ ڪنهن بي دين کي مسلمان ڪرڻ جي سعادت نصيب ڪا نه ٿي ھئي، ان ڪري کيس پنهنجي آخرت جو توشو سمجھي، ڏسي ڏسي پيو ٺرندو ھو ۽ آئي وئي سان ھن جي تعريف ڪندو ھو؛ ”ابا، ھي اسان جو عبدالله ڪنهن ڊگھي منزل نه رسي ته مون کي ڏٺي نه کيڪارجو!“
ڪڏھن ڪڏھن مولوي صاحب ڪن بي نمازين کي خدا، رسول ۽ آخرت جا ڀو ڏيندو ھو ۽ ھن جو مثال ڏئي کين چوندو ھو؛ ”اڙي نماز پڙھو، دور ڪيو، نه ته قيامت جي ڏينهن ھي اوڏ توھان کي شڪي ڪندو.“ عبدالله جو نماز، صلوات ۽ درود ۾ شوق ڏسي مولوي صاحب کيس دلداري ڏيندو ھو ۽ چوندو ھو؛ ”عبدالله، نه گھٻرائجانءِ. رب سائين تنهنجا سڀ گناھ معاف ڪندو. ڀلو ڀلو ڀاڻ ايندو آھي ته ڀلو نه چئبو آھي.“
عبدالله وري ان ڳالھ تي عاجزي سان مولوي صاحب کي عرض ڪندو ھو ته ھو خدا جي پيارن ٻانهن مان آھي، ان ڪري خدا جي درٻار ۾ عرض ڪري ته سندس اڳيان گناھ معاف ٿين، قبر جي عذاب ۾ آساني ٿئي ۽ قيامت موچاري ٿئي. مولوي صاھب ھڪدم ھٿ کڻي دعا گھرندو ھو ۽ پھرين صلوات شريف ۽ ٻه-ٽي آيتون پڙھي وڏي سر ۽ عاجزيءَ سان ھيءَ دعا پڙھندو ھو:
عرض سڻ اسان عاصين جو، مصطفيٰ جي واسطي،
ھٿ کڻڻ آھي شرم، پر وس نه توريءَ واھ ٻي،
سوال سڻ صديق اڪبر دل صفا جي واسطي،
سخت آ سرڪار تنهنجي اسان ڏوھي ٿا ڏڪون،
فضل ڪر فاروق اعظم بي ريا جي واسطي،
نفس واري جنگ ۾، تون اسان کي فتح بخش،
حل ڪر مشڪل اسان جي، مشڪل ڪشا جي واسطي.
ان وچ ۾ عبدالله ھڪ ھڪ بند کان پوءِ آمين چوندو ويندو ھو ۽ سندس اکين مان ڳوڙھا ڳڙي ڳڙي سندس سونهاري ۾ جذب ٿيندا ويندا ھئا.
ھڪ ڏينهن ٽپھري جي نماز کان ٿورو اڳ، ولر جو پٽ ٻاٻيھو وٽس ڀڄي اچي پھتو ۽ پنهنجي ماءُ جي بيماريءَ ۾ کيس ياد ڪرڻ جو ٻڌايائين. عبدالله کي اڳ ۾، ھِن ھُن جي واتان اھا خبر پئي ھئي، پر مکيءَ ڦڳڻ مل سان ڪيل فيصلي موجب ھو ڪو نه ويو ھو. ڀيڻ جي بيماريءَ جو ٻڌي ھن کي جھٻو ته گھڻو آيو، پر ٻاٻيھي کي چيائين: ”مان اوڏانهن ڪو نه ھلندس، مکي ڪاوڙ ڪندو. تون گاڏي تي ھيڏي کڻائي اچينس.“ ٻاٻيھي مامي جو اھو عذر ٻڌي کيس چيو؛ ”ماما، تون ان ڳالھ جي ڳڻتي نه ڪر. بابي مکي جي پيرن تي پٽڪو رکي تنهنجي ٿوري گھڙي کن لاءِ موڪل ورتي آھي.“
ان موڪل ملڻ کان پوءِ، عبدالله کي ٻيو ڪھڙو اعتراض ھو. ھو ٻاٻيھي سان گڏجي اوڏانهن ھليو ويو.
ٽپھريءَ جي نماز تي جو مولوي صاحب عبدالله کي نه ڏٺو ته حيران ٿي ويو ۽ جماعتين کان پڇيائين. ھڪ جماعتي جنهن پري کان عبدالله کي ٻاٻيھي سان گڏ ويندي ڏٺو ھو، تنهن اھا ڳالھ مولوي صاحب کي ٻڌائي. مولوي صاحب پريشان ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو؛ ”کيس وڃڻ نه گھربو ھو. جيتري دير ڪافرن جي صحبت ۾ ويھندو، سندس ايمان ۾ ڪتر پوندي. ڪو وڃي کيس وٺي اچي.“
مولوي صاحب جو حڪم ٻڌي فتح ناريجو اٿيو ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي وڃي اوڏن جي پکن وٽ پھتو. اتي لوڙھي جي ٻاھران بيھي سڏ ڪيائين: ”عبدالله، او عبدالله!“
مکي ڦڳڻ مل جو پکو لوڙھي جي ڀرسان ھو. ھن ان وقت ٻاھران آيل مزمانن سان چوپڙ راند پئي ڪئي. ھو سڏ ٻڌي اٿيو ۽ پکي کان ٻاھر نڪري فتح کان پڇيائين: ”ڇا ھي فتح؟“
”اسان جو عبدالله توھان وٽ آيو آھي، ان کي مولوي ٿو سڏائي.“
مکيءَ کي ان ڳالھ تي ٿوري چڙ آئي. عبدالله جو سندن ھڏ، رت، پت مان ھو ۽ جو سندن بکن ۾ ڄائو نپنو ھو، سو وري فتح وارن جو ٿي ويو ھو؛ پنهنجي بيمار ڀيڻ کي ڏسڻ آيو ھو ته پوئتان ماڻھو ڀڳو آيو. مکيءَ شوخائيءَ سان پڇيو: ”عبدالله توھان جو آ فتح؟“
”ھا، اسان جو آ.“
”توھان ھن جا وارث آھيو؟“
”ھا، اسان جو مسلمان ڀاءُ آھي، اسين ھن جا وارث آھيون.“
ان وچ ۾ عبدالله کي به ڪنهن سڏ جو ٻڌايو ۽ ھو ڀيڻ جي پکي مان نڪري اچي وٽن بيھي رھيو. مکيءَ فتح کان پڇيو: ”چڱو فتح، ھڪ ڳالھ ٻڌاءِ. سڀان جو ھي مري وڃي ته جوڻس کي ته لوڌي ڪڍندؤ نه؟“
”ڇو لوڌي ڪڍنداسونس.“
”توھين مسلمان ساڻس نڪاح ڪندؤ.“
”جي مالڪياڻي راضي ھوندي ته ان ۾ ڪو عيب ڪونهي.“
”گريان نه ايندو؟“
”ڇو ايندي گريان مسلمان کان!“
عبدالله مکيءَ کي سوالن جوابن ۾ مئل ڏسي مشڪڻ لڳو. مکي ڦڳڻ مل کيس پاڻ تي کلندو ڏسي، پنهنجي دماغ کي ائين ٿڦوليو جيئن ھو راند ۾ ڪنهن جي ڳوٽ مارڻ لاءِ ڍاري کي گھڻي دير تائين کڙڪائي کڙڪائي گھربل داءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. اوچتو ھن پڇيو: ”چڱو فتح، جي جوڻس مري وڃي ته کيس پاڻ وٽان پرڻائيندؤ؟“
مکيءَ جو سوال ٻڌي فتح جو منهن ڳاڙھو ٿي ويو. سندس اکيون لال ٿي ويون. ھڪ خسيس اوڏ کيس گار ڏني ھئي، حالانڪ اوڏ کي خبر ھئي ته ٻهراڙي ۾ ڪو پنهنجي ذات کان ٻاھر سَڱ نه ڏيندو آھي. ناريجا ناريجن ۾ ڏيندا آھن ته ڪلھوڙا ڪلھوڙن ۾ ڏيندا آھن. فتح ڪاوڙ مان مکيءَ کي دڙڪو ڏيندي چيو؛ ”مکي، زبان سڀال. اڳتي حرف نه ڪڇجانءِ نه ته…..“ پر مکي ھيسجڻ بجاءِ رھندو مرڪڻ لڳو ۽ فتح کي چيائين؛ ”اھو ڪھڙي قانون ۾ لکيل آھي جو توھان وٺندؤ باقي ڏيندؤ ڪو نه. توھان جي مذھب ۾ ته سڀ مسلمان ڀائر آھن ۽ ڪو ويڇو ئي ڪونهي.“
”اھا اسان جي رسم آھي، ابن ڏاڏن کان.“ فتح ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو.
مکي ڦڳڻ مل، پنهنجو گھربل داءُ وٺي، مرڪيو. عبدالله جي منهن مان رت ڇڏي ويو. ھن جا چپ ڏڪڻ لڳا. اکين جي الائي ڪھڙين ڪنڊن مان ڳوڙھا نڪتا، جن سندس ماڻڪيون آليون ڪري ڇڏيون. جيسين اھي ڳوڙھا ڇپرن ۽ پنبڻين جو بند ڀڃي ڳلن ڏانهن وڌن، ھو مکي جي چنبي ۾ چنبو ڏيئي، مسيت ڏانهن وڃڻ بجاءِ پنهنجي اباڻن پکن ڏي موٽيو.
ٻئي ڏينهن عبدالله پئنچايت ۾ ڏنڊ ڀري رکيل ڏاڙھي ڪوڙائي ۽ سونيون ڪيوٽيون ڪنن ۾ پائي، سائو گھاري ۾ وھنجي، پاڻ کي اوڏن جي رسم موجب ”پاڪ“ ڪيو ته ھوڏانهن ڳوٺ واري مسيت ۾ ٽپھري جي نماز کان پوءِ، ھڪ جماعتيءَ مولوي صاحب کي چيو: ”مولوي صاحب، ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.“
ٻئي چيو: ”سائين گڏھ کي پنج-سنجيون پارائي، گھوڙن سان بيھاربو ته ڪو گھوڙو ڪو نه ٿي پوندو!“
آخر ۾ مولوي اميد علي پنهنجي سونهاريءَ کي ھٿ سان سنواريندي چيو: ”ھا ابا! سچ ٿا چئو، ڪافر نيٺ ڪافر!“

 
Leave a comment

Posted by on April 1, 2012 in Stories

 

بدمعاش ـ جمال ابڙو

بدمعاش
جمال ابڙو

هو وڏو بدمعاش هو، پهرئين نمبر جو. ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو هن جي ڏائي هٿ جو کيل هو. چپٽين ۾ ڏوهه ڪري وٺندو. حرام جو قياس پويس. خار ۾، ڇپ ڪيو، بيٺو ڏسندو. هڪ ڀروون هيٺ، اک چُنجهيل، ٻيو ڀروون مٿي، ڏند ڏندن سان مليل. ناسون ڦوٽاريون، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيون بيٺو هوندو. بس بس ڪري، وٺي حملو ڪندو، آنڊا ٻاهر.
ڏائڻ جهڙي ڪهاڙي ڪلهي تي کنيو، شينهن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو هو. شل نه ڪير کيس للڪاري. ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جهلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين، ٻه ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگهه وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو. ڪهاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.
چيلهه سنهي، سينو ويڪرو، ڪلها اڀا. مڇن کي تاءُ ڏيو اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾، مست ٿيو وتندو. ڪنهن تي فلڪ نه آڻيندو.
ننڍي کان ئي نئود هو. پڻس ڪُٽي، هڏ گڏ ڀڃي رکندو هوس. حرام، جو سڌو ٿئي. ٻرڙاٽ پيا پوندس. لتون، مڪون، چنبا، گهل گهلان، هجيس ماءُ، ته ڇڏائيس! نيٺ رڙيون ڪرڻ بند ڪندو. پيو مار کائيندو، ڪڇندو نه، ڀانئيندو ته پيءُ جي ڏاڙهي پٽي رکي، پر ڏاڍو هوس. اوڙو پاڙو تپائي ڏنائين، پاڻ جيڏن کي سٽيو ڪٽيو، ڀڳو هليو ويندو. ٻارن جا ماءُ پيءُ، رڙيون ڪندا ايندا. هٿ ايندن، ته ڪٽي رکندس. پنهنجو ٿورو ئي هئن! نه ته به پڻس کي دانهن ڏيندا. پڻس، پاڻ مان ئي ڪَڪ. سڀ سور ساڙ، هن مان ڪڍندو هو. ڏوهه ٻين جو، مار هن تي. ”ڪو اُنهين ئي ته ڪو نه آيو هو.“ اهڙو ساڙ ٿيندو هوس، اهڙو ساڙ ٿيندو هوس…. ڏاڍو ساڙ ٿيندو هوس. چوندو هو، ”بيهه وڏو ٿيان!“
ڪيئن ته واڻئي جي چلڪڻي ڪپڙي کي هٿ لاٿو هئائين! واڻئي چماٽ وهائي ڪڍيس. پڻس به کڻي چنبو هنيس، پيءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ”ڀيڻسان، سوئر!“ ننڍو هو، سور پي ويو.
ڇورو ڇنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو، اَن لپ ڪا نه جو شيءِ وٺي. ٻيا ٻار جهولي جهلي ڀريو، چوس چوس ڪيو گُگهڙا وٺيو، پيا پُوريندا هئا. هي اڪيلو، مٿي تي ٻانهن رکيو، اکيون ڦاڙيو، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو چنڊ، ٺڪر جي گاڏي، ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان، دل چوندي هيس ته هٿ لائي ڏسان، پر ڪير ٿو ڪنهن کي هٿ لائڻ ڏئي. نڪ جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي وينديس. وٺي هڪ پاسي ڀڄندو، ڪنڊ ۾ منهن ڪري، ڀت تي ليڪا پائيندي، پيو چَپَ ڪڍندو ۽ سنگهه اگهندو.
سڪي سڪي رانديڪو چورايائين. پيو سانڍيندو هوس، لڪي لڪي راند ڪندو هوس. ننڍڙو ڪافور جو گڏڙو وڏين اکين سان ڄڻ ته ڀاءُ هوس. ڪيئن ته پڻس کَسي ورتس! سڏڪا ڀريندي ڀريندي، مار کائيندي کائيندي، ٽپا ڏيئي ڏيئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو، پڻس جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويو. هن ڏاڍيون رڙيون ڪيون، پيءُ کي ”حرامي“ به چيائين. پڻس لتون به هنيس. ان ڏينهن ڏاڍو رنو. ٽُڪڙا ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، پاري ۾ وجهي ڇڏائين. ڏينهن اهو ٿيو، وري نه رنو.
پيءُ ته ڏٺي نه وڻندو هوس. ڀلا لڱن جو ڪهڙو ٽڪر هوس، جنهن تي پڻس جا پادر نه وسيا هئا. وڏو ٿيو، ته لٺ کڻي کنيائين. چي؛ ”متان آيو آهين!“ پڻس سمجهي ويو، وري نه ڪڇيو. ٻين ماڻهن سان ازلي وير هوس، ڀلا ڪير ساڻس چڱيان هليو هو!
اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون. ساهه ساهه سان، نفرت ڦوڪون ڏئي نڪرندي هيس. ماڻهن کي ماريندي، ڦريندي، چيچلائيندي، ڪجهه خيال نه ٿيو هوس. ”ساڻس ڪو گهٽايو هئائون!“ نفرت سان ٽمٽار، ڪيتري به ڪڍي، ته به اوتري جي اوتري، نه گهٽجي نه وڌي.
کيس هڪ ڪتو هو. گُلر ڪري پاليو هئائين. اهو مئو، ته روئي ويٺو. هڪ وار جهلجي پيو. گهلي آيس ٿاڻي تي. اڃا ڪچو هو. ڊڄي ويو. چي، ”الله سائين هن ڀري ڇڏاءِ، ته توبه ڪيم!“ پر جڏهن کيس مرچ وڌائون ۽ مُٽ پياريائون، تڏهن ڊپ لهي ويس. اهو ئي هڪ ڀِروون هيٺ، اک چنجهي، ٻيو ڀرون مٿي.
پوءِ ته ڪئين ڀيرا جهليو. لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نهاري ته ساهه سڪيو وڃي. جهڙي تهڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس.
چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جهليو. پوليس تي بار پيا. چيائونس؛ ”مال موٽاءِ!“ وٺي آيس گهر، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، چي؛ ”وار پٽينس“.
ڪيس مان ڇٽي نڪتو، ڀيڻ جي منهن نه چڙهيو. چڱي مڙس کي ماريائين. اهي پوليس جا آفيسر ماريائين. روپوش ٿي ويو. ڪهڙو روپوش؟ اتي ئي هو، پر پوليس کان ڏاڍو هو.
ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيائين. ماڻهو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏهن ماڻهن جي ڳچين مان رت ٺينديون ڪري وهندو هو، جڏهن ڪٽيل نڙگهٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا هئا. جڏهن وڍيل رڳن مان رتُ، ڇاٽيون ڪري نڪرندو هو ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙهيون هڻندا، بل کائيندا هئا، تڏهن هو بيهي ڏسندو هو. هڪ ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
ڄڃون ڦريائين. گهوٽ ڪنوار ماريائين. نوٽن جون ڍڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيهي ڏٺائين. هڪڙو ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
هڪ دوست تي ڪاوڙيو، هڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس. ٽڪر ٽڪر ڪري وڍيائينس. پوءِ وٺي ڪوڪون ڪيائين. اٺ پهر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي، فاتحا پڙهيائينس. مڇون هيٺ لڙڪي آيس. رت لڳل ڪهاڙي کڻي خون واريءَ جاءِ تي پوري ڇڏيائين. ڄڻ ته پنهنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين…… ۽ پوءِ……
جهلجي پيو، هڪ ڪيس نه بيٺس. سئو ڏهين ۾ ڏنائونس، اڙجي ويو. مٽيءَ جي ماني. موبل ۾ رڌل دال. چرس ڀنگ جو واپار، بچي بازيءَ تي جهيڙا. سڀ ٻٽ، قيدي توڙي ڪامورا. گار جي رئي. ڪُتي واري ڪار. هو گڏهه وانگر وهندو رهيو. گُهنڊ هنيو، چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪيو پيو گهمندو هو. ڏينهن ئي ٻه چار گذريا. جيل کان ٻاهر، پٿر ڀڃندي، هروڀرو جمعدار صاحب ڏنڊيون وهائي ڪڍيس. هن ڪنڌ ڦيري، ڀِروون ڇڪي، ڏانهس ڏٺو، جمعدار صاحب تي زهر چڙهي ويو. گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنائين. چي؛ ”ڏسين ڇا ٿو؟“ هن جون ٻئي اکيون چنجهيون ٿي ويون، ڏند ڪرٽجي ويس، وٺي گجگوڙ ڪيائين. ٽپو ڏئي ڪڙڪي پيو. جمعدار جي ٻانهن ڪڍي وڌائين. هنگامو مچي ويو، قيدين جي ٻيگهي متي. سپاهين جون بندوقون ڇڏائجي ويون، هو ڀڄي ويو.
هن وڃي پنهنجي ڪهاڙي کوٽي ڪڍي. چتائي ان کي ڏٺائين. ڄڻ ته انساني مٿن جا گيها ٿي ڳڻائين. سندس واڇ چٻي ٿي، نڪ گهنجيو ۽ اک چنجهي ٿي، ڌڪار مان مشڪيو. ڪهاڙيءَ کي مٿي ڪري چمي ڏنائين. سندس ڦر جي تک کي آڱوٺي سان جاچيائين.
نئين سر ڪوس شروع ٿي ويا. ستلن کي ماريائين. بي ڏوهن کي ڪٺائين، گهر ساڙيائين. زائفن جا پار، ٻارن جو رودن، باهه جون لاٽون. ڏسندو ڏسندو، هليو ويندو. وري وري مُڙي ڏسندو. نه خوشي، نه خار. اها ئي چنجهي واڇ لڙيل، ڀِروون هيٺ مٿي. پچڪ ڪري، کڻي ٿُڪ اڇليندو.
هڪ لڱا ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هنيائين. سڄي ڳوٺ کي کڻي مُٺ ۾ ڪيائين. جو جتي سو تتي. هيسيل ۽ چپ. هي ڳاٽ اوچو ڪيو، ڀروون تاڻيو پئي آيو ۽ ويو.
اڱڻ ۾ هلندي، پير هيٺان ڪو رانديڪو اچي ويس. اڍائي سالن جي ٻار، ماءُ جي ڪڇ تان دانهن ڪئي: ”ڪنو حلامي!“ هن مُڙي ڏٺو. ماءُ جهٽڪو ڏيئي، ٻار جي وات تي هٿ ڏنو. کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايائينس. ويچاريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٻار کي اڃا به ڇاتيءَ سان سوگهو ڪيائين. اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريائين. ڇا ته هو ماءُ جي اکين ۾! هو پنڊ پاهڻ ٿي ويو. ٻار کي ڏٺائين. ڀڳل رانديڪي کي ڏٺائين. ماءُ جي ڀاڪر کي ڏٺائين. ڪيئن ته ٻارڙو، ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورايو، ٺنڀ هنيو پيو هو. هو ڏسندو رهيو. هن جا ڇڪيل ڀروون، هوريان هوريان، سڌ ۾ اچي ويا. هن جهڪي ڀڳل رانديڪو کنيو. ٽڪر ميڙي اڳتي وڌيو. وڃي مائيءَ جي هٿن ۾ ڏنائين.
انهيءَ ئي ڌاڙي ۾ هو جهليو. سندس ڪي ساٿي ماريا، ڪي مٿس باڪو ٿيا. مائيءَ شاهدي ڏني. ڀڳل رانديڪو پيش ٿيو. کيس جنم ٽيپ آئي.
هو ماٺ هو صفا ماٺ. سندس ڀروون سڌ ۾ هئا. اکيون هڪ-ڪريون هيس. ڄڻ ته پري پري پئي ڏٺائين. مائيءَ کي، ٻارڙي کي، سندن ڀاڪر کي…. ۽ پاري ۾ پيل گڏڙي کي. سندس ڪنن ۾ آواز اچي رهيا هئا – ”ڪنو…. حلامي… “
کيس سينٽر جيل تي موڪليو ويو. لُولو جمعدار جيلر بڻجي چڪو هو، هن کيس کنڀي ٻڌايو. کيس اگهاڙو ڪرايو ۽ کيس ڏنڊي لنگهائي. هن کي اونڌو ڪري سينٽر جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. صبح جو هو مري ويو. کيس لاٿو ويو. سندس ڏنڊي ڪڍي وئي. رت وهي هليو. چيائون ته؛ سوري هيس. لولي جيلر کيس ٿڏو هنيو. چيائين؛ ”بدمعاش!“

 
Leave a comment

Posted by on April 1, 2012 in Stories

 

تاريخ جو ڪفن ـ امر جليل

تاريخ جو ڪفن
امر جليل


عيد نماز شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ هڪ ڪارو ڪوجهو شيدي، جنهن جا وار اڻڀا، اکيون ڏرا ڏنل، ڏيل ڏٻرو ۽ لٽا ليڙون هئا، سو نمازين جي پوئين قطار مان اُٿي کڙو ٿيو. هو اڌڙ عمر وارو قداور مڙس هو. ڪلها صليب وانگر سڌا، ۽ سينو ويڪرو هوس. زندگيءَ جو ٻوجهه کڻندي، سهندي پٺيءَ جو ڪنڊو ڪمان ٿي ويو هوس. هن وڏو ساهه کڻي، هڪ اڏامندڙ نگاهه عيد گاهه تي وڌي.
سمورو عيدگاهه ڪراچيءَ جي قسمين قسمين ماڻهن سان سٿيو پيو هو. قطارون انت کان ٻاهر، نمازي بي انداز! ڪن جا وڳا نوان، ڪن جا ڌوتل، ڪن جا اُجرا! رنگ ايترا، ڄڻ آسمان مان رنگن جي انڊلٺ زمين تي لهي آئي هئي. عيد نماز شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه گهڙيون وڃي بچيون هيون. ملان بيحد عقيدت، ۽ تمام جوش سان اسلامي تاريخ جا ورق ورائي رهيو هو. هو ڪنهن وقت ٻانهون کولي، ۽ ڪنهن وقت هيٺ ڪري! آواز چاڙهي، ۽ ڪڏهن لاهي، ڪڏهن سڌو ۽ ڪڏهن سـُـر ۾ ڳالهائي، ماڻهن ۾ ايمان جو ستل جذبو جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ماڻهو ادب سان ويٺا هئا ۽ وعظ دوران ڪنهن ڪنهن وقت جهوٽا کائي رهيا هئا. سندن نگاهون مصلحن آڏو رکيل بوٽن تي کتل هيون. ڪجهه بوٽ نوان، ڪجهه پراڻا، ۽ ڇڳل هئا. بوٽن، سليپرن، سپاٽن ۽ چمپلن جا ترا، ترن سان مليل هئا ۽ سجدي واري هنڌ کان انچ کن پري رکيا هئا. جن نمازين پاڻ سان دُلدُل وانگر سينگاريل ٻار آندا هئا، تن جي هڪ اک بوٽن ۾، ٻئي ٻارن تي کتل هئي. صحتمند ملان، صحتمند آواز ۾ وعظ ڪري رهيو هو، ۽ ماڻهن کي الله سائين جي رحم ۽ ڪرم بدران، الله سائينءَ جي قهر ۽ قبر جي عذاب جون ڳالهيون ٻڌائي، ڊيڄاري رهيو هو. ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ جوش ۾ لائوڊ اسپيڪر ڦاڙي وجهندو.


“اڙي ويهي رهه.” ڪنگال قسم جي هڪ سنهڙي شخص شيديءَ کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو: “بيٺو ڇو آهين. ڀولي ڇڏائجي ويئي اٿئي ڇا!”
شيديءَ کيس جواب نه ڏنو. سـَـٽَ ڏيئي، ٻانهن ڇڏائي، هو پوئين قطار مان نڪري اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اڙي پري ڪر پنهنجا دانگيءَ جهڙا پير.” شيديءَ کي ٺونٺ هڻندي هڪ جهرڪيءَ جيتري نوجوان چيو: “ماڻهو آهين يا ڏامر!”
شيديءَ کيس جواب نه ڏنو، نه ئي ڪنڌ ورائي ڏانهن ڏٺو. هو ان قطار مان نڪري، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اوهو! وڏو ڪو ڀوڪ آهين. اڇن اُجرن ڪپڙن واري هڪ شخص ڪاوڙ وچان شيديءَ ڏانهن ڏسندي چيو: “شرم نه آيئه منهنجي ڪوري پاجامي جي پانئچي تي پير ڏيندي!”
شيديءَ جي اُداس اکين ۾ پراسرار روشني اُڀري آئي هئي. هن ڪاوڙيل شخص جي جملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هو وک وڌائي اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
“خبردار!” فرشتن جهڙي هڪ شخص شيديءَ کي ٽنگ ۾ چهنڊڙي وجهندي چيو: “لاحول والله! دُبئي جو مصلحو هڻي ميرو ڪري ڇڏيئه. ماڻهو آهي يا ابن ابليس!”
شيديءَ چهنڊڙيءَ جي پرواهه نه ڪئي، ۽ نه ئي فرشتن جهڙي شخص جي جملي جي. سندس اداس اکين ۾ پراسرار روشني وڌندي ويئي. هو وک وڌائي، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اڙي او بن مانس!” هڪ نوجوان، جنهن وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ کانپوءِ پنهنجي چلڪندڙ نرڙ تي وار سينگاري ڇڏيا هئا، تنهن شيديءَ کي حقارت آميز لهجي ۾ چيو: “باغيچي مان پڃرو ڀڃائي نڪتو آهين ڇا؟”
پاسي ۾ ويٺل ڪجهه ايڪٽر ڇاپ نوجوان ٽهڪ ڏنو. هڪ ٽيڏي نوجوان اداڪارن جهڙي لهجي ۾ چيو: “ڀانئجي ٿو، آفريڪا مان هجرت ڪري آيو آهي.”
ايڪٽر ڇاپ نوجوانن جي ٽولي ٽهڪ ڏنو.
هڪ ڪرڙوڍ، جنهن جهوٽا پئي کاڌا، سو ٽهڪ ٻڌي سجاڳ ٿيو. مومن مان منهن ڪڍي، نوجوانن ڏانهن ڏسندي چيائين: “اڙي ٽرڙا نه ٿيو. وعظ ٻڌڻ ڏيو.”
“بس ڪر، ابابيل جا پٽ.” هڪ نوجوان ٺهه ٺهه کيس وراڻي ڏني. هو ٻوٿ ڀيلڙو ڪري ويهي رهيو.
ان وچ ۾ شيدي اُها قطار ڇڏي، اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
“اڙي اڳتي ڪيڏانهن پيو اچين!” چئن پنجن ڄڻن کيس بيهاري ڇڏيو. هنن سندس ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۽ ڏٻري ڏيل ڏانهن ڏسندي چيو: “هتي مٺائي پئي ورهائجي ڇا!”
شيديءَ ڪو جواب نه ڏنو. هن جون اکيون اڳئينءَ قطار تي کتل هيون.
“پوئتي وڃ، دانگي جهڙا.”
“پري ٿيءُ.”
“ٽري وڃ.”
“خبردار جو اڳتي آيو آهين.”
شيديءَ کين جواب نه ڏنو: نه ئي ڪنڌ ورائي هنن ڏانهن ڏٺو. پراسرار روشني تمام چٽي نموني سندس اکين ۾ چمڪي رهي هئي. هو اڳتي وڌي ويو. ٻرانگهون کڻندو، ڇال ماريندو، هو نمازين جون ٻه – چار قطارون لتاڙي ويو.
ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. جن جهوٽا پئي کاڌا، سي سجاڳ ٿي ويٺا. جيڪي سجاڳ هئا، ۽ ڪنن سان وعظ ٻڌي رهيا هئا، ۽ اکين سان پنهنجي بوٽ ۽ ٻارن جي پرگهور لهي رهيا هئا، سي شترمرغ وانگر ڪنڌ ڦيرائي شيديءَ ڏانهن ڏسڻ لڳا. جڏهن گوڙ ٻڌائون، تڏهن هڪدم جهٽ ڏيئي پنهنجا پنهنجا بوٽ کڻي ورتائون ۽ ٻارن کي ڇڪي هنج ۾ ويهاري ڇڏيائون
ڪجهه حشمت ڀريل، بهادرن، بيڊپن هيکلي شيديءَ کي قابو ڪري ورتو.
“پڪڙيوس.”
“نه ڇڏجوس.”
“وٺ ڪجوس.”
گوڙ گهمسان وڌي ويو. ملان وعظ بند ڪري ڇڏيو ۽ ممبر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي چڙهي تماشو ڏسڻ لڳو. سڄيءَ خلق جو ڌيان شيديءَ ڏانهن ڇڪجي ويو.
قسمين قسمين ماڻهوءَ طرحين طرحين جا لهجا، ڀانت ڀانت جون ٻوليون- پر مفهوم سڀني جو ساڳيو-
“چور آهي.”
“چور ناهي. ڳنڍڇوڙ آهي.بشني آهي.”
“برابر.”
“ضرور ڪنهن مومن جو کيسو خالي ڪيو اٿائين.”
“شڪل مان ئي چور، چور جو پٽ ٿو ڏسجي.”
“بوٽن جو چور آهي.”
“قابو ڪجوس.”
“جهلجوس.”
“ڀڄڻ نه ڏجوس.”
“وارو ڪجوس.”
“چور آهي.”
“بشني آهي.”
“بدمعاش آهي.”
“شودو آهي.”
هڪ شخص هجوم مان واٽون ڪندو، ڌوڪيندو، اڳتي هليو آهي. هن جا چپ سنهڙا، ۽ سڪل، اکيون، چنجهيون، ۽ بيرونق ۽ سندس مٿي جا وار کـُـٿل هئا. هن وڏي واڪ ماڻهن کي چيو: “مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. هيءُ نه چور آهي، نه بشني آهي، ۽ نه ئي شودو آهي. هيءُ فقط شيدي آهي.”
جنهن نيڪ شخص جو هٿ شيديءَ جي ڪنڌ ۾ هو، تنهن هڪ نگاهه ۾ سندس جائزو وٺڻ کانپوءِ، چٿر ڪندي کانئس پڇيو: ““ تون ڪير آهين؟”
هن وراڻيو: “مان مامون خان موچي آهيان.”
“ڀڄي وڃ موچي: تون وڃي ڇڳل بوٽن جي مرمت ڪر.” نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت شخص چيو: “اسين پاڻئي هن جي خبر چار وٺنداسين.”
مامون خان موچي ڌڪجي، ٿڏجي، منظر مان غائب ٿي ويو.
“ پوءِ ڪيتري دير تائين وڏي واڪ جملا هڪٻئي سان وچڙندا رهيا-
“ماريوس.”
“ڪٽيوس.”
“اول تلاشي وٺوس.”
“نماز ۾ رُخنو نه وجهو.”
“وڻ سان ٻڌي ڇڏيوس.”
“نماز کانپوءِ سندس منهن ڪارو ڪري، گڏهه تي ويهاري جلوس ڪڍبو.”
“هيءُ پاڻ دانگيءَ جهڙو ڪارو آهي. هن جو منهن ڪهڙي ڪارنهن سان ڪارو ڪبو!”
“برابر. اهو تمام وڏو ۽ اهم مسئلو آهي.”
“منهن تي ڪارنهن بدران چوني جي پوچي ڦيرائينداسينس.”
“هرگز نه. چور جو منهن هميشه ڪارو هوندو آهي.”
“ان مسئلي تي ماڻهن کان ووٽ ورتو وڃي.”
“ووٽ وٺڻ جو وقت ڪونهي.”
ماڻهو پاڻ ۾ بحث، مباحثو ڪرڻ لڳا. هو هڪٻئي سان وڙهڻ مرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. گوڙ گهمسان وڌي ويو. شيديءَ جي حشر بابت ماڻهو ڪنهن به هڪ فيصلي تي پهچي نه سگهيا.
پهرين صف ۾ ملڪ جي نامي گرامي، ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت، هر دلعزيز، مشهور ۽ معروف جناب محمود صاحب موجود هو. ماڻهن کي محمود صاحب جي حفاظت جو اونو ورائي ويو. هو محمود صاحب لاءِ فڪرمند ٿيڻ لڳا. هجوم مان ڪنهن وڏي واڪ رڙ ڪندي چيو: “ڪارو شيدي پهرين قطار ڏانهن وڌي رهيو آهي. هيءُ بدبخت ضرور ڪنهن دشمن ملڪ جو ايجنٽ آهي. ۽ محمود صاحب کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.”
نئين انڪشاف تي ماڻهو وائڙا ٿي ويا.
اوچتو، شيديءَ ڇال ڏنو. هو چيتي وانگر اڇل کائيندو، وڏين ٻرانگهن سان ٽپ ڏيندو، ماڻهن، مصلحن، بوٽن ۽ چمپلن جون ڪيتريون قطارون لتاڙي ويو.
پهرين صف ۾ محمود سان گڏ شهر جا قابل ڪامورا، صنعتڪار، واپاري ۽ بينڪر ڪلهوڪلهي سان ملائي ويٺا هئا. هو ڪنڌ هيٺ ڪري، پلٿي ماري ويٺا هئا ۽ اخباري فوٽو گرافرن کان فوٽا ڪڍرائي رهيا هئا. پهرين صف جي عين پٺيان، ٻئي صف ۾، محمود صاحب جي حفاظت لاءِ سادن ڪپڙن ۾ حفاظتي عملي جا برجستا ۽ طاقتور ڪارڪن ويٺا هئا. هو بظاهر نماز پڙهڻ، ۽ الله جي عظمت آڏو سجدو ڪرڻ آيا هئا، پر اصل ۾ هو محمود صاحب جي حفاظت لاءِ اُتي موجود هئا، ۽ نئين صورتحال سبب چوڪس ٿي رهيا هئا. سندس وَرَ ۾ موتمار هٿيار لڪايل هئا. تنهن ڪري هو ويهڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا هئا.
شيدي جڏهن اُڇل کائيندو ۽ ڇال ماريندو، ٻئي صف ٽپي پهرين صف ڏانهن وڌڻ لڳو، تڏهن حفاظتي عملي جي عقابن جهٽ هڻي کيس قابو ڪري ورتو. اک ڇنڀ ۾ هو کيس لتون، مڪون، ۽ ٺونشا هڻندا عيدگاهه کان ٻاهر ڪڍي ويا. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو.
لائوڊ اسپيڪرن مان ملان جو آواز گونجڻ لڳو. هو ٻئي هٿ عرش ڏانهن کڻي، عاجزيءَ، انڪساريءَ، سريلي نوع ۾ الله سائين کان محمود صاحب لاءِ وڏي ڄمار جي دعا گهرڻ لڳو.
ماڻهن جو خيال مٽجي ويو. هو شيديءَ کي وساري اول محمود صاحب لاءِ وڏي ڄمار جون دعائون ۽ پوءِ وعظ ٻڌڻ لڳا. هنن پنهنجا نوان، پرانا بوٽ ۽ چمپل سجدي واري هن کان انج کن پري رکي ڇڏيا.
عيدگاهه ٻاهران، هڪ نويڪلي جاءِ ۾ حفاظتي عملي جي هڪ وڏي آفيسر بيد جي لڪڻ جو وسڪارو ڪندي شيديءَ کان پڇيو: “ٻڌا”. جواب ڏي. ڪهڙي نيت سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين.”
مڪن، چماٽن ۽ ٺونشن لڳڻ سبب شيديءَ جو سمورو چهرو رتورت ٿي ويو هو. هن جو وات رت سان ڀريل هو. هو ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيو.
“جواب ڏي.” وري لتون، مڪون، منهن ۾ ٺونشا، ۽ پنين تي لانگ بوٽن جون ٺوڪرون لڳس، “جواب ڏي. ڪنهن جو ڇاڙتو آهين؟ ڪهڙي نيت سان اڳتي وڌي رهيو هئين؟”
شيديءَ جي نڪ مان رت ٺنڊيون ڪري وهڻ لڳو. پيٽ ۽ ڪکين ۾ لتون لڳڻ سبب سـَـنڌ سـَـنڌ ساڻو ٿي پيو. اکين آڏو اوندهه اچي ويس.
“پهرين قطار ڏانهن ڇو، ۽ ڪهڙي نيت سان وڌي رهيو هئين؟” عملدار کيس پيٽ ۾ لت، ۽ ڪنڌ تي مڪ هڻندي پڇيو: “جواب ڏي. ڪهڙي ارادي سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين؟”
شيديءَ رت جي گرڙي ڪري، وات ڦاٽل قميص جي ٻانهن سان اُگهي ڇڏيو. سندس چيريل چچريل چپ ڪنبڻ لڳا. هن جهيڻي آواز ۾ چيو: “مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.”
حفاظتي عملي جا برجستا جوان شيديءَ جو جواب ٻڌي ڪجهه ڪجهه وائڙا ٿي ويا. پوءِ، هو سندس هيڻا حال، ۽ ڪوجها ڪال ڏسي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڪنهن چيو: “اڙي! تون پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندين!”
منجهانئن هڪ ڄڻي زوڪاٽ ڪري شيديءَ جي نرڙ ۽ نڪ وٽ ٺونشو وهائي ڪڍيو، ۽ چيو: “تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.”
سمورو ماحول شيديءَ جي نگاهن ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. سيني ۾ دل ڌڙڪڻ بدران ڦٿڪڻ لڳس. ساهه منجهڻ لڳس. نڪ، وات ۽ ڪنن مان رت وهندو رهيس. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو: “مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.”
حفاظتي عملي جي هڪ جانٺي عمدار شيديءَ کي ڀرپور قوت سان سيني تي مڪ وهائي ڪڍي. ۽ پوءِ کيس گار ڏيندي چيائين: “ڊرامو ٿو ڪرين، سوئر جا پٽ. اسين توکي سڃاڻي ويا آهيون. تون غير ملڪي ايجنٽ آهين.”
“مان ايجنٽ نه آهيان.” شيدي اُجهامڻ لڳو. ڀڄندي ڀرندي چيائين: “مان پهرين صف ۾ نماز پڙهندس.”
“اڙي ڀولا!” هڪڙي جانٺي کيس چماٽ وهائيندي چيو: “عمر ۾ ڪڏهن آئينو ڏٺو اٿئي! پٽ هليو آهي پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهڻ!”
شيديءَ جي ساهه جو سلسلو سندس نڪ مان وهندڙ رت سان وچڙڻ لڳو. چيائين: “مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.”
“اڙي اُٺ جا پٽ.” جانٺيءَ عملدار چيو: “شهر جا معزز ماڻهو محمود صاحب سان گڏ نماز پڙهڻ لاءِ پهرين صف ۾ موجود آهن. تون وري پهرين صف ۾ نماز ڪيئن پڙهندين”
شيديءَ جهيڻي آواز ۾ چيو: “مان به پهرين صف ۾ محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهندس.”
حفاظتي عملي جي پگهاردارن خوب ٽهڪ ڏنا. هڪڙي ڄڻي چيو: “مغز جائيتو ڪونهيس.”
“ٻهروپيو آهي.” وڏي عملدار پنهنجي عملي کي حڪم ڏيندي چيو: “پڇوس ته ڪير آهي، ۽ محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ جو ڍونگ ڇو ڪري رهيو آهي.”
پوءِ، جيڪا جٺ سندن ڄاڻ ۾ هئي، سا جٺ شيديءَ سان ڪيائون. لتون، مڪون ۽ ٺونشا هڻي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيائون. شيدي وڃي پٽ تي پيو. کيس وري کنڀي کڻي ورتائون. کيس منهن ۾ پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندائون. شيديءَ رت هاڻيون اکيون کولي حفاظتي عملي ڏانهن ڏٺو.
برجرستي عملدار سندس وارن ۾ مٺ وجهندي پڇيو: “ٻڌاءِ. تون ڪير آهين. محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ ڇو ٿو چاهين؟”
شيدي اُجهامڻ لڳو. هڪ لمحي لاءِ پراسرار روشني سندس اُداس اکين ۾ موٽي آئي. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو: “مان اياز آهيان. مان هڪ ئي صف ۾ بيهي محمود سان گڏ نماز پڙهندس.”

 
Leave a comment

Posted by on April 1, 2012 in Stories

 
 
Follow

Get every new post delivered to your Inbox.